; سنڌي شخصيتون: محمود صديقي - جي ايم خاصخيلي

14 August, 2015

محمود صديقي - جي ايم خاصخيلي

محمود صديقي
تون ياد وري آئين ليجنڊ اداڪار
جي ايم خاصخيلي
سنڌي توڙي اردو ڊرامن جي ليجنڊ اداڪار محمود صديقي کي اڄ اسان کان وڇڙي 15 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به پنهنجي پرستارن ۽ ساٿي فنڪارن جي دلين ۾ زنده آهي. لڳي ائين ٿو ته محمود صديقي کي هر سال وانگر اڄ به سندس مٽن مائٽن، دوستن توڙي ثقافتي ادارن وساري ڇڏيو آهي. اسان مرده پرست قوم آهيون، فنڪارن کي انهن جي زنده هوندي ۽ نه وري انهن کي ڏکئي وقت ۾ ياد ڪندا آهيون.



محمود صديقي جي فني سفر تي نظر وجهنداسين ته هُن 1970ع ۾ پي ٽي وي جي ڊرامي بدمعاش ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي. اداڪار محمود صديقي جو ننڍپڻ سکر ۾ گذريو. پاڻ سچل ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪيائين. پڙهائي دوران ترقي پسند خيال رکندڙ ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ ڪري هڪ سياسي پارٽي ۾ شموليت ڪئي. سياسي سرگرمين دوران هن 6 مهينا سکر سينٽرل جيل ۾ قيد پڻ ڪاٽيو. 1969ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي تحريڪ هلندڙ هئي، ان تحريڪ ۾ محمود صديقي حصو ورتو. سکر جيل ۾ قيد دوران هن جون مهان ڪوي شاعر شيخ اياز ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سان به ڪچهريون ٿيون. محمود صديقي تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڪيل بڻيو. ان کانپوءِ کيس آبادي جي ڀلائيءَ واري کاتي ۾ نوڪري به ملي، جيڪا بعد ۾ سياسي لاڳاپن ڪري کسجي وئي. محمود صديقي  جون ٻه شاديون هيون، جن مان کيس اولاد نه هو. کيس اصل شهرت پي ٽي وي جي اردو سيريل ”ڪاروان“ کان ملي، جنهن تي کيس 1986ع ۾ بهترين اداڪار جو پي ٽي وي ايوارڊ پڻ مليو. ان کانسواءِ سندس مشهور سيريل ”ديوارين“ ۽ ڊراما سيريل ”جنگل“ ۾ فالج واري مريض وارو ڪردار گهڻو مشهور ٿيو. هُن ڪجهه فلمن سان گڏ ريڊيو جي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ۽ صداڪاري ڪئي. مرحوم محمود صديقي هڪ نجي چئنل لاءِ اردو سيريل ”نهلي پي دهلا“ ٺاهيو، جنهن تي ان وقت 26 لک خرچ آيو. اهو ڊرامو پرائيم ٽائيم دوران هليو. ان وقت ان چئنل پاران کيس پئسا نه مليا، جڏهن ته ڊرامي تمام گهڻو بزنس به ڪيو. ان چئنل جي مالي بحران ۾ اچڻ ڪري ٻين پروڊيوسرن سان گڏ محمود صديقي جا به پئسا ٻڏي ويا. اهڙي صورتحال ۾ پئسن جي واپسي لاءِ پاڻ ۽ ٻين پروڊيوسرن احتجاج به ڪيو پر ان جو کڙتيل نه نڪتو، جنهن ڪري محمود صديقي ڏک ۽ افسوس ۾ بيمار ٿي پيو. دل جي تڪليف ۽ بيماري سبب 4 آگسٽ 2000ع ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس آخري ڊرامو ”قربتون“ هو. ڊرامي ”جنگل“ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس پي ٽي وي ايوارڊ ته نه مليو پر ”جنگل“ ڊرامي ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي کيس عراق جي شهر بغداد ۾ ”ڊراما فيسٽيول“ ۾ بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو، جنهن ۾ 170 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان مان محمود صديقي نمائندگي ڪئي.

No comments:

راءِ ڏيندا