; سنڌي شخصيتون: جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي

22 September, 2015

جمن ڊي بلوچ - مٺل جسڪاڻي

جمن ڊي بلوچ
پٽڪي وارو ماستر، شاعر، راڄائتو شخص ۽ ننڍو آبادگار
مٺل جسڪاڻي
ٽنڊوالهه يار جي ڳوٺ نما شهر مسو بوزدار ۾ 8 سيپٽمبر 1959ع تي جنم وٺندڙ جمن ڊي بلوچ جيتوڻيڪ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم اي آهي، پاڻ پي ٽي سي ۽ سي ٽي ڪورس به ڪيائين. سندس اطلاع موجب هي مسو بوزدار جو پهريون بي ايڊ ۽ پهريون ايڇ ايس ٽي آهي. بنيادي طور ڳوٺاڻو هجڻ ڪري ۽ استاد مقرر ٿيو ته اڪثر ڳوٺاڻن اسڪولن ۾ ئي ذميواريون نڀائيندو رهيو، ان دوران سندس ٺيٺ ڳوٺاڻو لباس پٽڪي سان عام رهيو، ان ڪري پٽڪي وارو ماستر مشهور آهي! جڏهن ته مختلف عرصن دوران پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به رهي چڪو آهي.


استاد ٿيڻ کان اڳ پاڻ ٻه مهينا ناڪي منشي به رهيو، پر جڏهن کان استاد مقرر ٿيو ته سندس دوست ۽ هم پيشه ماڻهو کيس بهترين استاد مڃيندا آهن. جڏهن ته ضلع ٽنڊوالهه يار لاءِ گسٽا آفيس سيڪريٽري به رهيو آهي! ان هوندي به کيس گوسڙو ماسترن جي لسٽ ۾ شامل نه ٿو ڪري سگهجي! کيس ضلعي حڪومت پاران بهترين استاد جو اعزاز حاصل آهي، کيس اهڙي سند هڪ خوبصورت تقريب ۾ ملي، جيڪا وٺڻ وقت پڻ کيس پٽڪو ٻڌل هو!
هڪ دفعي ٻڌايائين ته هو ننڍي هوندي هڪ اٽي جي چڪي تي منشي هو، جتي کيس 50 پيسا ڏهاڙي ملندي هئي! استاد مقرر ٿيڻ کان اڳ، هن پاڻ هر ڪاهي، کاٽي کڻي، پنهنجي زمين آباد ڪئي، مزدوري به ڪئي ته ميوا ۽ ڀاڄيون وڪڻي گذر سفر به ڪيو. مهراڻ شگر ملز ٽنڊو الهه يار ۾ پڻ مزدوري ڪئي.
پٽڪي وارو ماستر جمن ڊي بلوچ سٺو استاد هجڻ سان گڌوگڌ شاعر به آهي. سندس چوڻ موجب هو 1980ع کان شاعري ڪري رهيو آهي، پر ادبي محفلن ۾ پاڻ ظاهر نه ڪيائين. البت ڪجهه مهينن کان س ا س شاخ ٽنڊو الهه يار جون لاڳيتيون ۽ بهترين گڏجاڻيون ٻڌائين ته هاڻ اتي اڪثر ويندو آهي ۽ تنقيد لاءِ پنهنجي شاعري پڙهندو آهي.
جمن ڊي بلوچ بابت ڌڱاڻو بوزدار جو ڪهاڻيڪار س ا س شاخ ٽنڊو الهه يار جو سرگرم رڪن عنايت لغاري هڪ هنڌ لکي ٿو ”نظم ۽ غزل جي محبوب شاعر، دلير نقاد، نثر جنھن جي غلاميءَ تي فخر محسوس ڪري ٿو. ھا سھڻي روحل ڪالرو، جمن ڊي بلوچ جھڙي بي مثال شاعر تي ڪالم لکيو ھو"پٽڪي وارو ماستر“. روحل ڪالرو جو اهو ليک پهرين عالمي اوطاق (فيس بوڪ) تي پوسٽ ٿيو ۽ پوءِ ٽنڊو الهه يار جي هڪ اخبار ۾ به شايع ٿي چڪو آهي.
جمن ڊي بلوچ نه صرف بهترين استاد ۽ چڱو شاعر آهي، پر اٿڻ ويهڻ ۽ واسطن جي لحاظ کان معقول قسم جو بلڪ تمام سيبتو راڄائتو شخص ۽ کاتيدار هجڻ ناتي ننڍو آبادگار به آهي.
ڪجهه ڏينهن ٿيدا ته جمن ڊي بلوچ عالمي اوطاق تي ننڍي وزن تي هي غزل اصلاح لاءِ پيش ڪيو:
تون آن مغرور منهنجا جاني،
مان هان مجبور منهنجا جاني.
منهنجي دل آھي توسان،
رهين پيو دور منهنجا جاني.
جيسين اهو حسن قائم اٿئي،
تيسين ڏي سور منهنجا جاني.
ڪمال کي به زوال ايندو،
آ دنيا جودستور منهنجاجاني.
رٺو جمن کان ڇاتي آھين،
ڏس اهو قصور منهنجا جاني.
سندس هي غزل به مون عالمي اوطاق تي پڙهيو:
اوهان ڀل اسان کي سهڻا ستايو،
اسان جي آ ماٺ مٺڙا ڀلي آزمايو.
رهو گڏ اسان سان يا ڪريو ڪنارا،
هجو خوش سدائين ۽ا مسڪرايو.
ظلم ۽ زوري ناهي سدا هلڻو،
اهو خيال آھي اوهانجو اجايو.
ڪئي ناهي سج چنڊ تي ڪاوڙ،
ڪري تو ڪاوڙ اٿئي مون ايذايو.
عشق منجھ آتش ٻڌندا اچون پيا،
جمن لڳي جنهن وڃي تنهن پڇايو.
جمن ڊي بلوچ صرف غزل نه لکيا آهن. هائيڪو صنف ۾ به طبع آزمائي ڪئي اٿائين. سندس هڪ هائيڪو آهي:
ويٺل. گڏ هئاڪانوٗ ۽ ڳيرو،
هڪ صفا موڳو،
ٻيو.اندر سندو سڄو ڪارو.
موجوده حالتن جي عڪاسي ڪندڙ ”چنگچي واري جي صدا“ عنوان سان سندس هي هائيڪو پڙهو:
چنگچي بنا دل کي ناهي چين،
جيڪر هجن پئسا،
ته.اڄ ئي وٺي.هلايان اچي.وين.
جمن ڊي بلوچ سنڌي شاعري جي نئين صنف ”هڪيٽو“ کي به اپنايو آهي. سندس هي چند پڙهڻ ۽ ويچارڻ جهڙا ”هڪيٽو“ آهن:
• سهڻا سچا ملندا مشڪل سان
• وري آ وري ناهي ويل ٽري
• وئين جلد واپس ڪهڙي لڳي ڪس
• آھي اها اڻاٺ ٻئي جي ٻڌون ڪون
• ڪون ٿيو هيل ڪو ڦٽين جو اگھ
ٻن سٽن تي مبني سندس مختصر شعر به ڪمال جا آهن. مثال طور:
ڪهين کي ٿا ٻوڙيو ۽ ڪهين کي سڪايو،
جي هلي وس اوهانجو دريائن جو به رخ بدلايو.
يا وري سرائڪي ۾ سندس هي شعر:
نهي مل شوق دا جاني،
هووي پيري توڙي جواني.
ڀلا هي شعر ڪيئن آهي:
هڪئي مطالبو هڪئي گهر،
چنگچي هلي هر شھر شھر.
هڪ هنڌ وضاحت ڪندي لکيائين ”دوستن کي گذارش آھي ته اها مون جهڙي اڻپڙھيل کي خبر آھي جهڙا ڪانو تهڙا ٻچا پر مون تجربو ڪري هڪ سٽ جو اضافو ڪري شعر ٺاهي شيئر ڪيو آ جهڙا ڪوڙا تهڙا سچا مان مراد هن دور ۾ سچي جي ڪير به ڳالھ نٿو مڃي. ڪوڙو ته هونئن ئي ڪوڙو آھي. هاڻَ توهان خود فيصلو ڪريو ته سچو ۽ ڪوڙو ٻئي برابر ٿيا يا نه. اهو مون پنهنجو تجربو بيان ڪيو آ. جهڙا ڪوڙا، تهڙا سچا. وڌيڪ مرضي توهان جي جيئن سمجهو“ سندس اهو شعر هو:
جهڙا ڪانو، تهڙا ٻچا،
جهڙا ڪوڙا، تهڙا سچا.
جمن ڊي بلوچ، پنهنجي طبيعت ۾ منفرد، يار ويس، خلوص ڏيڻ وٺڻ وارو مهربان، قدردان، گهڻ رخو، پر مثبت سوچ جو ڌڻي آهي. سندس جنم ڏينهن تي کيس واڌايون ۽ سندس لاءِ نيڪ تمنائون، جتي به هجي خوش هجي، آمين.


(سلسلو ”سندر“، انچارج: حيات علي شاهه بخاري، روزاني عبرت حيدرآباد، اڱارو 15 سيپٽمبر 2015ع)

No comments:

راءِ ڏيندا