; سنڌي شخصيتون: هاسي ٻائي، نماڻو فقير، حسيب، ناياب منگي،
Showing posts with label هاسي ٻائي، نماڻو فقير، حسيب، ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label هاسي ٻائي، نماڻو فقير، حسيب، ناياب منگي،. Show all posts

22 September, 2015

هاسي ٻائي نماڻو فقير - حسيب ناياب منگي

هاسي ٻائي نماڻو فقير
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتيءَ جي جن عورتن علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نانءُ پنهنجي علمي ادبي ڪاوشن سان مٿانهون ڪيو، انهن مان هاسي ٻائي نماڻو فقير به هڪ ٿي گذري آهي. هاسي ٻائي جو ڪلام انهن ڏينهن جو چيل آهي جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪي ٿورڙيون عورتون شعر چونديون هيون. سندس ڪلام سادو ۽ مٿس حضرت سچل سرمست جو اثر نظر اچي ٿو. هن صرف شعر ئي ناهي چيو پر سچل سائين جو ڪلام به گڏ ڪري ڇپرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار ادا ٿيل آهي.