ڊاڪٽر اسلم
آزاد
زندگي جي
تلخين کي مرڪن سان مات ڏيندڙ
زاهد اسحاق سومرو/جاتي
پورا ۲۲ سال زندگيءَ جي احساسن
سان گڏ جيئڻ جا حوصلا رکڻ بابت ڪير ڊاڪٽر اسلم آزاد کان پُڇي، جيڪو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي هڪ مفت ميڊيڪل ڪيمپ
جو سمورو ڪم ڪار لاهي، ڳوٺ تڙ خواجه (جاتي) کان سجاول طرف پنهنجي ٽيم سان گڏ اچي
رهيو هو، ته روڊ حادثي جو شڪار بڻيو. ان روڊ حادثي ۾ ۱۳ ڄڻا زخمي ٿيا ۽ هڪ ڄڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. ۱۳ زخمين ۾ هڪ زخمي ڊاڪٽر اسلم آزاد به هو، جنهن لاءِ ڪراچيءَ جي
ڊاڪٽرن ڇهه مهينا لاڳيتو علاج ۽ ڪوششن کانپوءِ کيس اهو چئي گهر موٽائي ڇڏيو ته،
سندس ڪرنگهيءَ جي هڏي ٽُٽي وئي آهي، جنهن جو علاج ممڪن ناهي. هاڻي هو سڄي جسم مان
رڳو وات ۽ ساڄي هٿ جي ڪجهه آڱرين سان ڪم ڪري سگهي ٿو.
ڊاڪٽر اسلم آزاد جو فڪر ڪندي ياد پوي ٿو ته، ساڳئي ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ دنيا جي ناليواري برطانوي سائنسدان اسٽيفن
وليم هاڪنگ کان سندس زال جين هاڪنگ طلاق گهري هئي ۽ اسٽيفن وليم هاڪنگ کيس اهو چئي
طلاق ڏني هئي ته، ”تو کي خوبصورت زندگي مبارڪ هجي.“ هاڪنگ، جنهن ”بريف هسٽري آف
ٽائيم“ لکي آئن اسٽائن جي اضافت واري سوچ ۽ نسبت جي قانون کي هڪ نئون رُوح ڏنو ۽
وقت جي نهايت وڏي سائنسدان سر رچرڊ ڊاڪن کي پڻ حيرت ۾ وڌو هو. هاڪنگ، جيڪو گذريل ۳۰ سالن کان موٽر نيورون جهڙي خطرناڪ بيماريءَ ۾ ورتل هو ۽ ڪنهن به وقت
سندس زندگيءَ جو ڏِيئو اُجهامي وڃي ها پر هو اهڙي ته جوش ۾ هو، جو هن طلاق جي ٽن
ڏينهن بعد هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته؛ ”هن حالت ۾ به اڃا ۳۰ سال زندهه رهڻو آهي ۽ ڪائنات جا ڪجهه راز ڄاڻڻا آهن. آئون اوهان
سڀني کي ٻڌائي ڇڏيندس ته، ڪائنات ڪيتري وسيع آهي ۽ ان ۾ زندگي ڪٿي ڪٿي ڳولهي سگهجي
ٿي“.
وليم ته ڪائنات جا راز ڄاڻڻ لاءِ کوجنا ڪري رهيو هو پر ان کان وڌيڪ
حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته، ساڳئي ۲۰
ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي هڪ روڊ حادثي جو شڪار بڻيل ڊاڪٽر اسلم آزاد
کي پڻ ڊاڪٽرن باقي زندگي بستري تي گذارڻ جو حتمي مشورو ڏنو ۽ ڊاڪٽر اسلم آزاد اڄ
پورا ۲۲ سال هڪ بستري تي گذاري، اهڙي درد ڪٿا کي جنم ڏنو
آهي، جنهن ۾ درد سان گڏوگڏ حوصلو، جرئت ۽ بهادريءَ جون سموريون علامتون سمايل آهن.
ڊاڪٽر اسلم ۳۰
آگسٽ ۱۹۶۵ع تي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ واري شهر جاتيءَ ۾ هڪ
استاد، شاعر ۽ سماج سڌارڪ عاشق علي خواجه جي اڱڻ ۾ اک کولي. پرائمري ۽ سيڪنڊري جي
تعليم به جاتي جهڙي پوئتي پيل علائقي مان حاصل ڪئي، انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڪاليج
سجاول مان ڪيو ۽ ايم بي بي ايس لاءِ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو. هو ڏاڍو
اورچ نوجوان رهيو آهي، هڪ ئي وقت ڄامشوري ۾مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪم ڪندو رهيو ۽
صحافت سان گڏوگڏ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن توڙي سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ به سرگرم رهيو.
هو ڄامشورو پريس ڪلب جو باني پڻ آهي.
هو ضياءَ جي دور ۾ جاتيءَ کان حيدرآباد يا ڄامشوري جي شاگرد سياست ۾
ايترو سرگرم رهيو، جو ڪنهن به سرگرميءَ ۾ کيس نه ڏٺو ويو، ته اها اڻپوري محسوس
ٿيندي هئي، ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي، وڏيرن خلاف بغاوت هجي يا سُجاڳيءَ لاءِ ڪابه
سرگرمي هجي، ڊاڪٽر اسلم آزاد ان ۾ ضرور شامل رهندو هو. ڊاڪٽر اسلم آزاد جي درد ڪٿا
به ڏاڍي حيرت واري آهي، هن جي خوشين جو سامان ۽ ارمان، درد ۾ تبديل ٿيڻ کانپوءِ
هاڻي هن وٽ مايوسيءَ بدران همت ۽ حوصلو ائين ڇلڪندو نظر اچي ٿو، جيئن ڊاڪٽر اسلم
آزاد جون سوچون ۽ خيال هماليه کي پنهنجي علامت بڻائي بيٺا آهن.
ڊاڪٽر اسلم آزاد بي همت، بيڪار ۽ بيحس بڻيل ماڻهن لاءِ مثال آهي.
برطانوي سائسندان وليم هاڪنگ جڏهن مائڪرو چپ سنسرڊ ڪرسيءَ تي ويهي، پنهنجي سامهون
تمام گهڻي وسيع ٽيڪنالاجي ۽ پنهنجي شهرت ڏسي خوش ٿي، زندگيءَ مان گهڻو پراُميد آهي،
ته ان کان وڌيڪ حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته، سنڌ جي ڪلراٺي مٽيءَ جو هي معذور
ماڻهو هڪ ڪمري ۾ رهڻ باوجود ايترو پر اُميد، حوصلي مند ۽ خوش مزاج آهي، جو هر
مهيني پنهنجي دوستن کي دعوتون ڏئي گهرائي، ساڻن سياست، فلسفي، ادب ۽ علم جي لاهن
چاڙهن تي بحث ۽ ڪچهريون ڪري ٿو، ته حيرت ضرور وٺي ٿي پر ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي حيرت
ٿيندي، ته ڊاڪٽر اسلم روزانو پاڙي جي ٻارڙن کي اڄ مفت ٽيوشن ۽ مريضن کي مفت علاج
يا مشورا ڏيڻ سان گڏوگڏ انٽرنيٽ يا فون تي دوستن سان رابطي ۾ به رهي ٿو، ڀلي هو
معذوريءَ سبب پنهنجي منهن تي ويٺل مَک به نٿو هٽائي سگهي پر پنهنجي سوچن ۽ سماجي
رابطن وارين سرگرمين ذريعي سنڌ جي ماڻهن جي ذهن تي لڳل دَز هٽائڻ جي ڪوشش ضرور ڪري
رهيو آهي. هن سڄي درد ڪٿا ۾ وڏو ڪردار ڊاڪٽر اسلم آزاد جي ڀيڻ جو پڻ آهي، جنهن
پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن پنهنجي ڀاءُ کي ارپي ان درد کي پنهنجي حصي ۾ آڻي ڇڏيو
آهي. مون ڊاڪٽر اسلم آزاد کان پڇيو ته، ۲۲ سالن واري ان عرصي کي پاڻ ڪيئن ٿو محسوس ڪري، ته هن وراڻيو: ”زندگي
ڏاڍي خوبصورت آهي، ۽ ضروري ناهي ته، زندگيءَ ۾ ڪنهن کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي،
زندگيءَ کي اڳتي وڌائجي، ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي اِسرار ۽ رمزن کي به سمجهڻ گهرجي.“
هن وڌيڪ چيو ته، ”شايد زندگي مون کان اڃا به اهو چاهي ٿي، ته آئون سڀني کي ٻڌائي
ڇڏيان، ته زندگي اها به آهي ۽ ان ۾ به انسان خوش رهي سگهي ٿو، وري پڇيم ته، محبت
بابت ڪهڙو رايو آهي؟ چيائين: ”محبت جسم جي نه، پر محبت روح ڪندو آهي، جيڪا هر وقت
زندهه آهي ۽ روح کي موت ناهي“.
ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه
همٿ، حوصلي ۽ اُتساهه جو اهڃاڻ
سورج سجاولي
اڄڪلهه جڏهن بُک، بدحالي ۽ بي حَسيءَ واري سماج ۾ مهانگائي،
بيروزگاري، بيماري ۽ ٻين کوڙ سارن انيڪ اذيتن ۽ پيڙائن ۾ پيڙجي، مايوسي ۽ محروميءَ
جي گھائيندڙ گھڙين کان بدظن ۽ بيزار ٿي ماڻهو پنهنجي انمول زندگيءَ جو ڏيئو وڏي بيدرديءَ
سان اُجھايون ڇڏين ٿا، اتي اهڙا ارڏا ۽ جبل جيڏي جرئت رکندر مڻيادار ماڻهو به موجود
آهن.
اهڙي ئي جنون، جذبي، حوصلي ۽ همت واري جاتيءَ جي جوءِ وارو
جانٺو ۽ ڳڀرو جوان آهي ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه، جيڪو هڪ ئي وقت سياستڪار به آهي، سماج
سڌارڪ به آهي، شاعر به آهي ته صحافي پڻ، جيڪو اڄ کان ۲۴
سال اڳ
۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع تي هڪ طبي ڪئمپ ذريعي
خلقِ خدا جي خدمت کان پوءِ واپس ورندي سجاول ويجھو سخي سردار سخي بادشاهه سرڪار جي
اڱڻ ۾ هڪ اندوهناڪ ايڪسيڊنٽ جو شڪار بڻجي ويو هو، جنهن ۾ سندس ڪميونٽي جو مُکي نور
علي خواجه وفات ڪري ويو ۽ ۱۲ ڄڻا سخت ڌڪي ٿي پيا هئا
جن مان هڪ ڌَڪي ڊاڪٽر اسلم آزاد خواجه پڻ هو، جيتوڻيڪ ان حادثي ۾ پاڻ ڪو گھڻو زخمي
به نه ٿيو هو پر سندس چرپر شڪي نظر اچڻ لڳي، جنهن ڪري کيس فوري طور آغا خان اسپتال
ڪراچي داخل ڪرايو ويو جتي ٿيل رپورٽن ۽ ايڪسرن ۾ سندس تَنتي سرشتو متاثر ٿيڻ ۽ ڪرنگھي
جي هڏي ٽٽل نظر آئي، جنهن بعد آغا خان اسپتال ۾ سندس چار آپريشن ڪيا ويا ۽ ڇهن مهينن
تائين علاج هيٺ رهيو، پر صحت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب سندس جناح اسپتال، ضياءُ الدين اسپتال،
لياقت ميڊيڪل ڪاليج، لاهور جي چائنيز اسپتال، پشاور جي شير پاؤ ميڊيڪل سينٽر ۾ علاج
ڪرايو ويو پر پاڻ صحتياب نه ٿي سگھيو. بعد ۾ سندس گھر وارن آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين ملڪن
جي مشهور اسپتالن سان رابطو ڪيو پر ڪٿان به ڪرنگھي جي هڏيءَ جو علاج ڪرڻ وارو نروار
ٿيندي نظر نه آيو ۽ معذوري سندس مقدر بڻجي وئي، جيڪا خبر نه رڳو سندس لاءِ پر سندس
گھر وارن لاءِ ڪنهن قيامت کان گھت ڪِين هُئي. اهڙيءَ طرح هي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جو
مسيحا، يارن جو يار ۽ پنهنجي پيرسن پيءُ ماءُ جو سهارو پاڻ سهارن جو محتاج بڻجي معذوري
جي ور چڙهي سدائين لاءِ بستري ڀيڙو ٿي ويو، جتي جوانيءَ جي جوڀن ڏينهن جا 24 سال هن
مِهڪي ۽ مُرڪي گھاريا آهن پر ڪنهن به گھڙيءَ مايوس ناهي ٿيو، پر انهن 24 سالن ۾ هن
مطالعو به ڪيو آهي، لکيو به آهي، واسطا ۽ لاڳاپا به برقرار رکيا اٿس، ته يارن دوستن
جي خوشين ۽ غمين ۾ به شريڪ رهيو آهي، هو معذوري واري حالت ۾ به يارن دوستن کي صبح شام،
عيد براد، جنم، مرڻ تي ميسيج موڪلي پنهنجي هئڻ جو احساس ڏياريندو رهي ٿو. مون پهريون
ڀيرو سندس ذڪر ۹۰ع واري ڏهاڪي ۾ ٿيندڙ ادبي سنگت جي
گڏجاڻين ۾ ٻڌو هو ۽ سندس حادثي واري خبر به ان وقت جي سنگت جي سيڪريٽري مشتاق هاشماڻي
ادبي سنگت جي گڏجاڻي ۾ ٻڌائي، ان کان پوءِ دنيا جي دربدري ۾ سندس ذڪر اسان جي ڪنهن
به محفل ۾ ٿي نه سگھيو، وري سندس ذڪر ۱۴ اپريل ۲۰۰۵ع
۾ قومي شاعر سائين محمد خان مجيديءَ جي ٽين ورسيءَ ۾ ٿيو، جڏهن خواجه ڪميونٽي جي هڪ
نوجوان مون کي اچي چيو ته رسول بخش پليجو صاحب کي چئو ته ڊاڪٽر اسلم آزاد کين ياد پيو
ڪري، پليجو صاحب مجيدي صاحب جي ورسيءَ جي صدارت ڪري رهيو هو، ان بعد ڊاڪٽر اسلم سان
ويجھڙائي وڌندي وئي ۽ هاڻي ساڻس باقاعدگيءَ سان ڪچهري به ٿيندي رهي ٿي ۽ سندس هر سالگرهه
تي ميزبان ۽ ڪمپئير جي حيثيت ۾ موجود هوندو آهيان، ويتر جو ۲۰۰۵ع کان
سجاول ۾ شروع ٿيل موبائيل فون سروس ته اسان جي رابطن ۾ وڌيڪ تيزي آڻي ڇڏي آهي.
ڊاڪٽر اسلم جي زندگيءَ جا چوويھ پنجويهه سال صحتيابيءَ
وارا تمام سرگرميءَ سان گذريا، هن بيمارين ۾ ورتل ماڻهن جي صحت لاءِ مفت ميڊيڪل ڪئمپون،
بلڊ بئنڪون جوڙيون، غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽
ڪيترن ئي ٻارن کي پاڻ پڙهايو. سياست جي شروعات سنڌي شاگرد تحريڪ کان ڪيائين، ۱۹۸۵ع کان
۱۹۸۶ع تائين يونٽ صدر رهيو، جاتي شهر ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو بنياد
وڌائين، سنڌي ادبي سنگت جاتي ۾ رهي علمي ۽ ادبي سرگرمين کي اُڀاريائين، جاتي ۾ چانڊوڪي
سوشل سرڪل جو بنياد وجھي ثقافتي سرگرمين جي شروعات ڪيائين. ”شيوا“ نالي سماجي ادارو
جوڙي ڏُورانهن علائقن جي غريب ماڻهن کي صحت جون سهولتون مهيا ڪيائين ۽ سنڌي ادبي فورم
۾ شامل ٿي ادبي سرگرمين کي هٿي ڏياريائين. ايل ايم سي ۾ پڙهائيءَ دوران نه رڳو ايس
ايس ٽي ۾ سرگرم سياست ڪيائين پر ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۱ع تائين
روزاني جنگ ۽ جاڳو ذريعي پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي پڻ شروعات ڪيائين ۽ ڪجھه صحافي دوستن
سان گڏجي ڄامشورو پريس ڪلب جو بنياد پڻ رکيائين، ۱۹۹۱ع ۾ عوامي ڊاڪٽرس فورم
جو صدر چونڊيو ويو. ڊاڪٽر اسلرم ۳۰ آگسٽ ۱۹۶۵ع تي
سجاول ضلعي جي سامونڊي ڪناري واري شهر جاتي جي هڪ ننڍڙي پر سُڌريل ڳوٺ تڙ خواجه ۾ پرائمري
استاد عاشق علي خواجه جي گھر ۾ جنم ورتو، پرائمريءَ کان سيڪنڊري تعليم جاتي شهر ۾ حاصل
ڪئي ۽ انٽر سجاول ڪاليج مان پاس ڪري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگھري
حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻيو. هو پنهنجن پنجن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍو آهي. سندس والده
سندس معذوري وارو درد نه سهندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. سندس معذوريءَ سبب سندس هڪ
ڀيڻ پنهنجي مڱڻي ٽوڙي پنهنجي زندگي پنهنجي ڀاءُ کي ارپي سندس خدمت ڪري رهي آهي ۽ گھوٽ
سان لانئون لهڻ بدران پنهنجي معذور ڀاءُ جي خدمت واري جذبي سان پنهنجو پرڻو ڪري هر
وقت سندس خدمت ۾ مشغول آهي، ڊاڪٽر اسلم جي پنهنجي برادريءَ جي هڪ ڇوڪريءَ سان بيحد
پيار هو ۽ ان سان سندس مڱڻي پڻ ٿيل هئي ۽ شاديءَ جا ڏينهن پڻ ويجھو هئا پر روڊ هادثي
سبب ٻنهي پريمين جي اُڌمن ۽ ارمانن کي ساڀيان ملڻ کان اڳ ئي چڪناچور ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ
سندس پريميڪا سندس صحتيابيءَ جو تمام گھڻو انتظار ڪيو ۽ پنهنجي والدين کي ڪنهن ٻئي
سان لانئون لهڻ کان کُتو جواب ڏئي ڇڏيو، پر پنهنجي پياري محبوبه جي جذبن جو قتلام ڊاڪٽر
کان برداشت نه ٿيو ۽ هُن پاڻ اڳرائي ڪري پنهنجي پريميڪا کي پرڻو ڪرڻ تي راضي ڪيو جنهن
کان پوءِ ان ڇوڪريءَ جي پنهنجي برادري جي ڪنهن ٻئي نوجوان سان شادي ٿي وئي.
جيتوڻيڪ پاڻ بستري ڀيڙو آهي ۽ پاڻ مدد جو محتاج آهي پر ان
هوندي به هو ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪم ايندو رهي ٿو ۽ فون جو استعمال ڪري پنهنجا لاڳاپا
هلائي ماڻهن جا مسئلا حل ڪندو رهي ٿو. معذوري کي مسئو بڻائي مايوسيءَ واري زندگي گھارڻ
بدران هو همت ۽ حوصلي سان نه رڳو جئي پيو پر ڪيترن ئي مايوس ماڻهن کي حوصلا ڏيندي اڄ
به پنهنجي ماڻهن لاءِ اُتساهه جو اهڃاڻ بڻيل آهي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر اسلم عملي سياست ته
عوامي تحريڪ ۾ ڪئي پر سڀني سياسي ماڻهن سان سندس لاڳاپا تمام گھاٽا ۽ پنهنجائپ وارا
رهيا، جنهن ڪري سندس شخصيت غير تڪراري هئڻ سان گڏ هر ڌر لاءِ عزت ۽ احترام لائق آهي،
اهوئي سبب آهي جو هر سياسي ماڻهو ساڻس نه رڳو پيار ڪري ٿو پر سندس حاضري پڻ ڀريندو
رهي ٿو. رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي، اسماعيل راهو، اياز لطيف
پليجو، دودو مهيري، قادر رانٽو، رياض چانڊيو، سسئي پليجو، نظير قريشي، وشنو مل، نظير
لغاريءَ سميت سجاول ۽ ٺٽي ضلعن جا سمورا اهم سياسي سماجي ۽ ادبي اڳواڻ سندس حوصلي تي
داد ڏيڻ ايندا رهيا. ڊاڪٽر اسلم وٽ هڪ تاثراتي بُڪ رکيل آهي جنهن تي ساڻس ملڻ لاءِ
ايندڙ ماڻهن جا ان بابت تاثرات محفوظ ڪري رکي ٿو ۽ اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس بابت ايندڙ
مواد کي پڻ هن پاڻ وٽ سنڀالي رکيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڊاڪٽر اسلم بابت اخبارن
۾ آيل مواد ۽ سندس تاثراتي بُڪ کي ڪتابي شڪل ڏئي سندس حياتيءَ ۾ ڇپرائي کيس دلي سڪون
ڏيڻ سان گڏ معاشري جي مايوس ماڻهن ۾ اُتساهه آڻي سگھجي. ڊاڪٽر اسلم پنهنجي بيڊ روم
۾ پنهنجي مڪمل حياتيءَ کي ڇهن تصويرن ۾ سمائي رکيو آهي، جنهن ۾ سندس والد جا ڀاڪرن
۾ سندس ٻالڪپڻ، ان کان پوءِ جوانيءَ ۾ تيزي، حادثي وارو منظر ۽ ان کان پوءِ معذوري
واري زندگيءَ جي مڪمل ڪهاڻي انهن ڇهن فوٽن ۾ سمائي رکي آهي. هر سال ۳۰
آگسٽ تي
ڊاڪٽر جا گھر وارا ۽ يار دوست سندس سالگرهه ملهائيندا رهندا آهن، اهم سياسي اڳواڻ شرڪت
ڪندا رهيا آهن. هڪ سالگرهه ۾ نثار کهڙو صاحب کيس معذور ڪوٽا ۾ ڊاڪٽري جي نوڪري ڏيڻ،
پ پ ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ، سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جا اعلان ته ضرور ڪيا
پر ان تي عمل اڄ تائين نه ٿي سگھيو آهي. سرڪاري ماڻهن مان رڳو اڳوڻي صوبائي وزير سسئي
پليجو سندس پرگھور لهندي رهي آهي جنهن ۾ سندس علاج لاءِ ثقافت کاتي مان مدد ڪئي وئي
پر موجوده ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي ڪا مدد ته ٺهيو پر ڪڏهن سندس پرگھور لهڻ
به ناهي آئي.
اڄ سندس پنجاهين سالگرهه سندس دوستن
پاران حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ملهائي کيس ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ سندس همت، جرئت ۽ حوصلي
واري زندگيءَ مان اُتساهه حاصل ڪيو ويندو.
ڊاڪٽر اسلم آزاد
عمر جي اڌ صدي بستري تي گهاريندڙ، هڪ جرئت مند صحافي
حسين آزاد ميمڻ
جن
شخصن تي انساني معاشرو رشڪ ڪندي هر دور ۾ بهتر کان بهتري طرف وڌندي رهيو آهي. اهڙن
انسانن مان جنهن انسان جي ڪردار جي ڳالھه ڪرڻي آهي، اهو زندھ ڪردار آهي، هو پنهنجي پيڙا، درد لڪائڻ جي پاڻ ڪوشش ڪرڻ
جي باوجود به لڪائڻ کان ڪاصر آهي. سندس درد سور هر ڏسندڙ اک لاءِ حيران ڪندڙ آهن.
اهو شخص صحافي، شاعر، سماج سڌار۽ سياسي ڪارڪن، طور ڌرتي واسي ماروڙن جي خدمت ڪندڙ،
ڊاڪٽر اسلم آزاد آهي، جيڪو پنهنجي
زندگي جون ۵۰ بهارون ماڻي چڪو آهي، جنهن مان ۲۵ بهارون، يعني عمر جي نصف صدي،
مفلوج (پيرالائيز) جي صورت ۾ هڪ ڪمري اندر بستري تي مسڪرائيدي گذاري رهيو آهي، جيڪا
يقينن پنهجي جاءِ تي هڪ معجزو پڻ آهي. هن جنهن پيڙا ۾ مسڪرائيدي زندگي گذاري،
جرئت، همٿ، ۽ حوصلي جي مظاهري جو مثال قائم ڪيو آهي، اهو سماج ۾ مايوس ٿيندڙن
انسانن لاء رهبري جو وڏو سامان مهيا ڪري ٿو.
پاڻ
ظاهر ظهور جن پيڙائن مان گّذرندي زندگي سان پيار، محبت ۽ مرڪندي هرايندڙ صبح کي خوش ٿي سلام پيش ڪري ٿو، اهڙو سندس مزاج خبر ناهي ڪيترن ئي بيمارن ۽ دردن سان ڀريل
زندگي گذاريندڙن لاءِ لاڀائتو ٿي سگهيو آهي. پر آئون سمجهان ٿو ته سندس فلسفي “هر
حالت ۾ خوش گذارڻ“، ڪيترن ئي انسانن کي زندگي سان پيار ڪرڻ جو اتساھ ڏنو آهي. ۽ ڪيترن
ئي ماڻهن پنهنجي دردن، سورن ۽ مفلوج (پيرالائيز) جي ڪري خيالن ئي خيالن ۾ خودڪشي ڪرڻ
لاء سوچيندڙ انسانن کي موت جي
وادي ۾ ڌڪجڻ جي وهڪري اڳيان بند بڻجي
انهن جي نئين سر حياتي گذارڻ
جي تمنا کي اتساهيو آهي. پاڻ پنهجي همٿ ۽ حوصلي جي زندگي گذارڻ تي، نه صرف اسان جي
سنڌ لاءِ باعٽ فخر بڻيو آهي پر پوري مظلوم ۽ پيڙا جي حياتي گهاريندڙ فردن جو فريادي بڻجي سماج ۾ بيوس زندگين جي خوشين ۽سکن
جو ڪارڻ به بڻيو آهي.
مونکي اها ڄاڻ نه آهي ته ۵۰ سالن جي بهارن تي پهچندڙ شخص هڪ صحافي، شاعر ۽
سماج سڌار، ڊاڪٽر اسلم آزاد، پنهنجي زندگي جي چوٿائي صدي هڪ بستري تي بسر ڪري ڪيترن
ئي صحافين، ۽ ليکڪن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو هوندو ۽ سندس بستري جي ڀر ۾ ويهي ڪيترن
ئي تعجب وچان ڏندن ۾ آڱريون وجهي سندس شخصيت جي عڪاسي ڪئي آهي، ۽ ان عڪاسي کي ڪهڙن
لفظن جو روپ ڏئي سندس زندگي جو
مثال ٻين زندگين کي مثبت نياپي جي صورت ۾ پهچائي پنهنجو فرض نڀايو آهي، پر سچ پچ
ته مونکي سندس طبعيت ۽ احساساتي حسِ پرکي، ان کي بيان ڪرڻ لاء لفظن جي ڳولا ۾ ڏاڍي ڏکائي
ٿي پئي آهي، جنهن سان سندس، مظلوم ماڻهن، ڌرتي ۽ ٻين ڪارڻ زندگي گذارڻ جي تڙپ بيان ڪري سگهان .
ڊاڪٽر
اسلم آزاد ۳۰ آگسٽ ۱۹۶۵ع تي شهر جاتي جي پرائمري استاد سائين عاشق علي خواجه جي
گهر ۾ جنم ورتو، پرائمري ۽ ميٽرڪ جاتي جي اسڪولن مان ڪيائين، جڏهن ته انٽر سجاول ڪاليج
مان ڪري پنهنجي ماءُ جي خواهش جي تڪميل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ ڄام شوري جي ميڊڪل
ڪاليج ايل ايم سي ۾ ويو، جتان ڊاڪٽري
جو امتحان ۱۹۹۱ع پاس ڪيائين ۽ انهي ئي سال سندس ايڪسيڊنٽ ٿئي پيو، جنهن سان نه صرف
سندس ڌرتي تي هلڻ ،خواب بنجي ويو ،پر سندس ماءُ جي به تمنا
پوري ٿي نه سگهي.
حقيقت
اها آهي ته اسلم آزاد پنهجي جوهر ۾ سرگرم۽ ٻين ڪاڻ جيئڻ سندس زندگي جو منشور آهي، پاڻ صحافي جي حيثيت به ۱۹۸۵ع ۾ پنهنجي جاءِ تي وڏي اهميت رکي ٿي، جنهن دور ۾ آمريت جا ڪڪر سرزمين سنڌ
تي ڇانيل هئا، هن ان دور ۾ ڄام شوري جي هوائن مان سنڌ ۽ سنڌين خلاف هر سازش کي جنگ اخبار ۾ لکي سچ پچ وڏو
احسان ڪيو آهي، جنهن سان هن نه صرف انصاف ڪندي اٻوجھه ۽ مظلوم ڌرتي جي ڌڻين تي لکي
ارباب اّختيارن تائين مظلومن، بي وسن جا سور، درد، سماجي پيچيدگيون ۽ ڀوتارڪي راڄ
جون برايون پهچايون پر پاڻ عملي ڪم ڪندي پريس ڪلب ڄام شوري جو بنياد به وڌو، صحافت
دوران پاڻ هڪ هفتي وارسنڌي اخبار آواز نالي شروع ڪئي جنهن جو ايڊيٽر پاڻ هوندو هو.
هن کي ننڍي عمر ۾ ئي ڪتابن جي پڙهڻ جي تڙپ هئي، جنهن تڙپ کيس جاتيءَ ۾ پبلڪ
لائبرري کولڻ تي مجبورڪيو ۽ هن ۱۹۸۳ع ۾ چانڊوڪي نالي لائبرري قائم ڪري ڪيترن ئي
شاگردن ۽ علم دوست شخصيتين کي، ڪتابن اخبارن پڙهڻ جو موقعو ڏنو. هن علم دوست شخصيت، علم کي صرف پاڻ
تائين محدود نه رکيو آهي پر هن پنهنجي شعوري عمر جي شروعات ۾ ئي عوام کي شعور
پهچائڻ ۽ ڌرتي ڌڻين کي سک پهچائڻ لاءِ عملي ڪم به ڪيو آهي.
سندس
زندگي جي عروج جو سج جنهن ڏينهن لهي ٿو، اها تاريخ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع جي نڀاڳي شام هئي، انهي ڏينهن به انسانن
جو احساس رکندڙ پنهنجي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ هيلٿ پروگرام ڪرائي موٽي رهيو هو، ته جاتي
روڊ جي سخي بادشاھ اسٽاپ تي ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري واھ ۾ ڪري
پئي، ته ان ۾ سوار هڪ شخص نالي نور علي خواجا تڏي تي فوت ٿي ويو، باقي ۱۴ ڄڻا زخمي
ٿي پيا جنهن ۾ ڊاڪٽر اسلم به هو، ۱۳ ڄڻا زخمي ته صحت مند ٿي زندگي نئين سر شروع ڪري
ڇڏي پر ڊاڪٽر اسلم آزاد جي ڪرنگهي جي هڏي ۽ ڪنڌ جي نس ٽٽڻ ڪري اڄ تائين بستري جي
محتاجي قبولي ويٺو آهي. سندس ڪنڌ کان وٺي هيٺ تائين سمورو جسم مفلوج ٿي ويو آهي. جنهن ڪري
مٿس ويٺل مک کي اٿارڻ ۾ به سندس جسماني وس نٿو هلي. کيس ڏسندڙ اکيو تڏهن حيران ٿي
پونديون آهن جڏهن ڊاڪتر اسلم آزاد کين مخاطب ٿيندو آهي، ڊاڪٽراسلم سان ملاقات دوران جيڪي ماڻهو، خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن نه ڄاڻ
اهي ڇا محسوس ڪندا هجن، پر منهنجي خيال ۽ سوچ مطابق جسماني قوت جي لحاظ کان مک نه
اٿاري سگهندڙ شخص، پنهنجي خيالن ۽ سوچڻ ۾ چرندڙ ڦرندڙ ۽ مزي جي زندگي گذاريندڙ اڪابرن کان ڪيترا دفعا پختو ۽ سماج جي
ارتقائي عمل جي تبديلي جي شناسائي رکندڙ شخص رهيو آهي.
جتي ڪيترا
ماڻهو معمولي بيماري جي خوف کان ذهني منجهارن جو شڪار ٿي چرياپ واري زندگي
گذاريندي حياتي جا ڏينهن گذاري ويندا آهن، اتي ڊاڪٽر اسلم آزاد پنهنجي جسماني چرپر
کان لاچار هوندي به ذهني طور هڪ وڏو اديب، شاعر، ۽ دانشور شخص طور اڀري رهيو آهي، مون
سميت ڪيترا ماڻهو سندس خيال ٻڌي اچرج ۾ پئجي ويندا آهن. پنهنجي
مفلوج حالت کان بي نياز ڊاڪٽر اسلم آزاد دنيا، ملڪ ۽ سنڌ جي سياسي صورتحال کان صرف
باخبر نه آهي پر ايندڙ وقت جي سڄي صورتحال جو ٺيڪ ٺيڪ تجزيو ڪندي ٻڌندڙ کي حيران ڪري
ڇڏي ٿو.
ڊاڪٽر
سان ملاقات ڪندڙ هر شخص، کيس سندس حوصلي ۽ همٿ تي سلام پيش ڪرڻ کان رهي نه سگهندو
آهي. سندس سياسي اسڪول آف ٿاٽ عوامي تحريڪ رهي آهي. زندگي جي شروعات وارا ڏينهن ڊاڪٽر
اسلم آزاد جا سياسي طور عوامي تحريڪ جي ذيلي تنظيم سنڌي شاگرد تحريڪ رهي آهي. جيڪا خود پنهنجي جوهر ۾ مظلوم طبقي جو فڪر رکندڙ
رهي آهي.
ڊاڪٽر
اسلم آزاد پنهنجي سياسي عمل جي شروعات جاتي مان ڪئي، ۽ شروعات ۾
عوامي نيشنل پارٽي جاتي جي صدر طور ڪئي. ڪيترن دوستن سان گڏجي ڳوٺن ۾ وڃي عوام کي شعوري جي سگھه ڏني.
۽ جڏهن ڄام شور ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ ويو، ان دوران اتي، ايل ايم سي ۾ ايس ايس ٽي جي يونٽ
جي جنرل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ کوڙ ساريون سرگرميون ڪيون، هن کي ننڍ پڻ کان وٺي
شاعري جو شوق رهيو آهي، سندس شاعري ۾ محبت، پيار، عشق ۽ سنڌ سمايل آهي، 25 سالن جي
عمر تائين ۽ ايڪسيڊنٽ جي زوال کان وٺي هن وقت تائين پنهنجون تصويرون سال وائيز رکي پنهنجي ڪٿا مختصر طور هر ماڻهوءَ اڳيان بيان ڪري ڇڏي
آهي. گفتگو دوران ڊاڪٽر صاحب کان پڇيم ته زندگيءَ ۾ عشق ڪيو يا نه، تڏهن پاڻ مسڪرائيندي چيائين ته
“ماضيءَ متعلق ۽ مستقبل متعلق سوچڻ جي بجاء حال ۾ رهڻ پسند ڪندو آهيان، جنهن مان ڊاڪٽر
اسلم آزاد جي پيڙا محسوس پئي ٿي ته جيڪڏهن ماضي ۽ مستقبل جو اونو ڪبو ته خوشيون موڪلائي
وينديون.
ڊاڪٽر اسلم
آزاد
مايوسي کي مات
ڏيندڙ
رياض احمد ميمڻ
اڄڪلھه جي هن نفسانفسي دور ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن
پريشاني ۾ ورتل آهي ۽ انهن پريشانين کان بيزار ٿي ڪي ماڻهو ته زندگي کي جيئڻ کان وڌيڪ
موت کي ترجيع ڏئي مرڻ جي دعائون گهرندا آهن ته ”مري وڃون ته تڪليفن مان جان ڇٽي
پوي” ۽ انهيءَ هڪ نفسانفسي جي دور ۽ ٻيو وري جسماني بي وسي واري حالت ۾ ٽن ڏهاڪن
کان بستري تي زندگي ڪاٽڻ جي باوجود دل شڪستو ۽ مايوس ٿيڻ بدران بردباري جو مثال
قائم ڪندي بستري تي هئڻ باوجود پنهنجي سڄي سنگت سان رابطي ۾ رهي ماڻهن اڳيان
پنهنجي اپاهچي واري زندگي کي خوب مزي ۽ خوشي سان کلندي گذاريندڙ ھڪ عظيم انسان
مايوسي کي مقدر بنائيندڙ ماڻهن لاءِ تعجب ۽ اتساھ جو سبب بڻيل آهي.
آئون جنهن شخص جي ڳالھ ڪريان پيو اهو ھماليه جي جبلن کان
به اتم دل رکندڙ ۳۰ آگسٽ ۱۹۶۵ع تي سجاول ضلعي جي ساحلي پٽي
جي تعلقي جاتي جي ڳوٺ تڙ خواجه ۾ پرائمري استاد عاشق علي خواجه جي گهر ۾ جنم وٺندڙ
ڊاڪٽر اسلم آزاد آهي، جيڪو هڪ ئي وقت ۾ سياستدان، سماج سڌارڪ، صحافي، شاعر، علمي ۽
ادبي شخصيت آهي، مون مٿي بردباري جو جيڪو حوالو ڏنو آهي ان حوالي سان ڊاڪٽر اسلم
آزاد جي زندگي جي ڪهاڻي اها آهي جو سجاول جي ساحلي پٽي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ
ڊاڪٽر اسلم آزاد پرائمريءَ کان سيڪنڊري تعليم جاتي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ انٽر ڊگري ڪاليج
سجاول مان پاس ڪري لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگھري حاصل ڪري ڊاڪٽر
بڻيو. ڊاڪٽر اسلم آزاد پنهنجي زندگيءَ جا ۲۵، ۲۶ سال صحتيابيءَ وارا
تمام سرگرميءَ سان گذريا.
ڊاڪٽر اسلم آزاد سياست جي شروعات سنڌي شاگرد تحريڪ کان ڪيائين،
۱۹۸۵ع کان ۱۹۸۶ع تائين يونٽ صدر رهيو، جاتي
شهر ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جو بنياد وڌائين، سنڌي ادبي سنگت جاتي ۾ رهي علمي ۽ ادبي
سرگرمين کي اُڀاريائين، جاتي ۾ چانڊوڪي سوشل سرڪل جو بنياد وجھي ثقافتي سرگرمين جي
شروعات ڪيائين. ”شيوا”نالي سماجي ادارو جوڙي ڏُورانهن علائقن جي غريب ماڻهن کي صحت
جون سهولتون مهيا ڪيائين ۽ سنڌي ادبي فورم ۾ شامل ٿي ادبي سرگرمين کي هٿي ڏياريائين.
ايل ايم سي ۾ پڙهائيءَ دوران نه رڳو ايس ايس ٽي ۾ سرگرم سياست ڪيائين پر ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۱ع تائين روزاني جنگ،
جاڳو کان پنهنجي صحافتي ڪيريئر جي پڻ شروعات ڪيائين ۽ ناليواري تحريڪ رسالي جو
نمائندو پڻ رهيو، جڏهن ته ڪجھ صحافي دوستن سان گڏجي هن ڄامشورو پريس ڪلب جو بنياد
پڻ رکيائين، ۽ ڄامشوري مان پندرهن روزه اخبار ”آواز”به جاري ڪئي هئي، جنهن جو پاڻ
چيف ايڊيٽر هو، هي صحافت ۾ انتهائي تيز اڳڀرو رهي ملڪ جي ڪيترين ئي ناليوارين
شخصيتن کان انٽرويو به ورتائين ۽ ڪيترا ئي ڪالم به لکيائين، ڊاڪٽر اسلم آزاد جي
پنهنجي صحتيابي واري ڏينهن جي جوش ۽ جذبي واري زندگي ۾ علم، ادب، صحافت ۽ سياست ۾
مڃتا طور ڪيترا ئي اوارڊ پڻ مليا.
اڄ کان ۳۱ سال اڳ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع ۾ ڊاڪٽر اسلم آزاد
هائوس جاب دوران هڪ فلاحي اداري جي مدد سان ڪنهن ڳوٺ ۾ طبي ڪئمپ لڳائڻ جي سلسلي ۾
ساٿين سان گڏ ويو ۽ واپسي دوران تڙ خواجا کان سجاول ڏانهن ايندي سندن گاڏي سان هڪ
روڊ حادثو ٿي پيو جنهن ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي ۽ سندس علاج ملڪ وڏين وڏين
اسپتالن مان ڪرايو ويو، آغا خان اسپتال ۾ سندس چار آپريشن ڪيا ويا ۽ ڇهن مهينن
تائين علاج هيٺ رهيو، پر صحت ۾ سڌارو نه اچڻ سبب سندس جناح اسپتال، ضياءُ الدين
اسپتال، لياقت ميڊيڪل ڪاليج، لاهور جي چائنيز اسپتال، پشاور جي شير پاؤ ميڊيڪل سينٽر
۾ علاج ڪرايو ويو پر پاڻ صحتياب نه ٿي سگھيو. بعد ۾ سندس گھر وارن آمريڪا، برطانيا
۽ ٻين ملڪن جي مشهور اسپتالن سان رابطو ڪيو پر ڪٿان به ڪرنگھي جي هڏيءَ جو علاج ڪرڻ
وارو نروار ٿيندي نظر نه آيو ۽ معذوري سندس مقدر بڻجي وئي، جيڪا خبر نه رڳو سندس
لاءِ پر سندس گھر وارن لاءِ ڪنهن قيامت کان گھت ڪِين هئي. اهڙيءَ طرح هي غريب ۽ مسڪين
ماڻهن جو مسيحا، يارن جو يار ۽ پنهنجي پيرسن پيءُ ماءُ جو سهارو پاڻ سهارن جو
محتاج بڻجي معذوري جي ور چڙهي هميشا لاءِ بستري ڀيڙو ٿي ويو، پر هن ڪڏهن به همت نه
هاري ۽ ڪڏهن به ڪنهن کي مايوس ڏسڻ نه آيو آهي.
سجاول جي خواجه ڪالوني ۾ سندس گهر جي هڪ ڪمري ۾ ۳۱ سالن کان بستري تي
پيل ڊاڪٽر اسلم آزاد جئين صحتيابي واري ڏينهن ۾ سنگت ساٿ سان محبتن جا ميلا
مچائيندو هو ۽ سماجي ڪمن ۾ مشغول رهي هر ماڻهون کي ڪم ايندو هو تئين اڄ به پنهنجي
سنگت ساٿ جي ميلن کي قائم رکندي ان وقت ٽيليفون ۽ هاڻي موبائيل فون تي رابطا جاري
رکڻ ۽ هاڻ سوشل ميڊيا تي پنهنجي يارن سان حال احوال اورڻ سندس معمول بڻيل آهي. ڪرنگهي
جي هڏي ٽٽل هلڻ ڦرڻ کان لاچار ڊاڪٽر اسلم آزاد بستري ڀيڙو هئڻ باوجود به سماجي ڪمن
جي حوالي سان ڪيترا ئي ماڻهو هن وقت ڪنهن ڪم ڪار وغيره لاءِ ايندا آهن ته پاڻ
پنهنجي پوکيل پوک سنگت ساٿ ۽ لاڳاپيل اختيارين سان موبائيل فون تي رابطا ڪري ڪم
سانگي آيل ماڻهون جو فون تي ئي ڪم ڪندو آهي ۽ سندس پيار اخلاص ۽ ڀائيچاري جي ڪري
کيس ڪو به واسطيدار آفيسر وغيره ڪنهن جو جواب ناهي ڏيندو۔ ڊاڪٽر اسلم آزاد منهنجي
عمر کان ته گھڻو ئي وڏو آهي ۽ سندس باري ۾ مونکان اڳ ۾ به ڪيترن ئي دوستن ڊاڪٽر
اسلم آزاد جي بردباري تي گھڻون ڪجھ لکيو آهي پر اڄ منهنجي لکڻ جو مقصد اڄ کان ۳۱ سال اڳ ۲۰ ڊسمبر مهيني ۾ ئي
سندس زندگي جي ان نڀاڳي ڏينهن تي پيش آيل حادثي کي ياد ڪري کيس ڀيٽا ڏيڻ آھي ته ڪيئن
نه هن نفسانفسي دور ۾ جتي خودڪشيون عام ٿي ويون آهن ۽ ڪيترا ئي ماڻهون پنهنجي
زندگين مان بيزار ڏسڻ اچن ٿا اتي ڊاڪٽر اسلم آزاد هميشا لاءِ بستري ڀيڙو ٿيڻ
باوجود وڏي بردباري سان هڪ وڏو مثال قائم ڪندي پنهنجي صحتيابي واري زندگي جي ڏينهن
جيان اڄ به ان ئي طرح سان زندگي گذاري رھيو آھي ۽ زندگين مان بيزار ماڻهن کي هر
حال ۾ زندگي جي ڏکين ڏينهن کي منهن ڏئي لکيل تقدير تي صبر ڪري زندگي کي گذارڻ جو
سبق پيو ڏي. اهو سبب آهي جو ڊاڪٽر اسلم آزاد سان هر ماڻهو نه رڳو پيار ڪري ٿو پر
سندس حاضري پڻ ڀريندو رهي،
ناليوارا سياستدان، قومپرست اڳواڻ، صحافي، دانشور، لکيڪ،
اديب ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ناليواريون شخصيتون سجاول جي خواجه ڪالوني ۾ سندس گهر ۾
ملڻ اچن ٿيون ۽ ان کان علاوه صحافت جي ميدان ۾ پير پائيندڙ ۽ مختلف شاگرد تنظيمن ۾
سياست کان شروعات ڪندڙ نوجوان ڊاڪٽر اسلم آزاد سان ملڻ لاءِ ويندا آهن ۽ پنهنجي
صحافتي ۽ تنظيمي حوالي سان کانئس ڪجھ ڄاڻ وغيره حاصل ڪندا آهن، ۽ سندس معذوري واري
حالت ۾ حوصلو ۽ بردباري ڏسي سبق حاصل ڪن ٿا۔ ڊاڪٽر اسلم آزاد بستري تي پيل هئڻ
باوجود پنهنجي پراڻي سنگت سان گڏ هن بستري واري زندگي ۾ ٿيل سنگت سان موبائيل فون
تي ربطا ڪندو رهي ٿو ائين ئي آئون به ڊاڪٽر صاحب کان حال احوال وٺڻ ۽ ڪنهن ڄاڻ وٺڻ
جي لاءِ فون ڪال ڪندو رهندو آهيان ۽ پوءِ هڪ ٻه منٽن جي فون ڪال تي ڊاڪٽر صاحب سان
ڪيترا ئي منٽ ڪچھري ٿي ويندي آهي ۽ پاڻ انتهائي شفقت ۽ پنهنجائي سان ڪچھري ڪري ڪندو
آهي۔
جيتوڻيڪ بستري داخل ٿيل ماڻھو نه رڳو وقت گذرڻ سان گڏ
زندگيءَ مان نجات حاصل ڪرڻ جون دعائون گھرندو آھي ۽ سندس گھر وارا به ھن مان آھستي
آھستي بيزار ٿي پوندا آھن. پر شاباس آھي ڊاڪٽر اسلم آزاد جي گھر ڀاتين ۽ سندس
رشتيدارن کي جيڪي نه رڳو ٽيھ سالن ھر وقت سندس ھڪ اشاري تي حاضر ھجن ٿا. ڊاڪٽر
اسلم آزاد جي ڀيڻ ته ڀاءُ سان محبت ۾ قربانيءَ جو ھڪ اھڙو مثال قائم ڪيو آھي جنھن
جو اندازو ئي نه ٿو لڳائي سگھجي. عظيم ڀاءُ جي عظيم ڀيڻ پنھنجي مڱڻي ٽوڙي سڄي
زندگي بستري تي پيل ڀاءُ جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏي آھي. ڊاڪٽر اسلم آزاد جي محبت
ھن حادثي کان پوءِ جڏھن ٻئي ڪنھن سان شادي ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ته کيس ھن حوصله
مند شخص شاديءَ لاءِ زور ڀري کيس راضي ڪيو. ھن جو چوڻ ھو محبت شاديءَ جي محتاج نه
ھوندي آھي منھنجي محبت ھميشه قائم رھندي. سچ پڇو ته انسانيت جو درد رکندڙ ۽ متحرڪ
انسان جي بستري تي ھميشه داخل ٿيڻ واري حادثي جي تاريخ جڏھن به ويجھو ايندي آھي ته
جيء جھري پوندو آھي. پر جڏھن ھن حالت ۾ به ڊاڪٽر اسلم کي نارمل ماڻھن کان وڌيڪ
زنده دل ۽ سماجي ڪمن ۾ اڳڀرو ڏسندو آھيان ته مٿس فخر ٿيندو آھي ۽ زندگيءَ سان پيار
جو احساس جاڳي پوندو آھي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر اسلم
آزاد
آڪاش انصاري
مون پنھنجي سموري حياتي ۾ ته اھڙو بلند حوصله انسان ته ڪونه ڏٺو آھي
جھڙو ھُو آھي۔ پر پنھنجي ساري مختصر مطالع ۾ صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن بابت
صرف پڙھيو اٿم جن جي اڳيان ھماليه جون بلند چوٽيون سندن پيرن جون پڻيون آھن، جن اڳيان
آسمان جون وشال وسعتون تِر جيتريون ۽ تڇِڇ آھن مون ھُن جي حوصلن ۽ عظيم ھمتن تي
شاعري ڪرڻ لاءِ ھزار ڀيرا سوچيو پر منھنجي “سو ڪالڊ انقلابي” شاعري به ھٿ ٻڌي انڪاري
ٿي بيھي ٿي رھي۔ منھنجي شاعري ۾ ايتري جرعت ڪٿي جو ھُن تي شعر لکڻ مان ھام ھڻان؟
ڊاڪٽر اسلم آزاد! جيڪو گذريل ٽيھ سالن کان پنھنجي اُوچي ڳچئ کان ھيٺ
پنھنجو ھٿ پير به پنھنجي مرضي سان ھلائڻ کان لاچار آھي آءُ جڏھين به ھُن جي حضور ۾
حاضر ٿيو آھيان ته سدائين حيران ٿي موٽيو آھيان۔ ھُن جو فرشته صفت مَلوڪ مُنھن،
اعلي انساني دماغ، ھُن جي مُرڪ ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته ھن جي پنھنجي سنڌ وطن بابت اُڻ
تُڻ ۽ اون ڏسي سدائين لطيف جي سُر سسئي جي ھڪ سٽ دل تي تري ايندي اٿم؛
“پاڻ نه پَسي ڦٽيو، ڪڙھي ڪيچين لاءِ. “
ڪاش اڄ لطيف ھُجي ھا! ته ھُو سسئي، کان وٺي ڪيڏاري تائين پنھنجا سڀ
سُر ھڪ پاسي رکي پھرين ڊاڪٽر اسلم آزاد جي عظيم ھمتن کي پنھنجي شاعري جو ڪلياڻ کان
پوءِ ٻيو سُر بنائي ھا!اسان سنڌي ماڻھن جي اِھا عظيم خوش نصيبي آھي جو ڊاڪٽر اسلم
جھڙو ڪردار اڄ به اسان جي ڏسڻ لاءِ اسان جي وچ ۾ موجود آھي۔ منھنجي دور ۾ صرف ٻيو
ھڪ ماڻھون منھنجي سامھون آھي سو آھي اسٽيفن ھاڪنگ جنھن پنھنجي مُحتاجي کي پاڻ تي
حاوي ٿيڻ نه ڏنو پر اسٽيفن ھاڪنگ ته چُري ڦري سگھندو ھو پر ڊاڪٽر آزاد ته پنھنجي آڱر
به پنھنجي مرضئ سان نه ٿو ھلائي سگھي۔ جڏھين به ڪو وڃي ھُن جي زيارت ڪندو ته اُمالڪ
اُن جي چپن مان اسان جي اوڻھين صدي جي وڏي شاعر شيخ اياز جي اِھا سِٽ اڀري ايندي
ته؛
“اٿو! پھڻ پَٻ جا ھُن جا پير چُمو!“
ڊاڪٽر اسلم مُنھنجا پُراڻا ساٿي! تنھنجي ھمتن، تنھنجي عظمتن تي سئو
سئو سلام، ۽ سوين سلام توھان جي اُن عظيم ڀيڻ مٿي جنھن پنھنجون سڀ خوشيون، سڀ
خواھشون تو مٿان قربان ڪري پنھنجي گل رنگ چڳن کي تنھنجي ڪري سفيد ڪري ڇڏيون۔ ڊاڪٽر
اسلم منھنجون سڀ سالگراھون تنھنجي ھڪ سالگره مٿان قربان۔ يار! مون لاءِ صرف اھا نيڪ
تمنا ڪر! ته مون ۾ تو جھڙو حوصلو ۽ ڪا ھمت اچي اچَي ته پنھنجي جيئري ھوندي تو تي ڪو
شعر لکي تنھنجي اڳيان سرخرو مان ٿيان۔
(آڪاش انصاري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۴
ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)
ڊاڪٽر اسلم
آزاد
ھمت ۽ حوصلي
جو اھڃاڻ
نديم ميمڻ
تاريخ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ تي روڊ حادثي سبب ھڪ ئي بستري تي معذوري واري زندگي گھاريندڙ ڊاڪٽر
اسلم آزاد کي اڄ ۳۱ سال مڪمل ٿي ويا آھن. ۳۱ سالن کان حادثي ۾ ڪرنگهي جي ھڏي ٽٽڻ سبب مفلوج بڻجي بستري تي پيل
ناميارو سماجي، سياسي ورڪر، صحافي، ڪالم نگار، ليکڪ ڊاڪٽر اسلم آزاد معاشري لاءِ
اتساھ جو سبب بڻيل آھي. ۱۹۹۱ ۾ جاتي روڊ تي پيش آيل
حادثي، ڊاڪٽر اسلم آزاد جي خوابن کي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو. جسماني طور مفلوج بڻجي وڃڻ
باوجود ڊاڪٽر اسلم آزاد ھمت ۽ حوصلي سان معاشري لاءِ اتساھ جو اھڃاڻ بڻيل آھي. ڊاڪٽر
اسلم آزاد جي زندگي جي عروج جو سج جنهن ڏينهن لهي ٿو اها تاريخ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۹۱ع جي نڀاڳي شام هئي، انهي ڏينهن به انسانن جو
احساس رکندڙ پنهنجي ڳوٺ تڙ خواجا ۾ ميڊيڪل ڪئمپ تي ڏکايل بيمارن جي خدمت ڪري واپس
موٽي رهيو هو، ته جاتي روڊ تي سخي بادشاھ اسٽاپ وٽ سندس ڊاٽسن ڊرائيور جي ڪنٽرول
مان نڪري واھ ۾ ڪري پئي، جنھن سبب ھڪ شخص نالي نور علي خواجا تڏي تي فوت ٿي ويو،
باقي ۱۴ ڄڻا
زخمي ٿي پيا جنهن ۾ ڊاڪٽر اسلم به شامل هو، انهن ۱۳ زخمين صحت مند ٿي زندگي نئين سر شروع ڪري ڇڏي پر ڊاڪٽر اسلم آزاد جي
ڪرنگهي جي هڏي ۽ ڪنڌ جي نس ٽٽڻ ڪري اڄ تائين ھو بستري جي حوالي ٿيل آھي. سندس ڪنڌ
کان وٺي هيٺ تائين سمورو جسم مفلوج ٿي ويو آهي. جنهن ڪري مٿس ويٺل مک کي اٿارڻ ۾
به سندس جسماني وس نٿو هلي.
کيس ڏسندڙ اکيون تڏهن حيران ٿي پونديون آهن جڏهن ڊاڪٽر اسلم آزاد کين
مخاطب ٿيندو آهي، ڊاڪٽر اسلم سان ملاقات دوران جيڪي گھمندڙ ڦرندڙ، صحتمند ماڻهو
خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهن ته ڊاڪٽر اسلم آزاد جي ڄاڻ، ڪرنٽ افيئرس تي نظر ۽ ان تي
سندس تجزئي ۽ تبصرن کي ٻڌي پاڻ کي سندس اڳيان ڪجهه به محسوس نه ڪندا آھن.
جتي ڪيترا ماڻهو معمولي بيماري جي خوف کان ذهني منجهارن جو شڪار ٿي
چريائپ واري زندگي گذاريندي حياتي جا ڏينهن گذاري ويندا آهن، اتي ڊاڪٽر اسلم آزاد
پنهنجي جسماني چرپر کان لاچار هوندي به ذهني طور هڪ وڏو اديب، شاعر، ۽ دانشور شخص
طور اڀريو آھي. پنهنجي مفلوج حالت کان بي نياز ڊاڪٽر اسلم آزاد دنيا، ملڪ ۽ سنڌ جي
سياسي صورتحال کان نه صرف باخبر آهي پر ايندڙ وقت جي سڄي صورتحال جو ٺيڪ ٺاڪ تجزيو
پڻ ڪري پنھنجي اھميت مڃرائي رھيو آھي. سچ پچ ته ڊاڪٽر اسلم آزاد ۳۱ سالن کان بستري تي پيل ھجڻ باوجود به ھن وقت الله تعاليٰٰ جي نعمتن
مان مستفيد ٿيندڙ فردن کان وڌيڪ چاق و چوبند، بھتر سوچيندڙ، معاشري لاءِ ڪارامد
فرد آھي. ڊاڪٽر اسلم جي جسماني حالت جيتوڻيڪ ڪنھن الميي کان گھٽ نه آھي پر قدرت
طرفان کيس بخشيل دماغي طاقت، ھمت ۽ حوصلو قسمت وارن کي نصيب ٿيندو آھي.
ڊاڪٽر اسلم ازاد ۳۰
آگسٽ ۱۹۶۵ع تي جاتيءَ ۾ جنم ورتو. جاتيءَ مان ميٽرڪ پاس ڪري،
سجاول جي ڪاليج مان انٽر ڪيائين. جنهن کان پوءِ ايم.بي.بي.ايس جي ڊگري لياقت ميڊيڪل
ڪاليج (هاڻوڪي يونيورسٽيءَ) مان حاصل ڪري، اتي ئي هائوس جاب ڪرڻ لڳو. ادبي دنيا ۾
هن ۱۹۸۱ع کان سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان آغاز ڪيو.
سنگت ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. کيس ادب کان سواءِ حالات حاضره سان گھڻي دلچسپي رهي
۽ صحافت ۾ به اڳڀرو رهيو مختلف تنظيمن ۾ به رهيو. ملڪ جي نامور سياسي، سماجي
شخصيتن کان انٽرويو ورتائين، ڪالم لکيائين. هن ڄامشوري مان پندرهن روزه اخبار
”آواز“ به جاري ڪئي هئي، جنهن جو پاڻ چيف ايڊيٽر هو، ۱۹۹۱ع ۾ هائوس جاب دوران هڪ فلاحي اداري جي مدد سان ڪنهن ڳوٺ ۾ طبي ڪئمپ
لڳائڻ جي سلسلي ۾ ساٿين سان گڏ ويو، واپسيءَ ۾ تڙ خواجا کان سجاول ڏانهن ايندي ٽرئفڪ
حادثي ۾ سندس ڪرنگهي جي هڏي ٽٽي پئي، جنهن جو علاج هن ملڪ جي وڏين اسپتالن مان ڪرايو.
پر پوريءَ طرح ٺيڪ ٿي نه سگهيو آهي ۽ اڄ تائين وڏيءَ همت سان ان تڪليف سان منهن ڏيندو
پيو اچي. مطالعي جو ذوق رکندڙ ڊاڪٽر اسلم آزاد هن وقت سجاول ۾ رهائش پذير آهي ۽
اتان جي سماجي، ادبي توڙي سياسي پروگرامن ۾ پاڻ کي وِيل چيئر تي به کڻائي شرڪت ڪندو
رهي ٿو. کيس ڏسي انسان جي عظمت ۾ پڪو يقين ٿي وڃي ٿو.
ڊاڪٽر اسلم آزاد سان پيش آيل حادثي کان پوءِ سندس ڀيڻ پنھنجي ڀاءُ جي
خدمت لاءِ پنھنجي مڱڻي ٽوڙي پاڻ کي ڀاءُ جي خدمت لاءِ وقف ڪري قرباني ۽ ايثار جو
مثال قائم ڪري ڇڏيو آھي. حادثي ۾ زخمي ٿي بستري ڀيڙو ٿيل ڊاڪٽر اسلم آزاد جو چوڻ
آھي ته مون ڪيترائي ڀيرا کيس سمجھايو پر هن نه مڃيو ۽ پنھنجي مڱڻي ٽوڙي ڇڏي. ڊاڪٽر
اسلم جي ڀيڻ جي پنھنجي ڀاءُ لاءِ ڏنل قربانيءَ ڀيڻ جي ڀاءُ سان محبت جو بھترين
مثال قائم ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن ته ڊاڪٽر اسلم جي مڱيندي ۽ سندس محبت پڻ حادثي ۾
زخمي ٿي مفلوج ٿيڻ کان پوءِ ٻئي ڪنھن سان شادي کان ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو ھو پر ڊاڪٽر
اسلم آزاد جي گھڻي سمجھائڻ کان پوءِ ھن اھو فيصلو واپس وٺي پنھنجو گھر وسائي ڇڏيو.
ڊاڪٽر اسلم آزاد جو چوڻ آھي ته محبت شادي جي محتاج نه ھوندي آھي ساڻس پاڪ محبت اڄ
به قائم آھي ۽ ھميشه رھندي. ڊاڪٽر اسلم آزاد جھڙي طرح پنھنجي جسماني کي معذوري کي
خاطر ۾ نه آڻيندي زندگي جا قيمتي ۳۱
سال ھڪ ئي بستري تي گھاري خدا پاران بخشيل زندگيءَ مان ڪڏھن به نااميدي جو اظھار
نه ڪيو آھي اھو ھن کي ھڪ بلند حوصلي ۽ باھمت شخص ثابت ڪري ٿو. سندس اھو حوصلو ۽
ھمت جنھن جي اڳيان جبل به سر نمائندي نظر اچن ٿا. ڊاڪٽر اسلم آزاد جي زندگي اسان
کي ڏکين حالتن ۾ زندہ رھڻ ۽ زندہ رھي ڪري معاشري لاءِ ڪارامد فرد بڻجڻ جو سبق ڏئي ٿي.
سنڌ سرڪار کي به گھرجي ته ڊاڪٽر اسلم آزاد جي زندگيءَ جي باري ۾ سبق نصاب ۾ شامل ڪري
نئين نسل کي ان کان روشناس ڪرايو وڃي ته جيئن اسان جي مستقبل جا معمار ان مان اُتساهه
حاصل ڪري سگهن.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰
ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا