; سنڌي شخصيتون: مصري فقير

01 March, 2022

مصري فقير

مصري فقير

سُريلي راڳي جي ياد ۾....

ابراهيم لاشاري



چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا هوندي آهي دنيا جي ٻين خطن کان علاوه سر زمين سنڌ ۾ به سرسنگيت جي فن کي اجاگر ڪرڻ وارن فنڪارن جي ڪا ڪمي ناهي رهي، جن راڳ جي فن کي اجاگر ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو هميشه جرڪايو، اهڙن فنڪارن ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ بقاءَ پور جي مشهور مڱڻهار قبيلي سان واسطو رکندڙ فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ مصري فقير نالي نينگر سال ۱۹۲۹ع ڌاري  جنم ورتو يو. سندس پيءُ پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ته داخل ڪرايو پر نصابي تعليم ۾ دلچسپي نه ورتائين، مين پرائمري اسڪول منجهان صرف چار درجا پڙهي اسڪول وڃڻ کان منهن ئي موڙي ڇڏيائين. اسڪول جي پڙهائي دوران به سندس استادن ۽ هم ڪلاسي شاگردن کي موسيقي جا سر الاپي ٻڌائيندو هو اسڪول جي  فنڪشنن ۽ اهم موقعن تي نغما، نعتون ۽ ترانا پوري چاهه سان پنهنجي سريلي من موهيندڙ آواز سان پيو ڳائيندو هو سندس ڳائڻ سان ڏينهنون ڏينهن دلچسپي وئي وڌندي پوءِ آهستي آهستي راڳ ڳائڻ سان وڃي  ناتو جوڙيائين پوءِ باقائدي راڳ سکڻ جي تربيت نوابشاهه جي قاضي احمد شهر جي ان زماني جي بهترين ۽ مشهور راڳي (پياري فقير ميراثي) کان شاگردي وارو ڳانو ٻڌرايائين، جتي مسلسل محنت ۽ رياض سان چار، پنج سال ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسڪي راڳ جي سکيا وٺي پنهنجو نالو فن جي دنيا ۾ نروار ڪرايائين. مصري فقير ڳائڻ کان سواءِ ساز وڄائڻ جو پڻ مهارت رکندو هو سازن منجهان هارمونيم، ڍولڪ، يڪتارو، پڻ بهترين نموني وڄائيندو هو.


مصري فقير ٽيهن سالن جي عمر جو مس ٿيو ته سندس والدين سميت سڄو ڪٽنب سال ۱۹۵۹ع ڌاري پنهنجي اباڻي ڳوٺ منجهان لڏي شهداد پور تعلقي جي سرهاڙي ڳوٺ کي وڏن اچي پنهنجو مسڪن بڻايو ان زماني ۾ راڳ ڳائڻ جي لاءِ عوامي محفلن کان سواءِ بزرگن جي عرسن، ميلن ملاکڙن ۽ اسٽيج ئي ڳائڻ جي مقبوليت جا وڏا ذريعا هوندا هئا، مصري فقير جڏهن عملي طور ڳائڻ شروع ڪيو ته هو ڦوهه جواني ويهن سالن جي عمر جو نوجوان راڳي هو مصري فقير هاڻ مشهوري راڳ کائڻ ۾ مقبوليت ماڻي ورتي، هڪ ڏينهن اوچتو سندس محفل بهاني (فقير امام علي واڍي) جي ڪوشش سان هالا شهر ۾ مشهور سياستدان ۽ سنڌ جي نامياري شاعر سائين مخدوم طالب المولي جن جو مهمان وڃي ٿيو ۱۹۵۱ع ڌاري هن صوفياڻي راڳ جي محفل جنهن کي (ڏهر سماع) ڪوٺيو ويندو هو جيڪا مخدوم طالب المولي جن هفتي جي هر (سومر ڏينهن) ڪوٺائيندا هئا، انهن صوفياڻي محفل ۾ مصري فقير پنهنجي فن جو اهڙو ته مظاهرو ڪيو جو محفل ۾ واهه واهه جو هر طرف کان داد پئي مليو ان سماع واري محفل منجهه مخدوم طالب المولي جن پاڻ پڻ موجود هئا جن پڻ مصري فقير جي سهڻن آلاپن دل کي راحت پئي بخشي ۽ نهايت پسند پڻ ڪيو ان موقعي تي هن فقير مصري کي سائين مخدوم طالب المولي صاحب جن ڀاڪر ڀري سيني لڳايو ۽ (خوش الحان) جي خطاب سان پڻ نوازيو. جيڪا ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ نه هئي اهڙي ريت مصري فقير پڻ مخدوم طالب المولي جي شفقت ۽ شخصيت کان نهايت وڏو متاثر ٿيو بعد ۾ هر سومر تي هالا  وڃي.

صوفياڻي محفل ۾ڳائي محفل کي چوڏهن چنڊ لڳائيندو هو ۽ پوءِ سگهو سائين مخدوم طالب المولي جو مريد بڻيو، اهڙي ريت مصري فقير هر هنڌ مشهوري ماڻي سال ۱۹۵۲ع ڌاري ريڊيو پاڪستان ڪراچي جي ان زماني جي مشهور پروڊيوسر (علي محمد چاڳلا) صاحب مخدوم طالب المولي جي ڪيل سفارش تي ريڊيو جي لهرن وسيلي عام ماڻهن تائين سندس جو آواز پهچايو. تنهن بعد سال ۱۹۵۵ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پنهنجو جنم وٺي، نشريات جو آغاز ڪيو ته مصري فقير به ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان سلهاڙجي، پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو. ان کان علاوه مصري فقير سونهاري سنڌ جي مختلف ريڊيواسٽيشن تان پڻ سندس جو سريلو آواز گجندو رهيو، سال ۱۹۷۳ع ڌاري ٽيليويزن پاڪستان تي به پنهنجي سريلي آوز سان پنهنجي فن جو جادو جاڳايائين، مصري فقير ڳائڻ کانسواءِ بهترين موسيقار پڻ هو هن مخدوم صاحب جي ڪيترن ئي ڪلامن جهڙوڪ ( پنهنجي دردن جي پنهنجي سورن جي، ڪنهن سان ڳالهه ڪيان، ڪنهن کي دانهن ڏيان جي دلڙي چور چورائي ويا، تون دلڙي يار ڌتاري پوءِ يار ڪانه ڪيئي پوئواري، جون ڌنون ٺاهي پاڻ کي معتارف پڻ ڪرايو جڏهن ته انهن ڪلامن کي پاڻ ڳائي عام ماڻهن تائين پهچايو، تنهن کان پوءِ سنڌ جي ناميارن فنڪارن راڳ جي راڻي محترمه سائڻ عابده پروين، رونا ليلي، حسين بخش خادم  پنهنجي آواز جا سهڻا الاپ ڏئي ملڪان ملڪ داد حاصل ڪيو  مصري فقير رڳو راڳ جو راڻو نه هو سندس من اندر لڪيل شاعري واري آواز کي پڻ سال ۱۹۴۶ع کان وٺي لڪايون پيو اچي، پر جڏهن مخدوم طالب المولي سان مٿس محبت واري نظر پئي تنهن بعد رنگجي ريٽو ٿيو، ته شاعري واري آواز جي رهنمائي به سندس وقت به وقت ڪندو رهيو،

 

مصري فقير شاعري ۾ مصري، قربان، ۽ درد تخلص استعمال ڪندو رهيو، بعد ۾ مخدوم طالب المولي جن کيس (مخمور) تخلص عطاءَ ڪيو، جيڪومصري فقير هميشه استعمال ڪندو رهيو، هي مهان راڳي سان گڏ بهترين شاعر سماج سڌارڪ انسان ۽ علم تعليم دوست انسان هو پنهنجي تعليم پوري پني هجڻ باوجود هميشه علم جي واٽ کي روشن ڪرائڻ سندس اندر جي من جي خواش هوندي هئي  هن مهان راڳي کي جس هجي جو  پنهنجي ذاتي ڪوششن سان پنهنجي ڳوٺ سرهاڙي ۾ ٻه اسڪول يعني مين ۽ گرلز اسڪول کولرايائين جتي اڄ به سوين شاگرد شاگردياڻيون علم تعليم جهڙي زيور سان آراستا ٿيندا رهن ٿا، سنڌ جو هي سريلو فنڪار سيپٽمبر مهيني جي چوٿين تاريخ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد کان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري ڳوٺ ريل رستي واپس اچي رهيو هو ته سندس مٿان (فالج) اڌ رنگ جي سٽ پهتي، جنهن جسم جو ست ئي ختم ڪري ڇڏيو هن عظيم فنڪار کي ترت نوابشاهه جي سرڪاري اسپتال ۾ علاج واسطي داخل ڪرايو ويو پر بيماري سندس زندگي جيئڻ واري سگهه ڦري ورتي آخر ڪار مصري فقير جي ساهه جو سڳڙو ٽٽي پيو پاڻ ۸ سيپٽمبر ڇنڇر ڏينهن سال ۱۹۸۴ع تي زندگيءَ جا ۵۵ سال ۸ مهينا ۷ ڏينهن گذاري هي عظيم فنڪار، شاعر، سماج سڌارڪ شفيق انسان سموريون مصروف يار سر ساز بند ڪري سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي راهه رباني ٿي ويو. سندس آخري آرام گاهه سرهاڙي لڳ جوڻن جي ڳوٺ واري مقام ۾ آهي، سندس اڄ ۳۳ ورسي ملهائي ويندي، نموني طور سندس شاعر منجهان شعر پيش ڪجي ٿو، پاڻ مصري فقير چوي ٿو ته :

بيوفا آهي زمانو، پيار ڪنهن سان ڪيئن ڪجي،

توڙي پنهنجو ۽ بيگانو، پيار ڪنهن سان ڪيئن ڪجي.




مصري فقير

سنڌي راڳ جو سدا بهار آواز

ناصر قاضي

ڪراچيءَ کان ڪشمور توڙي ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين پنهنجي پياري سون ورني سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمندي جڏهن ڀلاري ڀٽائيءَ جي ڀونءِ هالا طرف رخ ڪبو ته اتي سروري درگاهه جا معلم ۽ مدرس امن ۽ آشتيءَ واري سبق ڏيڻ ۾ صدين کان مصروفِ عمل ڏسجي رهيا آهن. هن درگاهه تي مخدوم نوح سرور هالائيءَ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين جا درگاهه ڌڻي هر دؤر ۾ امن، آشتي ۽ آجپي جو پيغام ڏيندا رهيا آهن. ساڳئي درگاهه جي معلمن جي ڊگھي صف ۾ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري ڪافي گو شاعر، گھڻ رخي شخصيت ۽ مٺڙي توڙي ٻاجھاري انسان مخدوم سائين محمد زمان طالب المولى جي شفقت ڀريو ڇپر ۽ ڇانورو پڻ نظر اچي ٿو، مخدوم صاحب جي ان ٻاجھه ڀري ڇانوَ ۾ رهي جيڪي به طالب المولى جا طالب رهيا، تن ٻين اخلاقي امرن سميت شاعري توڙي سر سنگيت جا سبق به ضرور پروڙيا آهن. مخدوم محمد زمان طالب المولى جي ان محبتن واري مڪتب اندر، قرب وارن ڪلاسن جي برهه وارين بئنچن تي ويهي جن سلوڪ جي صاحبن سڪ سندا سبق پڙهيا، انهن ۾ نامياري صوفي راڳي ۽ شاعر مصري فقير جو مٺڙو نالو پڻ ملي ٿو.

مصري فقير ۱۹۲۹ع ڌاري سنڌ جي ضلعي نوابشاهه ۾ تعلقي سڪرنڊ جي هڪ ڳوٺ لقاءَ پور ڀرسان ڳوٺ ڪنب ليمان ۾ فقير الله ڏني مڱڻهار جي گھر ۾ اکيون کوليون. مصري فقير ڪل ڪتابي تعليم چار درجا پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، جنهن دؤران پڙهڻ سان گڏ اسڪول جي هم نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺي ترانا، نغما ۽ نعتون پڻ پوري چاهه سان چپن ۾ چورڻ لڳو، چون ٿا ته سندس آواز ننڍپڻ کان ئي بيحد سريلو هوندو هو، جنهنڪري اسڪول جا استاد به سندس آواز کي ساراهيندا هئا. پنهنجي منهن ڪلام آلاپيندي اڳتي هلي سنگيت ۾ سونهين جي اهميت کي به سمجھي ورتائين، جنهن لاءِ نوابشاهه ويجھو قاضي احمد وڃي پنهنجي وقت جي سريلي راڳيءَ پياري فقير ميراثيءَ کي استاديءَ لاءِ عرض ڪيائين، ٻئي طرف کان مهربان استاد مٿس مهرباني ڪندي پنهنجي شاگردن جي صف ۾ آڻي ويهاريو، جتي مسلسل محنت ۽ رياض سان ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ سميت هارمونيم، يڪتاري ۽ ڍولڪ وڄائڻ جو هنر پڻ سکيائين. اڳتي هلي ۱۹۵۹ع ڌاري مصري فقير پنهنجن اباڻن ڪکن کي الوداع چئي، پنهنجي خاندان سميت تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ جي ڳوٺ سرهاڙيءَ ۾ مستقل طور تي سڪونت اختيار ڪئي.

مصري فقير سنگيت جي سکيا واسطي، قرب جا ڪشالا ڪاٽي جڏهن عملي ميدان ۾ قدم رکيو، تڏهن پاڻ ويهن ايڪيهن سالن جو ڳڀرو نوجوان هو، هي اهو دؤر هو، جڏهن تازو ورهاڱو ٿي چڪو هو ۽ نئين ملڪ ۾ ٻين ڪيترين ئي مشڪلاتن سان گڏوگڏ ابلاغ جا ذريعا به محدود حد تائين موجود هئا، اهڙي صورتحال ۾ عوامي محفلن، شادين مرادين توڙي بزرگن جي ساليانن ميلن ملاکڙن جون اسٽيجون ئي هڪ راڳيءَ لاءِ شهرت جو واحد ذريعو هونديون هيون ۽ اهي عوامي ميڙاڪا ئي هوندا هئا، جيڪي هڪ ڏاڪڻ جو ڪردار ادا ڪندي هڪ راڳيءَ کي ابلاغي ادارن تائين رسائيندا هئا. ساڳئيءَ ريت مصري فقير به پنهنجي سنگيت واري سفر جي شروعات عوامي محفلن ۽ ميڙاڪن سان ڪئي.

مصري فقير تمام گھڻي محنت سان محفلن ۾ حاضرين جي فرمائشن توڙي محفلن جي مڙني گھرجن ۽ تقاضائن کي سمجھندو رهيو ۽ هڪ ڏينهن اهو به آيو، جڏهن اٽڪل ۱۹۵۱ع ڌاري هڪ محفل جي سانگي بهاني سان ئي فقير امام علي واڍي جي معرفت هالا شهر ۾ مخدوم طالب المولى جي تڏي تي مصري وڃي مهمان بڻيو. مخدوم سائين طالب المولى وٽ هر سومر تي صوفياڻي راڳ جي محفل منعقد ٿيندي هئي، جنهن کي ’ڏهر سماع‘ سڏيو ويندو هو. محفلن جي هن سلسلي ۾ مصري فقير پهريون ڀيرو ئي شريڪ ٿيو ۽ پنهنجي آواز جو جادو پڻ جاڳايائين، سندس آواز ۽ انداز ٻين حاضرين سان گڏ مخدوم صاحب کي پڻ بيحد پسند آيو، ايتريقدر جو مصري فقير کي ڀاڪر ۾ ڀري ’خوش الحان‘ جو خطاب پڻ ڏنائين. ان ڳالهه جو ثبوت ان مان ملي ٿو ته مصري فقير جي ڀائيٽي، منهنجي محسن دوست ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي نامياري راڳي زاهد گل، سائين طالب المولى جو مصري فقير طرف لکيل هڪ خط مون ڏانهن مهرباني ڪري اماڻيو آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب، مصري فقير سان خط جي شروعات ۾ ’صداقت بخش مصري فقير خوش الحان‘ چئي مخاطب ٿيو آهي. موٽ ۾ مصري فقير به مخدوم سائين طالب المولى جي شخصيت توڙي اخلاق کان بيحد متاثر ٿيو ۽ پوءِ هر سومر تي هالن ۾ اچي ’ڏهر سماع‘ واري محفل ۾ شريڪ ٿيڻ پنهنجو معمول بڻائي ڇڏيائين. اڳتي هلي طريقت جي نقطه نگاهه کان پاڻ سائين طالب المولى جو دست بعيت طالب پڻ ٿيو.

مصري فقير کي مخدوم محمد زمان طالب المولى جي صحبت نصيب ٿيڻ، سندس لاءِ ڪنهن اعزاز کان گھٽ ڪين هو، قائل سرشاريءَ چواڻيءَ ته: ”تو سڱيو مان سون ٿي قطري منجھان قلزم ٿيس“ مطابق مصريءَ به مخدوم جي صحبت ۾ رهي لعل مان لعلڻ ٿي ويو. سندس آواز کي ريڊيائي لهرن ذريعي ملڪن ۾ مشهور ڪرائڻ وارو به مخدوم محمد زمان طالب المولى سائين ئي هو، جنهن کيس ۱۹۵۲ع ۾ ريڊيو ڪراچيءَ ڏانهن اماڻيو، ڇاڪاڻ ته ان وقت پوري سنڌ ۾ هڪ ئي ريڊيو اسٽيشن ڪم ڪندي هئي. ريڊيو تي سندس آواز کي متعارف ڪرائڻ وارو، تڏهوڪو پروڊيوسر علي محمد چاڳلا هو. ان بعد ۱۹۵۵ع ۾ جڏهن ريڊيو حيدرآباد پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو، تڏهن مصري فقير به ريڊيو حيدرآباد جي آوازي سٿ سان سلهاڙجي ويو. اڳتي هلي مصري فقير جي آواز ۾ سنڌ جي ريڊيو اسٽيشنن سان گڏوگڏ ريڊيو راولپنڊيءَ تان به ڪجھه ڪلام ريڪارڊ ٿي نشر ٿيا.

مصري فقير لاءِ چيو وڃي ٿو ته مخدوم صاحب جي ڳچ ڪلام کي موسيقيءَ جو ويس پڻ ڏنو. سندس پاران ترتيب ڏنل ڪلام ۾ ’تو دلڙي يار ڌتاري پوءِ يار ڪانه ڪيئي پوئواري‘، ’سهڻل جا سينگار وهوا دل کي وڻن ٿا‘، ’پنهنجي دردن جي پنهنجي سورن جي ڪنهن سان ڳالهه ڪيان، ڪنهن کي دانهن ڏيان‘، ’جي دلڙي چور چورائي ويا‘ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام برقي ابلاغ جي رستي مقبول ٿيا، جيڪي سنڌ جي مشهور آوازن عابده پروين، رونا ليلى، حسين بخش خادم توڙي ٻين ڳايا ۽ امر کان امر تر ڪري ڇڏيا. مصري فقير، مخدوم صاحب ۽ سنڌ جي ٻين ڪلاسيڪل شاعرن کان علاوه تاجل بيوس، الحاج رحيم بخش قمر، حسين بخش خادم سميت ٻين ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام پڻ پنهنجي آواز سان اچاريو.

مخدوم صاحب راڳ سان گڏوگڏ مصري فقير جي اندر ۾ موجود لڪل صلاحيتن کي به پروڙي ورتو ۽ سندس سرير سان سلهاڙيل شاعريءَ واري وکر کي به نکاري نروار ڪيائين. هڪ روايت موجب مصري فقير شاعري ته ۱۹۴۶ع کان شروع ڪئي هئي ۽ پنهنجي روح کي ريجھائڻ خاطر پنهنجي منهن سان شاعري ڪري دل کي تسڪين بخشيندو هو، پر سندس ان شاعريءَ واري شغف کي عام تائين آڻيندڙ مخدوم سائين طالب المولى ئي هو. نه صرف ايترو، پر مخدوم صاحب پنهنجي ذاتي دلچسپيءَ هيٺ مصري فقير جي ڪلام جي اصلاح پڻ ڪندو هو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس شاعريءَ ۾ پختگي ۽ رواني پڻ اچي وئي. مصري فقير پنهنجي ڪلام ۾ ’مصري‘، ’ قربان علي‘ ۽ ’درد‘ تخلص استعمال ڪيا، پر پوءِ مخدوم صاحب مٿس ’مخمور‘ جو تخلص عطا ڪيو. اڳتي هلي مصري فقير ’بزمِ طالب المولى‘ جو سرگرم ڪارڪن پڻ رهيو ۽ پنهنجي ڳوٺ سرهاڙيءَ ۾ جنوري ۱۹۸۲ع ۾ ساڳئي ادبي تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جڏهن ته ’سروري جماعت‘ سان عقيدت جو ناتو هجڻ سبب پنهنجي ڳوٺ ۾ ’سروري جماعت‘ جي شاخ جو بنياد پڻ رکيائين.

مصري فقير جي شخصيت ۾ موجود ٻين مڙني خوبين سان گڏ هڪ خوبي اها به هئي ته پاڻ اعلى اخلاق جو مالڪ ۽ سماج سڌارڪ به هو، جيتوڻيڪ سندس نصابي تعليم ۴ درجا هئي، پر سندس اندر علم جي اهميت سان سرشار هو، ايتري قدر جو پاڻ پنهنجي وت وس آهر ڪوششون ڪري، پنهنجي ڳوٺ سرهاڙيءَ ۾ ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين لاءَ الڳ الڳ اسڪول کولرايائين، جن مان هن وقت بوائز اسڪول سندس ئي نالي تي ڪم ڪري رهيو آهي. وٽس ڪوبه شاگرد راڳ جي سکيا وٺڻ ايندو هو ته کيس سڀ کان اول تعليم جي اهميت لاءِ تاڪيد ڪندو هو.

مصري فقير، فقيريءَ جي ويس ۾ هڪ مڪمل ادارو پڻ هو، جنهن پنهنجي ذهني شعور توڙي اتم اخلاق سان سان پنهنجي ڪٽنب جي ٻين ڀاتين کي پڻ سرشار ڪيو. سندس ٽي ڀائر، فرزند توڙي ڀائيٽيا شاعريءَ جهڙي اعلى شوق سان شاهوڪار آهن. سندس شخصيت، فن ۽ ڪلام تي مشتمل ڪتاب ’پڳهه ڇوڙي پنڌ پيا‘ سندس ڀاءُ محمد رمضان ’مسڪين‘ سروريءَ سهيڙيو، جيڪو ڇپجي منظرِ عام تي پڻ اچي چڪو آهي. جڏهن ته سندس ڀائٽيو زاهد گل سنڌ ڌرتيءَ جو سريلو ۽ سيبتو ڪلاڪار آهي.

سنڌ ڌرتيءَ جي هي دلبند درويش صفت انسان، ڪلاڪار ۽ شاعر چوٿين سيپٽمبر ۱۹۸۴ع تي پنهنجي زندگيءَ جو آخري ريڊيو پروگرام ڪري جڏهن حيدرآباد کان پنهنجي ڳوٺ سرهاڙيءَ طرف واپس وري رهيو هو ته رستي ۾ مٿس اڌ رنگي جو حملو ٿي پيو، کيس نوابشاهه اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي اٺين سيپٽمبر ۱۹۸۴ع تي الوداع جو آلاپ ڳائي، ڌرتيءَ کان ڌار ٿيو.

 

(سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تان کنيل)


No comments:

راءِ ڏيندا