عبدالغفور چانڊيو
ٽڪي جي دُنيا، لکن جو ماڻهو
حفيظ چانڊيو
شاعرن جا ديس ۽
درياهه پنهنجا ٿيندا آهن، تيئن سندن ادبي ڪڙم قبيلي ۾ سڃاڻپ جو حوالو به پنهنجو
هوندو آهي. اهڙيءَ طرح عبدالغفور چانڊئي جي ادبي ڪڙم قبيلي ۾ مصور واري سڃاڻپ به
پنهنجي آهي. مصور حُسين دقيانوسي رسمن جي ور چڙهيل هڪ قبائلي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۾
ڊسمبر جي ۱۰ تاريخ تي ڪاڪي جانب چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو، جتي سندس پرورش روايتي
انداز ۾ ٿي. سندس والد هڪ نيڪ نمازي انسان آهي. مصور جي سندس شخيصت جي ڪاميابيءَ
پُٺيان سندس امڙ زيبل ۽ والد جانب علي جو وڏو هٿ آهي. مصور اهو ليکڪ آهي جيڪو
بيساکين تي هلڻ کي عيب سمجهندو آهي، جيتوڻيڪ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي حوالا آهن،
سندس ننڍڙي عمر ۾ ٽي ڪتاب ڇپجي آيا آهن، ان کان علاوه نامور ڪهاڻيڪار ماڻڪ تي
تحقيقي اڀياس (ايم فل ٿيسز) پڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان مڪمل ڪئي
آهي، سندس ٽن ڪتابن ۾ شاعري جو ڪتاب اي اکين جا انتظار، ڪهاڻين ۾ زندگي مرجهائجي
ويل گُل جهڙي کان وٺي ناول سنڌي ادب ۾ خوبصورت اضافو آهن، هن کي ادبي دنيا ۾ ڪيترا
ئي ادبي ايورڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ، سهڻي ايوارڊ،
هالار ڊائجسٽ ايوارڊ، جگناٿ يادگار شيلڊ، ادبي سنگت مڃتا سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾
لاتعداد مڃتا ايوارڊ مليا آهن. تازو انڊيا مان نڪرندڙ ماهوار ڪونج ۾ سندس ڪهاڻيءَ
جيڪا پذيرائي ماڻي آهي،سا شايد ڪنهن کان ڳُجهي هجي، ان کان علاوه مصور حسين سنڌ جي
ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ ادبي مخزن ۾ مسلسل لکندو ٿو رهي، هو ادبي توڙي وفا جي عملي
تصوير اهي، سندس سچائي کان شايد ئي سنڌ جو اديب نا آشنا هجي. هن مختصر عمر ۾ جنهن
نموني سان ادبي قبيلي ۾ آيو آهي ته ادبي محفلن تي سڀني کان اڳرو نظر آيو آهي، سندس
اهڙيءَ همت ۽ سچيتائيءَ کيس منفرد حيثيت ڏياري آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ پنهنجي
وجود کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.
آئون ان وقت بنهه
مُنجهي پوندو آهيان، جڏهن ڪنهن علمي ۽ ادبي شخصيت تي لکڻ چاهيندو آهي _ چاهيندي به
لکي ناهيان سگهندو _ سندس شاعراڻي اپروچ ۽ نت نون خيالن جي کاڻ ۾ ڪنهن جوهريءَ
جيان اندر ناهيان گهري سگهندو _ خصوصي طور تي جڏهن ڪنهن تخليقڪار تي لکڻ ويهندو آهيان
_ ته ڏينهن جا ڏينهن لڳي ويندا آهن_ ڇو جو ڪنهن به تخليقڪار تي لکڻ معنيٰ سندس
شخصيت سان گڏ سندس ڪيل علمي ۽ ادبي توڙي سماجي خدمتن سان انصاف ڪرڻ ئي هوندو آهي_
جيڪو هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. هونئن به جيڪڏهن تخليقڪار کي پنهنجي تحرير ۾
منظوم خراج پيش نه ڪري سگهجي ۽ سندس عام فهم شعري ۽ پيغام کي پڙهندڙن تائين پُڄائڻ
ڪيترو اهنجو اهي، سو ڪو ليکڪ ئي سمجهي سگهي ٿو، مون کي ان قسم جو لکڻ کي بنهه ڏکيو
لڳندو آهي _ اهو محظ ان جي ڪري نه ته ڪو تخليقڪار ڪا آسماني مخلوق يا وري ڪا آفت
هجي _ پر اهو ان جي لاءِ ته اسين جڏهن به ڪنهن “تخليقڪار” تي لکڻ ويهندا آهيون ته
سندس فن ۽ فڪر سميت سندس خوبيون ۽ خاميون پڻ ذڪر هيٺ آڻي_ ماڻهن سان کيس متعارف
ڪندا اهيون ته جيئن اسان جا ماڻهو سندس ڪلام سان گڏ سندس شاندار شخصيت جو ماڻهن
کان اوجهل سندس نادر نمونو به پڙهندڙن تائين پهچائڻ چاهيندا آهيون جيڪي اسان ته
ڏسي وٺندا آهيون پر پڙهندڙ بي خبر هوندو آهي، مضمون ۾ ان ادبي، سياسي توڙي سماجي
شخصيت جا ڪنهن آرٽسٽ جيان نقش چٽي، اسين پنن تي ان جي لاءِ پرٽيون ٿا ته جيئن
پڙهندڙن کي تخليقڪار ۽ سندس تخليق نهايت سولي ۽ سهنجي لڳي. اها هڪ ليکڪ جي لاءِ
ڪنهن امتحان جهڙي گهڙي هجي ٿي جڏهن هو ڪنهن به تخليقڪار لاءِ ڪجهه لکڻ ويهندو آهي،
ليکڪ جي تخليقڪار لئي ڏنل راءِ کي اڪثر ماڻهو وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن، ٿيڻ
ائين گهرجي ته هر ليکڪ جيڪڏهن ڪنهن به شخصيت تي يا ڪنهن شاعر يا ڪهاڻيڪار تي ڪجهه
لکي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ ايمانداراڻي احساس سان اوساريل هجي، اڄُ آءُ هڪ اهڙي ادبي،
علمي ۽ سماجي شخصيت بابت لکڻ جو سوچي اوهان سان ان جو تعارف ڪرائيندس _ جنهن کي
ادبي دنيا “مُصور حُسين” جي نالي سان سُڃاڻندي آهي_ مصور حسين کي جيتوڻيڪ ڪنهن
تعارف جي محتاجي نه آهي_ مون سندس علمي، ادبي ۽ سماجي پاسن کي هن مضمون ذريعي
تاريخ جو حصو بنائڻ چاهيو اٿم_ اهو ان جي لاءِ ته جيئن نوجوان نسل هن مصور جي مام
پرورڙي سگهي ۽ سندس ڏسيل واٽ تي پير پٿون ڪري_ قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ ڪي مثبت
ڪردار ادا ڪري ۽ کيس ترقيءَ جي منزلن طرف وٺي وڃي.
مصور، هڪ گهڻ
پاسائين شخصيت نهايت خوبصورت حوالو آهي، سندس همئه گير شخصيت جا ڪيترا ئي پاسا
آهن، جيڪي آرٽ، علم، سماجيات کان ٿيندي ادب تي ڇيهه ٿا ڪن. سندس هر لکڻي قوم جي
وڪالت ڪندي نظر ايندي آهي _ سندس لکڻ جو ڏانءُ نهايت سليس ۽ وڻندڙ هوندو آهي. سندس
ڪهاڻيون، شاعري، ناول سميت مضمون جيڪڏهن پڙهبا ته ان ۾ اسان کي لڳندو ته مصور کي
سياسي ۽ سماجي،علمي ادبي، ثقافت، تاريخ کان ويندي سماج اندر موجود ڀوتارڪي ڀوڇاڙ
جي زد هيٺ آيل ننڌڻڪن ماڻهن جي روئداد بيان ٿيل ملندي، جيڪي هن جديد دور ۾ به ٻن
ويلن ماني ڳڀي، لٽي ڪپڙي ۽ صحت جهڙن اجگر مسئلن جي ٽياس تي ٽنگيل آهن. اسٽيٽسڪو
واري سياست کان نفرت ڪندڙ هيءُ سادو ليکڪ سقراط جو ساٿي لڳندو آهي، سندس دقيق
مطالعو ۽ ڳوڙهو مشاهدو سندس تخليقي حُسن جو مرڪز رهيا آهن. سندس لکيل هر لفظ ۾
مارن لاءِ اڻ مئي محبت ۽ ڌارين لئه ڪانُ هوندو آهي. هو سنڌ ۾ مروج بيمار روايتن جو
باغي سرجڻهار آهي. مصور هميشه مدي خارج ريتن رسمن سان بغاوت ڪئي آهي ۽ جنهن جي
خلاف هن ڀرپور لکيو به اٿائين. سندس اهڙي تلخ حقيقتن جي پردي کي چاڪ ڪرڻ تي
جيتوڻيڪ کيس تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، پر هو بنا ڪنهن لالچ ۽ خوف جي مروج مدي
خارج ريتن ۽ رسمن خلاف مسلسل جهاد ڪيو آهي.
دنيا جي ڊُڪ ڊوڙ ۾
جتي دنيا پلانيٽس PLANETS تي لڏ پلاڻ جو سوچي اتي هاڻي پلاٽنگ پئي ڪري
۽ ڪلوننگ جهڙين ترقين جي تيز ڌارائن ۾ لُڙهندي دنيا کي الائي ڇا مان ڇا بڻائي
ماڻهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اتي مصور جهڙُو حساس طبعيت رکندڙ ليکاري پنهنجي
ديس سان محبت، مارن جي موهه ۾ حسين مُرڪن سان گڏ سندن خوشحاليءَ جي لاءِ رات جا
اوجاڳا ڪري گيت ۽ غزل پيو سرجي. جن ۾ هو پنهنجن جي بيمار روين، دوکن، دولابن،
لالچن، غدارين، دلالين، انفرادي مفادن هيٺ اجتماعيت کي لوڙهيندڙ قبيلائي جهيڙيندڙ
وحشي دور جي نفسيات ۾ وڪوڙيل ماڻهن جي نفسياتي پهلوئن تي جنهن بارڪ بيني ۽
ذميداريءَ سان طبع آزمائي ڪئي آهي، سا يقينن پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهي ٿي.
مصور، اها ڪوشش رهي
آهي ته هو سنڌي سماج کي سنئين دڳ لائي، طبقاتي نظام ۽ ننڍ وڏائي جو خاتمو آڻي وٺي.
صدين جي غلاميءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل هن سماج اندر جن بيمارين جنم ورتو آهي، تن کي
مسيحا جي روپ ۾ هو سڌو ڪري صحتمند ڏسڻ چاهي پيو. هن جي آسپاس جيڪي به مدي خارج
ريتون رسمون آهن يا ڪي خرابيون موجود آهن، تن جي خاتمي لاءِ هو مسلسل لکندو رهيو
آهي.
مصور، جنهن جي
شاعري جو محور سنڌ ۽ سنڌي ماڻهون آهن، جنهن ۾ هو چاهي ٿو ته سندس ديس کي جن مدي
خارج ريتن ۽ رسمن وڻ ويڙهيءَ وانگر وڪوڙيو آهي، سي دائمي طور ختم ٿي وڃن _ ان ڪري
سندس شعري جو موضوع، ڪهاڻين جا ڪردار نج ديسي هوندا اهن، جن کي هو بدلائي کين مهذب
ڏسڻ پيو چاهي. هو اهڙي دؤر ۾ شاهه سائين ۽ اياز جي جي شاعريءَ جي ڇانو ۾ ادبي
خدمتگار طور فرض نڀايو آهي، جنهن وٽ هڪ اعليٰ فڪر سان سماجي شعور پڻ موجود آهي،
جيڪو بدبودار سماج ۾ ماڻهن کي ايڪي ۽ اتحاد جي لڙهيءَ ۾ پوئڻ ٿو چاهي _ قومي شعور
جي آفاقي احساس سان مصور سماجي انقلاب آڻڻ جو خواهشمند شاعر آهي. اهو ان جي ڪري ته
جيئن ماڻهن ۾ ميٺ ۽ محبت جو جذبو وڌي سگهي. هو قوم جو اهو ويڄ آهي، جنهن جو ويڙهو
ڪُويڄن ڪُٺو آهي. ان باوجود حوصلي هارڻ بغير هو مسلسل جدوجهد جي عملي تصوير بڻيل
رهيو آهي. وڪالت جي منافعي بخش ڌنڌي کي الوداع ڪرڻ کان ڪيڊٽ ڪاليج ۾ سنڌيءَ شعبي ۾
ليڪچرار ٿيڻ تائين مصور کي ڀلا ڪهڙين ڪهڙين نه اذيتن مان گذرڻو پيو هوندو، پر هو
لطيف سائينءَ جي ڏنل سنيهي جيان “ٻاڦ ٻاهر” نه پيو ڪڍي، پر ان جي برعڪس ٻين جي
اتساهه جو سبب بڻيل ٿو ڏسجي _ هونئن اهي تخليقڪار جيڪي پنهنجي ديس کي خوشحال، ان ۾
ڪا مثبت تبديلي آڻڻ جا خواهشمند هجن ٿا ته انهن تخليقڪارن کي گهرجي مصور جيان هو
پنهنجي شاعريءَ جو محور ۽ مرڪز پنهنجي ديس ۽ ماڻهن کي ئي رکن ته جيئن قوم جي تباهي
کان اڳ سندن ذهني اوسر ۾ ڪو لاڀائتو ڪردار ادا ڪري سگهجي. ان پيرائي ۾ مصور هڪ
بردبار ۽ ذميدار شاعر ۽ نثر نويس جي صورت ۾ اڀري ٿو اچي، جيڪو مدي خارج سماج سان
جنگ جوٽي ۽ تبديلي آڻڻ جي خوابن جون وقت وڃائڻ بغير ساڀيائون ٿو چاهي، هونئن به
سماجي ارتقائي تبديليءَ جو هجڻ زنده قومن لاءِ نهايت ضروري هوندو آهي جنهن ۾ شاعر
پوري قوم جا سونهان بڻجي، هنن کي سنئين دڳ لڳائي، قومي فريضي جي ادائگي ڪندا آهن.
هڪ شاعر سان گڏ
مصور سريلو ڳائيندو به آهي، جيڪا شايد ڪنهن ٻي کي خبر نه هجي، سواءِ ڪهاڻيڪار دوست
يار محمد ۽ منهنجي، شايد ئي ڪنهن هن سادڙي ڪويءَ کي جهونگاريندي ڏٺو هجي، سندس
سونهون مرشد لطيف ۽ اياز آهن. جن جا الائي ڪيترا ئي نطم، غزل، بيت، وايون سنڌي ادب
۾ گهربل مان ۽ مرتبو ضرور ماڻينديون. مصور جي تخليقن اندر سچ، سونهن ۽ سماجي
انقلاب جو حسين سنگم آهي، سندس لکڻ جو ڊڪشن ڏاڍو منفرد آهي، جنهن ۾ هو نت نون
تشبيهن سان پنهنجي شعري منجهه ڪلاسيڪي ۽ رومانٽيڪ اپروچ سان امرتا اوتيندو ٿو رهي_
جيڪي سندس تعارف به آهن ته سندس تشخص به آهن.
مصور جو شاعراڻي احساس، گهگهه اونداهه منجهه روشن ڏيئي مثال آهن. هو رت جي رشتن جو ڪُٺل راڻو آهي، جنهن کي سندس رشتن ڀرجهلي ٿيڻ بجاءِ سواءِ گهاون ڏيڻ جي ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو_ اسهپ جون تعذيرون ۽ تير سندس پُکي ۾ پيل آهن _ رهڙيل روح سان هو مسلسل اڳتي منزل ڏانهن اسهندو رهيو آهي_ هو نهايت بهادر قسم جو ڪوي آهي. جنهن جي شاعري هر ڏکندڙ انسان لاءِ پهن جو ڪم ڪندي آهي، سندس شاعري پڙهندي ڪٿي به مايوسيءَ سان ملڻو نه ٿو پوي نه ئي پر هميشه حوصلو ۽ اتساهڪ سبق آموز ڳالهيون مليون آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ضرور تبديليءَ جو سج اڀارينديون.
No comments:
راءِ ڏيندا