شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
چوڻي آهي، ته ماڻهو مريو وڃن،
پر سندن ڪم انهن جا يادگار رهجي وڃن. مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو
انسان ٿي گذريو آهي.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ته مرزا
صاحب گهڻائي تعريف جهڙا ڪم ڪيا، جن لاءِ سرڪار کان کيس گهڻو ئي داد مليو، پر جن ڪمن
تي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ناز هئڻ گهرجي، سي آهن مرزا مرحوم جا خانگيءَ طور سرانجام
ڏنل ڪم. اُهي آهن سندن جدا جدا مضمونن تي ليک لکڻ ۽ ڪتاب ٺاهڻ.
