; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، موتي، پرڪاش، گڏجڻ، حسرتون، رهنديون، رکيل، مورائي، سليم، ميمڻ،
Showing posts with label ڊاڪٽر، موتي، پرڪاش، گڏجڻ، حسرتون، رهنديون، رکيل، مورائي، سليم، ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، موتي، پرڪاش، گڏجڻ، حسرتون، رهنديون، رکيل، مورائي، سليم، ميمڻ،. Show all posts

14 August, 2015

ڊاڪٽر موتي پرڪاش - رکيل مورائي

ڊاڪٽر موتي پرڪاش
جنھن سان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون
رکيل مورائي
اهو نائين آڪٽوبر ٻه هزار هڪ جو ڏينهن هئو، جنهن ڏينهن مون هن جو حسين چهرو پهريون ڀيرو ڏٺو هئو.
اسين راڄڌاني ايڪسپريس ۾ صبح جو ڏهين وڳي ممبئيءَ پڳا هئاسين ۽ اتان ٻارهين ڌاري، ممبئيءَ ۾ جڙيل سنڌين جي ثقافتي مرڪز، ”سيتا سنڌو ڀون“ ۾ آيا هئاسين جتي اسان سان ملڻ لاءِ ڊاڪٽر موتي پرڪاش بنهه تڪڙو آيو هئو، ڇاڪاڻ ته ٻن پهرن جو کيس دبئيءَ لاءِ جهاز ۾ اڏامڻو هئو، هو ممبئيءَ پنهنجي ڀاءُ جي ديهانت جي موقعي آيل هئو.