; سنڌي شخصيتون: صوفي صادق فقير

01 March, 2022

صوفي صادق فقير

صوفي صادق فقير

سندس پيغام ۽ انتها پسندي جو خاتمو

عبدالرؤف سومرو



هن وقت جڏهن مذهبي انتها پسندي دنيا جي مٿي جو سور بنجي رهي آهي ته اتي اسان جو ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ آهستي آهستي اهڙي ئي قسم جا واقعا رونما ٿي رهيا آهن ڪڏهن قلندر جي نگري کي نشانو ٿو بنايو وڃي ته ڪٿي دائش جهڙي دهشتگرد تنظيم جا پيرا ٿا پسجن ته ان وقت انهي انتها پسندي ۽ ڪٽرپڻي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ تصوف جي تبليغ ئي مؤثر علاج ثابت ٿي سگهي ٿي ان ڪري سنڌ ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته اها اوليائن ۽ درويشن جو آماجگاهه ۽ آستانو پئي رهي آهي جتي انهن عظيم صوفياءِ ڪرام “وحدت الوجود” ۽ “وحدت الشهود” جي واٽ ذريعي ڪيئي ڪٽيل دلين کي ذڪر ۽ فڪر جي روحاني رمزن سان رچائي ريٽو پئي ڪيو آهي. ان ڳالهه جي شاهدي شاعر مشرق علامه محمد اقبال پڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ ڏيئي ڄڻ ته صوفيت جي سموري فلسفي کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿس.


اهڙي هڪ تقدير ته ان وقت صوفي محمد صديق سومرو عرف صوفي صادق فقير جي به بدلجي وئي، جڏهن هو ڦورن جي ٽولي مان ڦاٽ کائي وڃي صوفياڻي محفل جو مهمان بڻيو. ٿيو ائين جو صوفي صادق  فقير جو هڪ ڀيري جهوڪ شريف (ميرانپور) ويجهو گذر ٿيو ان ويل صوفي شاهه عنايت شهيدؒ جي گادي تي حضرت فضل الله شاھؒ عرف قلندر شاهه گادي نشين هئا، پاڻ مريدن کي اهو فرمائي رهيا هئا ته اڄ درياءِ پلٽيو ٻيڙي ۾ ٿو پوي” اهي الفاظ صوفي صديق فقير جي ڪنين پيا ته اچي وٽس ملڻ جو اشتياق جاڳيو ته وڃي ڏسان ته درياءِ ٻيڙي ۾ ڪيئن ٿو اچي پوي.؟ صوفي صادق فقير جي ويجهو وڇڻ تي صوفي فضل الله شاهه فرمايو ته؛ “ٿانو ڏاڍو سٺو آهي پر اڃان هٿ ڪو نه لڳو اٿس” اهڙي طرح نوراني نگاهن ۽ روحاني جلون کيس مرشد جو اهڙو ته مطيع بڻائي ڇڏيو جو پاڻ پورا ٽيهه سال مرشد جي مانڊاڻ ۾ روحاني رياضتن ذريعي رچي ريٽو ٿيندا رهيا. نتيجي ۾ شعر و شاعري ذريعي اندر جو اظهار ڪرڻ لڳا. هڪ ڏينهن ڪنهن مرشد شاهه قلندر کان پڇيو ته سائين اوهان جو ڪو ڪلام ڇپيو آهي جواب ۾ فرمايائون ته “زندهه رسالو” صادق اوهان جي اڳيان آهي، انهي کي ئي منهنجو ڪلام سمجهيو وڃي. صوفي صادق رح جن جو ڪلام بيتين ۽ اوائين تي مبني آهي. سندن رسالي ۾ ۳۸ سر آهن ۽ بيتن جي بيهڪ ۽ منجهن بيان هوبهو سنڌ جي عظيم شاعر شاهه ڀٽائيؒ سان مشابهت رکي ٿو. سنڌ جي عظيم قلمڪار مولانا گرامي سماهي مهراڻ ۶۲/۱۹۶۱ صفعي ۲۴۳ تي صوفي صادق فقير بابت لکي ٿو، صوفي صادق فقير طريقت جي سلسلي موجب سنڌ جي مشهور بزرگن جهوڪ وارن صاحبن جو مريد صادق آهي تصوف ۾ وحدة  الوجود جي نظريي جو شارح سندس پيغام ۾ وحدت ۽ انسانيت محبت ۽ ميٺاج ۽ اخوت انصاف جو وسيع  نصب العين موجود آهي. هڪ صوفي ۽ لاڪوفي هئڻ جي حيثيت سان صوفي صادق فقير جو ڪلام سنڌ جي صوفي شاعرن ۾ پڻ ممتاز مقام رکي ٿو اهڙي ريت سوز ۽ گذار، نازو نياز، جمال و جلال جي جدائي ڪيفيتن جي پالوٽ صوفي صاحب جي فن ۽ ڪال کي شمس جيان آب تاب ڪري ڇڏيو آهي. فقير صاحب جو ڪلاسيڪي فن تعريف جي لائق ۽ شاهاڪار ان ڪري چئي سگهجي ٿو جو سندن بيتن ۽ واين ۾ هڪ منفرد سرور جو مادو سمايل آهي، صوفي صاحب جي ڪلام جا ٻه نسخه “درد نامه” ۽ “ارشاد نامو” به مشهور آهن پاڻ ڪنهن وڏي ڊنگ کي به منهن تي ٻڌائيندا هئا ۽ زبان مان نڪتل لفظ جهڙوڪ تير ڪمان مان نڪتو. هڪ دفعي ميرن جي آخري ايام ڪاري ۾ حيدرآباد  جي ميرن مسڪين مڱڻهار کان نوجوان زال کسي ورتي ان وڃي صوفي صادق کي دانهن ڏني ۽ صوفي صاحب ميرن کي چيو ته ناحق نه ڪريو پر ميرن موٽ ۾ چيو ته ميرن جي ڪوٽ ۾ جيڪا  داخل ٿي سان مئي نڪرندي ان تي صوفي صاحب کي صدمو رسيو ۽ وجد ۾ اچي ويو چئي ڏنائين ته:

ڀورا اچي ڀيل ساري سنڌ صديق چئي،

ٻڌي نه ٻڌي جهڙي ٻاروچاڻي ٻيلهه،

درياهه مٿان ريل ٽوپڻ اچي ٽپاءُ تون.

چون ٿا ته ميرن کان گورن گورنمينٽ  کسي ورتي ۽ سر چارلس نيپيئر ۽ سندن ساٿي ميرن جي ملڪ تي حڪمراني ڪرڻ لڳا ۽ پوءَ ميرن  گهڻيون ئي منٿو ڪيون ۽ صوفي صاحب کي ريجهائڻ لاءِ پر تير ڪمان  مان نڪري چڪو هو آخر ايترو سو صوفي چيو ته ڀورا ڀڄي ويندا ۽ سنڌ تي سدائين حڪمراني ٿوري ئي رهندي.

ڀورا اٿي ڀڄ اٿئي شينهن ملڪ ۾،

مٿان ڪري وڄ ساڙيندئي صديق چئي.

تاريخ گواهه آهي ته انگريز الهه توهار ٿيو ۽ وري نه وريو، اها سوين سالن جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي فقير صاحب پنهنجي  رسالي ۾ جتي دنيا جي مظلوم ماڻهن لاءِ همدردي توڙي روحاني گس فراهم ڪيا اتي پنهنجو پاڻ کي ميران پور جهوڪ جو مڱڻو تصور ڪيو آهي.

هل ميران پور مڱڻا، جت ڏاتر ڏي ٿو ڏات،

ڪانه پڇي ٿو ذات، جي آياسي اگهيا.

صوفي صادق جو راڳ نامو سنڌي ۾ جيڪو مرحوم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مرتب ڪري ڇپرايو هو اهو سنڌي ادبي بورڊ وارن کي ٻيهر ڇپرائڻ گهرجي. درد نامه،  راز نامه ۽ ٻيا فارسي جا نسخا جيڪي اڃان تائين اڻلڀ آهن. ڳولا ڪري خانه فرهنگ ايران جي تعاون سان اصل فارسي سميت سنڌي ۾ ڇپايان وڃن، ته جئين سندن اصل پيغام مان حقيقي حظ حاصل ڪري سگهجي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀني کي سندس فڪر، فهم ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن وقت صوفي فقير ضلع عمرڪوٽ ۾ سندس ۱۷۳ هون عرس مبارڪ جون تقريبون ۰۹ اپريل کان ۱۱ اپريل تائين منعقد ٿي رهيون آهن ته ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ اسرندڙ انتهاپسنديءَ کي صوفيت جي حقيقت پيغام سان هميشه لاءِ پاڙان پٽي ڇڏيون ڇو ته سنڌ جي صوفين جو سبق صرف ۽ صرف انسانيت تي مبني رهيو آهي.


 

 

صوفي صادق فقير

پوئٽري پيج تان

(تصوف جي نظرياتي ۽ علمي ارتقا جي تاريخ ۾ حضرت شاهه شهيد عليہ الرحمة جو نظريهء تصوف هڪ انفرادي حيثيت رکي ٿو. صوفياي ڪرام جي معتقدمين ۽ متاخرين بزرگن ۾ ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهود“ ٻه اهڙا مڪتب فڪر آهن، جن تي اهل تصوف عمل ۽ اخلاق جو بنياد رکيو آهي. تزڪيه ۽ نفس ۽ تقويٰ شعاري تصوف جو روح آهي. ان طرح، ترڪ دنيا ۽ زهد، خلوت گزيني ۽ قطع تعلقات، دنيا جي معاملات کان تبتل ۽ تنفر به اهل تصوف جو شعار رهندو آيو آهي. باوجود ان جي، انهن ”صوفي“ لقب سان پاڻ نه سڏايو آهي، جيئن جهوڪ وارن کي ’صوفي‘ سڏجي ٿو.

تصوف جي تاريخي ارتقا ۾ ”صوفي“ لفظ جي تحقيق ۽ اشتقاق جي لفظي موشگافين کي نظرانداز ڪري ڏسبو، ته ”صوفي“ لفظ، مشرب ۽ مسلڪ جي لحاظ سان، توڙي روح ۽ معنيٰ جي لحاظ سان، توڙي نظريي ۽ عمل جي لحاظ سان، فقط جهوڪ شريف جي بزرگن استعمال ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، جهوڪ وارن صاحبن جي ڪمالات ۽ مقامات عاليه جو ايترو ته پابند مقام آهي جو لفظ ”صوفي“ چوڻ سان، توجهه ۽ خيال جهوڪ وارن بزرگن ڏانهن وڃي ٿو. لطيف به سندن ان خصوصيت کان متاثر ٿي چيو آهي.

صوفيءَ صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو.

اتي لطيف جو اشارو جهوڪ جي صاحبن، شاهه عنايت شهيد ۽ سائين سلام الله شاهه ڏانهن آهي، جنهن سان سندس روح رهاڻ ٿي آهي.

تصوف جي تاريخ ۾ جهوڪ جي صاحبن جو باب هڪ زرين ۽ منفرد باب آهي، جنهن ڏانهن اسان جي عالمن ۽ اديبن جو گهٽ توجهه ويو آهي.

ضرورت اها آهي ته ان متعلق تحقيق ڪئي وڃي ته ”صوفيءَ“ جي وجهه تسميه جهوڪ وارن لاءِ ڪهڙي آهي؟ ’صوفي‘ چوائڻ کان پوءِ، جهوڪ جي مڪتب فڪر وارن وٽ تصوف جي آداب ۽ اشغال ۾ ڪهڙو انقلاب آيو آهي، سندن مريدن ۽ معتقدن ۾ ان تصوف ڪهڙي قسم جي نظرياتي وسعت ۽ عملي انفراديت پيدا ڪئي آهي، جا ٻين خانوادن کان هن مشرب ۽ مسلڪ کي امتياز بخشي ٿي؟ ان طرح ايران ۽ عرب هند ۽ سنڌ ۾ فقط هي هڪ ئي صوفيانه مشرب آهي، جنهن سان وابسته رهڻ وارن کي ”صوفي“ سڏيو وڃي ٿو، حالانڪ ٻيا سڀ سلسلا ۽ سندن پيران طريقت، متوسلين ۽ معتقدين به حقيقي طرح سان اهل تصوف ئي آهن، جي پنهنجي مسلڪ جي لحاظ سان قادري، سهروردي، چشتي ۽ نقشبندي سڏجن ٿا. ان طرح معتقدين ٻيا به گهڻا ئي آهن، جهڙوڪ جنيديه، شطاريه، جلاليه، وغيره افسوس اهو آهي ته هند ۽ سنڌ جي ڪنهن به محقق ۽ مورخ جهوڪ وارن بزرگن جي ان خصوصي نسبت ۽ مقام تصوف ڏانهن توجهه نه ڪيو آهي. خدا ڪري ته ان سلسلي ۾ ڪو ان مسلڪ سان وابسته بزرگ ان موضوع تي روشني وجهي ۽ ٻڌائي ته هن مشرب وارن کي ”صوفي“ ڇو ٿو سڏيو وڃي.

صادق فقير اصل ۾ ان ”صوفي“ لقب ۽ نسبت جو ترجمان آهي. سندس ڪلام حضرت شهيد عليہ الرحمة ۽ سندس اعمال ۽ نظريات جي شرح آهي، جو ”صوفي“ هو ۽ اسم با مسميٰ هو صادق فقير جو هڪ ئي بيت لک لهي:

جيڪي آهي اڄ، سڀان ناهه ”صديق“ چئي،

واڄي وانگر وڄ، مٿي کي مرلي ڪري.

ان موجب، صوفي ”ابن الوقت“ نه، پر ”ابوالوقت“ آهي. ان جي تشريح ڪنهن ٻئي وقت تي ڪنداسون. راڄ محمد پليءَ جي هن مختصر سوانح کان پوءِ، صادق فقير جي ڪلام جي اشاعت جو انتظار آهي، ۽ ان کان پوءِ شرح جو ڏسجي ته اهو ڪم ڪهڙي با حوصله انسان جي هٿان ٿو تڪميل تي پهچي. (غ. م گرامي).

عرض حال

سنڌي ادب ۽ شعر جي خدمت اسان جي صوفي بزرگن جنهن نموني ڪئي آهي، تنهن جو مثال عالمي ادب جي تاريخ به مشڪل سان پيش ڪري سگهندي. سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ٺاهڻ ۾ جن بزرگ صوفي شاعرن جو هٿ آهي، تن ۾ صوفي فقير محمد صديق سومري جو نالو بلڪل نمايان آهي. فقير صاحب پنهنجي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، ۽ سندن رهاڻ ۽ صحبت ۾ تمام گهڻا شاعر پيدا ٿيا آهن. سندن تخلص ”صادق“ هو، جيڪو سندن اصل نالي تي به ايترو غالب اچي ويو آهي جو عام طرح پاڻ ”صادق فقير“ ئي مشهور آهن.

فقير صاحب جن پنهنجي بزرگانه ڪلام جو بيمثال ذخيرو ڇڏيو آهي، جيڪو سنڌي ادب جو عظيم الشان سرمايو آهي. سندن شعر سمورو ئي معارف ۽ حقائق جو ڀاري ڀنڊار آهي. فقير صاحب جي پوري ڪلام کي گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾، افسوس ته اڄ تائين ڪنهن به صاحب ڪو خاص توجهه نه ڏنو آهي. ان سلسلي ۾ فقير صاحب جا لائق پونير خاص طرح سان حرفي آهن، جن صاحبن فقير جي ڪلام جي اشاعت ته ڇا، رڳو ان کي سنڀالي رکڻ ۾ به ڪوتاهي ڪئي آهي. فقير صاحبن کي اڃا به ان طرف ڪو عملي قدم کڻڻ گهرجي.

۱۴ مئي ۱۹۶۱ع تي، هن تڪ ۾ هڪ ادبي اشاعتي اداري، ”نواي ادب“، جو قيام عمل ۾ آيو. هن اداري جي پهرينءَ نشست ۾ فيصلو ڪيو ويو ته صوفي صديق فقير جو ڪلام گڏ ڪري شايع ڪرايو وڃي، ۽ سندن حياتيءَ جو احوال به هٿ ڪري ڪلام سان گڏ شايع ڪجي. چنانچه فقير صاحب جي حياتيءَ ۽ ڪلام کي سهيڙڻ جو ڪم راقم الحروف جي حوالي ڪيو ويو. معمور يوسفاڻي صاحب ان کان اڳ ۾ پنهنجي ڪتاب ”تذڪره شعراي عمر ڪوٽ“ جي تڪميل ڪري چڪو هو. وٽس فقير صاحب جي حياتيءَ متعلق روايتون ۽ ڪجهه ڪلام گڏ ٿيو رکيو هو، جيڪو منهنجي اڳيان آڻي موجود ڪيائين. هيستائين اٽڪل ٻه سوء کن بيت مختلف سرن جا، ۽ ڏيڍ سوء کن وايون سنڌي ۽ سرائڪي زبان جون گڏ ٿي چڪيون آهن. فقير صاحب جي ڪلام جا ٻه نسخا ٻڌجن ٿا. هڪ فقير صاحب جي مرشدن وٽ، جهوڪ شريف ۾، ۽ ٻيو سنجهوري طرف، لغاري بلوچن ۾ آهي. اهي ٻڌجن ته پيا ته اُتي آهن، پر انهن جو ملڻ گهڻو مشڪل آهي. سنجهوري وارن لغارين کي جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بلوچ جي چوڻ تي خط لکيا ويا آهن، پر اڃا تائين ڪو جواب ڪونه مليو آهي. جيستائين فقير صاحب جي ڪلام جو ڪو مڪمل نسخو هٿ اچي، تيستائين فقير صاحب جي ڪلام جي اشاعت جو ڪم ’اداره نواي ادب‘ وارن مهمل رکيو آهي.

فقير صاحب جي حياتيءَ بابت جيڪي روايتون معلوم ٿي سگهيون آهن، تن کي ترتيب ڏيئي رهيو هوس، ته ۴ مئي ۱۹۶۵ع تي، محترم مولانا گرامي صاحب ۽ محترم شيخ علي محمد صاحب (ايڊيٽر روزانه ”عبرت“) جن غريبخاني تي، ڳوٺ خانصاحب عطا محمد پلي (مرحوم) ۾، مهرباني فرمائي تشريف فرما ٿيا. مولانا گرامي صاحب، حسب دستور فرمايو ته ”ابا، صديق فقير وارو ڪم ڪهڙن مرحلن ۾ آهي؟“ مون جواب ۾ مقالو سندن ملاحظي لاءِ حاضر ڪيو، جنهن کي پاڻ پسند ڪندي، ”مهراڻ“ جي حق ۾ ضبط ڪيائون، ۽ چيائون ته في الحال جهڙيءَ حالت ۾ مقالو آهي، ”مهراڻ“ ۾ ڏيون ٿا، ۽ آئندي جيان به تحقيق ٿيندي رهندي، اها به ”مهراڻ“ ۾ ڏينداسين. مولانا موصوف هميشہ کان منهنجي ان سلسلي ۾ همت افزائي ڪندا آيا آهن، تنهن لاءِ آءٌ سندن بيحد شڪرگذار آهيان.

هن مقالي لاءِ مختصر گذارش هيءَ آهي فقير صاحب جي حياتيءَ جي احوال بابت ڪوبه ڪتاب سندس خاندان ۾ موجود نه آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ فقير صاحب جي حياتيءَ جو مڪمل احوال لکي سگهجي، تنهنڪري فقير صاحب جي احوال جا في الحال هيٺيان سرچشما آهن، جن جي ذريعي هيءُ مقالو تيار ڪيو ويو آهي.

(۱) عام سگهڙ ۽ وڏيءَ ڄمار وارا فقير (جن جي نالن جي لسٽ بعد ۾ ڏني ويندي)

(۲) تذڪره شعراي عمر ڪوٽ (غير مطبوع)

(۳) نوٽبڪ بعنوان ”گلدسته“، از فقير ڏاتار بخش سومرو جنهن تان ڪجهه بيتن ۽ هڪ ٻن عام روايتن جي تصديق ٿي.

(۴) نوٽبڪ، ”تلقين العاشقين“، مملوڪه فقير قسم علي ڪورائي صوفي القادري، از فقير روشن الدين ”روشن“ صوفي جنهن مان فقير صديق جي پشنگوئيءَ جا چند بيت ۽ ان واقعي جو احوال فقير روشن جو لکايل هٿ آيو، جيڪو بلڪل عام روايتن وانگر هو.

(۵) ڇپيل ڪتابن مان ڪوبه خاص قابل ذڪر ذخيرو نه ملي سگهيو آهي.

(۶) صديق فقير جو جن سنڌي ڪتابن ۾ ذڪر آهي، انهن ۾ گهڻو ڪري محترم مصنفن، فقير صاحب متعلق ڪا وڌيڪ معلومات نه هئڻ ڪري، ساڳيون ساڳيون مشهور روايتون ورجايون آهن. هيٺيان ڪتاب خاص طرح ”صادقيات“ ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا، جن ۾ ٿورو يا گهڻو فقير صاحب جو ڪلام يا سندن حياتيءَ جي ڪنهن واقعي ڏانهن اشارو موجود آهي.

۱. سنڌي ادب جي تاريخ، جلد اول (خانبهادر محمد صديق ميمڻ مرحوم)

۲. تذڪره لطفي، جلد ٻيو (لطف الله بدوي صاحب)

۳. ڪيڏارو (مخدوم محمد صالح ڀٽي مرحوم)

۴. جنت السنڌ بلڪل مختصر احوال (مولائي شيدائي صاحب)

۵. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ احوال چند سٽون (آنجهاني ڀيرومل مهرچند آڏواڻي)

۶. سنڌي ادب مختصر احوال (سيد حسام الدين راشدي صاحب)

۷. وڻجارن وايون (عبدالڪريم پلي صاحب)

۸. روزانه ”مهراڻ“، سالگرهه نمبر ۱۹۶۲ع

۹. ماهوار ”نئين زندگي“، ڪراچي، شاهه شهيد نمبر، ۱۹۵۵ع

۱۰. انيس المساڪين عرف راحت السالڪين (قاضي غلام مهدي مرحوم، ۱۹۳۰ع)

سنڌ ۾ صوفي تحريڪ تي هن مفصل ڪتاب، ”انيس المساڪين“، جو تعارف جناب سيد حسام الدين راشدي صاحب ماهوار ”نئين زندگي“، ڪراچي (آگسٽ ۱۹۶۲ع)، ۾ ڪرايو آهي، جنهن جي پڙهڻ مان معلوم ٿيو ته مذڪور ڪتاب جي باب ٽئين ۽ ڇهين ۾ صديق فقير جو احوال آيل آهي. احوال ڪيتريقدر درست آهي، سا ڪابه خبر راشدي صاحب جي مقالي مان پئجي نه سگهي. ان کان سواءِ، صوفين جي تجل شريف واريءَ تاريخ (غير مطبوع) ۾ به صديق فقير جو احوال خصوصيت سان آيل آهي (ڏسو ”ديوان بيدل“، مقدمو، ميان عبدالحسين موسوي صاحب، ص ۱۹) مٿي ذڪر ڪيل سنڌي اديب ۽ عالم خاص شڪريي جا مستحق آهن، جن پنهنجي تذڪرن ۾ فقير صديق رحه جو ڪجهه نه ڪجهه ذڪر آندو آهي. ٻيو ته مٿي ذڪر ڪيل ڇپيل سنڌي ڪتابن جي جملي صفحن کي جيڪڏهن گڏي جوڙ ڪبو، ته انهن جو تعداد ۲۵، ۳۰ صفحن کان ڪڏهن به وڌيڪ ڪونه ٿي سگهندو. جڏهن ته مٿيان مصنف پري جا آهن، تنهنڪري يقيناً مقامي معلومات حاصل ڪري نه سگهيا هوندا، ان حالت ۾ مٿن ڪو حرف رکي نٿو سگهجي، ورنه انهن ڪن روايتن کي لکندي غلطيون ڪيون آهن. مثلاً، هڪ ٻن جاين تي فقير جي ولادت جو ڳوٺ، صوفي فقير، تعلقي عمر ڪوٽ ۾ لکيو ويو آهي، جو صريحاً فقير صاحب جي خانداني روايتن جي خلاف ۽ غلط آهي. اهڙيءَ طرح انهن مڙني غلط روايتن جي بحث لاءِ هڪ جدا مضمون جي ضرورت آهي، جيڪو حياتي آهي تنهن کان پوءِ پيش ڪندس.

هن مقالي جي تيار ڪرڻ ۾ جن دوستن مدد ڪئي آهي، انهن جو تعداد تمام گهڻو آهي، تنهنڪري سندن گڏيل شڪريو ادا ڪجي ٿو، ۽ ان سلسلي ۾ هيٺين صاحبن جو نمايان شڪريو ضروري سمجهان ٿو: (۱) برادرم عبدالڪريم پلي صاحب، جيڪو ان ڪم جو محرڪ به آهي ۽ منهنجو ادبي معاون به، جنهن جي مشورن ۽ ڪوششن سان هي ڪم هن مرحلي تي پهتو. (۲) معمور يوسفاڻي صاحب، جنهن فقير صديق تي پنهنجو غير مطبوع ڪتاب پڙهڻ ۽ استفادي ڪرڻ لاءِ ڏنو ۽ ڪلام گڏ ڪرڻ ۾ خاص ڪوشش ورتي. (۳) محترم عزيزالدين ۽ جناب شيخ محمود صاحب، جن مضمون کي صاف ڪرڻ ۽ نقل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.

آخر ۾ سنڌي ادب جي خيرخواهه عالمن ۽ اديبن جي خذمت ۾ گذارش آهي ته فقير صاحب جي حياتيءَ تي هي ابتدائي ڪم آهي ۽ اڃا گهڻيءَ تحقيق جي ضرورت آهي. اسان کي فقير صاحب جي حياتيءَ متعلق جيڪي روايتون هٿ آيون آهن، سي ”مهراڻ“ ۾ موجود ڪري ڏنيون اٿئون. ان کان پوءِ سندن ڪلام به پيش ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ آئينده جيڪي به روايتون هٿ اينديون، اهي ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪيو وينديون. ان سلسلي ۾ آئينده جيڪي به روايتون هٿ اينديون، اهي ”مهراڻ“ ۾ پيش ڪندو رهندس. منهنجو عرض هي آهي ته سنڌي عالمن کي گهرجي ته فقير صاحب تي ڪجهه نه ڪجهه لکن، ۽ پنهنجي علمي ۽ ادبي فرض کان سبڪدوش ٿين.

آخر ۾ عرض آهي ته اديب دوست ۽ خاص طرح سان صوفي فقير صاحب، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح سان صديق فقير ۾ دلچسپي رکن ٿا، سي پنهنجن نيڪ مشورن کان نه وسارين.

خاندان جو پس منظر

صوفي صادق فقير جو قومي تعلق سنڌ جي مشهور سورهيه ۽ بهادر، غيور ۽ غيرتمندن، سومرا قوم سان آهي. سومرا قوم جو اصل ۽ نسل ڪٿان ۽ ڪيئن هليو؟ هيءَ قوم اصل ۽ نسل جي لحاظ سان هندي نسل آهي يا عربي نسل، ان متعلق سنڌ جي تاريخدانن خواهه غير سنڌي مورخن ۾ اختلاف آهي. ۽ سندن شمار پرمار راجپوتن جي شاخن جي بيان ۾ ’سام‘ جي رعايت سان چندربنسي آهن، ۽ سندن شمار پرمار راجپوتن جي شاخن جي بيان ۾ ’امراء‘ يا ’سومرا‘ جي نالي سان ڪيو وڃي ٿو، جي بعد ۾ مسلمان ٿيا. ڪن مورخن ۽ تاريخ نويسن جي راءِ ۾ سومرا اصل ۾ عربي نسل آهن، ۽ هڪ روايت موجب هن قوم جو ڏاڏو، محمد بن قاسم القريشي، يوسف بن حجاج جي ڏينهن ۾، پهرين صدي هجريءَ ۾، سنڌ جي فتح وقت، اسلامي فوج سان گڏ سنڌ ۾ آيو، ۽ هتي رهيو. جن تاريخدانن جي خيال ۾ سومرا هندو راجپوت هئا، انهن ۾ ٽاڊ صاحب (مصنف ”راجستان“)، ميجر جنرل هيگ (انڊين ڊيلٽا ڪنٽري، ص ۷۳)، ڀيرومل مهر چند آڏواڻي (سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص ۲۲۷)، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ (قديم سنڌ، ص ۴۱)، ائبٽ صاحب (سنڌ ۽ ان جا ماڻهو، ص ۸۹)، مولانا سليمان ندوي (عرب و هند کي تعلقات) عبدالغني عبدالله (تاريخ سنڌ، جلد ٽيون. ص ۱۳۳-۳۵)، وغيره، خاص قابل ذڪر مورخ آهن، جن سومرن کي هندو ۽ راجپوت لکيو آهي(۱) انهيءَ کان علاوه بمبئي پريزيڊنسي گزيٽئر (جلد ص ۹۹، سال ۱۸۱۰)، سنڌ گزيٽئر (ص ۱۷۹)، گجرات جي تاريخ ”راس مالا“، انتخاب تاريخ طاهري (ص ۱۴، ۲۳)، ۽ هسٽري آف انڊيا (جلد ۱، ص ۴۸۴) تاريخن ۾ به سومرن کي راجپوت هندو ڪري ڄاڻايو ويو آهي.

سومرن جي عربي نسل هئڻ متعلق شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب، ”تاريخ معصومي“ جي توضيحات و تعليقات ۾، سومرن جي نسل متعلق، مشهور سياح ابن بطوطه جي حوالي سان، هڪ روايت هيئن لکي آهي:

”سنڌونديءَ کان ٻه ڏينهن پنڌ ڪري، جنابي شهر ۾ پهتاسون. (هي) سنڌونديءَ جي ڪناري تي وڏو سهڻو شهر آهي. منجهس وڻندڙ بازاريون آهن. سندس رهاڪو هڪ جماعت آهي، جنهن کي ’سامره‘ سڏجي ٿو. هنن هن شهر کي آڳاٽي سمي کا وطن بنايو آهي. سندن وڏا انهيءَ شهر ۾ انهيءَ زماني کان رهن ٿا، جڏهن حجاج بن يوسف جي زماني ۾ فتح ٿيو هو. جيئن سنڌ جي فتح (جي بيان) ۾ تاريخ نويسن لکيو آهي، مون کي (ابن بطوطه کي) شيخ، امام، عالم، ڪامل، زاهد، ماجد، رڪن الدين بن شيخ فقير صالح شمس الدين(۱) ولد شيخ، امام، عابد، زاهد، بهاءُ الدين ذڪريا قريشيءَ ٻڌايو ته سندس وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم القريشي سنڌ جي فتح وقت انهيءَ لشڪر ۾ موجود هو، جيڪو انهيءَ ڪم لاءِ حجاج بن يوسف پنهنجي عراق جي حڪومت واري زماني ۾ موڪليو هو، ۽ هو اتي (سنڌ ۾) ٽڪي پيو، ۽ کيس گهڻو اولاد ٿيو.‘

”هن فقري مان نتيجو وٺي سگهجي ٿو ته هيءَ سامره قوم (سومره) سنڌ جي سرزمين ۾ پهرين صدي هجريءَ جي پڇاڙيءَ کان رهندڙ آهي. رفتي رفتي طاقت حاصل ڪري، ٽين صدي هجريءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جو لاڙ وارو ڀاڱو سمورو پنهنجي تصرف هيٺ آندائون. جيئن ته هن معاملي متعلق اسان کي پوري معلومات ڪانهي، تنهنڪري يقين سان نٿو چئي سگهجي ته هن گهراڻي جو وڏو محمد بن قاسم الثقفي آهي. جيڪڏهن هي ثابت ٿئي ته پوءِ سومرن جو نسل محمد بن قاسم سان ملائي سگهجي ٿو.“(۱)

سومرا ڪڏهن مسلمان ٿيا، ۽ سومرن جي صاحبي ڪيترو عرصو رهي- اهي به سنڌ جي تاريخ جا اختلافي ۽ منجهيل مسئلا آهن. هن قوم جي حڪومت جي عرصي بابت جيتريون آهن تاريخون، اوترا آهن جدا جد سن ڏنل. ڪنهن به تاريخ جو انگ ٻيءَ تاريخ سان ڪونه ٿو ملي. سنڌ جي مورخن انهن مسئلن جا حل جيئن ته آئيندي لاءِ ڇڏي ڏنا آهن، تنهنڪري اسين اهڙن مسئلن جي وڌيڪ ڇيڙ پچار ڪرڻ کان پاسو ڪريون ٿا. سومرن جي اصل ۽ نسل، مسلمان ٿيڻ، سندن حڪمرانن جي عرصي، نالن ۽ فهرستن ۾ کڻي ڪيترو به اختلاف هجي، پر هيئن چوڻ ۾ ته ڪوبه اختلاف ڪونهي ته سومرا چڱا ديسي حاڪم هئا. هيءَ قوم باعزت حڪمران به رهي، ۽ حڪومت کان پوءِ به هيءَ قوم سکي ۽ ستابي، مالدار ۽ خوشحال، بهادر ۽ چڱين قومن ۾ شمار ٿيندي رهي، ۽ ٿيندي ٿي اچي. هن قوم ۾ سياڻا ۽ سنجيدا، دورانديش ۽ دانا حاڪم ۽ بادشاهه به پيدا ٿيا. وعدي جا پڪا، عزم جا پختا، پهلوان ۽ جوڌا جوان به سومرن مان اٿيا، ته عاشق مزاج ۽ البيلا، جاهل ۽ ظالم، زوراور ۽ جبرا، وطن دوست ۽ ملڪ دشمن، خود پسند ۽ خدا پسند انسان به سومرن ۾ ٿي گذريا. دودو ۽ چنيسر، خفيف ۽ عمر، ڏونگر ۽ ڀونگر وغيره جهڙا، هن قوم جا مشهور ۽ ناليرا، بهادر حاڪم، ۽ عزم جا پختا، غيرتمند، مجاهد، سورهيه ۽ سورما ٿي گذريا آهن. هن قوم جا نه رڳو مرد ناليرا ۽ مٿير هئا، بلڪ سورهيائيءَ ۽ سرويچيءَ، بهادريءَ ۽ بردباريءَ، سيل ۽ سرت، غيرت ۽ عصمت ۾ هن قوم جون ٻاگهيون به ٻنون واري ويون آهن، جن جي سرت ۽ نرت، غيرت ۽ عصمت جون ڳالهيون مدت مديد کان ڳائبيون آيون آهن، ۽ نڄاڻ ڪيسين تائين ڳائبيون رهبيون. اسلام کان اڳ هن قوم ۾ جهالت تمام گهڻي رهي، جنهن لاءِ سنڌ جي تاريخ جا ورق شاهد آهن. اسلام هن قوم کي گهڻو سنواريو ۽ سينگاريو. اسلام بعد هن قوم ۾ اهل دل درويش فقير به پيدا ٿيا، ۽ علم وارا عالم به اُٿيا، جن جو صادق فقير زنده جاويد نشان آهي. فقير صاحب صادق جي نسل جو شجرو سومرا حڪمرانن تائين ڪيئن رسي ٿو، اهڙو ڪوبه نسبنامو سندن اولاد وٽ موجود نه آهي. پر هيءَ روايت سندن خاندان ۾ به موجود آهي، ۽ ٻيا عام ماڻهو به چون ٿا، ته فقير صادق حمير سومري جي اولاد مان آهن پر ان لاءِ به اهڙو ڪو خانداني دستاويز يا مستند شجرو ڪونهي.

فقير صاحب جا وڏا ڪڇ جا رهاڪو هئا. سندس والد بزرگوار، دين محمد سومرو، به گهڻو وقت ڪڇ ۾ رهيو. پاڻ مالدار ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو. ڳئون ۽ مهاڳ ججهو هوس. مال جي سانگ سان، سندس اچ وڃ ساريءَ سنڌ سان رهي، پر خاص طرح لاڙ طرف سندس لاڙو گهڻو رهيو. هي بزرگ به همت ۽ مردانگيءَ وارو، حق ڪمائڻ ۽ حق کارائڻ وارو هو. آخر هڪ دفعي پنهنجي مائٽاڻي رهائش، ڪڇ، کان ڪن سببن ڪري هميشہ لاءِ الوداع چئي، اچي ڳوٺ ”ڍوڍاري“ نزديڪ (تعلقو مٺي) مستقل طرح رهيو، جتي سندس خاندان گهڻو وقت رهيو.

ولادت با سعادت

صديق فقير ”صادق“ جي ولادت با سعادت ڪڇ ۽ لاڙ جي ڪناري تي، ”ٻنيءَ“ جي ويجهو، ماهه شوال ۱۱۷۰ هجري، مطابق ۱۷۵۶ عيسويءَ ۾، سومر جي ڏينهن، سج لهڻ وقت ٿي. سندن ولادت وقت سنڌ تي حڪومت ڪلهوڙن جي هئي.

اوائلي زندگي

فقير صاحب صادق جي ننڍپڻ جي ته ڪا به خبر پئجي ڪانه ٿي سگهي، پر سندن جوانيءَ جي اوائلي دور جي خبر ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿي. سندن ننڍپڻ لاءِ فقط هيترو چئي سگهبو ته فقير صاحب جا والدين جيئن ته مالدار ماڻهو ۽ سانگي هئا، ۽ سندن هلچل ڪڇ کان سنڌ جي ٻين علائقن، خصوصاً لاڙ وغيره ڏانهن گهڻي هوندي هئي، انهيءَ ڪري فقير صاحب جو ننڍپڻ به هلچل ۽ سانگن ۾ گذريو، ۽ سندن پرورش پاڪيزه ۽ سادي، سانگيئڙن ۽ ماروئڙن جي محبت ڀرئي ماحول ۾ ٿي. فقير صاحب صادق جي عمر سورهن سترهن سالن جي هئي ته سندس مائٽ ڪڇ کي الوداع چئي اچي نئين ڪوٽ نزديڪ، ”ڍوڍاري“ نالي مقام تي ويٺا. ان ئي سال صادق فقير جي وڏي ڀاءَ، حاجي محمد سومري کي ٺٽي جي ڪنهن نواب ڪنهن ڳالهه تان مارائي وڌو. ”صادق“ فقير ڀاءُ جي قاتلن کان انتقام وٺڻ جو پڪو پهه ڪري، مائٽن کان موڪلائڻ کان سواءِ، گهر کان نڪري، وڃي ملڪ جي مشهور ڌاڙيلن ۽ چورن جي ساٿ ۾ شامل ٿيو. ٺتي واري نواب کي به ڪا خابرن ذريعي خبر پئجي چڪي هئي ته حاجي محمد سومري جو ننڍو ڀاءُ، صديق سومرو، ڀاءَ جي انتقام وٺڻ جون تياريون زور ۽ شور سان ڪري رهيو آهي، ۽ سندس سر جو ڳولائو آهي. انهن خبرن پڄندي ئي، نواب ڊپ کان روزانو ٻيڙيءَ تي چڙهي، رات درياءَ جي پيٽ ۾ گذاريندو هو، ۽ صبح جو وري پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندو هو. ڀلا اجل کان ڪٿي ٿو لڪي بچي سگهجي! نواب جا ڏينهن جڏهن کٽي آيا، تڏهن صادق فقير کي به سندس درياءَ واريءَ لڪ جي خبر پئجي ويئي، ۽ هڪ رات، سيڻاهه جي مدد سان، ’صادق‘ نقير نواب جي ٻيڙيءَ کي پهچي ويو، ۽ اچانڪ مٿس حملو ڪري، سندس سري ڌڙ کان ڌار ڪري، پنهنجي ڀاءَ جي قتل جو وير واريائين. پوءِ اچي وري پنهنجن چور ساٿين سان مليو، ۽ ڪافي وقت چورن جي ساٿ ۽ سنگت ۾ رهيو. فقير صاحب ٺتي جي جنهن نواب کي ماريو، اهو ڪير هو ۽ سندس نالو ڇا هو؟ نواب، فقير جا ڀاءُ حاجي محمد سومري کي ڇو مارايو، هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو؟ اها ڪابه خبر پئجي نٿي سگهي. مٿئين واقعي مان اهو به ظاهر آهي ته صادق فقير فطرتاً ڪو اهڙو نه هو، بلڪ ڀاءَ جي خون جي انتقام وٺڻ لاءِ چورن جو ساٿ ۽ سنگت اختيار ڪيائين، ۽ جتي چورن جي خراب ۽ غليظ صحبت جو لازمي اثر مٿس ڳچ عرصي لاءِ پئجي ويو. پر صادق جي نيڪ فطرت ۽ صاف طبيعت کي جڏهن ڪو رهبر مليو، ته سندس صحيح فطرت ۽ طبيعت جلد اصل طرف مڙي ويئي.

فقيري ۽ شاعري

روايتن موجب، صوفي صديق فقير پنجويهن ڇويهن سالن جي عمر ۾ فقيري اختيار ڪئي. ان کان اڳ ۾ پاڻ ڏاڍا مڙس ۽ چورن جا ساٿي هئا، ۽ چوريون به ڪندا هئا. فقيريءَ طرف سندن طبيعت ڪيئن مڙي، ان بابت هڪڙي روايت مشهور آهي. هڪ دفعي فقير صاحب پنهنجن ساٿين سميت چوريءَ تي وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ کين هڪ ضعيف ۽ لا وارث ٻڍڙي عورت مصيبت ۾ مبتلا نظر آئي، جنهن کين مدد لاءِ سوال ڪيو. فقير صاحب جي ساٿين ته ”مائيءَ کي ورندي ڪانه ڏني، پر کين مائيءَ جي حال تي گهڻو قياس ۽ رحم آيو، سو چيائونس ته ”اما، موٽندي تنهنجي مدد ڪنداسون.“

قدرت قادر جي، ان رات هنن کي چوريءَ جو مال به ڪافي انداز ۾ هٿ لڳو. مال جا حصا ڪري، جڏهن پاڻ ۾ ورهايائون، تڏهن هرهڪ کي چڱو مال مليو. ان کان پوءِ ساڳيو رستو ڏيئي واپس موٽيا. ان عورت وٽ پهچندي، صادق فقير پنهنجو حصو ته مائيءَ جي حوالي ڪيو، پر پنهنجن ساٿين جا حصا به ان عورت کي وٺي ڏنائون. صادق فقير جي اهڙي سچائي، همت ۽ سخا ان عورت کي گهڻي پسند آئي، ۽ خوش ٿي، دعا ڪندي چيائين ته ”ابا، خدا ڪندو ته تون وڏو درويش ٿيندين!“ ان ضعيف عورت جي دعا جو اثر هو، يا معشيت ايزدي اها هئي، جنهن ”صادق“ جي چوراڻي حياتيءَ ۾ هڪ عظيم انقلاب آڻي ڇڏيو.

صادق جو ان ئي سال جهوڪ (ميرانپور) مان گذر ٿيو. ان وقت جهوڪ شريف ۾ شاهه شهيد عنايت الله صوفي قدس سره جي گاديءَ تي جناب حضرت فضل الله شاهه عرف ’شاهه قلندر‘ مسندنشين هئا. صوفي فضل شاهه جي معرفت جي مقال ۽ سندن روحاني منزلت جي هاڪ هنڌين ماڳين پکڙيل هئي. صادق فقير وارا جڏهن صوفين جي اوتاري جي ڀر ڏيئي لانگهائو ٿيا، تڏهن وقت جا عارف، صوفي شاهه قلندر، رهاڻ ۾ ويٺل فقير ڏانهن مخاطب ٿي فرمائي رهيا هئا ته ”ابا، اڄ درياءَ پلٽيو ٻيڙيءَ ۾ ٿو پوي!“ اهي لفظ جڏهن صادق رحه جي ڪن پيا، تڏهن کيس شاهه قلندر جي زيارت جو اشتياق پيدا ٿيو، ۽ دل ۾ چيائين ته وڃي ڏسان ته دريا ٻيڙيءَ ۾ ڪيئن ٿو پوي. سو ساٿين کي چيائين ته صوفين جي اوتاري تي هلو ته صلاح اٿو، نه ته اوهين هتي ٻاهر ترسو ته آءٌ فقيرن جي زيارت ڪريو جلد موٽيو ٿو اچان. فقير صاحب جي ساٿين کين صوفين جي اوتاري ڏانهن وڃڻ کان روڪيو، ۽ چيائون ته ”ڪو جو قهر ڪنن ۾، ويا ڪين ورن! صوفي فقير وڏا جادوگر آهن، اتي ويندين ته اهڙو ڪو منڊ ۽ منتر هڻندئي جو ڪٿي جو به ڪونه رهندين!“ پر فقير صاحب دوستن جي صلاح نه ورتي ۽ وڃي قلندرن جي رهاڻ ۾ حاضر ٿي، حضرت شاهه قلندر جي زيارت نيڪ بشارت کان مشرف ٿيا. صادق فقير جڏهن ڪچهريءَ کي تمام ويجهو پهچي چڪو هو، تڏهن حضرت شاهه قلندر ويٺل طالبن ڏانهن مخاطب ٿي فرمايو ته ”ٿانءُ ڏاڍو سٺو آهي، پر اڃا هٿ ڪونه لڳو اٿس.“ اهو اشارو صادق ڏانهن هو. صادق فقير تي شاهه قلندر جي ننڍڙن فقيرن ۽ نظر فيض اثر تمام گهڻو اثر وڌو، پر دوستن جو خيال ڪندي، ڪجهه وقت هن روحاني رهاڻ ۾ ترسڻ کان پوءِ شاهه قلندر کان موڪلايائين، ۽ موڪلاڻيءَ وقت ٻه روڪڙا رپيا شاهه جي قدمن تي نذر طور رکيائين. پير صاحب انهن رپين مان هڪ رپئي ڏانهن اشارو ڪري خليفن کي حڪم ڏنو ته اهو صديق کي واپس موٽائي ڏيو. صادق فقير کي عارف جي انهيءَ حڪم تي تمام گهڻو اچرج ٿيو. پر ٿوريءَ سوچ کان پوءِ ڳالهه دل سان لڳيس ته واقعي اهو رپيو کيس ڪنهن چوريءَ مان هٿ آيل هو. فضل شاهه جي اها ڪرامت صادق کي مزيد متاثر ڪرڻ جو سبب بڻي، ۽ صادق صوفين جو شڪار ٿي ويو.

ان روايت سان ملندڙ صادق رحه جي هڪ بيت به موجود آهي، جنهن لاءِ يقين ڪري سگهجي ٿو ته شآيد اهو بيت صوفين کان متاثر ٿيڻ وقت چيو هجيس، ۽ شايد سندن اهو پهريون بيت هجي. فرمائي ٿو:

صوفي سڀن ۾ اڳرو، ٻيا مڙوئي پوءِ،

جهڙي صفائي صوفيءَ کي، تهڙي سج نه هواءِ،

هتي آهي ڪونه ڪو، مرد نڪا جواءِ،

ڳجهه اندر جون ڳالهوين، اندر سان بيٺو چوءِ،

”صادق“ آهي سوءِ، جنهن کي اندر ’هو‘ هلي ويو.

ڪافي وقت انتظار ڪرڻ کان پوءِ، صادق جا ساٿي صادق کي وٺڻ لاءِ صوفين جي اوطاق ۾ لنگهي آيا، پر صادق جي حالت ٻي ٿي چڪي هئي، سو پنهنجن ساٿين کي چيائين ته ”ادا، اوهين ڀلي پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي وڃو، باقي اسان تي صوفين جو جادو اثر ڪري چڪو آهي ۽ هلڻ کان قابو آهيون.“ اهو ٻڌي فقير صاحب جي ساٿين مان هڪ ڪاوڙ ۾ چيو ته ”حلوي کائڻ لاءِ به مهانڊو کپي! ماڻهو مري ويا، تون ٿو صوفين جو مريد ٿين!“ انهيءَ تي شاهه قلندر فرمايو ته ”ابا، صديق مريد ٿيڻ ڪونه آيو آهي، پر مرشد بنجڻ آيو آهي.“ آخر صادق جا ساٿي، صادق جي سنگت مان نااميد ٿي واپس وريا، ۽ صادق روحانيت ۾ رچي ويو.

رب پاڪ جي حضور ۾ ته فيص جي ڪا ڪمي آهي ڪانه. ”مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون.“ ميون مڱڻهار کي جڏهن سمجهائي، ته وٽس وير آهي ڪانه. ”ڪڍي اونهي ڪن مان، اي آگي جو عجب“ هونئن ڪنهن انسان کي سمجهائڻ ۽ سڌارڻ لاءِ ڪيترا به وس ڪجن ۽ ڊگهيون ڊگهيون نصيحتون ٻڌائجن، پر ڪجهه پلئه ڪونه ٿو پوي. ”ڦڪيون فرق نه ڪن، جيسين امر نه ٿئي ان کي.“ مگر جڏهن والي وڙ ڪرڻ تي ٿو اچي ۽ رب جي رضا ٿي ٿئي، تڏهن ٿورڙيءَ ئي ڳالهه ۾ هڪ حيوان صفته انسان اکپور ۾ فرشته سيرت انسان بنجيو پوي. حضرت ابراهيم ادهم، سلطان التارڪين حميدالدين سهروردي، ۽ حضرت فضيل بن عياض رحه وغيره جا مثال تاريخ ۾ موجود آهن. ابراهيم ادهم بلخ جو بهادر بادشاهه هو، سلطان حميدالدين مڪران جو ملڪ، جبرو ۽ حشمت وارو حاڪم هو، ۽ حضرت فضيل بن عياض، جيڪو صوفين جي پهرئين گروهه سان تعلق رکي ٿو، فقيريءَ کان اڳ ۾ نه رڳو چور هو، بلڪ چورن جو سردار به هو. پر اهي بزرگ بلڪل مختصر ۽ معنيٰ خيز چند اهڙن فقرن ۽ جملن کان متاثر ٿيا ۽ دنياوي زندگيءَ کان سندن خيال هٽي ويا ۽ مٿن فيض يزدانيءَ جي اهڙي ته بارش وٺي جو بادشاهه مان بندا، حاڪم مان مالڪ حقيقي جا محڪوم، ۽ امير مان فقير بنجي ويا، ۽ بادشاهيون ۽ تخت بخت، حڪومت ۽ حشمت، دنيا ۾ دولت کان تارڪ ٿي، بزرگيءَ ۽ ولايت جي آسمان تي سج ۽ چنڊ ٿي چمڪيا. حضرت حجته الاسلام امام غزالي عليه رحمته کي تصوف جي دنيا ۾ آڻيندڙ به هڪ رهزن ۽ مشهور چور جو معنيٰ خيز جملو هو، جيڪو هن طعني طور امام صاحب کي مخاطب ٿي فرمايو. جڏهن ته هڪ رهزن جا به مهلائتا ۽ معنيٰ خيز جملا مخاطب تي سٺو اثر ڪري گذرن ٿا، تڏهن وقت جي ڪنهن عارف جون معنيٰ خيز مامون ۽ مهميزون، ڪلام ۽ گفتگو ڪيئن ٿي اثر کان خالي ٿي سگهي. صادق فقير تي حضرت شاهه قلندر رحه جي صورت ۽ سيرت، پاڪيزه گفتگو ۽ دلنشين ڪلام جو اهڙو ته اثر ٿيو جو گويا بيساخته چئي ويٺو: ”اسين صوفي شاهه جي بلي لڳ بندا.“ فضل شاهه جي قول موجب، ٿانءُ اڳ ئي سٺو هو، پر جو مٿس ڪاريگر جو هٿ لڳو، تنهن سون تي سهاڳي وارو ڪم ڪيو، ۽ صادق کان چوريون ۽ زوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا، ارڏايون ۽ اُرهه زوريون، بيجا بهادريون ۽ ديده دليريون هميشہ لاءِ موڪلائي ويون، ۽ صادق صوفين جي سٿ ۾ وڃڻ کان پوءِ دنيا وارن وٽ ساڳيو صديق سومرو ٿي نه موٽيو، پر صديق مان ”صادق“، سومري مان شاهه، مريد مان مرشد، چور جي بجاءِ ساڌ، ظالم جي بجاءِ مظلوم جو ساٿي، بدڪار جي عوض نيڪ عمل، پاڪ نيت ۽ شريف طبع، فقير پر روشن ضمير، باحال ۽ بيمثال شاعر ٿي موٽيو. چون ٿا ته فقيري اختيار ڪرڻ کان پوءِ، وٽس گهر ۾ جيڪو به چوراڻو مال هو، اهو اصل مالڪن کي ڳولي واپس ڪيائين، ۽ پڄت آهر، جن جو مال کائي ويو هو، تن کي ڀري ڏنائين، ۽ ٻين کان سندن واپرايل مال جي معافي ۽ بخشش ورتائين. اهڙي طرح فقير هڪ باحال فقير جي نظر سان روحانيت ۾ رچي ريٽو ٿيو، ۽ شاعر به ٿيو، سندن شاعري به فقيري اختيار ڪرڻ سان ئي شروع ٿي آهي. شاعرن جي سرتاج شاهه لطيف بلڪل سچ فرمايو آهي ته ذات تي ڏات آهي ئي ڪانه! صادق هو ته ذات جو سومرو، پر پنهنجي نفس ڪشيءَ ۽ خود آگاهيءَ جي ڪري صادق فقير کي زمانو ”صادق شاهه“ سڏي ٿو. بيشڪ.

راڻي مُلا رات، مون کي نئون نياپو آيو،

لڌيسين لطيف چئي، ڏاتر ڪنان ڏات،

ڪونه پڇي ٿو ذات، جي آئيا سي اگهيا.

جهوڪ شريف ۾ سڪونت

روايتن جي روشنيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته فقير صاحب حضرت فضل شاهه قلندر جي مريد ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ٽيهارو سال جهوڪ شريف ۾ مرشد جي صحبت ۾ رهيا. اهو عرصو اهڙو ته گمناميءَ ۾ گوشائتو ٿي گذاريائيون، جو سندن معرفت جي منزل جي ڪل ڪنهن ورلي کي هئي. پر چوندا آهن ته خون ۽ کٿوري ڪڏهن به لڪي ڪونه سگهندا، ۽ نه وري ڪو سچ تريءَ هيٺ لڪو آهي، سو آخرڪار هن فقير روشن ضمير جي روحاني منزل ۽ مرتبي جي ڳالهه ڏيهان ڏيهه مشهور ٿي وئي ۽ سندن مائٽن کي به معلوم ٿيو ته صديق جهوڪ شريف ۾ رهي ٿو. سي صادق فقير کي وٺڻ لاءِ جهوڪ شريف آيا، ۽ فقير صاحب کي چيائون ته اوهان جي شادي ڪرڻي آهي، اوهين ڳوٺ هلو. فقير صاحب جي نسبت ڪنهن هنڌ اڳ ۾ ئي ڪيل هئي، پر فقير صاحب مائٽن سان واپس ڳوٺ هلڻ ۽ شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. صادق فقير جو اهو جواب ٻڌي، سندن مائٽ فقير صاحب جي مرشد شاهه قلندر وٽ حاضر ٿيا، ۽ صديق فقير کي شاديءَ جي باري ۾ سمجهائڻ لاءِ عرض ڪيائون. تنهن تي صادق جي مرشد، صادق فقير کي شاهديءَ جي باري ۾ سمجهائڻ لاءِ عرض ڪيائون. تنهن تي صادق جي مرشد، صادق فقير کي گهرائي فرمايو ته ”ابا، بندو تنهنجون ٽي شاديون پيو ڏسي، تون وري ڪيئن ٿو انڪار ڪرين؟“ آخر مرشد جو حڪم مڃي، مائٽن سان سندن ڳوٺ ’ڍوڍارو‘ آيا، جتي پنجونجاهه سالن جي عمر ۾ سندن پهرين شادي ٿي. شادي ڪرڻ کان پوءِ فقير صاحب لڏي پلاڻي وري اچي ڪجهه وقت جهوڪ ۾ رهيا، جتي کين ٻه فرزند، بايزيد ۽ ابوالحسن، ڄاوا. جهوڪ ۾ ڳچ وقت ترسڻ کان پو صادق فقير جڏهن ڪماليت کي پهتو، تڏهن مرشد کان اجازت وٺي پنهنجي مال جي سنڀال خاطر اچي پنهنجي ڳوٺ ’ڍوڍارو‘ ۾ سڪونت پذير ٿيو. جهوڪ شريف ۾ مرشدن جي نظر هيٺ صادق فقير سخت روحاني جهد ۽ رياضتون ڪيون، چله ڪشيءَ ۽ مراقبن ۾ محو هوندا هئا، ۽ رياضتن ۽ مجاهدن ۾ جيڪي کين مشاهدا ٿيندا هئا، تن جو ذڪر بيتن ذريعي مرشد سان سليندا هئا.

ڍوڍاري ۾ قيام

فقير صاحب جهوڪ شريف مان لڏي اچي مقام ’ڍوڍارو‘ نزديڪ نئون ڪوٽ (تعلقو مٺي) ۾ ويٺا. جهوڪ شريف مان فقراءَ جي اچ وڃ جو رابطو زور سان شروع هو. فقير صاحب جي روحاني شهرت ٻڌي، ٻين پاسن کان به فقير ۽ صوفي پيا وٽن ايندا ويندا هئا. فقير ڏي اچ وڃ آسپاس وارن ماڻهن جون به اکيون کولي ڇڏيون، ۽ اهي به گهڻي تعداد ۾ روزانو فقير صاحب جي حاضريءَ تي اچڻ لڳا ۽ سندن بزرگانه صحبت مان فيض حاصل ڪرڻ لڳا. ان کان سواءِ ٻيا ڪيترا ماڻهو به فقير صاحب صادق جا مريد ٿيا، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ فقير صاحب جي فقراءَ ۾ مريدن ۽ معتقدن جو هڪ وڏو ميڙ مچي ويو. ان زماني ۾ شادي کوسي نالي ڌاڙيل ۽ چور ملڪ ۾ ڦرين ۽ ڌاڙن جي ڌم لائي ڏني هئي. شادي کوسو ڌاڙا به هڻندو هو ۽ ان سان گڏ جهنگ مان اٺ ۽ ٻيو مال به ڀاڳين کان ڦري ڪاهي ويندو هو. هڪ دفعي شادي کوسو فقير صاحب جي قيامگاهه جي آسپاس، رٻارين تي ڪاهه ڪري انهن جا اٺ اٿاري ويو. شادي کوسي جي ڦرين کان تنگ ٿي، آسپاس جا ڀاڳيا ۽ اٺاري فقير صاحب جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون ته ”سائين، اهڙي ڪا دعا ڪريو جو شاديءَ جي آزار کان ڇٽون.“ فقير صادق اوٺارين جي بيان ڪيل حقيقت ٻڌي ۽ في البديهه، اتي جو اتي ٻه بيت ڏيئي فرمايائون:

شادي مئو سک ٿيو، سڻو سنگهارا،

اٺيون اوٺارا پهرايو پٽن ڏي.

شادي مئو سک ٿيو، پئي پارڪر پچار،

ايندا اهي پار، ڪندا صلح ”صديق“ چئي.

انهيءَ واقعي کان پوءِ جلد ئي شاديءَ کوسي ٺڪرن جا گهوڙا ڪاهيا. ٺڪر جاڳي پيا ۽ جهيڙو ٿيو. شادي کوسو مقابلي ۾ ڌڪ لڳڻ سان مري ويو. شادي کوسي جي مرڻ کان پوءِ سندس ساٿي فقير صاحب جي بزرگيءَ کان متاثر ٿيا ۽ اچي فقير صاحب کي ڍوڍاري ۾ پيش پيا، ۽ پنهنجي ڪيل حماقت لاءِ فقير صاحب کان معافي ورتائون ۽ مريد به ٿيا. اهڙيون ۽ ٻيون ڪرامتون ڏسي، سندن معتقد ۽ مريدن ۾ ويو مزيد اضافو ٿيندو.

فقير صاحب جو اهو وڌندڙ اثر ۽ عزت نئين ڪوٽ ۾ رهندڙ ميرن جي فوج جي سپهه سالار، مير محمد خان کي هرگز پسند ڪانه آئي، سو فقيرن تي ڪاوڙجي پيو. هڪ روايت موجب، هڪ ڏينهن فقير صاحب کي گهرائي چيائين ته ”ٻه شينهن هڪ ٻيلي ۾ رهي نٿا سگهن: يا فقيريءَ واري اها ٺٺري ڇڏ، يا لڏ.“ مير جي اهڙي بيهودي ۽ جاهلانه گفتگوءَ جي فقير صاحب ڪابه ورندي ڪانه ڏني، ۽ اٿي روانا ٿيا. فقير صاحب مير وٽان اٿي، ڪجهه اڳتي وڌيا هئا ته مير وڏي هڪل ڪري فقير صاحب کي حاڪمانه نموني چيو ته ”ٽن ڏينهن ۾ اهو فيصلو ٿيڻ گهرجي!“ مير جو حڪم ٻڌي، فقير صاحب جواب ۾ فرمايو ته ”خدا ڪندو ته ٽن ڏينهن ۾ اهو فيصلو ٿي ويندو.“ مير کي جواب ڏيڻ کان پوءِ، فقير صاحب موٽي پنهنجي ماڳ تي آيا. پر فقير صاحب جو رنگ ڦريل هو. منهن مبارڪ تي تمام گهڻيءَ ڪاوڙ جا آثار نمايان ڏسي، ويٺل فقيرن پڇيو ته ”سائين، ڪهڙي خبر آهي؟“ فقراءَ جي پڇيل سوال جي جواب ۾ فقير صاحب ڪجهه به ڪونه ڪڇيا، فقط هڪ بيت ڏنائون ته

مٺو محمد خان، جنهن جون ويون وڄائون،

آڪڙ ۽ آئون، رولي ويس راهه ۾.

رب پاڪ جي قدرت، جو ان واقعي کان ٻئي ڏينهن تي ميرپورخاص ۾ فوجن جو ميڙو هو، ۽ محمد خان مير به پنهنجو فوجي دستو وٺي اتي پهچي ويو هو. بئنڊون ۽ شرنائون وڄي رهيون هيون. ۽ پريڊ به ٿي رهي هئي. جڏهن سڀني طرفن کان فوجون ميدان تي پهچي ويون، تڏهن ”مير وڏو“ فوج ڏسڻ لاءِ ٻاهر نڪتو. فوجن جون بئنڊون ۽ شرنائون ٻڌي، مير وڏو بيهي رهيو. ان وقت محمد خان جي فوجي دستي جي شرناءِ تمام تيز ۽ زور سان وڄي رهي هئي. مير وڏي ساڻس گڏ هلندڙ ماڻهن کي چيو ته ”ڪيئن ٿا ڀانيو مون واري فوجي دستي جي شرناءِ!“ اهو ٻڌي، گڏ هلندڙن مان هڪ همراهه چيو ته ”سائين، اها اوهان جي فوجي دستي جي شرناءِ ڪانهي، پر اها مير محمد خان جي فوجي دستي جي شرناءِ آهي.“ اهو جواب ٻڌي، مير وڏو تپي باهه ٿي ويو، ۽ چيائين ته ”محمد خان جو اهڙو دماغ خراب ٿي ويو آهي جو اسان جي فوج جي دستي جي شرناءِ کان به مٿي ٿو شرناءِ وڄارائي! هن کي شايد ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو خيال آهي!“ آخر اهڙيءَ ابتيءَ سبتيءَ گفتگو کان پوءِ، مير وڏي، مير محمد خان کي گهرائي، اتي جو اتي مارائي ڇڏيو.

انهيءَ واقعي کان پوءِ جلد ئي فقير صاحب ڍوڍاري مان هجرت ڪري، هڪ دفعو وري وڃي مرشد جي سايي هيٺ جهوڪ رهواسي ٿيا. فقير صاحب جنهن وقت ڍوڍاري مان روانا ٿي رهيا هئا، تڏهن اتي جي ڪن فقيرن عرض ڪيو ته ”سائين، اوهين ته وڃو ٿا، پر هيءَ جوءِ ڪنهن جي حوالي ٿا ڪريو؟“ اهو ٻڌي، فقير صاحب، فقير ڪمال آريسر ڏانهن ڏٺو ۽ چيائون ته هيءَ جوءِ هاڻ ڪمال فقير جي حوالي آهي.“

اهر ۾ آمد

فقير صاحب جڏهن مستقل طرح مال ۽ بار ٻچا وٺي، ڍوڍاري مان هجرت ڪري، جهوڪ شريف وڃي رهيا هئا، تڏهن اتفاق سان هڪ دفعي فقير صاحب جي ڌنارن ۽ سندس مرشد جي ڌنارن ۾ ڪو کٽراڳ ٿي پيو. اها ڳالهه فقير صاحب کي پسند نه هئي ته ڪو سندس ڌنار مرشد جي ڌنارن سان ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تي ڏندورجن. ٻيو ته فقير صاحب جن ان واقعي مان دورانديشي ڪندي، اها ڳالهه به تاڙي ويا ته هڪ گهر ۾ پيل ٺڪر ضرور پيا پاڻ ۾ ٺڙڪندا، تنهنڪري مرشد کان جهوڪ شريف مان هجرت جي اجازت گهريائون. سندن مرشد صادق کي پنهنجي پاڙي مان پري ڪرڻ ۾ خوش ته هرگز ڪونه هئا، پر صادق جي معتقدانه جذبات ۽ پاڪيزه خيالن جو به کين لحاظ رکڻو پيو. آخر فقير صاحب جي مرشد، فقير صاحب کي جهوڪ شريف مان لڏڻ جي اجات ڏني ۽ حڪم ڏنائون ته اوهين تعلقي عمر ڪوٽ ۾ وڃي سڪونت اختيار ڪريو. فقير صاحب اتان هجرت ڪري اچي ديهه اهر ۾، اڀرندي ناري (ڍوري) جي ڪناري تي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ رهيا، جنهن ڳوٺ کي هاڻ ”صوفي فقير“ سڏيندا آهن. سندن اولاد به اتي ئي رهي ٿو.

اهر شريف واري حياتيءَ جا اهم واقعا

چونرو ۽ چور:

فقير صاحب جڏهن جهوڪ مان آهر شريف ڏانهن لڏي آيا هئا، تڏهن ساڻن گڏ ڪي مالدارن جا گهر به لڏي اچي اتي ويٺا هئا. آهر ڍوري جي ڪپ تي آهي، ۽ انهيءَ زماني ۾ ڍوري جي آسپاس گهاٽا ٻيلا هوندا هئا، ۽ ڍوري ۾ چورن ۽ ڌاڙيلن جا هميشہ ٿم رهندا هئا. جهنگ اهڙو هوندو هو، جو ان ۾ ڏينهن ڏٺي جو بگهڙ پيا وڙهندا هئا. اهڙي خطرناڪ هنڌ تي رهڻ به فقير صاحب جي ڪمال جرات هئي. اتي ويهڻ کان پوءِ آسپاس جا غريب مالدار به فقير صاحب جي پاڙي کي چورن کان محفوظ سمجهي اچي سندن ڳوٺ ۾ رهيا. ان زماني ۾ ’چونري‘ وارا بنگلاڻي بلوچ مشهور هئا، جن مالدار ماڻهن کي تمام تنگ ڪيو هو. جيڪو مال ڍوري ڏانهن ڍريو ته اهو وري نه وريو، اصل مال نه ڇڏيندا هئا. مالدارن کي ماري، مال چوري ٻنگي ويندا هئا. فقير صاحب بنگلاڻين کي انهيءَ روش کان باز اچڻ لاءِ گهڻو سمجهايو، پر اهي فقير صاحب جي نصيحت مان ڪجهه سمجهي ڪونه سگهيا، بلڪ ان جي برعڪس، فقير صاحب ڏانهن ايندڙ ٻاهرين فقراءَ کي ڦرڻ ۽ تنگ ڪرڻ لڳا. فقير صاحب وري به گهڻن ئي نيڪ طريقن سان هنن کي سمجهايو، پر بنگلاڻي بلوچن ڪجهه به نه سمجهيو. فقير صاحب هڪ ڏينهن جذبي ۽ جلال ۾ چئي ڏنو ته:

چونري منجهان چور، ويا ويچارا نڪري،

وري اندر ڍوري، سڃا چرن ”صديق“ چئي.

کورو چونري تانءَ، اچي پيو اوچتو،

سندي بجر ماءَ، روندي گهڻو رت ڦرا.

بنگلاڻين جي باهه، وساڻي ورهن،

فوجون فقيرن جون، مٿي اهر اچن،

ويٺا ئي وسهن، ساري ڳالهه ”صديق“ چئي.

فقير صاحب جي انهيءَ پاراتي کان پوءِ جلد ئي حڪومت اچي بنگلاڻين ۾ ڪات ڪهاڙا وڌا. آخر بنگلاڻين جو زور ٽٽي ويو، ڪي اتان ڀڄي ويا، ۽ ڪي وڃي ڪاٺ پيا.

 

(فيسبڪ جي پوئٽري پيج تان ۱ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

صوفي ‘صادق فقير’

ڪلهوڙا دؤر جي ناليواري ڪلاسيڪل شاعر صوفي صادق فقير جو پورو نالو محمد صديق سومرو هو. سندس جنم ۱۱۷۰هه/ ۱۷۵۶ع ڌاري ٿرپارڪر جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ‘ٻنيءَ’ ۾ دين محمد سومري جي گهر ٿيو. سندس والد بلڙي جي سيدن جو مريد هو ۽ سندس ڏاڏو جلال سومرو، شاهه عنايت شهيد جو مريد هو. سندن شجرو ڀونگر راءِ بن سومرو ۽ عمر راءِ سومرو سان ملي ٿو. نامور اديب راڄ محمد پليءَ لکيو آهي ته، سندس والد دين محمد سومرو گهڻو وقت ڪڇ ۾ رهيو ۽ مالدار ۽ ڀاڳيو ماڻهو هو. صديق فقير جي ڄمار سورهن، سترنهن سال هئي، جڏهن سندن مائٽ ڪڇ کي ڇڏي نئين ڪوٽ ويجهو ‘ڍوڍاري’ تي اچي ويٺا. ان ئي سال صادق فقير جي وڏي ڀاءُ حاجي محمد سومري کي ٺٽي جي ڪنهن نواب ڪنهن ڳالهه تان قتل ڪرائي ڇڏيو. هن پنهنجي ڀاءُ جي قتل جو پلاند وٺڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ گهر وارن کان موڪلائڻ کانسواءِ ملڪ جي مشهور ڌاڙيلن ۽ چورن جو ساٿاري بڻيو. نيٺ هڪ ڏينهن صديق فقير انهيءَ نواب تي اچانڪ حملو ڪري ان کي قتل ڪري ڀاءُ جو پلاند ورتو. هن جي ٽولي ڪڏهن به ڪنهن غريب يا مجبور کي نه آزاريو. روايت آهي ته ۱۷ سالن جي عمر کان ۲۵ سالن جي عمر تائين چورن ۽ ڌاڙيلن جي ٽولي ۾ رهيو. هڪ دفعي ٽولي سان گڏ جهوڪ شريف جي صوفين جي اوتاري تان گذريو ته اتي سجاده نشين فضل الله شاهه قلندر جي رهاڻ هلندڙ هئي. هن صوفيءَ جا گفتا ٻڌا ته سڀ ڪجهه ڇڏي اتي گوڏا کوڙي ويهي رهيو. صديق فقير، فضل الله شاهه قلندر جي مريد ٿيڻ کان پوءِ اٽڪل ٽيهارو کن سال جهوڪ شريف ۾ گهاريا، جهوڪ ۾ هڪ ڀيري مائٽن اچي شاديءَ لاءِ چيس. هن جي انڪار بعد صوفي فضل الله کيس حڪم ڪيو، جنهن ڪري ڳوٺ اچي ۵۵ سالن جي ڄمار ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان کيس ٻن پٽن جو اولاد ٿيو، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ ئي گذاري ويا.

صوفي شهر (ضلعي عمرڪوٽ) ۾ صوفي صادق فقير جي مزار:

فقير صادق گهڻو وقت جهوڪ ۾ رهڻ کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ‘ڍوڍاري’ ۾ ويٺو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اتان هميشه لاءِ لڏي تعلقي عمرڪوٽ جي ديهه ‘اهر’ ۾ ويٺو، جنهن ڳوٺ کي هاڻ صوفي فقير سڏيو وڃي ٿو. پوءِ ٻي شادي ڪيائين، جنهن مان نظام الدين پٽ ڄائو، جيڪو پڻ وڏو شاعر ۽ درويش ٿيو، جنهن جي اولاد مان سجاده نشين ٿيندا اچن. ٽين شادي ٺڪر راجپوتن مان ڪيائين، جنهن مان شهاب الدين ۽ عبدالحئي پيدا ٿيا. ڊاڪٽر بلوچ لکيو آهي ته: “فضل الله شاهه قلندر جي وفات بعد فقير محمد صديق ميرانپور جي صوفي قادري طريقي جو اڳواڻ ٿي رهيو. سندس مريدن جو وڏو سلسلو هو ۽ اڃا هلندو اچي. سندس صحبت عبدالرحيم گرهوڙي، ابن فقير دهلڙي وارو ۽ راضي شاهه لڪياريءَ سان هئي. صوفي فقير محمد صديق کي راڳ ۽ سماع جو وڏو شوق هو. سندس حياتيءَ ۾ ٻن قسمن جي راڳ جو بنياد پيو. هڪ کي ‘سماع’ ۽ ٻئي کي ‘حاضريءَ’ جو راڳ چون. حاضريءَ جو راڳ گادي نشين اڳيان ڳايو ويندو آهي، جهوڪ تي باقاعده راڳ جو بنياد وجهڻ پڻ صوفي صديق ‘صادق’ فقير جو ڪارنامو آهي. صوفي محمد صديق جي حڪم تي، خليفن چونڊ شاعرن جي شاعريءَ تي مشتمل هڪ ڪتاب ‘راڳ نامون’ تيار ڪيو. هي ڪتاب گم ٿي ويو ته ٻيهر ان کي تيار ڪري نروار ڪيو ويو. اصل ۾ هن ۾ اهو ڪلام شامل آهي، جو صوفي صاحب جي درگاهه تي ڳايو وڃي ٿو. هي ڪتاب ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز پاران ۱۹۸۱ع ۾ ڇپرايو ويو. جڏهن ته صوفي صديق فقير صادق جو پنهنجو چيل شعر، سنڌي ڪلاسيڪي شعر جو نهايت اعليٰ نمونو آهي. راڄ محمد پلي مرحوم، صوفي صاحب جي شاعريءَ تي ڪم ڪيو، ۽ فقير جي زندگيءَ جي باري ۾ بهتر طريقي سان، تحقيق ڪئي. ان نوعيت جو گهڻو مواد رسالي ‘مهراڻ’ ۾ گهڻو آڳاٽو ڇپيو هو. هلندڙ دور ۾ ڊاڪٽر اسد جمال پلي، راڄ محمد پلي صاحب جي کوجنا کي گڏ ڪري: “وڙهيا، واڳيا، واپريا” جي نالي سان مرتب ڪري، سال ۱۹۹۸ع ۾ شايع ڪيو. هِت وري به وضاحت ڪجي ٿي ته: ‘راڳ نامو’ بجاءِ صوفي صاحب جو پنهنجو سنڌي شعر اهو ئي آهي، جو راڄ محمد پليءَ ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ مرتب ڪري نروار ڪيو. ان شعر ۾ ‘ڪيڏارو’ خاص اهميت رکي ٿو. صوفي صديق فقير، ۱۱ رمضان ۱۲۶۵هه/ جولاءِ ۱۸۴۹ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ۽ مقبرو ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ رستي جي وچ تي آهي. ماڳ جو پراڻو نالو ‘اهر شريف’ تبديل ٿي، نئون نالو ‘صوفي صادق فقير’/ ‘صوفي فقير’ ٿي ويو آهي. صوفي صاحب جي حوالي سان ‘دردنامو’ ۽ ‘ارشادنامو’ به لکيو ويو آهي. اصل ۾ هي ٻه مختصر ڪتاب درگاهه جهوڪ شريف جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا. البت اهي صوفي صادق فقير جي لکيل ڪتابن ۾ شمار نه ٿا ٿين.

 

(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيان تان کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا