سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان
مخلص محمد بخش خاصخيلي
دنيا جو عظيم ڏاهو، سنڌ جو لاڏلو ۽ سنڌي ٻولي جو وينجهار
”مرشد لطيف سائين“ جنهن جو رسالو هونئن ته سڄو ئي هيرن جي کاڻ آهي پر شاهه سائين پنهنجي
رسالي جي سُر رامڪلي ۽ سر کاهوڙي ۾ جن جوڳين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي گنجي ٽڪر ذريعي
هنگلاج هليو ويو هو. انهن جوڳين، سامين ۽ سناسين جي پريم ۾ پَٻَ جا اوکا پهاڙ سسئي
جيان سر ڪيا هئا، اُهي گيڙو رتا گودڙيا ڪي رمتا جوڳي به نه هئا. هي ته اُهي ئي وحدت
۾ ڪثرت پسندڙ ويراڳي هئا.
