ڊاڪٽر موتي پرڪاش
جنھن سان گڏجڻ
جون حسرتون رهنديون
رکيل مورائي
اهو نائين آڪٽوبر ٻه هزار هڪ جو ڏينهن هئو، جنهن ڏينهن مون
هن جو حسين چهرو پهريون ڀيرو ڏٺو هئو.
اسين راڄڌاني ايڪسپريس ۾ صبح جو ڏهين وڳي ممبئيءَ پڳا هئاسين
۽ اتان ٻارهين ڌاري، ممبئيءَ ۾ جڙيل سنڌين جي ثقافتي مرڪز، ”سيتا سنڌو ڀون“ ۾ آيا هئاسين
جتي اسان سان ملڻ لاءِ ڊاڪٽر موتي پرڪاش بنهه تڪڙو آيو هئو، ڇاڪاڻ ته ٻن پهرن جو کيس
دبئيءَ لاءِ جهاز ۾ اڏامڻو هئو، هو ممبئيءَ پنهنجي ڀاءُ جي ديهانت جي موقعي آيل هئو.
جنهن ڏينهن هو ممبئيءَ مان دبئيءَ واپس وڃڻو هئو، ان ڏينهن
اسان (مان تاجل بيوس صاحب ۽ سندس وني) دهليءَ کان ممبئيءَ پهتا هئاسين. هن پيار مان
ڀاڪر پاتو هئو ۽ چيو هئائين ”پٽ! مان وڃان ٿو، شري توسان ملڻ ايندو“ ۽ هو وڃڻ لڳو،
مون وٺو سندس اکيون آليون هيون، اهو پهريون ڀيرو هئو جو ان اديب/شاعر سان ملڻ جو سک
ماڻيون هئم، جنهن کي مان اسيءَ واري ڏهاڪي کان سندس شاعريءَ جي ڪتاب ”چڻگ وچ چولي“
معرفت سڃاڻندو هوس ۽ اڪثر سندس ڪتاب پڙهندو رهندو. هوس اهي ڪتاب جيڪي دبئي مان عطا
محمد سنڌي مرحوم جي معرفت ڪڏهن ڪڏهن، سائين راشد مورائي وٽ ايندا هئا ۽ اهو پڙهڻ بعد
مون کي پڙهائيندو هئو. انڊيا جي ڪتابن ۾ منهنجي دلچسپي ڏسي ڪڏهن ڪڏهن هو ڪتاب مون کي
ڏئي ته ڇڏيندو هئو ۽ واپس ڪين وٺندو هئو.
”چڻنگ وچ چولي“ ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو ٻيو شاعراڻو ڪتاب هئو. سندس پهريون
شاعراڻو ڪتاب، منهنجي ڄمڻ کان اڳ ڇپيو، جيڪو مان اڄ تائين هٿ به نه ڪري سگهيس ۽ پڙهي
به نه سگهيس.
دبئي ۾ رهندي ئي ڊاڪٽر موتي پرڪاش منهنجي خطن وسيلي ادبي
ويجهڙائي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن مان دبئي ۾ رهندڙ پنهنجي سوٽن معرفت ڪتاب موڪليندو رهندو هوس،
موٽ ۾ هو به مون ڏي ڪتاب موڪليندو رهيو. اهو رستو ساڻس چار ڏينهن اڳ ٽٽو، جڏهن هن مون
سان ئي نه پر سموري جيئندڙ دنيا سان ناتا ٽوڙيا.
نوي جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ سائين تاجل بيوس ممبئيءَ ويو. واپسيءَ
تي هن ٻين ڪتابن سان گڏ، مون کي هڪ اهڙو ڪتاب ڏنو، جنهن منهنجو من موهي وڌو. ان ڪتاب
جو نالو هئو ”نفرت جا گل“. هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي موڀي پٽ، شريڪانت ”صدف“ جي غزلن
جو مجموعو هئو، جنهن هند ۾ رهندڙ مڙني شاعرن کي نئون اتساهه بخشيو هئو ته، هند ۾ نئين
ٽهيءَ ۾ شاعري زندهه رهندي ۽ اها به غزل جي شاعري. پر اهو ٿي نه سگهيو.
صدف ان کان پوءِ ٻه ڪتاب غزلن جا ڏنا. هڪ ”نانگن جا ٻر“
۽ ٻيو ”ذهن جا قبيلا“. هنن ڪتابن کان پوءِ غزل ۾ صدف ڏئي وٺي بيٺو ۽ هن به نئين ڪوتا
ڏانهن موٽ کاڌي. سندس آخري ڪوتائي ڪتاب ”وڄ وارن کي لٺ بڻائي“ ڇپيو جيڪو نئين ڪوتا
جو آهي ۽ صدف شاعريءَ کان پري هليو ويو. اڄڪلهه هو ممبئي ۾ پنهنجي ڪاروباري زندگيءَ
۾ مصروف آهي.
صدف تي سنڌ ۾ پهريون مون تخليقي مضمون لکيو جيڪو ماهوار ساڃاهه
جي پرچي ۾ شايع ٿيو. ائين صدف سنڌ ۾ متعارف ٿيو. بعد ۾ سندس چونڊ شاعريءَ جو ڪتاب،
ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپيو. هن ڪتاب جو نالو ”زندگي هڪ وار وري شروع ڪرڻي
پوندي“ آهي.
شريڪانت جي پذيرائيءَ، ڊاڪٽر کي موهيو ۽ هو مون کي وڌيڪ پنهنجو
سمجهڻ لڳو. صدف دبئيءَ مان پنهنجا ٻئي ڪتاب مون کي موڪليا. هو پهريون ڀيرو مون سان
ٻه هزار هڪ ۾ ممبئيءَ ۾ مليو. مون محسوس ڪيو ته منهنجي مزاج ۽ هن جي مزاج ۾ رات ڏينهن
جو فرق آهي.
ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان ٻيو ڀيرو ٻه هزار ڇهه ۾ ملڻ ٿيو، جڏهن
هو سنڌ ياترا تي شريڪانت صدف کي به ساڻ وٺي آيو. اسين سڀ ڏينهن گڏ رهياسين، سموري سنڌ
جي دوري کان واپسيءَ تي ڪينجهر کان ڊاڪٽر موتي پرڪاش، شريڪانت صدف ۽ مان نامياري سياح
۽ ليکڪ عبدالحي پليجي صاحب سان گڏجي دڙي وياسين، جتي ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجو گهر شريڪانت
کي ڏيکارڻو هئو. هن سڄي سفر ۾ ڊاڪٽر صاحب جي ڪيفيت ڪهڙي هئي. ان جو ذڪر مشڪل آهي. ها!
هن جي اکين مان بادل برسندا رهيا ۽ شريڪانت ”صدف“ چيو ته؛ ”مان پنهنجي پيءُ جو گهر
ڏسڻ آيو آهيان“.
ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان ٽيون ڀيرو اڻ ڳڻيون ڪچهريون ٻه هزار
ست ۾ ٿيون، جڏهن آئون سنڌي اديبن جي وفد سان احمد آباد ۾ رٿيل ڪرشن راهيءَ بابت ٻن
ڏينهن جي ڪانفرنس ۾ پيپر پڙهڻ لاءِ ويس.
هن ڀيري هندستان جا ڪيترا ئي شهر ڏسڻ جو لطف مليو ۽ ڪيترن
ئي اديبن سان ڪچهرين ڪرڻ جو موقعو به مليو. پر هن سفر جا آخري ست ڏينهن، جيڪي منهنجي
ويزا ۾ وڌيڪ ڏنل هئا، اهي مون اڪيلي ممبئيءَ ۾ گذاريا. وفد واپس سنڌ آيو.
منهنجي رهائش جو بندوبست منهنجي دلبر دوست، نامياري ليکڪ
۽ ان وقت ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ يونيورسٽيءَ
جي انٽرنيشنل گيسٽ هائوس ۾ ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر موتي پرڪاش جي گهر کان پنجن منٽن جي پنڌ
تي آهي.
پهرئين ڏينهن ئي ملڻ سان ڊاڪٽر صاحب حڪم فرمايو ته جيڪي ڏينهن
مان ممبئيءَ ۾ آهيان اهي ڏينهن رات جي ماني سندس گهر مان کائي پوءِ يونيورسٽيءَ وڃان.“
پر ائين ٿي ڪو نه سگهيو جو ممبئيءَ ۾ دوستن جي گهڻائيءَ سبب، فقط هڪ رات ئي سندن ماني
نصيب ٿي.
ڊاڪٽر موتي پرڪاش سان منهنجو ٽيون تعلق اهو هئو ته سندس گهر
واري سنڌي ناول ۾ پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکندڙ ڪلا پرڪاش اسان جي ساهتيءَ جي شهر خانواهڻ
جي هئي. پر مان ڀانيان ٿو ته هنن ٻنهي اديبن ۽ شاعرن جو مون سان پيار گهڻو ان ڪري به
وڌيو جو، مان سندن پٽ شريڪانت صدف جو همعمر به آهيان ۽ سندس دوست به آهيان.
ڪلا پرڪاش ۽ موتي پرڪاش ٻن ٻارن شريڪانت ۽ سنڌوءَ کي جنم
ڏنو. شريءَ شادي ڪئي. کيس ٻه نياڻيون؛ ساکشي ۽ سمرتي آهن ۽ سنڌوءَ اڃا شادي نه ڪئي
آهي.
ادبي حوالي ۾ ڊاڪٽر موتي پرڪاش، هڪ ئي وقت گهڻين صنفن ۾ لکندو
رهيو آهي پوءِ به سندس چواڻي، هو پاڻ کي شاعر سمجهي ٿو.
مها نگري ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪندڙ موتي پرڪاش دڙي کان پوءَ
ممبئيءَ، دهليءَ، دبئيءَ، آديپور ۽ آخر ۾ وري ممبئيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. جيتوڻيڪ
هن آخري عمر پنهنجي اديب دوستن سان آديپور ۾ گذارڻ ٿي چاهي، جتي هن پنهنجو گهر جوڙايو
هئو پر شايد آديپور سندس بيماريءَ جي حالت ۾ ٺيڪ نه هئو، ائين هن وري ممبئيءَ رهڻ پسند
ڪيو يا سندس ممبئيءَ ۾ رهڻ مجبوري هئي ڇا به هجي سندس آخري هڏڪي ممبئيءَ کي ٻڌڻي هئي.
ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو ادب موجود آهي، پڙهندڙن کي ملي ويندو،
سندس ڪيترائي ڪتاب سنڌ ۾ پڻ ڇپيا آهن، پر جيڪي شخص يا سندس چاهيندڙ هن سان نه ملي سگهيا،
انهن کي ساڻس گڏجڻ جي حسرت زندگيءَ ڀر رهندي.
هن جي لکڻ ۽ پڙهڻ کي مون سامهون ڏٺو، هو جڏهن ڪجهه تقرير
نما ڳالهائيندو هئو ته ٻڌڻ واري لاءِ اهو طع ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو اهو ته هو ڳالهائي رهيو
آهي يا لکيل ڪجهه پڙهي رهيو آهي. ڪجهه پڙهڻ جو ۽ ڳالهائڻ جو اهو انداز هند توڻي سنڌ
۾ شايد ٻئي ڪنهن ليکڪ جو نه هجي.
هن جي ٻولي نهايت صاف هنديءَ جي اثر کان ڪوهين ڏور، شاعريءَ
۾ اياز کان بيحد متاثر ٿيل، ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي جنهن به هڪ ڀيرو ڏٺو اهو کيس وساري
نه سگهندو.
هڪ حسين ترين شخص، جيڪو پنهنجي آخري عمر تائين اوترو ئي حسين
رهيو. هڪ ترقي پسند ليکڪ، جيڪو پڇاڙي تائين پنهنجي ادبي نظرئي سان لاڳاپيل رهيو. هڪ
ناٽڪ لکندڙ ۽ ان ۾ ڀاڳ وٺندڙ جنهن به هن کي ناٽڪ ۾ اداڪاري ڪندي ڏٺو مٿس موهت ٿي پيو
۽ حيرت ته اداڪاري هن پڇاڙيءَ تائين ڪئي، ڪجهه سال اڳ آشا چاند جي ڪنهن فلم ۾ هن هڪ
پوڙهي جو خوبصورت رول ادا ڪيو.
سندس آواز بيمثال، ٻاجهه ڀريو، نج سنڌي لهجي ۾، خاص طور مون
کان سندس اهي لفظ ته ڪڏهن به نه وسرندا، هو فون تي پهريون لفظ چوندو هئو ”ها پٽ چئه!
۽ آخري چوندو“ اڙي يار ٻڍا ٿي ويا آهيون.“ هاڻ شايد اهي لفظ وري ٻڌڻ لاءِ من سدائين
آتو رهندو.
ادب ۾ هن جي شاعري، مضمون، خاڪا، ڪالم، ڪهاڻيون، ناول، ناٽڪ
۽ هڪ بيمثال مقالو، سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ، اهميت سان ڳڻايا ويندا.
هند جي اديبن مان هڪ آبرودار جوڙي ٽٽي پئي، ٻيءَ طرح هند
جي ادب جون نامياريون جوڙيون آهن، سندري ۽ اتم، مايا ۽ ڪرشن راهي، اندرا ۽ هريش واسواڻي،
ڪلا ۽ موتي پرڪاش، هن سال هڪ وڌيڪ جوڙي ٽوڙي.
شخص ۽ ادبي اڪيلائپ جو عذاب، مايا راهي، دادي سندري اتمچنداڻي،
ريٽا شهاڻي سان گڏ امڙ ڪلا پرڪاش به ڀوڳيو، قدرت جا پنهنجا نيم آهن، ڪير آهي جيڪو اهي
ٽوڙي سگهي.
ها! زندگيءَ سان تعلق ته ٽوڙي سگهجي ٿو. پر موت سان تعلق
ٽٽڻ جو نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهو ئي انسان جو وڏو محافظ آهي.
ڊاڪٽر موتي هڪ سگهاري محافظ سان گڏ هليو ويو. هاڻ هن کي ڪو
به خوف خطرو نه آهي، خاص طور زندگيءَ کان.
ٻيءَ طرح هو ادب ۾ مرڻو نه آهي، سندس ادب، هند ۽ سنڌ جي سرحدن
جو محتاج به نه آهي. اها مڃتا جي جيڪا ماڻهوءَ کي ڪرڻي پوي ٿي.
پڪ سان هاڻ هو سرڳ ۾ پنهنجي دوستن سان خوش هوندو، جن سان
هو ورهين کان ملي نه سگهيو هو. خاص طور شيخ اياز، تنوير عباسي ۽ ٻيا.
اها ٻي ڳالهه آهي ته پوئتي رهجي ويلن ڪيترن ئي دوستن ۽ چاهيندڙن
کي هو ڏکارو ڪري ويو آهي. جن مان هڪ مان به آهيان ۽ هڪ شريڪانت صدف به آهي.
هيءُ موتي پرڪاش آهي
نالو : موتي پرڪاش
پيءُ جو نالو: سکرام داس شرما
جنم : ۱۵ مي – ۱۹۱۳(دڙو- سنڌ)
ون: ڪلا پرڪاس
اولاد: پٽ شريڪانت صدف، ڌيءَ سنڌو
ادبي پونجي
آءُ ته چوريون چنگ
(شعرن جو مجموعو)
انڌيرو اجالو (ناول)
ادبي گل ((مضمون)
رات هڪ طوفان جي
(ٽه فصلو ناٽڪ )
دل جون ڳالهيون (يادگيريون)
ڏٺي ڏينهن ٿيام (يادگيريون)
سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سفر نامو)
سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ (پي . ايڇ ڊي . مقالو )
چڻنگ وچ چولي (شعرن
جو مجموعو)
جيءَ اندر جهاتيون (مذاقي ڪالمي ڪهاڻيون)
تنهنجيءَ ڳليءَ ڳالهڙيون (شعرن جو مجموعو)
پرهه کان پهرئين- (چونڊ شاعري)
ترجمو ڪيل ڪتاب
ڪالندي (تارا شنڪر بنڪر بئنرجي جو بنگالي ناول)
ادينا (تاجڪستاني ٻوليءَ جو پهريون ناول )
ڪاڪو ڪلو (ٿري مين ان
ا بوٽ- ڪيروم ڪي جيروم جي
مذاقي ( چنائن جو مجموعو)
انڊر سيڪريٽري (رميش مهتا جو ٽه فصلو هندي ناٽڪ)
فلمي دنيا
رات هڪ طوفان جي ( سنڌي فلم –ڪجهه گيت، مڪالما ۽ اسڪرين پلي
)
نقلي شان (سنڌي فلم – مڪالما)
اڃا ته مان ننڍڙي آهيان (سنڌي فلم- ڪجهه گيت ۽ مڪالما)
آل انڊيا ريڊيو سان
۱۹۵۶ کان ۱۹۷۷ع تائين وابستگي
انچارج سنڌي نيوز يونٽ، آڪاشواڻي، نئين دهلي
(آڪٽوبر – ڊسمبر ۱۹۷۶)
تعليمي کيتر:
۱۹۵۶ کان تعليم کيتر
۾خدمتون :
پرنسيپال: ڪي جي، کلناڻي هاءِ اسڪول ، دادر، ممبئي ۱۹۶۷-۷۷
دبئي ۾ اندين هاءِ اسڪول جي پهرئين پرنسيپال ۽ سربراهه جي
حيثيت ۾ خدمتون (۱۹۷۷-2۰۰2)
ڊائريڪٽر (اندين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،آديپور) 2۰۰2-2۰۰۴
ساڌو هيرانند نولراءِ اڪيڊمي، آديپور جو بنا لوازمي ڊائريڪٽر 2۰۰۶ کان
قدرشناسي
آل انڊيا ريڊيو طرفان قومي گيتن جي چٽاڀيٽي ۾ پهريون
انعام (۱۹۶۵)
سنڌي ساهت ۾ حصو- اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان انعام
مهاراشٽر سنڌي اڪيڊيمي طرفان انعام (۱۹88)
سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سفر نامو) ساهتيه اڪاڊمي انعام ۱۹88
راشٽر اڌيپڪ انعام – مانو سنسادن وزرات- گورنمينٽ آف انڊيا
(۱۹8۹)
ادبي خدمتن لاءِ پروفيسر رام پنجواڻي انعام (۱۹۹۹)
سهيوگ فائونڊشن جو نارايڻ شيام انعام (2۰۰۱)
پر يه درشني اڪيڊمي جو ساهتڪ يوگدان لاءِ انعام 2۰۰2
سنڌي اڪيڊمي- دهلي سرڪار جو لائيف اچيومينٽ انعام 2۰۰۶
لاڏاڻو: ۴ آگسٽ 2۰۱۵ع ممبئي
موتي پرڪاش جو نظم
پڇاڙيءَ جو پل
مون جو توسان قول ڪيو هو،
ڇا، سو قول نه پاڙي سگهندس؟
وقت ته منهنجو گذريو آهي،
ڪئن گذريو آ،
مان ئي ڄاڻان.
تنهنجو وقت به گذريو
هوندو،
ڪنهن سندر سپني جيان شايد،
يا مُگري جي خوشبو سان يا،
رات جي راڻيءَ جي ٻانهن ۾.
منهنجو وقت به گذريو آهي،
ڪئن گذريو آ،
مان ئي ڄاڻان.
هاڻ ته گذريل وقت جي گهيري،
مون کي اهڙو گهيريو آهي،
مون کي اڄ جي سار نه آهي،
آئون ته سالها سال عمر جا،
ماضيءَ ۾ موٽي ويو آهيان.
آئون اڪيلو،
هي گهر جون ديوارون آهن
ٻيو ڪو ناهي.
(شايد منهنجو ساهه کڄي پيو)
شايد ڪوئي کڙڪو ٿيو آ،
در تي ڪنهن جي ٺڪ ٺڪ آهي.
(ڪوئي ناهي!)
هوندو منهنجي من جو وياڪل
ڀٽڪيل، پياسو
سپنو هوندو.
سپنو مون تو ساڻ ڏٺو هو.
(توکي شايد ياد به هوندو)
مون جو توسان قول ڪيو هو.
(توکي هاڻي ياد به آهي)
موت جڏهن هن جيءَ تي ايندو،
مون کي پنهنجي قاتل پنجي،
۾ پڪڙيندو، سوڙهو، سوگهو،
تنهن کان هڪڙو پل ئي گهرندس،
هڪڙو پل جو،
عمر سڄيءَ کان لنبو هوندو،
پويون ساهه جڏهن مان کڻندس،
تنهنجي هٿ کي،
پنهنجي هٿ ۾ آئون جهليندس،
منهنجو توسان قول پڪو آ،
قول پڪو آ،
نوي منٽن جو سفر طئه ڪرڻ ۾ مون کي ۳۷ ورهيه لڳا
سليم ميمڻ
سوال: ڊاڪٽر صاحب، ورهاڱي کان پوءِ جڏهن اوهان
پهريون دفعو هتي آيا آهيو ته انهيءَ موقعي تي توهان ڇا محسوس ڪيو ۽ اوهان جا ڇا تاثرات
آهن؟
جواب: مون کي اڃا تائين يقين نٿو اچي ته اُن ڌرتيءَ تي موٽي
آيو آهيان، جيڪا منهنجي جنم ڀومي يا منهنجي ماءُ آهي. هتي پُڄي مون کي اُهو سڪون مليو
آهي، جيڪو هڪ ٿڃ پياڪ روئيندڙ ٻار کي پنهنجي ماءُ جي هنج ۾ ملي ٿو، اڃا تائين مون کي اهو هڪ خواب پيو لڳي. انهيءَ خوشيءَ جي اظهار
لاءِ مون کي لفظ نه ٿا ملن، مون کي ايئن پيو لڳي ته ڄڻ نوي منٽن جي مسافري طئي ڪرڻ
لاءِ مون کي ستٽيهه سالن جو ڊگهو سفر طئي ڪرڻو پيو آهي. جيتوڻيڪ آءٌ پنهنجي اباڻي ڳوٺ
دڙي (ضلعي ٺٽي) نٿو وڃي سگهان، ڇاڪاڻ ته مون کي ڪرچيءَ جي ويزا پنهنجي مائٽ جي عيادت
جي ڏس ۾ مليل آهي ۽ پاڪستان جي قانونن جو احترام ڪندي، پنهنجو پاڻ کي ڪراچيءَ تائين
محدود رکيم، پوءِ به آءٌ پنهنجو پاڻ کي انهن ڀاڳ وارن ۾ تصور ڪريان ٿو، جن کي جيئري
ئي هن دنيا ۾ جنت ملي هجي. آئون انهن سڀني دوستن، اديبن، شاعرن ۽ گهڻ گهرن جو ٿورائتو
آهيان، جن پري پري جو سفر ڪري ڪراچيءَ ۾ اچي مون کي ملاقات جو شرف بخشيو. توهان يقين
ڪريو ته انهن ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي جيڪو پيار مليو آهي، اُهو زندگيءَ جي هن ڊگهي سفر
۾ مختلف مِٽن مائٽن ايتري قدر جو ماءُ پيءُ وٽان به نه مليو آهي. ڪراچي ايئرپورٽ پهچڻ
مهل مون کي پنهنجو پاڻ تي ويساهه نه ٿي آيو ته آئون اُن ڌرتيءَ تي پُڄي ويو آهيان،
جنهن مون کي جنم ڏنو. اهڙي ريت مون ايئرپورٽ تي ئي انهيءَ ڌرتيءَ کي سجدو ڪري پنهنجي خوشين جو اظهار ڪيم.
سوال: ورهاڱي کان پوءِ جڏهن اوهان هندوستان ويا
ته اُتي سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ ڪهڙا اُپاءَ وٺڻا پيا، سنڌي ادب ڪهڙيءَ ريت ارتقائي مرحلا طئه ڪيا ۽ هاڻي ڀارت
۾ ان کي ڪهڙو مقام حاصل آهي؟
جواب: ورهاڱي کان پوءِ جڏهن اسان ڀارت پهتاسين ته اسان کي
هڪ نئين ملڪ ۾ پنهنجو بنياد رکڻو پيو، لڏپلاڻ جا سُور به اسان جي دلين ۾ هئا. انهيءَ
دؤر ۾ مون ۽ منهنجي هڪ جيڏن هڪ آدرش ٺاهيو هو ته اسان کي سنڌي زبان ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي. پروفيسر ايم. وي. ملڪاڻيءَ جي سرپرستيءَ
۾ ”سنڌي ساهت منڊل“ جي هڪ ادبي تنظيم جو بنياد وڌو ويو، جتي ادبي ڪلاس ٿيندا هئا، جتي
نوجوان اديبن ۽ شاعرن جو هڪ وڏو انگ پنهنجون تخليقون پيش ڪرڻ لاءِ پڄندو هو. انهن گڏجاڻين
هندوستان ۾ سنڌي ادب ۾ وڏا ۽ نامور اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا. انهيءَ عرصي ۾ هندستان جي
مختلف شهرن جهڙوڪ بمبئي، اُلهاس نگر ۽ اجمير مان مختلف سنڌي رسالا ۽ ميگزين جاري ٿيا،
جن ۾ اسان جون اُهي تخليقون شايع ٿينديون هيون، جيڪي انهن ادبي ڪلاسن ۾ پڙهيون وينديون
هيون ۽ اهڙيءَ ريت هندوستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جو بنياد پيو، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ
پختو ٿيندو ويو، نه فقط ايترو پر مختلف شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ڪيا ويا، جتي
تعليم جو ذريعو سنڌي هو. مون پاڻ به هڪ سنڌي ميڊيم اسڪول مان تعليم پرائي آهي، جتي
سڀئي سبجيڪٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهايا ويندا هئا.
سوال: هن وقت ڀارت ۾ ڪيترا سنڌي ميڊيم اسڪول ڪم
ڪري رهيا آهن؟
جواب: اهو اندازو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ته هن وقت ڪيترا سنڌي
ميڊيم اسڪول ڀارت ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڀارت سرڪار مختلف شهرن ۾ جتي سنڌي ڳالهائيندڙ
رهاڪن جو تعداد گهڻو آهي، اُتي سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ڪيا آهن، جڏهن ته سنڌين جي مختلف
سماجي ۽ خيراتي تنظيمن پڻ مختلف شهرن ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ڪيا آهن. جتي جتي به
سنڌي ڳالهائيندڙ سٺي انگ ۾ موجود آهن، اُتي سنڌي ميڊيم اسڪول قائم ٿي چڪا آهن، پر افسوس
سان اهو چوڻو ٿو پوي ته هاڻي وڏن وڏن شهرن ۾ انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو
لاڙو ڏاڍو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ
ته هيءُ مقابلي جو دؤر آهي، انهيءَ ڪري هندوستان جا سنڌي به، هندوستان جي ٻين رهاڪن سان مقابلو ڪرڻ گهرن ٿا، تنهن ڪري هُو
پڻ پنهنجن ٻارن کي سنڌي ميڊيم اسڪولن ۾ موڪلڻ بدران انگلش ميڊيم اسڪولن ۾ موڪلين ٿا،
جڏهن ته ننڍن ننڍن شهرن ۾ جتي سنڌي گهٽ انگ ۾ رهن ٿا، اُتي انهن جا ٻار هندي ميڊيم
اسڪولن ۾ تعليم پرائن ٿا. خاص طور تي اُترپرديش ۽ مڌياپرديش، جيڪي هندي زون آهن، اُتي
صرف هندي ميڊيم اسڪول آهن ۽ اُتي تعليم جو ذريعو لازماً سنڌي آهي، جڏهن ته راجستان،
گجرات ۽ مهاراشٽرا جي صوبن ۾ خاص طور تي الهاس نگر ۾ سنڌي ميڊيم اسڪول گهڻي انگ ۾ ڪم
ڪري رهياآهن، جتي هزارن جي تعداد ۾ شاگرد سنڌي
ميڊيم اسڪولن جي ذريعي پنهنجي تعليم حاصل ڪن ٿا. مختلف ڪاليجن ۾ سنڌي ميڊيم رائج آهي،
مختلف ڪاليجن ۾ ايم. اي تائين سنڌي پڙهائي ويندي آهي، جڏهن ته هندستان جي ٽن يونيورسٽين
۾ سنڌيءَ جا شعبا قائم آهن، جتي سنڌيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرائي وڃي ٿي.
سوال: هندوستان ۾ خصوصاً بمبئيءَ ۾ سنڌي ادب جي
تحقيق جي سلسلي ۾ ڪهڙيون سهولتون مُيسر آهن؟
جواب: تحقيقي سرگرمين جي لاءِ اسان کي تمام گهڻين ڏکيائين
کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته اسان جو عقيدو آهي ته سنڌي ادب ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي چڪو
آهي، هڪ حصو اُهو جيڪو هند ۾ ارتقا ڪري رهيو آهي ۽ ٻيو حصو پاڪستان ۾ ترقيءَ جا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي. تحقيق
جي حوالي سان هڪ محقق کي انهن ٻنهي حصن کي
گڏوگڏ ڳنڍي رکڻو پوي ٿو. هي اسان جي بدقسمتي آهي ته پاڪستان ۾ جيڪي ڪجهه سنڌيءَ
۾ لکيو ويندو آهي، اُهو سڀ هندوستان ۾ نٿو اچي ۽ انهيءَ ڪري اسان وٽ ٿيندڙ تحقيق ڪڏهن
ڪڏهن صحيح طريقي سان مڪمل نه ٿي سگهندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان تحقيق ۾ موضوع جي سڀني رخن
تي روشني پئجي نه سگهندي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اها
ڪوشش هلندڙ آهي ته سڀني ناياب ڪتابن کي ڀارت حڪومت جي سهڪار سان شايع ڪيو وڃي.
انهيءَ سلسلي ۾ ”ساهتيه اڪيڊمي“ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جيڪو هڪ نيم سرڪاري
ادارو آهي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي طرز تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان کان سواءِ معياري ادب کي
هٿي وٺرائڻ جي ڏس ۾ هڪ ڪاميٽيءَ جي جوڙجڪ ڪئي ويئي آهي، جيڪا اهم ۽ معياري سنڌي ڪتاب
شايع ڪرائيندي آهي، اهو پڻ هڪ نيم سرڪاري ادارو
آهي. هي ادارو خانگي طور شايع ٿيندڙ ڪتاب خريد ڪري مختلف سرڪاري تعليمي ادارن ۾ پهچائڻ
جو بندوبست ڪري ٿو. اهڙي ريت هڪ طرف ڇپجندڙ
ڪتابن جي وڪري جو بندوبست ٿي ويندو آهي ته ٻئي پاسي سنڌي ڪتاب، سنڌي پڙهندڙن جي وڏي
انگ تائين پهچندا آهن. ان کان سواءِ مختلف صوبن ۾ سنڌي اڪيڊميون خاص طور راجستان، گجرات
۽ مهاراشٽرا ۾ به قائم آهن، جن جو بنيادي ڪم سنڌي اديبن کي ادب تخليق ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ
آهي، نه صرف مدد بلڪ انهن جي مالي مدد ۽ انعام ڏيڻ سان گڏوگڏ کين همٿائڻ پڻ آهي.
سوال: توهان جي پي ايڇ ڊي جي مقالي جو عنوان ڇا
آهي ۽ توهان ان موضوع جي چونڊ ڇو ڪئي؟
جواب: پي. ايڇ. ڊي جي حوالي لاءِ جيڪا ٿيسز پيش ڪيم، ان جو
عنوان هو ”سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“. اِن موضوع کي مون اِن لاءِ چونڊيو ته سنڌي
عورت ازل کان مظلوم رهي آهي ۽ سنڌي شاعرن عورت جي هن مظلوميت کي پنهنجي شاعريءَ ۾ نهايت
ئي دردانگيز ۽ سحرانگيز انداز ۾ بيان ڪيو آهي، هُن جي مظلوميت جا داستان توهان کي مختلف
شاعرن جي ڪلام ۾ عام جام ملندا، جن ۾ سرِ فهرست شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست آهن.
آئون پاڻ به بنيادي طور شاعر آهيان ۽ عورتن سان ٿيندڙ هن زيادتيءَ کي نظرانداز نٿو
ڪري سگهان. اهو ئي سبب آهي جو مون هن عنوان کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻايو ۽ مون پنهنجي
مقالي ۾ مختلف دورن ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جي جيڪا تصويرڪشي ڪئي ويئي آهي، يا عورت
جو جيڪو روپ پيش ڪيو ويو آهي، ان تي پيرائتي تحقيق ڪئي اٿم. شاهه صاحب جي ڪلام ۾ پڻ
اسان کي سنڌي عورت جي هڪ مڪمل ۽ جامع تصوير ملي ٿي. هن جي شاعريءَ ۾ جيڪي مختلف سورميون
آهن، مثال طور مومل، مارئي، سسئي، سورٺ، نوري وغيره، جن جي اهنجن کي شاهه سائينءَ دردانگيز
انداز ۾ بيان ڪيو آهي. هن کان پوءِ سنڌي شاعريءَ تي جڏهن ايراني ۽ فارسي شاعريءَ جو
اثر آيو، تڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جو ڪردار بلڪل اوپرو ٿي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل
آيو، جنهن ۾ فارسي لفظن جي ڀرمار هوندي هئي ۽ تمام ٿورا سنڌي لفظ استعمال ٿيندا هئا.
سنڌي عورت جو ڪردار ان دؤر جي شاعريءَ ۾ ڄڻ ته اڻڄاتل ۽ غيرمبهم ۽ اجنبي ٿي رهجي ويو
۽ ان دؤر کي اسان سانگي ۽ گدا جي دؤر ۾ شامل ڪري سگهون ٿا. ان کان پوءِ شعوري طور تي
اها ڪوشش ڪئي وئي ته ”ڪشنچند بيوس“ سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئين عوامي دؤر ۾ داخل ڪرايو.
ان دور جي شاعريءَ ۾ اسان کي سنڌي عورت مختلف روپن ۾ نظر اچي ٿي.
سوال: توهان جيئن چيو ته هندوستان ۾ انگريزي ميڊيم
اسڪولن ۾ ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو لاڙو زور وٺندو ٿو وڃي، اهو لاڙو پاڪستان ۾ پڻ آهي،
پر سنڌ ۾ ٻارن کي پنهنجي گهرن ۽ پاڙن ۾ سنڌي ڳالهائڻ جا موقعا موجود آهن، پر ڀارت
۾ اُهي ٻار جيڪي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندا آهن ۽ انهن لاءِ اوڙي پاڙي ۾ سنڌي ڳالهائڻ
جا موقعا موجود ناهن. توهان جي خيال ۾ اهو نئون نسل جيڪو ڀارت ۾ پيدا ٿيو آهي، اُهو
۽ ان جا ٻار هندستان ۾ سنڌيءَ کي وڃائي ته نه ويهندا؟
جواب: آئون سمجهان ٿو ته هر ٻوليءَ جي زندگيءَ ۾ اهڙا لاها
چاڙها ايندا آهن ۽ ڪجهه اهڙيون حالتون پيدا ٿينديون آهن، جيڪي ٻولي ۽ ادب لاءِ وڏو
امتحان هونديون آهن. هندوستان ۾ اسان جي ٻولي موجوده دؤر ۽ ان امتحان کي منهن ڏيئي رهي آهي، جتي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙن
جو انگ گهٽجندو پيو وڃي. اهوئي سبب آهي ته سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. اهو
پڪ نااميديءَ جو دؤر آهي ۽ اسان کي انهيءَ حقيقت کان انڪار به نه آهي. ان جو هڪ سبب
اهو به آهي ته اسين سنڌي جيڪي مختلف صوبن
۾ ورهايل آهيون ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪو سنڌي ميڊيم اسڪول به ڪونهي، اهو هڪ فطري عمل آهي
ته اُتان جي مقامي ٻوليءَ جو اثر اسان تي پيو آهي.
سوال: انهيءَ صورتحال کي آڏو رکندي اوهان جي خيال
۾ ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مستقبل ڇا آهي؟
جواب: منهنجي خيال ۾ ۽ منهنجو اندازو به آهي ته ڀارت جي سنڌين
۾ پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي باري ۾ شعوري طور تي سجاڳي اچي چڪي آهي ۽ هندستان جي ڪجهه اهڙن
علائقن ۾ جتي سنڌي ميڊيم اسڪول گهٽجي رهيا هئا، اُتي ٻيهر قائم ڪيا پيا وڃن، خاص طور
تي گجرات ۽ راجستان جي علائقن ۾ مون کي اميد آهي ته سنڌي ميڊيم اسڪول جنهن رفتار سان
کُلن پيا، جيڪڏهن اِها رفتار برقرار رهي ته اهو خطرو ٽري سگهي ٿو ۽ اسين ان ڏينهن جي
انتظار ۾ آهيون.
سوال: مختلف سنڌي ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين خاطر حڪومت
ڪا رقم مخصوص ڪئي آهي؟
جواب: ڪميٽي فار پروموشن آف اسٽينڊرڊ لٽريچر اِن سنڌي (سنڌي
ادب ۽ ثقافت جي واڌ ويجهه لاءِ معياري ڪاميٽي) جي لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جي رقم هر سال
رکي ويندي آهي. هيءَ ڪاميٽي ۱۹۷۵ع ۾ قائم ڪئي ويئي هئي، جا اڻ لڀ
معياري ادب ڇپرائڻ ۾ مصروف آهي. اڃا اسان جي اها بد قسمتي چئبي جو اسان پوري هڪ سال
۾ هڪ ڪروڙ جي رقم خرچ ڪري نٿا سگهون.
سوال: ان ڪاميٽيءَ جي جوڙجڪ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: ڪاميٽي هندي زبان جي ترقيءَ واري ڊائريڪٽوريٽ جي نظرداريءَ
هيٺ ڪم ڪندي آهي ۽ ان ۾ مختلف صوبن مان سنڌي محققن، اديبن ۽ تعليمي ماهرن کي شامل ڪيو
ويندو آهي. اها ڪاميٽي نه صرف سنڌي ڪتاب ڇپرائيندي آهي پر يونيورسٽيءَ جي معيار مطابق
پڙهائڻ جهڙا مختلف موضوعن وارا ڪتاب سنڌيءَ ۾ مرتب ڪرائيندي ۽ ڇپرائڻ جا خاطر خواهه انتظام پڻ ڪندي آهي.
سوال: ڇا ان ڪاميٽيءَ جي ذمي صرف ڪتاب ڇپرائڻ آهي
يا مختلف ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين لاءِ به مدد ڪرڻ آهي؟
جواب: ان ڪاميٽيءَ جو بنيادي ڪم ته علمي ادبي ڦهلاءُ ڪرڻ
آهي، پر مختلف ثقافتي ۽ ادبي پروگرام به ان ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ڪجهه عرصو اڳ شاهه لطيف ۽ ڊاڪٽر هوتچند مولچند
گربخشاڻيءَ تي سيمينار ڪرايا ويا، جڏهن ته بين الاقوامي سطح تي به سنڌي ادبي سيمينار
ڪرائڻ جي ڪوشش هلندڙ آهي.
سوال: ان کان سواءِ ذاتي يا خانگي طور تي اديب،
سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن؟
جواب: ڀارت ۾ جتي به سنڌي رهندڙ آهن، اتان اتان مختلف سنڌي
رسالا، مخزنون، هفتيوار اخبارون پڻ شايع ٿين ٿيون. ڀارت جي مختلف سرڪاري ادارن ۾ سنڌي
ملازم به پنهنجي اداري پاران سنڌيءَ ۾ ساليانا مئگزين ڇپرائيندا آهن، جن ۾ نه صرف هندستاني
اديبن پر پاڪستاني سنڌي اديبن جي ادبي شهپارن کي به شايع ڪيو ويندو آهي. اهڙن ادارن
۾سينٽرل ريلوي، شپنگ ڪارپوريشن، بمبئي اليڪٽرڪ سپلاءِ، ٽرانسپورٽ ۽ انڊر ٽيڪنيڪ پاران
ساليانون مئگزين شايع ٿينديون آهن.
سوال: اوهان کي لکڻ جو شوق ڪيئن ۽ ڪڏهن کان ٿيو؟
جواب: مون کي لڳ ڀڳ يارنهن ورهين جي ڄمار ۾ لکڻ جو شوق جاڳيو.
منهنجو هڪڙو پاڙيسري نوجوان، جنهن جو نالو انور هو، ان کي اڻڄاتل شخصن قتل ڪري ڇڏيو.
پنهنجي سانڀر ۾ اهو پهريون واقعو منهنجي زندگيءَ ۾ پيش آيو، اهو پهريون قتل هو جنهن
منهنجي دل ۽ دماغ کي ڌوڏي ڇڏيو. ان دؤر ۾ ڪراچيءَ مان ’گلستان‘ نالي هڪڙو رسالو شايع
ٿيندو هو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ به ڪجهه صفحا مخصوص ڪيل هئا، ’هري دلگير‘ شاعريءَ جي حصي
جو نگران هو ۽ مون کي سندس شاعري بيحد متاثر ڪندي هئي ۽ ان جي شاعريءَ مون ۾ لکڻ جو
جذبو پيدا ڪيو ۽ مون به شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪرڻ سان ادبي شروعات ڪئي. منهنجي والد
۽ منهنجي چاچي، مون کي مختلف شهرن مان ڇپجندڙ رسالا گهرائي ڏيڻ شروع ڪيا، انهن جي پڙهڻ
ڪري منهنجي لکڻ جو شوق اڃا به وڌي ويو. مان پنهنجي هڪڙي محترم مرحوم استاد ڪندن شرما
جي صحبت ۾ رهي، ادب ڏانهن وڌيڪ لڙي پيس. هن نه صرف منهنجي رهنمائي ڪئي پر گهڻو همٿايو،
ڇاڪاڻ جو هو پاڻ به هڪ سٺو ناٽڪ نويس هو، ان ڪري مون کي به ناٽڪ لکڻ جو شوق جاڳي پيو.
۱۹۴۴ع ۾ مان جڏهن ڪراچيءَ ۾ تعليم پرائڻ آيس ته مون ’ٻار سنديش‘
نالي ٻارن جي هڪڙي سنڌي رسالي جو اجازت نامو حاصل ڪري ورتو. ان رسالي جي ڇپائيءَ مون
۾ لکڻ پڙهڻ لاءِ پڪو پهه ۽ تحريڪ پيدا ڪيو. ان رسالي جي سهاري منهنجيون لکڻيون عوام
تائين پهتيون. ان رسالي جا پڙهندڙ جيئن ته ٻار هئا، هاڻ پوڙها ٿي چڪا آهن. ان لکڻ پڙهڻ جي شوق سان مان ڀارت آيس ۽ ان
ئي جذبي سان مون لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ سوڌو لکندو اچان ٿو. گهڻان نه ته ڪجهه ڪتاب لکي
سگهيو آهيان.
سوال: ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ ناٽڪ نويسي
پنهنجي عروج تي هئي ۽ ان صنف سنڌي ادب ۾ به انتها ترقي ڪئي هئي ۽ ننڍن شهرن ۾ به ناٽڪ
منڊليون قائم هيون. ڪافي ناٽڪ لکيا ويندا هئا. ناٽڪ لکڻ جو وڏو سبب هي هو ته ناٽڪ
۽ ٿيٽر کي عوام ۾ وڏي مقبوليت حاصل هئي. جيئن ته ناٽڪ کي هندو تهذيب ۾ نمايان حيثيت
حاصل هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ اسٽيج ناٽڪ لکڻ جو رواج بنهه ختم ٿي ويو.
ڇا ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ جي فن ۾ ڪا ترقي ٿي؟
جواب: جي ها، ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لڳاتار ترقي ڪري رهيو آهي.
شروعاتي دور ۾ ايڪانڪي ناٽڪ لکيا ويندا هئا، جيڪي مختلف ڪاليجن ۾ سنڌي شاگرد پيش ڪندا
هئا، ان کان پوءِ شعوري طور ڪوششون ورتيون ويون ۽ ۱۹۶۰ع ۾ ’سنڌو ناٽڪ منڊلي‘
نالي هڪڙي تنظيم قائم ڪئي ويئي، جنهن لاءِ هندستان جي سنڌي اديبن خوب حصو ورتو ۽ مون
کي ان تنظيم جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ هنديءَ مان ترجمو ڪيل منهنجو ناٽڪ ’اندر سيڪريٽري‘
ان اداري پاران بمبئي شهر جي ناٽڪ منچ تي پيش
ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح گورڌن ڀارتيءَ جي لکيل مشهور ناٽڪ ’بگڙيل گهر‘ اجمير جي منچ تي پيش ڪيو ويو. ان ناٽڪ نه صرف
سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن ۾ پر غيرسنڌي لوڪن ۾ به خاصي مقبوليت حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح دهليءَ ۾ به سنڌي
ناٽڪ پيش ٿيڻ لڳا. اڄ ڪلهه ڀارت ۾ سنڌي ناٽڪ لاءِ هي ٽي اهم مرڪز آهن. احمد آباد ۾ به سنڌي ناٽڪ پيش ڪيا
ويندا آهن پر انهن ناٽڪن ۾ ترجما وڌ ۽ طبع زاد گهٽ ناٽڪ هوندا آهن.
سوال: پاڪستان بڻجڻ کان پوءِ ڀارت ۾ ادب جي ٻين
ڪيترن صنفن جي ڀيٽ ۾ سنڌي افساني ڪيتري ترقي ڪئي آهي. ڀارت ۾ سنڌي افسانا ڪهڙن مضمونن
۽ مسئلن تي لکيا ويا آهن؟
جواب: هند جي ورهاڱي کان جلد ئي پوءِ سنڌي افسانو ان راهه
تي رنوان هو، جنهن راهه تي اسين کيس سنڌ ۾ ڇڏي آيا هئاسون، ترقي پسند دؤر هو، جنهن ۾ گهڻو تڻو سماجي
مسئلن کي افساني ۾ سمايو ويو، انهن افسانن ۾ اسان جي ڪشمڪش ۽ جدوجهد واري زندگيءَ جو ڀرپور عڪس ملي ٿو.
هند ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌي افسانو نئين دؤر ۾ داخل
ٿيو ۽ سنڌي افسانو هڪ هنڌ بيهي ويو. انهيءَ دؤر جي مهندارن ۾ موهن ڪلپنا، لعل
پشپ، گنو سامتاڻي وغيره شامل آهن. اهو سنڌي افساني جو ٻيو دؤر هو، جڏهن ته هاڻ هند
۾ سنڌي افسانو پنهنجي ٽئين دؤر ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ان ۾ اَڪهاڻي جيڪا ڪهاڻي نه آهي
يا شاعري به نئين دؤر ۾ شامل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پڻ ’ڪويتا‘ جي جڳهه ’اَڪويتا‘ جو رجحان وڌندو ٿو وڃي ۽ مون محسوس ڪيو
آهي ته پاڪستان ۾ به سرجندڙ سنڌي ادب، اسان سان
گڏوگڏ انهن مرحلن مان گذري چڪو آهي يا گذري رهيو آهي.
سوال: ’اَڪهاڻي‘، ’ڪهاڻيءَ‘ جي خاتمي جي لاءِ ته
ناهي؟
جواب: منهنجي خيال ۾ شعوري نه، تڏهن به غير شعوري طور تي
پڪ آهي ۽ ’اَڪهاڻي‘ سواءِ چند لکندڙن جي، مون کي بنهه متاثر نه ڪيو آهي، ڇو جو اَڪهاڻي
لکندڙ ڪنهن به طرح سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي خدمت نه پيا ڪن. گهٽ وڌ سنڌي شاعريءَ جي به
ساڳي حالت آهي، ’اَڪويتا‘ ڪجهه نون لکندڙن ۾ سواءِ ٻن کان چئن، يعني هريش واسواڻي،
واسديو موهي، موهن ڪلپنا ۽ هڪ ٻن کي ڇڏي، باقي
فيشن جي طور شاعري ڪن ٿا. منهنجي خيال ۾ سنڌي ادب ۾ هي عارضي تجرباتي دؤر آهي ۽ ان
نظريي ۽ سوچ پٽاندر جو ڪجهه لکيو ٿو وڃي، ان جي ادب ۾ نه ڪا ئي قيمت يا قدر آهي ۽ نه
ئي اهڙو ادب گهڻ وقتو ثابت ٿيندو.
سوال: سنڌي اديبن جون تخليقون پڙهي ايئن ٿو لڳي
ته اهي فرسٽريشن جو شڪار آهن يا پنهنجو پاڻ کان يا پنهنجي سماج کان بيزار ۽ لاتعلق
آهن. ڇا هندستان جي نوجوان سنڌي اديب جي به اهڙي حالت آهي؟
جواب: جي ها. هڪڙو اهڙو طبقو آهي، جنهن جي ذري گهٽ اهڙي ئي
صورتحال آهي. ان جو بنيادي سبب هي آهي ته، انهن
تي غير ملڪي ادب جو اثر وڌيڪ آهي ۽ انهن تي وجوديت جو اثر گهڻو آهي، پر مان
سمجهان ٿو ته انهن جي ڀيٽ ۾ اهي شاعر يا اديب پنهنجي پڙهندڙ تي اثرانداز ٿيندا آهن،
جن معاشي، معاشرتي ۽ سماجي مسئلن کي ويجهڙائپ کان
ڏٺو هوندو آهي، انهن جو مشاهدو ماڻي، انهن مسئلن کي پنهنجي تخليقن جي خوبي بڻايو
۽ هاڻ ڀارت ۾ سرجندڙ سنڌي ادب تان نااميدي ۽ نراسائيءَ جا ڪڪر لهڻ تي آهن.
سوال: عام طور تي لکندڙ ڪنهن نه ڪنهن گذريل ٽهيءَ
جي شاعر يا اديب جي لکڻين کان متاثر هوندا آهن. اوهان ڪهڙي شاعر يا اديب کان متاثر ٿيا يا ڪنهن جي رنگ و بُو
کي پنهنجائيو؟
جواب: مان فخر سان ان جو اعتراف ٿو ڪريان ته منهنجي شاعري،
نارائڻ شيام، هري دلگير، شيخ اياز ۽ تنوير عباسيءَ جي محنتن جو ڦل آهي.
سوال: اوهان جي گهرواري به هڪ بهترين ڪهاڻيڪار
آهي، ڇا اها شاديءَ کان اڳ به ڪهاڻيون لکندي هئي يا اوهان جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان پوءِ
هن ۾ اهو شوق پيدا ٿيو؟
جواب: ڪلا ۽ منهنجي ملاقات ڊاڪٽر منگها رام ملڪاڻيءَ جي ادبي
ڪلاسن ۾ ٿي، کيس اڳ ئي ادبي ذوق هيو. اسان جي شادي ته ۱۹۵۴ع ۾ ٿي هئي، ان وقت تائين
سندس ڪهاڻيون هندستان جي ڪجهه رسالن ۾ ڇپجي چڪيون هيون. شاديءَ کان پوءِ هوءَ لڳاتار
لکندي رهي آهي، تنهن هوندي به ماضي قريب کان سندس لکڻ جي رفتار ڪجهه ڌيمي ٿي وئي آهي. سندس چار ناول، هڪ ڪهاڻين جو ڳٽڪو، هڪڙو
نثري نظمن جو مجموعو ڇپجي چڪا آهن، جڏهن ته مختلف رسالن ۾ سندس اڻ ڳڻ ڪهاڻيون ڇپجي
چڪيون آهن، سندس پنجون ناول ڇپائيءَ هيٺ آهي.
سوال: جيئن ته اوهان ٻنهي جو تعلق علمي ادبي زندگيءَ
سان آهي ته ڇا اوهين ٻئي ڪجهه لکڻ ويل پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪندا آهيو يا اهڙي ضرورت محسوس
ڪندا آهيو؟
جواب: جي ها، ايئن ڪندا به آهيون، عام طور اسان ٻئي جو ڪجهه
لکندا آهيون، اهو هڪٻئي کي ڏيکاريندا آهيون ۽ وري هڪٻئي کي مشورا به ڏيندا آهيون، پر
مڪمل فيصلو يا راءِ لکندڙ جي هوندي آهي. اسان ٻئي هڪٻئي جي لکڻين ۾ دخل نه ڏيندا آهيون.
سوال: ڇا شروعاتي دؤر ۾ توهان ڪلاپرڪاش جي لکڻين
کي درست ڪيو يا اهڙي ضرورت محسوس ڪئي؟
جواب: جي ها، شروعاتي دؤر ۾ مون ان جي ضرورت محسوس ڪئي ۽
ڪلا جي ڪهاڻين ۾ ڪجهه درستيون ڪيون هيون.
سوال: سندس لکڻين جو توهان جي خيال ۾ ڪهڙو معيار
آهي؟
جواب: مان بنا شڪ جي ۽ وڌاءَ جي هي چوڻ ۾ فخر محسوس ٿو ڪريان
ته ڪلا پرڪاش سنڌ ۽ هند جي بهترين ڪهاڻيڪارن ۾ ڳڻي وڃي ٿي، سندس لکڻين ۾ فن ۽ فڪر جي
پختگي ۽ سادگي، سلاست ۽ فصاحت موجود آهي. وقت سان گڏوگڏ سندس تجربن ۽ مشاهدن ۽ علم
۾ جيڪي ڳالهيون اچن ٿيون، انهن کي ڪلا پرڪاش لفظن جي رنگن سان ڪينواس تي وکيري چڪي
آهي. ان لاءِ هن جو تازو ترين ناول، جيڪو ڇپائيءَ جا مرحلا طئي ڪري رهيو آهي، ان جي
ڇپجي پڌري ٿيڻ کان پوءِ مان سمجهان ٿو ته ڪلا جو فن ۽ فڪر پڙهندڙن جي آڏو وڌيڪ نکري
ايندو ۽ بجاءِ ان جي جو مان ڪجهه چوان، اهو ڪم اسان نقادن تي ڇڏي ٿا ڏيون.
No comments:
راءِ ڏيندا