سيد شرف حسين شاهه “شرف”
حسيب ناياب منگي
شڪارپور ۾
لکيدر تي سيدن جي حويليءَ اندر هونءَ ته گهڻيون ئي نامور شخصيتون پيدا ٿيون آهن
انهن مان ٻن ماڻڪن کي شهر اندر پنهنجي علمي لياقتن عيوض تمام گهڻي مڃتا ملي. هڪ
سيد منير شاهه جيڪو محرم الحرام جي ڏينهن ۾ مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا معليٰ
شڪارپور ۾ مجلس پڙهندو هو ۽ ٻيو هو سيد شرف حسين شاهه “شرف” جنهن کي قدرت طرفان
اها ڏات عطا ٿيل هئي ته هو شاعري ڪندو هو. سندس لکيل مرثين ۽ نوحن کي شڪارپور ۾
ڪيترين ئي انجمنن وارا ساٿي محرم جي ڏهاڙن ۾ پڙهندا آهن. هو پاڻ به پنهنجو بياض
کڻي مجلس کانپوءِ نوحه پڙهندو هو ۽ حضرت امام حسين عه، اهل بيت رسول عه ۽ اصحاب
حسين عه جو غم بيان ڪندو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين سيد شرف حسين شاهه “شرف”
سان ۲۰۰۷ع جي آخري ڏينهن ۾ لکيدر تي سائين نياز مسرور بدوي سان گڏ مليو هئس ۽ هن
کان تفصيلي انٽرويو ڪيو هو. ان وقت سائين ٻڌايو هو ته “ورهاڱي کان اڳ پوسٽ آفيس
شڪارپور ۾ ملازمت ڪندو هوس، مطالعي جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، واندڪائيءَ ۾ مير
انيس ۽ مرزا دبير جو ڪلام پڙهندو هوس، تڏهن مون مٿان هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽
مون به مرثيه، نوحه ۽ شعر لکڻ شروع ڪيا”. سندس شروعاتي ڏهاڙن جو ڪلام به پختو ۽
بلندي خيالي وارو آهي. سندس بياض جا ورق اها شاهدي ٿا ڏين ته ۱۲ جولاءِ ۱۹۴۴ع تي
هي ڪلام سرجيائين:
اشارن ئي اشارن ۾ وڏو واپار ٿيندو
آ،
نگاهن جو نگاهن ۾ عجب اسرار ٿيندو
آ.
سدائين درد فرقت ۾ رهن ٿيون بي
زبان اکڙيون،
پري کان پيار وارن جو ملڻ دشوار
ٿيندو آ.
گهڻي مُدت کان جنهنجي مرڪ تي مستان
آهيان مان،
مون کي هر روز تصور ۾ جنهن جو
ديدار ٿيندو آ.
آهيان مدهوش محفل ۾ ڀري ٿو جام ڏي
ساقي،
جڏهن سهڻي جي اکڙين جو ئي هڪڙو وار
ٿيندو آ.
جلائي جان پروانو ٿئي قربان ٿو
جڏهن،
شمع جي شوخ حرڪتن کان نه هو بيزار
ٿيندو آ.
“شرف” پوءِ ڇو اچي الزام عاشقن تي
وڪامڻ جو،
جڏهن بدنام هر عاشق سر ِ بازار
ٿيندو آ.
سيد شرف
حسين شاهه “شرف” قابل شخص، خوش اخلاق، خوش پوشاڪ، خوش گفتار ۽ مڻيادار شخص هو.
سندس قربداري ۽ پنهنجائپ جي ڇا ڳالهه ڪجي. جڏهن به ملڻ ٿيندو هو ته مرحوم جي چهري تي مسڪرائڻ جا آثار ظاهر ٿي پوندا هئا.
ڪچهريءَ جو مور هو. جڏهن به ڳالهائڻ ويهون ته وقت جو احساس باقي نه رهندو هو. هو
اسان کي پنهنجي زندگيءَ جون حقيقتون ۽ شڪارپور جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. حضرت امام
علي عليه السلام سان بيحد پيار هئس. سيرت علي عه مان واقعا ٻڌائيندو هو ۽ سندن قول
چئي عمل ڪرڻ جو تاڪيد ڪندو هو. هن جو حافظو به تيز هو. شڪارپور ۾ ٿيندڙ اهم واقعن
تي روشني وجهندو هو. گهڻن اهم واقعن جو ته
اکين ڏٺو شاهد به هو. شڪارپور ۾ گرميءَ جي مند ۽ سنڌ واهه ڏانهن ماڻهن جو رخ ڪرڻ!،
ميلن ملاکڙن ۾ وندر جون ڳالهيون!، شڪارپور جي بابلاڻين جي ڪاريگري، ڊکڻن جي فن،
ڪمانگرن جي محنت ۽ ماڻهن جون قرب ڪهاڻيون ٻڌائي حيراني ۾ آڻي ڇڏيندو هو. لکيدر تي
لڳل سيٺ ڪشنچند لُلي جي مجسمي ۽ شهيد الله بخش بابت ٻڌائيندو هو ته روئي پوندو هو.
هن جو روئڻ ته ورهاڱي جي وقت جون ڳالهيون ڪندي به مون ڏٺو. چيو هيائين ته “ڪيئن
پنهنجن پيارن ساٿين ۽ دوستن کي هميشه جي لاءِ اسٽيشن تي الوداع ڪيو هو. هڪ ٻئي کان
جيئري ڏور ٿيڻ جو صدمو برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو”. اسان کيس ٻڌندا هياسين ته گذريل
دور جي ڳالهين مان سبق حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هياسين. مرحوم جي راحت رسائيندڙ
ڪچهري ڪٿان وسري سگهندي.
سيد شرف
حسين شاهه “شرف” ۷ فيبروري ۱۹۲۴ع تي سيد همت علي شاهه جي گهر ۾ ڄائو هو. ورنيڪيولر
اسڪول نمبر ۱ (موجوده : قاضي محلا پرائمري اسڪول) شڪارپور مان اول سنڌي فائنل ۽
پوءِ قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول ۾ مئٽرڪ پڙهي رهيو هو ته پوسٽ آفيس شڪارپور ۾
نوڪري مليس. تن ڏينهن ۾ شادي به ڪيائين ۽ شعر به لکڻ شروع ڪيائين. سندس خاندان ۾
حضرت محمد مصطفيٰ صه ۽ سندن آل پاڪ جي خوشيءَ وارن ڏهاڙن تي جيڪا محفل ٿيندي هئي
سائين اتي قصيده پڙهندو هو. اهلبيت عه جي شهادتن وارين تاريخن تي مجلس کانپوءِ
نوحه پڙهندو هو. حوصلا افزائي ٿيس ته مرثين ۽ قصيدن جو هڪ ڪتابچو “شان پنجتن” ڇپائي
پڌرو ڪيائين. پوسٽ آفيس واري نوڪري کي الوداع ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۴۸ع ۾ جوڊيشنل
ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. جتان ۱۹۸۴ع ۾ سپريڊنٽ جي عهدي تان رٽائرڊ
ڪيائين.
شڪارپور
جي ادبي تنظيمن “بزم گلشن لطيف”، “بزم سچل سر مست”، “مهراڻ ادبي سنگت” ۽ “سنڌ سڳنڌ
ادبي سنگت” جي پروگرامن ۾ باقاعده شرڪت ڪندو هو ۽ شعر پڙهندو هو. سندس ڪلام ۾
سادگي ۽ موسيقي عيان آهي. هن سنڌي، سرائڪي ۽ اردو توڙي ٻين ٻولين ۾ شعر لکي پنهنجي
دل جو احوال اوري عزت ڪمائي.
هي دنيا آخر فاني آ ڪجهه خيال اي
نسان ڪر تون،
ڪنهن سان نيبهه نه جاني آ هي دنيا
آخر فاني آ.
ڪيئي سڪندر دارا آيا هر ڪنهن
پنهنجا وارا وڄايا،
انهن ڪهڙا نه حڪم هلايا وئي رهجي
انهن جي خاني آ.
ـــــــــــــــــــــــ
پنهل وٺي ويا ڪيچ ڏي، هت ڪيئن
اڪيلي رهندس مان،
ڇو نه وڃي جند جان منهنجي ڳولي
ڳولي لهندس مان.
اکڙين کي آرام نه آهي روئي رت وهائن
ٿيون،
خبر مون کي اها ڪين هئي ڪي سور ۽
سختيون سهندس مان.
ڪهڙو ڏوهه ڏيان ڏيرن کي، جن مون
سان هي ظلم ڪيو،
ڀاڳ ڀلو منهنجو اهڙو بڻيو ڇا تقدير
کي چوندس مان.
ڪرڙا ڏونگر ڪيچ جا هُت بر سُجهن ٿا
باري ميان!،
ريت تتي ۽ جهنگل جهاڳي پيرين پيادل
ويندس مان.
“شرف” چوي رب ميلي مون کي، جنهن جي
ياد ستائي ٿي،
قولين ڪُوڙي ڪين ٿيان، وڃي پيش
پرين جي پوندس مان.
سائين نظم
سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن نثر به لکندو هو، سندس نثر به وڻندڙ هوندو هو. مون کي پنهنجو
لکيل هڪ مضمون “گفتگو بحضور سرور ڪائنات صه “ پڙهايو هيائين. ان تحرير ۾ حضرت محمد
مصطفيٰ صه سان پنهنجي من جون ڳالهيون سادن لفظن ۾ وڻندڙ انداز سان پيش ڪيون
هيائين. سائين شرف حسين شاهه “شرف” جي خيالن سان گڏ خوشخطي به وڻندڙ هئي. پاڻ ۱۹۹۹ع
کان ۲۰۰۷ع تائين “شڪارپور اسڪولس مينجمينٽ ڪاميٽيءَ” جو چيئرمين به رهيو.
هيءَ دنيا
فاني آهي، ڪير به هت رهڻو نه آهي، هر انسان پنهنجي حصي جي عزت ڪمائي ۽ زندگي گذاري
ان پار وڃي ٿو جتان اڄ تائين ڪوبه واپس وريو نه آهي. سائين شرف حسين شاهه “شرف” به
پنهنجي زندگيءَ جو عرصو عزت ۽ صحت سان ڪنهن جي محتاجيءَ کان بچندي گذاريو. ۶
آڪٽوبر ۲۰۱۰ع تي وڃي رب وٽ پهتو. مرحوم جي اولاد صاحب حيثيت ۽ صاحب علم آهي. سندس
خاندان وسيع ۽ قدرت طرفان مليل علمي ۽ ادبي ڏات سان وابسته آهي. هرشاعر جي تخليق
به اولاد جيان ئي هوندي آهي. سو سائين جي وڏي فرزند سيد عابد علي شاهه وٽ جيڪو
سائين جو ڪلام محفوظ آهي سو منظر عام تي اچڻ گهرجي. ان ڏس ۾ مرحوم جي خاندان ۽
اسان جي ادبي ادارن کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي ته اهو پورهيو شايع ٿي سگهي ۽
مرحوم جي محنت محفوظ ٿي وڃي.
مون کي
سائين جي سنڌي ڪلام سان گڏوگڏ اردو شاعري به وڻندي آهي، تنهن مان ٻه مثال پيش ڪري
رهيو آهيان:
صبر و رضا ڪي منزل پر گهر بار
لڻانا کهيل نهين،
نوک سنان په چڙهه ڪي يون قرآن
سنانا کهيل نهين.
تم جتنا بجهاتي جاو گي يه روشن
هوتي جائيگي،
جو خون حسين عه سي روشن هي وه شمع
بجهانا کهيل نهين.
ــــــ
خودي نه چهين سکا بي خودي نه چهين
سکا،
ميري مولا عه سي کوئي بندگي نه چهين
سکا.
يزيد مر بهي گيا اور حسين عه زنده
هي،
که زنده دل سي کوئي زندگي نه چهين
سکا.
(ڏھاڙي آجيان
شڪارپور ۾ ۱۷ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا