; سنڌي شخصيتون: ڀرپو وفا - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

22 September, 2015

ڀرپو وفا - ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي

ڀرپو وفا
شخصيت ۽ شاعري
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
پرڀو ڇڳاڻي وفا (17.12.2012-19.9.1915) هند خواھ سنڌ جي شاعريءَ ۾ هڪ مانائتو نالو آهي، هن جي شاعريءَ جو سفر لڳ ڀڳ مني صديءَ جو رهيو. پڇاڙي تائين هن جي ڪلڪ جي مس نه سڪي، هو موجوده دؤر جو هڪ سينئر موسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾ سلاست، موسيقيت، دلسوزي، گهرائي، تکُ ۽ ميٺاج جهجهو آهي.جڏهن به سنڌيءَ ۾ سنگيتميه شاعريءَ جو ذڪر نڪري ٿو، ته پرڀو وفا جو نالو ازخود چپن تي تريو ٿو اچي. ترنم واري شاعريءَ سبب، هو عام ۾ بيحد لوڪ پريه بڻيو. هن کي سنگيت ورثي ۾ مليو هو؛ ڇو ته هنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جو ان طرف گهرو لڳاءُ هو.


سنڌي شاعري، خاص ڪري سنگيتميه شاعريءَ ۾ پرڀو وفا هڪ وڏو نالو آهي. هن جي ڪلام ۾ شيريني، رواني ۽ اُڏام جهجهي آهي. هو گهڻي ۾ گهڻو ڳايو ويو آهي. هن جي شاعريءَ جي خصوصيت آهي موسيقيت، هو شاعريءَ ۾ اهڙن لفظن جو استعمال ڪري ٿو جن مان موسيقي پيدا ٿي سگهي. هيءُ هڪ سٺو گيتڪار آهي. گيتڪار سرل، سولي، موسيقيت سان پُر رنگين زبان ۽ لئدار لهجي کي پسند ڪندا آهن. پرڀو وفا جي گيتن ۾ به موسيقيت جي لئه سمايل آهي . هن جا سنڌي فلم ”اباڻا“ لاءِ لکيل گيت عوام ۾ ڪافي مقبول ٿيا. سندس اباڻا جو هيٺيون گيت سرلا سامتاڻي ۽ بلوسي راڻي سريلي آواز ۾ ڳائي، عوام ۾ بيحد لوڪپريه بڻايو:
جيسين جان ۾ باقي دم رهندو
ڇا دل ۾ وڇوڙي جو غم رهندو؟
پوئين پهر تائين مان نهاريندس
بن تيل ڏئو ئي ٻاريندس
وٽ سوري وفا پئي سوريندس
در تولئه پـٽيو هر دم رهندو
جيسين جان ۾ باقي دم رهندو
هيٺيون ڪلام وري ”پيار ڪري ڏس“ سنڌي فلم ۾ فلمايل آهي ۽ سر ڏنو آهي گهنشيام واسواڻيءَ
تنهنجي در تي دولهه اچي جو سوالي
وڃي ڪين واپس ڪڏهن مور خالي
تون هيڻن جو همدم ۽ همراھ آهين
خدائي سڄيءَ جو شهنشاھ آهين
آ رتبو وڏو تنهنجو آ شان عالي
مصيبن کي مڙس ٿي منهن ڏيڻ ۽ آشاوادي اُمنگ پيدا ڪرڻ لاءِ، پرڀو وفا هن گيت ۾ چوي ٿو:
ڪشت ڪشالا ڪٽبا ويندا هڪ هڪ ٿي،
هڪ هڪ ٿي
درد خوشين ۾ مٽبا ويندا هڪ هڪ ٿي،
هڪ هڪ ٿي
جڏهن سنڌين الڳ الڳ ڪئمپن ۾ دربدر ٿيندي، انيڪ ڪشٽ ڪشالا سٺا، ته هن ان نراشا ۽ نااُميدي جي صورتحال ۾، رام پنجواڻي پنهنجو دائمي ساٿي مٽڪو ساڻ ڪري، شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ رٽن ڪري سنڌين ۾ اُتساھ ۽ اميد جو ترورو جاڳائي، سنڌيت جي جوت جڳائيندو رهيو. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي، سنڌيت جو پيغام پهچائيندو رهيو. پرڀو وفا جو مٿيون گيت سندس دلپسند گيت رهيو:
ڌيرج ڌرمن، ليکو نه ڪرمن
ڪشٽ ڪشالا ڪٽبا ويندا
هڪ هڪ ٿي، هڪ هڪ ٿي
دانهن نه ڪر من، آھ نه ڀر من
درد خوشين ۾ مٽبا ويندا.
هڪ هڪ ٿي، هڪ هڪ ٿي..
مرڪي مُرڪي لڙڪ وفا
اکڙين ۾ پي جي ويندين
لاهن جي گهٽ گهيرن کان تون
واقف ٿي هي ويندين
پٿر پاڻهي هـٽبا ويندا
پٿر پاڻهي هٽبا ويندا
هڪ هڪ ٿي، هڪهڪ   ٿي
وفا جا گيت ڳائڻ ۾ سولا آهن، ڇو ته اُنهن ۾ سر، تال ۽ لئه بلڪل صحيح ۽ گيتن جون طرزون نهايت ئي دلڪش آهن. هو ڪلام ۾ اهڙن لفظن جو استعمال ڪري ٿو، جيڪي زبان تي سولائيءَ سان تريو اچن، نارائڻ شيام چواڻي:
”سندس گيت آهن ماڪ ڀنل پنکڙيون، انهن رنگا رنگ گلن جون جن جي نسن ۾ پيڙ جي بجلي ڀريل آهي ۽ جن جي مرڪ مان درد ڀنل سرهاڻ فضا ۾ ڦهلجي وڃي ٿي.“
پرڀو وفا هر قسم جا گيت تخليق ڪيا آهن، جي سنگيت محلفن ۽ ٻين موقعن تي چاھ ۽ چوج مان ڳايا ويا آهن. انيلا سندر جي پيش ڪيل بئلي ”سڪ سڄڻ جي“ جا گيت پرڀو وفا جا لکيل آهن، جن کي سنگيت سي، لکميچند ڏنو آهي:
سنڌوءَ ۾ اُڇلائي ڄاريون
سارو ڏينهن مڇيون پيا ماريون
الاهوُ، الاهوُ
جيڪو تڙ جو مالڪ آهي
راتيان ڏينهان تات اُنهن جي
پڄ کليءَ هاڻا پيا ڍويون
اوچي آهي ذات اُنهن جي
پرڀو وفا ڪافي رومانوي شعر چيو آهي، ۽ اهو سنڌيءَ جي مشهور گايڪن ڳايو به آهي. لڳي ٿو ڄڻ هو عشق محبت جو ئي شاعر آهي. حسن ۽ عشق جو اظهار، پرڀو وفا تمام دلڪش ۽ دلفريب نموني ڪيو آهي. رومانوي شاعريءَ ۾ هن روايتي پيچرن کي ڇڏي نوان نوان گس تلاشيا آهن. هن جي رومانوي شاعري پڙهي، احساساتي ڇهاءُ محسوس ڪجي ٿو. هونئن به پيار محبت هڪ آفاقي احساس آهي، جيڪو ازل کان ابدا تائين هر دؤر ۾ عيان رهيو آهي. رنگين مزاج هئڻ سبب، هو پڇاڙيءَ تائين جوان ۽ چسٽ درست رهيو. منهنجي جڏهن به هن سان سيتا سنڌو ڀون ۾ ملاقات ٿي، مون کيس سدائين جينس ۽ ٽي شرٽ ۾ ئي ڏٺو.
پرڀو وفا جو هيٺيون رومانوي ڪلام، جنهن ۾ موسيقيت ڪوٽان ڪوٽ ڀريل آهي، تنهن کي هند سنڌ جي ڪيترن فنڪارن ڳائي عوام ۾ وڌيڪ لوڪپريه بڻايو آهي:
خدا ته ڪنهن نه ڏٺو آ، جڏهن ڏٺم تو کي
خدا جي جلوي جو ان بعد پتو پيو مون کي
هن ڏسي مونکي دري ٻوٽي ڇڏي
پر وٿين مان ويهي واجهائڻ لڳي
مرڪيائين اڄ مونکي ڏسي
ٺاھ جو آهي ڪجهه آثار
تنهنجي نيڻن جي نيل-جهرڻن ۾
هنس وانگر ترڻ تي دل ٿي آ
جو ڀي سگهين لٽائي، لٽ لطف زندگيءَ جو
ڪجهه کن وفا خوشي آ، ڏينهن چار زندگي آ
سادن سودن لفظن ۾، شاعر نفيس احساسات جو اظهار تمام فنائتي ۽ پراثر انداز ۾ ڪيو آهي. جڏهن شاعر احساسات جي شدت کان پنهنجي تجربي کي شاعريءَ ۾ اظهار ٿو، تڏهن هن جا احساس، پڙهندڙن جا احساس بڻجيو پون ٿا. پرڀو وفا جا ڪيترائي رومانوي شعر ٻوليءَ جي سادگي ۽ روانيءَ سبب ريڊيو تان به پرسارت ٿيا آهن.
هڪ دفعي چيائين، ”پيار ۽ رومانس کانسواءِ جيون بيڪار آهي. سندرتا ڪنهن کي نٿي وڻي، جيسين سڪ ۾ سُڪ نه ٿيو. تيسين حياتيءَ جو لطف ماڻي نه سگهبو. جن پيار ۾ فراق ۽ وصال جون لذتون ماڻيون آهن، تن کان پڇي ڏسو.“
هڪ دفعي وري چيو هئائين، مونکي ننڍي هوندي کان ئي رومانٽڪ ماحول مليو آهي، رومانس منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. زندگيءَ ۾ پيار ڏنو آهي ۽ پيار پاتو آهي. پيار جي معاملي ۾ مان خوشنصيب پئي رهيو آهيان.“
اڄ جڏهن مان پرڀو وفا تي ڳالهائڻ ويٺو آهيان، ته ذهن تي وفا جو ڄاتل سڃاتل چهرو اُڀرندو نظر اچي ٿو. قد ۾ ڊگهو، سنهڙو، شڪل جو سهڻو، جڏهن گڏبو، ڀاڪر پائي گڏبو، جيتري قدر سندس شخصي حياتي جو سوال آهي، هو هڪ سادو، صاف گو ۽ ڏيکاءَ بازيءَ کان سدا ڏور رهيو. هو سڄي حياتي غير تڪراري شخصيت بڻيو رهيو.
هڪ پراڻي ياد تازه ٿئي ٿي 2002ع جي وارتا آهي. پرڀو وفا جو فون آيو هو، ”لڇاڻي، ايندڙ جمع 19 سيپٽمبر تي پاڻ کي فري رکج، منهنجي ڪٽنب هڪ پروگرام رٿيو آهي. ان ۾ توکي شرڪت ضرور ڪرڻي آهي.“
ٻئي ڏينهن ڪُريئر ۾ نينڊ پتر به اچي پهتو ”اڄوڪي شام ”وفا“ ڪي نام“ پرڀو وفا جي ڪٽنب پرڀو وفا جي 88 هين جنم ڏينهن جي موقعي تي هڪ سنگيت محفل منعقد ڪئي هئي، جنهن ۾ سنڌي جڳت جي ناميارن گائڪن بهرو ورتو، سنگيت محفل جي خاص خوبي اهاهئي جو سڀني گائڪن فقط فقط پرڀو وفا جا تخليق ڪيل ڪلام پيش ڪيا هئا. اها اڻ وسرندڙ سنگيت محفل، اڄ به منهنجي ذهن تي تازي آهي.
گيتن جي چونڊ سٺي هئي، ڳائيندڙ فنڪار سٺا هئا، آڊيٽوريم سنگيت پريميمن سان ڀريل هو. گهنشيام واسواڻيءَ جي پهرين غزل ئي ٻڌندڙن کي منتر مگڌ بڻائي ڇڏيو. هن ڳايو:
ماڳ واپس ورڻ تي دل آهي
توسان ڳالهيون ڪرڻ تي دل آهي
تنهنجي تن جي حسين وادين ۾
ڪنهن هرڻ جا چرڻ تي دل آهي
وفا جي غزل ۽ گهنشيام جي سريلي سر ماڻهن کي موهي ڇڏيو. وري جڏهن هن وفا جي هيٺين ڪافي پيش ڪئي ته ٻڌندڙ جنسي جهومي اُٿيا:
ڪوئي سانگيئڙن ڪوئي ماروئڙن
ڪوئي جانب جو ڏس ڏسي ڏسي
ڪهڙي ديس ۾ دلبر وسي وسي
گهنشيام واسواڻي بعد مهيش چندر پنهنجي منفرد انداز ۾ پرڀو وفا جو هيٺين غزل پيش ڪيو:
منهن مومل جو محبوباڻو لڳندو آ
هن جي سامون چنڊ پراڻو لڳندو آهي
ڏند ڏند ته موتيءَ جو داڻو لڳندو آ
هن جو هٿ ته مکڻ جو چاڻو لڳندو آ
سندس نشيلا نيڻ ڏسي ٿي ننڊ اچي
جسم گلن جو نرم وهاڻو لڳندو آ
جڏهن چپن سان هنجو چهرو لاتو ٿم
مٺو مٺو ڄڻ ماکيءَ- هاڻو لڳندو آ
مهيش چندر کي سنگت شائقن وٽان خوب داد حاصل ٿيو هو. هن کي سريلو ۽ سوز ڀريو آواز، قدرتي ڏات طور عطا ٿيل آهي.
حاضرين جي ڊمانڊ تي مهيش چندر وري وفا جو هيٺيون غزل سيمي ڪلاسيڪل ڪمپوزنگ سان اهڙي ته دلچسپ ۽ دلفريب انداز ۾ ڳايو جو اُتي ويٺل غزل جو شاعر، خود به تال سان تال ملائڻ لڳو.
بردات جي آ موسم ۽ شام سرمئي آ
اڄ هر طرف هوا ۾ مستي شراب جي آ
ڇُلڪايو جام پنهنجا ٽڪرايو جام پنهنجا
مستن لاءِ مهڪ جي کڙڪي کلي وئي آ
جوڀي سگهين لٽائي، لٽ لطف زندگيءَ جو
ڪجهه کن وفا خوشي آ، ڏينهن چار زندگي آ
برسات جي آ موسم ۽ شام سرمئي آ
اڄ هر طرف هوا ۾ مستي شراب جي آ
۽ سچ پچ آڊيٽوريم کان ٻاهر برسات ٿي وسي
ڪاجل چندير اماڻي، ميناڪشي ۽ امرتا به وفا جا ڪلام دلفريب انداز ۾ ڳائي، حاضرينن کي مستيءَ ۾ آندو. ان سنگيت محفل جو ڀوڳ پارو چاولا پاتو، پارو چاولا سالن کان سنڌيت جي هلچل سان جڙيل آهي، سنڌي ٻوليءَ سان هن کي جنون جي حد تائين محبت آهي.هن کي شاھ، سچل، سامي ۽ ٻين اساسي شاعرن جا هزارين ڪلام ياد آهن. هوءَ ڳائڻ وقت ڊائري يا نوٽبوڪ ڪڏهن ڪو نه کولي. هن اچڻ سان پرڀو وفا جو هيٺيون گيت پيش ڪيو:
تنهنجو شهنشاهي شان سهڻا يار
تنهنجو هي نور آهي ظاهر ظهور آهي
سونهن تنهنجي آ صبحان سهڻا يار
تنهنجو هي نور آهي ظاهر ظهور آهي
اکڙين ۾ بان سهڻا ابروُ ڪمان سهڻا يار
نيهن تنهنجي چٽيو نيشان سهڻا يار
ان بعد پارو چاولا، وفا جو هيٺيون ڪلام ڳائي ماڻهن کي جهومايو:
منهنجا ڪامل يار ملاح
آئي آهيان تنهنجي دئاري
پئي آهيان تنهنجي پناري
تون ئي بي واهن جي واھ
منهنجا ڪامل يار ملاح
پروگرام کانپوءِ، پرڀو وفا گفتگوءَ دوران چيو:
”دل بيحد خوش ٿيندي آهي، جڏهن ڪي ڪلاڪار منهنجا غزل، گيت ڳائيندا آهن. مونکي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي منهنجي قدر شناسي پيا ڪن. در حقيقت وڏي ۾ وڏي شاعر يا اديب کي به قدرشناسيءَ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي. اها ئي پريرڻا آهي جا اسان جي قلم جي رفتار تيز ڪري ٿي. غالب جڏهن پنهنجا غزل ڪنهن ڪوٺي تان شيرين زبان ۾ ٻڌندو هو ته اُتي چڙهي ويندو هو ۽ وڃي پنهنجا غزل ٻڌندو هو. منهنجو ڪلام به جڏهن سٺا گائڪ ۽ گائڪائون ڳائيندا آهن ته دل باغ بهار ٿي ويندي آهي.“
هڪ ڏينهن مان مهيش چندر جي گهر ويٺو هوس، مهيش چندر، جديد شاعرن جي ڪلام جون ڌنو ٿي ٺاهيون، پرڀو وفا جي ڳالهه نڪتي، چيائين ”لڇاڻي، قدرت جا کيل نرالا آهن. وفا جي وفات کان ڪجهه مهينا اڳ، مون کيس اردوءَ جو هيٺيون مذاقي مکڙو ٻڌايو ۽ اُن تي شعر لکڻ لاءِ عرض ڪيم.
ڪونه ڪهتا هئه ڪي بزرگ عشق نهين ڪرتي
يهه اور بات هئه ڪي هم ان پر شڪ نهين ڪرتي
پرڀو وفا، اُن تي مونکي هيٺيون شعر لکي موڪليو.
ڪير چوي ٿوته اسان جا بزرگ عشق نٿا ڪن
ڪن ٿا لڪي ڇپي، پر ڌي پٽ پيا نٿا ڪن
هيءَ ٻي ڳالهه آ، تن تي ڪي ڀي شڪ نٿا ڪن
پٽن ۽ پوٽن وارن کي ڪي خوار نٿا ڪن
خاندان جي عزت خاطر ڪي چُپ آهن
ڪي ٻارن جو آئيندو ٿا ٺاهن چاهن
سندن عاشقيءَ جو ان لاءِ اظهار نٿا ڪن
جت ڀي حسينائن جا اچي ڪي ميڙ مڙن ٿا
خوشبوئدار ۽ رنگبرنگي پشپ ٽڙن ٿا
اُت هي مهاشيه ڪڏهن نظر کان عار نٿا ڪن
ڪاري شيرواڻي ۽ڪارو چشمو پائي
ڪير چوي ٿو ”وفا“ ته هي ديدار نٿا ڪن
”لڇاڻي، مون ان شعر کي ڌنون ڏنيون سنگيت عطا ڪيو ۽ جيئن ئي پرڀو وفا کي ٻڌائڻ  لاءِ فون هٿ ۾ کنيو، ته يار هوئي ڪونه!“
اڄ جڏهن وفا جي ڳايل گيتن جي ڳالهه نڪتي آهي ته اهو ضروري آهي ته آڪاشواڻيءَ تان ڳايل پرڀو وفا جي گيتن تي هڪ پرندي جي نظر به وجهندو هلان، ڇو ته پرڀو وفا ڪنهن نه ڪنهن نموني آل انڊيا ريڊيو سان لاڳاپيل رهيو. سنڌي ڪلامن کي عوام ۾ پيارو بڻائڻ جي ڏس ۾ آل انڊيا ريڊيو جي حصيداري کان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي. آل انڊيا ريڊيو جي بمبئي اسٽيسن تان آڪٽوبر 1956ع کان هفتيوار پروگرامن جي شروعات ٿي. آل انڊيا ريڊيو تان پرسارت ٿيندڙ پروگرام ۾ سنڌي گيت، غزل، بيت، وايون، ڪافيون ۽ ٻيو ڪلام گونجڻ لڳو. ڳائيندڙن ۾ پرڀو وفا جو وڏو ڀاءُ رتن ۽ ڀيڻ ڪملا ڇڳاڻي به ها. رتن ڇڳاڻي ۽ ڪملا ٻئي اڪثر پرڀو وفا جا ئي ڪلام پيش ڪندا هئا.آل انڊيا ريڊيو جي بمبئي اسٽيشن کي اڳتي بلوسي راڻي ۽ سي ارجن جهڙا قابل سنگيتڪار مليا. جن سنڌي سنگيت جي ڦهلاءَ ۾ اڻ وسرندڙ رول ادا ڪيو آهي.
اڄ پرڀو وفا حيات ڪونهي، پر هن جي گيتن جي گونج هند ۽ سنڌ جي سنگيت محلفن ۾ اڄ به ٻڌجي ٿي. هن جي شاعريءَ جي سرهاڻ ۽ گيتن جي گونج سنگيت پريمين کي سدا واسيندي رهندي. شاھ جي لفظن ۾ (وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي). هيءُ يار ڪڏهن وسرڻ جو ناهي.
وسارڻ سان به وسرن ڪين، پنهنجي يار جو ڳالهيون.
سدائين ياد سي رهنديون، محبت پيار جون ڳاليهون.
حوالا
1.پرڀو وفا: تون ساگر مان لهر، لوڪ سر پبلڪيشن، بمبئي سنه 1993ع
2.پرڀو وفا: جهنڪار، سنڌو ڪلاڪيندر، دهلي، سنه 1957ع
3.پرڀو وفا: مان ازل جي اُڃ آهيان، مولچند نهالاڻي، ٿاڻا، سنه 1990ع


(اين سي پي اي ايل طرفان منعقد شري پرڀو وفا جي شتابدي سال ملهائيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ 23 آگسٽ 2015ع تي پڙهيل)

No comments:

راءِ ڏيندا