; سنڌي شخصيتون: سيد شرف حسين شاهه شرف، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label سيد شرف حسين شاهه شرف، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label سيد شرف حسين شاهه شرف، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

23 March, 2022

سيد شرف حسين شاهه شرف

سيد شرف حسين شاهه “شرف”

حسيب ناياب منگي



شڪارپور ۾ لکيدر تي سيدن جي حويليءَ اندر هونءَ ته گهڻيون ئي نامور شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن مان ٻن ماڻڪن کي شهر اندر پنهنجي علمي لياقتن عيوض تمام گهڻي مڃتا ملي. هڪ سيد منير شاهه جيڪو محرم الحرام جي ڏينهن ۾ مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا معليٰ شڪارپور ۾ مجلس پڙهندو هو ۽ ٻيو هو سيد شرف حسين شاهه “شرف” جنهن کي قدرت طرفان اها ڏات عطا ٿيل هئي ته هو شاعري ڪندو هو. سندس لکيل مرثين ۽ نوحن کي شڪارپور ۾ ڪيترين ئي انجمنن وارا ساٿي محرم جي ڏهاڙن ۾ پڙهندا آهن. هو پاڻ به پنهنجو بياض کڻي مجلس کانپوءِ نوحه پڙهندو هو ۽ حضرت امام حسين عه، اهل بيت رسول عه ۽ اصحاب حسين عه جو غم بيان ڪندو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين سيد شرف حسين شاهه “شرف” سان ۲۰۰۷ع جي آخري ڏينهن ۾ لکيدر تي سائين نياز مسرور بدوي سان گڏ مليو هئس ۽ هن کان تفصيلي انٽرويو ڪيو هو. ان وقت سائين ٻڌايو هو ته “ورهاڱي کان اڳ پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ملازمت ڪندو هوس، مطالعي جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، واندڪائيءَ ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير جو ڪلام پڙهندو هوس، تڏهن مون مٿان هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ مون به مرثيه، نوحه ۽ شعر لکڻ شروع ڪيا”. سندس شروعاتي ڏهاڙن جو ڪلام به پختو ۽ بلندي خيالي وارو آهي. سندس بياض جا ورق اها شاهدي ٿا ڏين ته ۱۲ جولاءِ ۱۹۴۴ع تي هي ڪلام سرجيائين: