ڀرپو وفا
شخصيت ۽ شاعري
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
پرڀو ڇڳاڻي وفا (17.12.2012-19.9.1915) هند خواھ سنڌ جي شاعريءَ
۾ هڪ مانائتو نالو آهي، هن جي شاعريءَ جو سفر لڳ ڀڳ مني صديءَ جو رهيو. پڇاڙي تائين
هن جي ڪلڪ جي مس نه سڪي، هو موجوده دؤر جو هڪ سينئر موسٽ شاعر هو. هن جي شاعريءَ ۾
سلاست، موسيقيت، دلسوزي، گهرائي، تکُ ۽ ميٺاج جهجهو آهي.جڏهن به سنڌيءَ ۾ سنگيتميه
شاعريءَ جو ذڪر نڪري ٿو، ته پرڀو وفا جو نالو ازخود چپن تي تريو ٿو اچي. ترنم واري
شاعريءَ سبب، هو عام ۾ بيحد لوڪ پريه بڻيو. هن کي سنگيت ورثي ۾ مليو هو؛ ڇو ته هنجي
ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جو ان طرف گهرو لڳاءُ هو.
