; سنڌي شخصيتون: ليکراج، ڪشنچند، عزيز، ننڍي، کنڊ، ناميارو، اديب، ڊاڪٽر، پروين، موسيٰ، ميمڻ،
Showing posts with label ليکراج، ڪشنچند، عزيز، ننڍي، کنڊ، ناميارو، اديب، ڊاڪٽر، پروين، موسيٰ، ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ليکراج، ڪشنچند، عزيز، ننڍي، کنڊ، ناميارو، اديب، ڊاڪٽر، پروين، موسيٰ، ميمڻ،. Show all posts

22 August, 2015

ليکراج ڪشنچند عزيز - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ليکراج ڪشنچند عزيز
ننڍي کنڊ جو ناميارو اديب
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
ليکراج ڪشنچند ميرچنداڻي ۱۹ ڊسمبر ۱۸۹۷ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. ڪشنچند نائون مل زميندار جو هيءُ پٽ، تعليم جي دوران ئي مجازي عشق جي چپيٽ ۾ اچي ويو. انهيءَ هوندي به تعليم حاصل ڪيائين. پر فارغ وقت ۾ سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو. سندس حساس طبع ۽ بي اختيار منظوم ڪلام چيو، جيڪو هُو هڪ ڪاپيءَ تي لکندو ويو ۽ ائين ڪجهه مشاعرن ۾ شرڪت بعد باقاعده شعر چيائين. سندس شعري مجموعو ”ڪليات عزيز“ ۾ غزل ۽ مثنويون آهي. ساڳيءَ ريت پاڻ هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو. هن سٺا ناٽڪ لکيا ۽ خاص طور مضمونن جي مجموعي ”ادبي آئينو“ کيس تمام گهڻي شهرت ڏني، جنهن تي کيس انعام سان پڻ نوازيو ويو. ادبي آئينو نه فقط انهيءَ وقت ۽ موجوده وقت پڻ تمام ڪامياب مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن سنڌي ادب جي مضمون نويسيءَ جي هڪ وڏي خال کي ڀريو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌ ۽ هند جي يونيورسٽين جي نصاب ۾ پڻ شامل آهي. هيءُ ڪتاب ۱۹۴۱ع ۾ ڇپيو ۽ اڄ به سنڌي ادبي مضمون نويسيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو.