عبدالمنان ميمڻ
هر واقف دوست نه ٿو ٿي سگهي
مٺل جسڪاڻي
انسان آدجڳاد کان اڃا تائين ارتقا جي مرحلن مان گذري رهيو
آهي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. ڪو زمانو هو، صرف روبرو ملاقاتون ئي پهرين واقفيت ۽ پوءِ
دوستي يا دشمني جو ذريعو هيون. ان کان پوءِ ٻُڌ سُڌ جي بنياد تي پرپُٺ جون ياريون ٿينديون
هيون. شروعاتي دور ۾ ٻُڌ سُڌ جو ذريعو ماڻهو هوندو هو. چون ٿا مهمان کان خبرون وٺڻ
۽ ڏيڻ جو رواج به ان ڪري ئي پيو ته جيئن هر نئون ۽ پراڻو احوال ٿي سگهي.
