; سنڌي شخصيتون: مخدوم خليق الزمان

20 March, 2022

مخدوم خليق الزمان

مخدوم خليق الزمان

(۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ - ۱۴ مارچ ۲۰۲۲)

حميد ڏيپلائي



مخدوم خليق الزمان؛ مخدوم طالب الموليٰ جو ٻيون نمبر پُٽ اڄ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ تي ۷۲ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

مخدوم خليق الزمان ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سياسي نوجوان ڪارڪنن لاءِ وڏو اُتساھ ۽ “مڙس ماڻھو” طور سُڃاتو ويندو ھو. مخدوم خليق ضيائي آمريت سان مڙس ٿي مھاڏو اٽڪايو ۽ مچ جيل، ڪوٽ لکپت، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد جون سختيون برداشت ڪيائين.


مخدوم خليق پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر، صوبائي اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ سينيٽر پڻ رھيو. شھيد بينظير ڀٽو جي انتھائي ويجھو رھيو پر بعد ۾ شھيد بينظير ۽ مير مرتضيٰ وچ۾ اختلافن کان پوءِ مخدوم خليق مير مرتضيٰ واري پاسي بيٺو. مير جي شھادت کان پوءِ مخدوم خليق عملي سياست کان ڪنارو ڪري گمنامي واري زندگي گذاري رھيو ھو.

سندس اصل نالو مخدوم غلام محمد ھو. “خليق” سندس تخلص ھو. مخدوم خليق الزمان شاعريءَ جو آغاز ۱۹۷۲ع کان ڪيو. سندس ڪلام مختصر ۽ غزلن تي مشتمل آهي.

ھالا نوان ۾ ۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ تي جنم وٺندڙ مخدوم خليق الزمان ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ تي ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ گُردن جي بيماري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.

 

(حميد ڏيپلائيءَ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


مخدوم خليق الزمان

سروري جماعت جو گُل مُرجهائي ويو!

نور سنڌي

جڏهن جنرل ضياءُ الحق پ پ جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري چونڊيل وزيراعظم سميت وفاقي، صوبائي وزيرن ۽ پ پ اڳواڻن کي نظر بند ڪيو ويو، ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ ڦاهي ڏئي گمناميءَ واري انداز ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو، ان وقت پ پ حڪومت ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزير رهندڙ وڏن خانن، سردارن ۽ ڀوتارن جو وڏو تعداد خاموش تماشائي بڻيل هو. ڪن پاڻ کي ڄاڻي واڻي نظربند ڪرائي ڇڏيو، ڪي بيماريءَ جو بهانو بنائي ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويا، ڪن اڻ سڌيءَ طرح جنرل ضياءَ جي حمايت جو اعلان ڪري خاموش رهڻ جي پڪ ڪرائي، ڪن جنرل ضياءَ سان خفيه ملاقاتون ڪيون، ايستائين جو شهيد ڀٽو جا اهم ساٿي، شهيد ڀٽو جي گهرواري بيگم نصرت ڀٽو، سندس نياڻي ۽ سياسي وارث محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ڇڏي ويا، ان وقت ملڪ جو هڪ ئي خاندان هو، جنهن جون شهيد ڀٽو جي خاندان سان وفاداريون اڄ به تاريخ جو حصو آهن، اهو آهي مخدوم خاندان. جنهن پنهنجي سروري جماعت سان گڏ شهيد ڀٽو جي خاندان جو هر طرح سان ساٿ ڏنو، شهيد ڀٽو جي پارٽي پ پ کي بچائڻ ۽ جنرل ضياءَ جي خلاف هر طرح سان مزاحمت ڪئي. جنهن جنرل ضياءَ جي وڏين آفرن کي ٺڪرائي ڇڏيو، جنرل ضياءَ جي مختلف قسمن جي ڌمڪين ۽ انتقامي ڪاررواين تي به ڊنا نه جهڪيا نه وڪيا.

ايم آر ڊي تحريڪ جي تاريخ گواهه آهي ته هالا جي مخدومن پنهنجي جماعت سان گڏ شهيد ڀٽو جي خاندان سان ۽ شهيد ڀٽو جي پارٽيءَ سان هر طرح سان نباهيو، قربانيون ڏنيون، جيل قيد ۽ ڪوڙن جون تڪليفون برداشت ڪيون. جڏهن پ پ جو بنياد پيو هو ته پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو هو، وري ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد پارٽيءَ کي ٻيهر آرگنائيز ۽ سرگرم ڪرڻ لاءِ به هالا ۾ ئي ڪنوينشن ٿيو هو، جنهن ۾ بيگم ڀٽو جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري محترمه بينظير ڀٽو کي پ پ جو ڪوچيئرمين ۽ مخدوم خليق زمان کي پ پ سنڌ جو صدر بنايو ويو هو. جنهن بعد محترمه بينظير صاحبه، مخدوم خليق سان گڏ سنڌ جو دورو به ڪيو ۽ مخدوم خليق زمان پ پ کي سنڌ ۾ نئين سر تنظيم سازي ڪرائي، نه صرف پارٽيءَ کي مضبوط ڪيو پر متحرڪ به ڪيو. مخدوم خليق سڄي سنڌ ۾ پ پ جي تنظيم سازي ڪئي. هن ضلعي کان وارڊ ۽ يونين ڪائونسل سطح تي اهي ماڻهو کنيا جيڪي شهيد ڀٽو جا سچا سپاهي، جيالا ۽ نظرياتي ڪارڪن هئا. هن چونڊجندڙ عهديدارن کان باقائده ڀٽو ڪاز سان سچي رهڻ، هر قرباني ڏيڻ جا حلف کڻايا. پ پ جا نظرياتي اڳواڻ ۽ ڪارڪن چون ٿا مخدوم خليق جو مٿان کان هيٺ تائين هر عهديدار ۽ ڪارڪن سان سڌو رابطو هوندو هو. پاڻ پارٽيءَ کي سرگرم ڪرڻ لاءِ وقت به وقت مختلف شهرن جا دورا ڪندو هو. ايم آر ڊي تحريڪن دوران پاڻ جيل ۾ هوندي به مختلف جيلن ۾ قيد ڪارڪنن جي مالڪي ڪئي. هر طرح سان سندن سار سنڀال لڌي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت لاءِ سروري جماعت جا گارڊ ڏنا. جڏهن ۸۳ع ۾ ايم آرڊي تحريڪ شروع ٿي ته مخدوم خليق الزمان گرفتاري ڏني، کيس تقريبن ساڍا اٺ سال سينٽرل جيل حيدرآباد، نارا جيل، سينٽرل جيل سکر ۽ ڪراچي کانسواءِ مچ جيل، جيڪو ملڪ جو ڏکيو جيل آهي، جتي گرميءَ ۾ پاڻي به گرم ٿي ويندو آهي، مخدوم خليق زمان جهڙو نازڪ نفيس شهزادو، شهيد ڀٽن جي پارٽي بچائڻ ۽ جنرل ضياءَ خلاف سول نافرماني واري تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جيل جون سختيون برداشت ڪيون. جيل اندر مٿس سختيون ڪيون ويون ته جيئن هو معافي نامو لکي ڏي. آخر ۾ کيس اهو چيو ويو ته تون رڳو واعدو ڪر ته جيل مان آزاد ٿيڻ بعد بيماريءَ جو بهانو بنائي گهر ويهي رهندين يا ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿي ويندين يا ملڪ کان ٻاهر هليو ويندين. ليڪن مخدوم خليق زمان صاف انڪار ڪندي چيو ته آئون شهيد ڀٽو جي خاندان ۽ پارٽيءَ سان غداري نه ڪندس، هي ڪنڌ ڪٽجي سگهي ٿو پر شهيد ڀٽو جي قاتلن سان ٺاهه نٿو ڪري سگهان.

پ پ جي تاريخ گواهه آهي ته جهڙي انداز ۾ مخدوم خليق زمان، شهيد ڀٽو جي خاندان خاص طور شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيو، ڏکئي وقت ۾ پارٽي ۽ شهيد ڀٽو جي خاندان سان ثابت قدم رهيو، اهڙو ڪير به نه رهيو. پ پ ۾ جيتريون قربانيون مخدوم خليق زمان جون هيون، اهڙيون ۽ ايتريون قربانيون ڪنهن جون به نه هيون. جڏهن پ پ منزل طرف وڌي رهي هئي ته اهڙو واءُ وريو جو ڪجهه ماڻهن جي ڪري مخدوم خليق زمان کي پارٽيءَ جي نئين چونڊ ۾ نظر انداز ڪيو ويو، جنهن ڪري هو دل شڪسته ٿي ويو ۽ سياسي دنيا کان پري ٿيڻ لڳو. ۸۸ع واري عام چونڊن ۾ کيس ٽنڊو الهيار مان پ پ جي ٽڪيٽ ڏني وئي، جتان پاڻ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي تڪ جا ڪافي بنيادي مسئلا حل ڪرايا. ترقياتي ڪم ڪرايا، نوجوانن کي نوڪرين جا آرڊر ڏئي روزگار سان لڳايو. کيس اڄ به ان تڪ جو عوام مثالي ايم اين اي چوي ٿو. ڇو ته پاڻ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد تڪ جي عوام جي نه صرف ڏک سک ۾ شامل رهيو، پر عوام سان رابطي ۾ به رهيو. جڏهن شهيد ڀٽو جو موڀي فرزند وطن وريو ته مخدوم خليق زمان سندس استقبال ڪيو، جيڪا ڳالهه به پ پ جي ڪجهه اڳواڻن کي نه وڻي. پ پ ۾ جڏهن کيس اهميت ملڻ ختم ٿي وئي ته پاڻ شهيد ڀٽو جي موڀي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽو جي پارٽي پ پ شهيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو. پاڻ ۹۴ع ۾ پ پ جي حڪومت ۾ شهدادپور ٽنڊو آدم جي قومي اسيمبلي جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پارٽي پاران پ پ اميدوار فدا حسين ڏيرو سان چونڊ وڙهي، سندس چونڊ مهم مير مرتضيٰ ڀٽو هلائي هئي.

پاڻ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت بعد سياست کان بلڪل پري ٿي ويو. ايتري قدر جو اڄ جي سياست کان کيس نفرت ٿيڻ لڳي هئي. هڪ دفعي مون عرض ڪيو ته سائين جن سان محبت ڪندڙ چاهين ٿا ته سائين مخدوم خليق الزمان وري سياست جي دنيا ۾ اچن. پاڻ مرڪندي چيو، مون سان محبت ڪندڙن جي مهرباني پر سڀني کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري مونکي اهڙي پٽ پاراتو نه ڏيو. سندس چوڻ هو ته اڄ جي سياست گورک ڌنڌو آهي، آئون اهڙي صورتحال ۾ سياست نه ڪندس. مخدوم خليق الزمان وڏي پائي جو سياستدان، سماجي شخصيت، بهترين اديب ۽ شاعر به هو. پاڻ سروري جماعت جي روحاني پيشوا، نامور عالم ۽ شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس اصل نالو سندس ڏاڏا جو نالو مخدوم غلام محمد آهي، جنهن ڪري سروري جماعت وارا کيس پيار مان گل سائين سڏيندا هئا. پاڻ ۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ع تي هالا شريف ۾ جنم ورتو. پرائمري کان بي اي تائين اسلاميه سروري ڪاليج مان، گرئجوئيٽ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. مخدوم خليق زمان ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو، کين شاعريءَ جو شوق والد صاحب جي شاعري ٻڌي ٿيو. پاڻ شاعري جي شروعات ۷۲ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’خليق‘ آهي. پاڻ شاعريءَ ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتي ۽ ان حوالي سان مخدوم صاحب سندس استاد آهي. سندن شاعري مشهور ڪلاڪارن رونا ليليٰ، مصري فقير، ڦوٽو زرداري، فقير حسين بخش خادم، شهنيلا علي ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. جڏهن رڳو پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان هو، ان بعد ڪيسٽن جي دنيا جو عروج هو، ان دور ۾ مخدوم خليق زمان جي مٿي ذڪر ڪيل فنڪارن جي آواز ۾ سندن ڪلامن ۽ غزلن جي ڌم هوندي هئي، خاص طور رونا ليليٰ جو ڳايل گيت؛

اچ محب مٺا، تنهنجي گهرج گهڻي،

تنهجي پيرن جي، پرين آهيان پڻي،

۽

اڄ وفائن سان بغاوتون آهن،

بي وفائي جو ان تي وار ڪبو،

جلد بازي خليق ناهي مفيد هاڻي،

توري تڪي ڪو يار ڪبو.

ڏاڍا مشهور ٿيا. پاڻ بزم طالب الموليٰ جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ ۽ منٺار فقير راڄڙ جي ڪجهه عرس مبارڪن ۾ پنهنجي شاعري پڙهي. سندس ڪلام مختصر ۽ غزلن تي مشتمل آهي. کين پائلٽ ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ پاڻ پائلٽ جي جيڪا تربيت ٿيندي آهي اها به ورتي پر والد صاحب کين پائلٽ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني.

مخدوم خليق زمان جن جي پهرين حاضري ان دور ۾ ٿي، جڏهن آئون پرائمريءَ جو شاگرد هئس. ان دور ۾ مخدوم خليق زمان اسان جي دعوت تي اسان جي اوطاق تي آيو هو. ان بعد جڏهن به هر ماهه سهائي سومار تي والد سان گڏ درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح رح تي ويندو هئس، ان بعد مخدوم هائوس تي حاضري ڀرائي سندن بنگلي خانگاه تي وڃي حاضري ڪندا هياسين. هالا مان صحافت شروع ڪرڻ بعد مخدوم خليق زمان جن سان باقائده حاضريون ٿينديون هيون. ڪڏهن پريس ڪانفرنس، ڪڏهن صحافين جي اعزاز ۾ ماني، ڪڏهن چانهه جي دعوت تي ساڻن ملاقات ٿيندي هئي. مون فقير کي اهو به شرف حاصل آهي ته سندن ذاتي زندگيءَ تي ۹۷ع ڌاري مون انٽرويو ڪيو هو، جيڪو عبرت ۾ شايع ٿيو هو. سائينءَ سان وقت به وقت فون ڪال ۽ فون ميسج تي رابطو رهندو هو. مخدوم خليق زمان جهڙا انمول هيرا صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. لاڏاڻي بعد وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. مخدوم خليق زمان جهڙيون شخصيتون وري پيدا نه ٿينديون. پاڻ هن فاني دنيا مان ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي تقريبن ڏيڍ وڳي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويا. اسان سندس لاڏاڻي تي مخدوم خاندان سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مخدوم خليق

سياست جو البيلو ڪردار

فيض کوسو

سنڌ جي سياست مان ۸۰ واري ڏهاڪي جي سياست کي جيڪڏهن خارج ڪري ڇڏجي ته پوءِ پاڪستان جي جمهوري سياست جو سمورو وايو منڊل ڌڙام سان ڪري اچي پٽ تي پوندو. ۸۰ واري ڏهاڪي جو ڳچ حصو مارشلائي زمانو رهيو ۽ ان ئي زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي جمهوري سياست کي جيڪا پائيداري بخشي تنهن جو ثمر اڄ به ڪنهن نه ڪنهن انداز سان سياستدانن کي پلئه ضرور پوي ٿو. ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ جمهوري سياست لاءِ هونئن ته انيڪ سياسي ڌرين جاکوڙيو ۽ ان لاءِ لازوال قربانيون به ڏنيون پر انهن قربانين ۾ جيترو حصو پيپلزپارٽي جي ان وقت جي سربراهه محترمه بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جو ڳڻجي ٿو ايترو حصو شايد ٻي ڪنهن ڌر جو شامل نٿو ڪيو وڃي. ان وقت جي سياست جو به عجيب رومانس هو.

محترمه شهيد بينظير ڀٽو جڏهن اڃا نئين نئين سياست ۾ داخل ٿي هئي ۽ رستن تي نڪري جمهوريت جي بحالي لاءِ پنڌ ڪرڻ شروع ڪيا هئا تڏهن روڊ رستا ماڻهن سان ايئن ڀريل رهندا هئا جو لڳندو هو ته ماڻهو ڄڻ ڪي پنڊ پهڻ بڻيل آهن ۽ هو انهن رستن تان تيستائين تر به نه هٽندا جيستائين هو سياست ۾ طلسماتي شخصيت رکندڙ محترمه بينظير ڀٽو جي هڪ جهلڪ نه پسي وٺن. انهن ڏينهن ۾ سنڌ اندر هالن جي مخدوم خاندان جو چشم و چراغ مخدوم خليق الزمان به محترمه شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ گڏ نظر ايندو هو. قدرت کيس شڪل ۽ شبيهه ۾ ته حسناڪي بخشي ئي هئي پر سندس آواز ۾ به عجيب گرج محسوس ٿيندي هئي. هو جڏهن مائيڪ هٿ ۾ جهلي ڳالهائيندو هو تڏهن سندس آواز جي گونج ماڻهن ۾ ايتري ته گرمي پيدا ڪري ڇڏيندي هئي جو جيڪر ان وقت هو پنهنجي آواز ۾ ماڻهن کي جبل ڏارڻ جو حڪم ڏئي ها ته سندس تقرير ذريعي گرمايل ماڻهو جبل کي به ڇيهون ڇيهون ڪندي دير نه ڪن ها. مخدوم خليق الزمان جو اصل نالو ته مخدوم غلام محمد گل سائين هو پر کيس مخدوم خليق الزمان جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو ويو.

هن جي ولادت مخدوم محمد زمان طالب موليٰ جي ٻي گهر ۾ ٿي. هن پنهنجي تعليم هالن مان حاصل ڪئي ۽ ڪاليج سائيڊ کان سنڌ يونيورسٽي مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرس جي ڊگري به حاصل ڪئي. سندس پيدائش ۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ع جي ٻڌائي وڃي ٿي. ۱۹۶۱ع ۾ جڏهن هالا ۾ پ پ جو ڪنوينشن ٿيو هو تڏهن کان هن اڻ سڌي طرح سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو. ابتدائي طور هو مٽياري مان ايم پي اي چونڊيو. پوءِ ۱۹۸۸ع ۾ ايم اين اي به چونڊيو ويو ۽ ملڪ جي سينيٽ جو ميمبر به رهيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ جي پيپلزپارٽي کي سگهارو بڻائڻ ۾ جيڪو سندس ڪردار رهيو اهو تاريخ جو حصو بڻيل آهي ۽ جڏهن جڏهن به مورخ تاريخ لکندا تڏهن تڏهن هو مخدوم خليق الزمان جي سياسي ڪردار کانسواءِ سنڌ جي سياست جو باب مڪمل ڪري نه سگهندا. مخدوم خليق الزمان ۸۰ واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ سياست ۾ بنهه گهڻو متحرڪ رهيو. ۱۹۸۳ع جي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ هن ۲۰ مهينا قيد ڪاٽيو. هو بلوچستان جي مچ ۽ پنجاب جي اڊيالا جيلن جو قيدي رهيو. کيس اهو اعزاز حاصل رهيو ته هو جڏهن پيپلزپارٽي سنڌ جو صدر هو تڏهن ۱۹۸۵ع ۾ هالا ڪنوينشن دوران محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي پنهنجي جماعت جو چيئرپرسن چونڊيو ويو هو. ان کان اڳ محترمه بيگم نصرت ڀٽو پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن هئي.

مخدوم خليق الزمان بعد ۾ مختلف سياسي اختلافن جي ڪري پيپلزپارٽي کان پاسيرو ٿي ويو ۽ جڏهن مير مرتضيٰ ڀٽو جلاوطني ختم ڪري سنڌ پهتو هو ته هن کيس پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو صدر مقرر ڪيو هو. سياست جي بي رحم لاهن چاڙهن جڏهن جمهوري سياست کي ورغلائي ٻئي هنڌ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن ذري گهٽ هڪ پوري ڏهاڪي ۾ انتهائي سرگرم رهندڙ مخدوم خليق الزمان سياست کان گوشانشيني اختيار ڪئي ۽ پوءِ انيڪ هيلن بهانن جي باوجود هو سياست جي بي رحم شطرنج جي بساط تي نظر نه آيو. مون ذاتي طور مخدوم خليق الزمان کي مختلف جلسن جلوسن ۾ انهن ڏينهن دوران ڏٺو هو جڏهن جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ۽ ان کانپوءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي واپسي دوران هلندڙ هلچل جا جلسا جلوس ٿيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ شينهن جي گجگوڙ جيان ڪيل سندس تقريرون اڄ به منهنجي ڪنن ۾ ٻُرن ٿيون. منهنجي خواهش هئي ته مخدوم خليق الزمان کي آئون ويجهي کان ڏسي ۽ ملي سگهان سو قدرت واري منهنجي اها خواهش انهن ڏينهن ۾ پوري ڪئي جڏهن آئون هڪ ٽي وي چينل لاءِ ايم آر ڊي جي تحريڪ تي ڊاڪيومينٽري جوڙي رهيو هئس. منهنجي ساڻس ملاقات هالا ۾ سندس مهمان خاني تي ٿي هئي.

ان ملاقات ۾ هڪ ٻيو شخص به موجود هو ۽ اسان ٽن ڄڻن گڏجي خوب ڪچهري ڪئي هئي. ٽي وي چينل لاءِ مون ۱۷ قسطن تي مشتمل اها ڊاڪيومينٽري تيار ڪئي جنهن ۾ مخدوم خليق الزمان کي به رڪارڊ ڪيو ويو. ابتدائي طور ته هن انٽرويو ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي هئي پر پوءِ الائي ڇو ۽ ڪيئن هو انٽرويو ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ کيس راضي ڪرڻ ۾ محترم علي قاضي صاحب جو به وڏو هٿ رهيو. مون کي چٽي طرح ياد آهي ته جڏهن آئون سندس انٽرويو ڪرڻ لاءِ هالا ويو هئس ته اسان جي ڪچهري ٽن ڪلاڪن کان به وڌي وئي هئي. ان دوران اسان مانجهاندو به گڏجي ڪيو هو. ان ملاقات دوران هن پيپلزپارٽي جي قيادت سان پنهنجن اختلافن ۽ ان کانپوءِ هڪ ٻه ڀيرا محترمه شهيد بينظير ڀٽو سان ملاقاتن جو به کلي ذڪر ڪيو هو. محترمه جي شهادت جو واقعو به اسان جي ڪچهري جو موضوع بڻيو. مون محسوس ڪيو هو ته محترمه جي شهادت جي ذڪر تي مخدوم خليق الزمان اداس ٿي ويو هو ۽ ذري گهٽ سندس آواز به گلي ۾ ڀرجي آيو هو. مخدوم خليق الزمان جو چوڻ هو ته هو سياست کي عبادت سمجهي ٿو ۽ ان ئي عبادت جي ڪري هن سياست ڪئي هئي.

هن شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گذاريل سياسي ڏينهن ۽ سياسي تحريڪن جو به تفصيل سان ذڪر ڪيو هو. مون کين گذارش ڪئي هئي ته هو پنهنجي سياسي سفر جي يادگيرين کي ضرور سهيڙين پر مخدوم خليق الزمان جو خيال هو ته ماضي کي ياد نه ڪجي ته بهتر آهي. هن هڪ واقعو به ڪچهري ۾ بيان ڪيو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته هڪ دفعي آئون گاڏي ڊرائيو ڪري رهيو هئس ته ڪجهه اسڪولي شاگردياڻين محترمه شهيد بينظير ڀٽو کي ڏسي هٿ لوڏيا ته هن مون کي گاڏي روڪڻ جو حڪم ڏنو. اسڪولي شاگردياڻيون محترمه سان ته مليون ئي مليون پر انهن مون کي کيڪاريو. اهڙي کيڪار تي محترمه شهيد بينظير ڀٽو کلندي مون کي چيو هو ته “خليق تم بهي بهت مشهور هو. ” محترمه جي ان جملي تي آئون به کلي پيو هئس. مخدوم خليق الزمان ۷۳ سالن جي ڄمار ۾ هي جهان ڇڏي چڪا آهن. سندس جسد خاڪي کي هالن جي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي پر هن البيلي شخص سياست جي سمنڊ ۾ پوري سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي جوهر جا جيڪي پٿر اڇلايا هئا سي ضرور هڪ نه هڪ ڏينهن سپون بڻجي نروار ٿيندا. هو شاعر به هو. دنيا جي مشهور گلوڪاره رونا ليلا سندس هڪ گيت ڳايو هو جيڪو گهڻو مشهور ٿيو.

اچ محب مٺا، تنهنجي گهرج گهڻي

تنهنجي پيرن جي پرين آهيان پڻي

هر وقت هجين شال اکين اڳيان

رڳو توکي ڏسيو پيو يار جيان

تون آهين خليق جي دل جو ڌڻي.

مخدوم خليق الزمان جي دل جو ڌڻي ته الائي ڪير هو ۽ هن پنهنجي دل الائي ڪنهن کي ڏني پر سياست ۾ هو لکين دلين جو ڌڻي هو ۽ سندس سياست واري متحرڪ زماني جا جيڪي امين هن وقت به جڳ ۾ موجود آهن تن جڏهن مخدوم خليق الزمان جي دائمي طور وڇوڙي جي ڳالهه ٻڌي هوندي تڏهن ضرور سندن اکين جا بند ٽٽا هوندا ۽ انهن اکين مان يادگيري جا ٻه لڙڪ ڪري ڌرتي ۾ جذب ٿي ويا هوندا جن لڙڪن مخدوم خليق الزمان کي شرافت ۽ ايمانداري جي سياست تي ضرور ڀيٽا پيش ڪئي هوندي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

آخر مخدوم خليق به موڪلائي ويو!

ذوالفقار قادري

هي اهي ڏينهن هئا جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو جنرل ايوب خان سان تاشقند معاهدي بعد ساڻس سان اختلاف ڪري وزارت خارجه تان استعفئ ڏئي چڪو هو، سندس لاڙڪاڻي واري گهر المرتضئ هاؤس جي مکيه دروازي تي ٻن نالن واريون پليٽون لڳل هونديون هيون، مکيه گيٽ جي هڪ پاسي تي سر شاهنواز ڀٽو ۽ ٻئي پاسي تي ذوالفقار علي ڀٽو بارايٽ لا جون تختيون لڳل هيون ذوالفقار علي ڀٽو جي استعفئ بعد جنرل ايوب خان ذوالفقار علي ڀٽو کي هيسائڻ خاطر گرفتار ڪيو ته بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي مڙس جي اهڙي گرفتاري کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو ۽ عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي سندس آزادي جو حڪم نامون جاري ڪيو آزادي بعد هڪ رات ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دوست ۽ سنڌ جي هڪ وڏي جاگيردار چانڊيه قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو سان سرور جي محفل دوران کيس ٻڌايو ته هو هڪ نئين پارٽي جوڙڻ ٿو چاهي جنهن ۾ غريب، مسڪين، هاري، مزدور ۽ ٽانگي وارا هوندا نواب احمد سلطان چانڊيو وڏو ٽھڪ ڏيندي ڀٽي کي چيو ها آئيڊيا ڀلو آھي پر جيستائين گادي ڌڻي، جاگيردار، سردار ۽ نواب گڏ نه کڻندي تو واري پارٽي صرف گڏھ گاڏي ۽ ٽانگي وارن جي پارٽي ئي رهندي، ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دوست جو مشورو ڪيترو قبول ڪيو اها ته خبر پوءِ پئي پر ذوالفقار علي ڀٽو نومبر ۱۹۶۷ع تي لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسين جي گهر پيپلز پارٽي جو بنياد پئي وڌو ته اڪثر کاٻي ڌر جا سوشلسٽ ڊاڪٽر مبشر حسين، معراج محمد خان، باباء سوشلزم شيخ رشيد، جي اي رحيم، خورشيد حسن مير، مير رسول بخش ٽالپر، ملڪ معراج خالد جهڙن روشن خيالن سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي ۾ نالي وارا گادي ڌڻي مخدوم محمد زمان طالب المولئ، پير غلام رسول شاهه جيلاني، پير عبدالقادر شاهه جيلاني آف راڻيپور، غلام مصطفيٰ کر، رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي، نواب صادق حسين قريشي، نواب سيف الله مگسي، نواب احمد سلطان چانڊيو جهڙا روايتي گادي نشين، سردار ۽ نواب به پارٽي ۾ کنيا اها ٻي ڳالهه آھي ته نواب احمد سلطان چانڊيو ستر جي اليڪشن ۾ پنهنجي دوست ذوالفقار علي ڀٽو جي پارٽي پ پ جي ٽڪيٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو قمبر واري صوبائي تڪ تان ميجر دوست محمد هڪڙو جي حمايت ڪري پنهنجي دوست نواب احمد سلطان چانڊيو کي شڪست ڏياري، ذوالفقار علي ڀٽو ستر جي چونڊ ۾ ٺٽي واري قومي اسمبلي جي سيٽ سردار يوسف چانڊيو کان کٽي جيڪا هن خالي ڪري ضمني چونڊن ۾ مخدوم امين فهيم کي ٺٽي مان قومي اسمبلي جو ميمبر چونڊرايو جڏھن ته ذوالفقار علي ڀٽو بدين واري قومي اسمبلي جي سيٽ نجم الدين سريوال کان کٽي هئي جيڪا خالي ڪري مير علي احمد ٽالپر کي اتان ضمني چونڊ ۾ کٽرائي قومي اسمبلي جو ميمبر بڻايو، اڳتي هلي ۵ جولاءِ ۱۹۷۷ع جي مارشل لا بعد چڱا ڀلا پ پ کي ڇڏي ويا پر هالا جي مخدوم سرور نوح جي نو لکي گادي جو گادي ڌڻي مخدوم طالب المولئ پ پ سان بيٺو رهيو نه صرف مخدوم طالب الموليٰ پ پ سان نڀايو پر سندس چوٿين پيڙھي به آصف علي زرداري ۽ سندس همشيره فريال ٽالپر جي زيادتين جي باوجود اڃا پ پ سان نڀائيندي پئي اچي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسي گهاٽ ۾ ھئڻ وارن ڏينهن ۾ رئيس حاڪم علي زرداري ته ڀٽو مخالف ولي خان جي پارٽي ۾ شامل هو پر ھالا جو مخدوم خاندان بينظير ڀٽو سان ڏک سک ۾ بيٺو.

ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ بعد جڏھن جنرل ضياء سنڌ جي دوري آيو ته جنرل ضياء انهن ڏينهن ۾ پيرصاحب پاڳاري، مير برادران مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر، مولا بخش سومرو، الاهي بخش سومرو ٖسان ملاقات بعد جنرل ضياء سائين جي ايم سيد سان حيدرآباد سول اسپتال جي ديوان مشتاق وارڊ ۾ ملاقات پڻ ڪئي پير صاحب پاڳاري جنرل ضياء کي صلاح ڏني ته سنڌ ۾ پ پ کي ٽوڙڻ لا۽ مخدوم طالب المولئ سان ملاقات ڪيو ۽ جنرل ضياء مخدوم طالب المولئ سان پڻ ملاقات ڪري سندن همدرديون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هيون ٖپر مخدوم طالب المولئ جنرل ضياء مٿان واضع ڪيو ته مان جيسين زنده آھيان ان وقت تائين ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو سان غداري ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان ۽ اها روايت مخدوم امين فهيم به نڀائي پر جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته هالا جي مخدومن ۾ مخدوم خليق الزمان اهو واحد فرد هو جنهن عملي طور عوامي سياست جو انداز اختيار ڪيو، مخدوم خليق الزمان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند هو سندس اصل نالو ته مخدوم غلام محمد هو پر پيار منجهان کيس “ گل سائين “ چوندا هئا مخدوم خليق الزمان ۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ع تي جنم ورتو. مخدوم خليق الزمان پرائمري تعليم هالا مان ۽ گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪئي هو ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندڙ شخص هو شاعريءَ ۾ سندس تخلص “ خليق “ هو، هن شاعريءَ ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتي ۽ ان حوالي سان مخدوم طالب المولئ سندس استاد هو مخدوم خليق الزمان سياست ۾ جنرل ضياء جي مارشل واري دور ۾ سرگرم ٿيو ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد ٿيڻ بعد جڏھن بينظير ڀٽو صاحبه پنهنجي زندگي جي سياسي شروعات ڪئي ته فيبروري ۱۹۷۸ع ۾ بينظير ڀٽو صاحبه سان ان دوري ۾ مخدوم خليق به ساڻس گڏ ھو حيدرآباد بعد جڏھن هو هالا پهتا ته هزارين ماڻھن سندن والهانه استقبال ڪيو ۽ ھالا ۾ ئي مارشل لا اختيارن بينظير ڀٽو صاحبه ۽ مخدوم خليق کي نظربند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا پر ڪجهه عرصي بعد آزاد ٿيڻ بعد ٻنهي سياسي سفر جاري رکيو، مخدوم خليق ۱۹۸۳ع واري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به نمايان ڪردار ادا ڪيو هزارين ماڻھن جي جلوس ۾ اچي گرفتاري پيش ڪيائين مخدوم خليق حيدرآباد سينٽرل جيل، سينٽرل جيل سکر، سينٽرل جيل مچ بلوچستان، لانڍي جيل ڪراچي ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ طويل عرصو قيد ڪاٽيو، مچ جيل کان جڏھن مخدوم خليق، شهيد فاضل، پير مظھر، اياز سومرو، غلام الله ماهوٽو ۽ ٻين کي سنڌ جي جيلن واپس ڪيو ويو ته مخدوم خليق، پير مظھر، اياز سومرو وارن لانڍي جيل جي ان بيرڪ جنهن ۾ هو قيد هئا ان جو نالو “ پڃرو پنهوارن جو “ رکي ڇڏيو هو مخدوم خليق جي بينظير ڀٽو صاحبه جي تمام ويجهو ۽ اعتماد وارن اڳواڻن ۾ هئڻ سبب، بينظير ڀٽو صاحبه جي شادي حوالي سان به ڪيترن ئي شخصيتن حيات محمد شير پائو، مخدوم فيصل صالح حيات، غلام مرتضئ جتوئي سان گڏ مخدوم خليق الزمان جي نالن حوالي سان به افواه پکيڙيا ويا پر بينظير ڀٽو صاحبه جي شادي حوالي سان حقيقي طور اڳوڻي ڪمشنر سکر ڊويزن سيد محب الله شاهه جي ڀاءُ سيد شجاع شاهه جيڪو جنرل ضياء دور ۾ وفاقي سرڪار ۾ بيورو ڪريٽ ھو شجاع شاه جي فيملي سان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبه جي پڦي آنٽي منورالسلام رشتي جون ڳالهيون هلايون هيون پر شجاع شاه جنرل ضياء جي خوف سبب پوئتي هٽي ويو هو ته پو۽ ان رشتي جون ڳالهيون اتي ئي ختم ٿي ويون هيون، مخدوم خليق الزمان پ پ سنڌ جي نائب صدر جي عهدي تي فائز هو ته بينظير ڀٽو صاحبه ۳ مئي ۱۹۸۶ع تي رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي کي پ پ سنڌ جي صدارت تان هٽائي مخدوم خليق الزمان کي پ پ سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ته ٿوري عرصي بعد رئيس غلام مصطفئ جتوئي صاحب پ پ کان الڳ ٿي پنهنجي نيشنل پيپلز پارٽي جوڙي ته ان ۾ غلام مصطفيٰ کر، ملڪ رباني کر، ميان محمد حنيف رامي، ايس ايم ظفر، حامد رضا گيلاني، نواب غوث بخش رئيساڻي، ڪمال اظفر، ميان ساجد پرويز، نفيس صديقي، رانا حنيف، اختر حسين شاهه، پير آفتاب شاهه جيلاني، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، ملڪ لعل خان، غازي صلاح الدين، عثمان ڪينيڊي، الله بچايو لغاري، امتياز تاج ۽ ٻيا به پ پ ڇڏي جتوئي صاحب سان وڃي شامل ٿيا اهڙي وقت ۾ جڏھن هڪ طرف رئيس غلام مصطفئ جتوئي پ پ ڇڏي ٻي پارٽي جوڙي ته ٻئي پاسي ان کان اڳ ڊسمبر ۱۹۸۵ع ۾ ممتاز علي ڀٽو صاحب سنڌي بلوچ پختون فرنٽ جو اعلان ڪري چڪو هو حفيظ پيرزادو، رئيس نبي بخش ڀرڳڙي، نواب يوسف ٽالپر، احمد علي سومرو، ثمر علي شاهه، جميل سومرو ۽ ٻيا ڪافي پ پ ڇڏي ممتاز علي ڀٽو جي سنڌي بلوچ پختون فرنٽ ۾ شموليت ڪري چڪا هئا ان ڏکئي وقت ۾ مخدوم خليق پ پ سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ سموري سنڌ جي ضلعن جو تنظيمي دورو ڪري پ پ سنڌ کي متحد ۽ منظم ڪري هر ضلعي ۾ پارٽي اليڪشن ڪرائي تنظيمي طور پ پ کي مضبوط ڪيو، بينظير ڀٽو صاحبه ۽ مخدوم خليق بابت هڪ قصو به مشهور ڪيو ويو ته بينظير ڀٽو صاحبه مخدوم خليق کي گاڏي مان لاهي ڇڏيو هو هن قصي کي حقيقتن جي برعڪس ڪري پيش ڪيو ويو هو جڏھن ته بينظير ڀٽو صاحبه مخدوم خليق الزمان جو دل سان احترام ڪندي هئي مان ان واقعي جو چشم ديد شاهد آھيان هي انهن ڏينهن جو قصو آھي جڏھن ممتاز علي خان ڀٽو، رئيس غلام مصطفئ جتوئي، عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻيا پارٽي ڇڏي هليا ويا هئا انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ بينظير ڀٽو صاحبه سان مخدوم خليق الزمان ۽ مير هزار خان بجاراڻي ۽ ٻيا ساٿي ساڻس گڏ هوندا هئا، مخدوم خليق کي گاڏي مان لاهڻ جو اصلبواقعو هيئن هو ته بينظير ڀٽو صاحبه کي سپاف جي شهيد صدر فقير اقبال هيسباڻي جنهن کي سول اسپتال حيدرآباد جي موجوده او پي ڊي کان هيٺ پٺاڻ ڪالوني جي چاڙھي وٽ پوليس ۽ ٻين ادارن گولي هڻي شهيد ڪيو ۽ لالا جهانگير پٺاڻ معذور ڪيو ويو هو سو بينظير ڀٽو صاحبه کي فقير اقبال هيسباڻي جي تعزيت واسطي ڳوٺ فقير خوش خير محمد هيسباڻي خيرپور وڃڻو هو هيسباڻين جي ڳوٺ بعد بينظير ڀٽو صاحبه کي پير آف راڻي پور پير سيد عبدالقادر شاه جيلاني جي فرزند پير علي تقي شاه جي دعوت تي راڻي پور به وڃڻو هو، بينظير صاحبه المرتضئ هاؤس لاڙڪاڻي مان قافلي جي صورت ۾ روانو ٿي، بينظير صاحبه جي گاڏي مخدوم خليق الزمان پئي هلائي، جڏھن ته بينظير صاحبه سان گڏ پيجارو گاڏي ۾ مير هزار خان بجاراڻي ۽ ناهيد خان به هئا، انتهائي ڇتي گرمي هئي، نئون ديرو، مديجي، ڳاهيجا، لکي غلام شاهه کان ٿيندا سکر پهتاسين اتي غلام قادر ڀٽو وٽ سکر گهوٽڪي جي ڪارڪنن سان گڏجاڻي ڪري قافلو خيرپور روانو ٿيو خيرپور ۾ منظور وساڻ جي گهر تي گڏجاڻي ڪري هيسباڻي فقيرن ڏانهن قافلو روانو ٿيو ڳوٺ فقير خوش خير محمد هيسباڻي پهچي فقيرامداد هيسباڻي ۽ فقير اوشاق هيسباڻي سان فقير اقبال هيسباڻي جي تعزيت ڪري قافلو راڻي پور لا۽ ڪرونڊي، فيض گنج کان ٿيندا راڻي پور پهچڻ وارا هئاسين سخت گرمي ۽ مسلسل سفر سبب مخدوم خليق الزمان کي الرجي سبب زڪام ٿي پيو، ٻئي طرف بينظير ڀٽو صاحبه جي طبيعت به صحيح نه هئي، کيس به الرجي سبب زڪام ٿي ويو هو، بار بار ٽشو پيپر سان نڪ مان وهندڙ پاڻي کي صاف ڪندي رهي آخر راڻيپور ڀرسان پهتاسين ته بينظير صاحبه مخدوم خليق کي گاڏي روڪڻ جو چيو، مخدوم خليق فورن گاڏي روڪي ته بينظير صاحبه کيس چيو؛ “خليق صاحب توکي خبر آ مون کي زڪام کان فورن الرجي ٿي ويندي آھي، اوهان مهرباني ڪري پويان ٻي گاڏي ۾ وڃي ويهو ۽ گاڏي ۾ پويان ويٺل مير هزارخان بجاراڻي کي چيائين؛ “بجاراڻي صاحب اوهان اچي گاڏي ڊرائيو ڪيو.“ ان تي مخدوم خليق، بينظير صاحبه کي چيو؛ مون به اهو پئي چاهيو پر اوهان کي چئي نه سگهيس.“ مخدوم خليق ڊرائيونگ سيٽ ميرهزارخان بجاراڻي جي حوالي ڪئي ۽ وڃي ٻي گاڏي ۾ ويٺو. اهڙيءَ طرح اسان پير آف راڻيپور جي فرزند پيرعلي تقي شاه جي دعوت تي سندن رهائش گاه پهتاسي. رات دير سان اسان جي لاڙڪاڻي واپسي ٿي. ٻئي ڏينهن اسان ڳڙھي خيري مير غلام محمد شاھلياڻي ڏانهن روانا ٿياسي. بينظير صاحبه جي گاڏي ساڳيو مخدوم خليق هلائي رهيو هو. ان واقعي کي اڄ ڏينهن تائين صحيح پيش نه ڪيو ويو آھي. مون ڪافي سال اڳ ڪاوش ۾ ان باري ۾ لکيو هو پر اڄ مخدوم خليق الزمان واري وڇوڙي جي خبر ٻڌي پنهنجي يادگيرين کي تازو ڪيم، بينظير ڀٽو صاحبه جي آصف علي زرداري سان شادي بعد اڳوڻي صدر آصف علي زرداري نه پئي چاهيو ته ڪو مخدوم خليق الزمان پارٽي ۾ اڳيان هجي مخدوم خليق الزمان ۱۹۸۸ع وارين چونڊن ۾ پ پ ٽڪيٽ تان ٽنڊوالهيار واري تڪ تان قومي اسمبلي جو ميمبر به چونڊيو ان بعد مخدوم خليق الزمان پ پ کان پري ٿيندو ويو ۽ ۱۹۹۱ع ۾ ڄام صادق علي ۽ پيرصاحب پاڳاري جي مدد سان سينيٽر به ٿيو، مير مرتضئ ڀٽو جي وطن واپسي بعد مخدوم خليق الزمان مير مرتضئ ڀٽو جي قافلي ۾ شامل ٿي ويو اڳتي هلي مير مرتضئ ڀٽو جي شھادت بعد سياست کان گوشانشين ٿي ويو آخر هالا جي مخدوم خاندان جو هي بهادر فرد هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، مخدوم خليق الزمان پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اڪثر پنهنجي شاعر جون سٽون پيو گنگنائيندو هو

“هن سان ٻيهر وفا ڪري ڏِسبي،

پاڻ سان هڪ دغا ڪري ڏِسبي..

زندگانِي ڀلي حَسِين هُجي،

توتان گهوري فِدا ڪري ڏِسبي..

دل گُهري ٿِي وري ٿيان تُنهنجِي،

هيءَ خطا تي خطا ڪري ڏِسبي..

شرم ڇالاءِ ڀائنجي اي خليق،

اڄ ورِي التجا ڪري ڏِسبي

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مخدوم خليق الزمان

پنهنجي زندگيءَ ۾ سياست مان مايوس ڇو ٿيو؟

عبدالوھاب منشي

مخدوم خليق الزمان، ملڪي سياست ۾ ڪنهن تعريف جو محتاج نه آهي. هو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نظرياتي پيروڪار هو. خليق سائين پنهنجي ذات ۾ هڪ وفادار ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. مخدوم خليق سان منهنجي دوستي ۽ تعلق جي شروعات ۲۰۰۶ع ۾ ٿي. پر ان مخدوم خليق الزمان ۽ ۱۹۸۸ع واري مخدوم خليق الزمان ۾ هڪ وڏو فرق ڏٺو. اهو انقلابي خليق سائين زندگيءَ جي ڪنهن خلش ۾ ختم ٿي چُڪو هو. هڪ ڀيرو اسان جمن شاهه جي گهر ۴ ڪلاڪ اڪيلا ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. مون پهريون ڀيرو مخدوم خليق الزمان جي اکين ۾ منافق سياستدانن ۽ سماجي روين جي خلاف جيڪا بغاوت ڏٺي، اُها آئون ڪيئن تحرير ڪريان. هُن کي پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ سياست کان شديد نفرت ٿي وئي هئي. ڇو ته ۱۹۸۰ع ۾ هڪ صوفي شاعر مزاج انسان کي جهڙيءَ طرح سندس خوبصورت هٿن ۾ سون جا ڪڙا پارائڻ بدران هن کي هٿڪڙيون پارائي مچ جيل کان وٺي سکر جيل ۾ رکيو ويو، پوءِ جن حالتن ۾ هُن پيپلز پارٽي سنڌ کي سنڀاليو، هُن جيڪو ساٿ بينظير ڀٽو جو ڏنو، اهڙو ساٿ شاهنواز ڀٽو ۽ مرتضيٰ ڀٽو کي به پنهنجي ڀيڻ سان ڏيڻ جو موقعو نه مليو. هُن کي زندگي جو وڏو ڏک هو، ڪهڙي طرح مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي ڪنهن جي اشاري تي پ پ کي ٽوڙڻ چاهيو، ڪهڙي طرح بينظير ڀٽو جا چاچا هُن کي اڪيلو ڪرڻ چاهيندا هئا. انهن حالتن ۾ جيڪڏهن مخدوم خليق الزمان بي بي سان گڏ نه هجي ها ته يقينن ايم آر ڊي تحريڪ ايتري متحرڪ نه ٿئي ها.

مخدوم خليق الزمان پنهنجي خاندان جي سڀني فردن ۾ سنڌ جي نوجوانن جو آئيڊيل هو. پر اُن مخدوم خليق الزمان سان پ پ ۾ ڇا ٿيو؟ ڪهڙي بيدرديءَ سان کيس پارٽيءَ مان پاسي ويو. مخدوم خليق الزمان پنهنجي خانداني روايتن کي برقرار رکندي، جهڙي طرح ڀٽو خاندان جو ساٿ ڏنو، اهو وچن ۽ عهد ان جي مرحوم والد مخدوم طالب الموليٰ جو ذوالفقار علي ڀٽو سان هو. جنهن کي مخدوم خليق الزمان، مير مرتضيٰ ڀٽو تائين نڀايو. مخدوم خليق الزمان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪي تڪليفون پ پ ڇڏڻ تي مليون، شايد اهي زندگيءَ جو وڏو صدمو هجن، پوءِ ڄام صادق علي ۽ مرحوم پير سائين شاهه مردان شاهه جي ڪري هو سينيٽر ٿيو. پر پوءِ به سندس پ پ ۽ ڀٽو خاندان سان عشق اُن سيٽ جي نعمل بدل نه هو. مخدوم خليق الزمان مون کي ٻڌايو هو ته کيس بينظير ڀٽو جي شهادت کان پهرين جيڪڏهن ڪو زندگيءَ ۾ دلي صدمو پهتو هو ته اهو مرحوم ڀاءُ مخدوم شفيق الزمان ۽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جو هو. هو مون کي هر ڪچهري ۾ اهو چوندي نظر ايندو هو ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو، مرتضيٰ قتل ڪيس جي پوئيواري ڪري ها ته پاڻ ائين شهيد نه ٿئي ها. هُن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ موجوده پ پ کان وڏيون شڪايتون هيون. ۲۰۱۲ع ۾ صدر آصف علي زرداري ۴ اپريل لاڙڪاڻي وڃڻ کان پهرين ۳ اپريل تي هالا هائوس پهتو، اُتي مخدوم امين فهيم کي خاص طور تي مخدوم خليق الزمان کي اُن ڪچهريءَ ۾ سڏڻ جو چيو ويو ته ڪهڙي به طرح مخدوم خليق الزمان کي راضي ڪري پيپلز پارٽي ۾ شامل ڪيو وڃي. پر هُن اُتي به پنهنجي وڏي ڀاءُ جي سامهون ٻيهر سياست ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي ڏينهن جڏهن اسان ساڻس موبائل تي رابطو ڪيو ۽ پڇيو ته ڇا توهان پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهيو؟ ته هُن وڏو ٽهڪ ڏئي چيو، مان سياست ۾ فٽ ناهيان. پوءِ هُن مون کي اندر جي ڪهاڻي به ٻڌائي. اُهي سڀئي ڳالهيون ۲۰۱۲ع جي عوامي آواز اخبار ۾ هڪ ليڊ ڪالم طور ۴ اپريل ۲۰۱۲ع تي شايع ٿيون. مخدوم خليق الزمان کي پ پ ڇڏڻ کانپوءِ وڏين وڏين سياسي پارٽين شموليت جون دعوتون ڏنيون پر هن صاف انڪار ڪيو. هڪ ڀيرو اسان مخدوم صاحب جي پاڙيسري موجوده صدر پاڪستان عارف علويءَ جي گهر عمران خان سان گڏ ڊنر تي موجود هئاسين، مون کي پاڻ عمران خان مخدوم خليق الزمان جي لاءِ پيغام ڏئي گهر موڪليو ته اسان کي پي ٽي آءِ سنڌ ۾ هڪ سنڌي صدر جي ضرورت آهي، توهان پهرين مخدوم صاحب کان ٽائيم گهرو ۽ کيس آماده ڪريو ته اسان سندس گهر هلون ٿا، هو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪري. اسان نعيم الحق کي سنڌ جي صدارت تان هٽائي کيس سنڌ جو صدر ٺاهينداسين. جڏهن آئون مخدوم صاحب وٽ اُن جي محمدي هائوس واري گهر پهتس ۽ اهو پيغام ڏنو ته عجيب مسڪراهٽ سان کِليو ۽ مون کي چيو، ڇا توهان عمران کي قائدِ عوام سمجهي ويٺا آهيو. هو منهنجي نظر ۾ سياستدان ئي نه آهي، اڄ کانپوءِ ملڻ ضرور اچو پر ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو نه چئو. آئون سياست تان رٽائرمينٽ وٺي چُڪو آهين. پوءِ جڏهن سندس موڊ ڪجهه بهتر ٿيو ته هُن پاڻ سان گڏ منجهند جي ماني کارائي ۽ مون کي پنهنجي گهر جي هڪ ڪمري ۾ هڪ تاريخي بندوق ’سهٽي‘ ڏيکاري، جيڪا سندس والد کيس آخري تحفي طور ڏني هئي. هو ڪچهري ۽ مهمان نوازيءَ جو مور هو پر پنهنجي طبيعت جو بادشاهه، جيڪڏهن هو ڪا شيءِ ناپسنديده سمجهندو هو ته منهن تي چئي ڏيندو هو. هو هڪ سچو ۽ کرو انسان هو. مون مخدوم خليق کي اڪثر اهو چوندي ٻڌو ته هن دور ۾ سچ جو رستو اختيار ڪرڻ وڏو مشڪل ڪم آهي. سچ جي رستي تي توهان کي دوست، خاندان ۽ عزيز سڀ اڪيلو ڇڏي ويندا آهن پر آئون پنهنجي زندگيءَ مان تمام گهڻو مطمئن آهيان.

هو هڪ اعليٰ درجي جو نفيس انسان هو. آخري ڏينهن ۾ هُن ماڻهن سان ملڻ جلڻ تمام گهٽ ڪري ڇڏيو هو. اڪثر اسان جي ڪچهري فون تي ٿيندي هئي، هر ڪال پاڻ اٽينڊ ڪندو هو، هر ميسيج جو جواب فوري ڏيڻ سندس عادت ۾ شامل هو. اڄ اهو وفا جو پيڪر دوست مخدوم خليق الزمان اسان سڀني کي ڇڏي هالا ويران ڪري پنهنجي آخري سفر تي هليو ويو. يقينن جتي اسان دوست هُن کي زندگيءَ جي آخري وقت تائين ياد رکنداسين، اُتي سنڌ ڌرتيءَ تي به مخدوم خليق الزمان جو نالو تاريخ ۾ امر رهندو. هو پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو ماڻهو ۽ ڪردار هو. جنهن جي اسان سنڌين ۽ اسان جي سياست اُهو قدر نه ڪيو، جيڪو ڪرڻ گهرجي ها. پر الله وٽ سچي انسان جو وڏو درجو ۽ مقام آهي. الله پاڪ مخدوم خليق الزمان جي آخري سفر کي آسان فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. آمين.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

گُل سائين

مخدوم خليق الزمان جو وڇوڙو!

پير مڪرم الحق

هالا جي آسپاس ’نو لکي گودڙي‘ درويشن جي درويش مخدوم نوح جي خاندان جو هي چشم چراغ قبله مخدوم طالب الموليٰ جا ٻيو نمبر فرزند ۽ مخدوم امين فهيم سائين جو ننڍو ڀاءُ مخدوم خليق الزمان هڪ تاريخ ساز شخصيت هو. جنهن کي ننڍپڻ کان ئي پنهنجي والد صاحب جو بيپناهه لاڏ ۽ پيار نصيب ٿيو. وڏو مخدوم صاحب کيس پيار مان گُل سائين سڏيندو هو. ننڍپڻ کان نهايت شوخ ۽ دل ڦينڪ ته هو پر سياست ۾ پير رکندي ئي هُن روايتي پير و مرشد جي برعڪس پاڻ کي سياست ۾ بهادر ۽ سرفروش به ثابت ڪري ڏيکاريو. نازڪ مزاج والد، رشتيدار ۽ مريدن جو بيپناهه پيار ۽ توجه حاصل هئڻ جي باوجود سياست ۾ هُن جي ثابت قدمي ۽ ڄمي بيهڻ واري ادا سڀني ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. محترمه بينظير جڏهن پنهنجي والد کي مليل موت جي سزا خلاف اپيل ۽ قانوني جدوجهد لاءِ پاڪستان آئي هئي ته ۱۹۷۹ع ۾ هُن جي آخري ملاقات پنهنجي والد سان ڪرائي وئي. ٻئي ڏينهن ۴ اپريل ۱۹۷۹ع تي هُن جي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏني وئي. محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس والده بيگم نصرت ڀُٽو کي سهالا ريسٽ هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو. صدمي کان بيحال ماءُ ڌيءُ پاران ترت سياسي جدوجهد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ايم آر ڊي (تحريڪِ بحالي جمهوريت) جي شروعات ڪئي وئي. اُن موقعي تي مخدوم خليق الزمان کي پي پي پي سنڌ جو صدر مقرر ڪيو ويو.

مخدوم خاندان کي ضياءَ الحق ڪوشش ڪئي ته ڪنهن به نموني پي پي پي کان جدا ڪيو وڃي، پر مخدوم خاندان ڄمي بيٺو ۽ هُن ايم آر ڊي ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ گرفتاريون هالا جي هنڌ تان ڏنيون وڃڻ لڳيون ۽ هڪ وقت ۾ هالا جي جاءِ تي نيشنل هاءِ وي تي پنجاهه هزار ماڻهن جو ميڙ گڏ ٿيو ۽ هاءِ وي جام ڪيو ويو. مخدوم صاحبان جي سروري تنظيم جي هزارين ڪارڪنن مٿي سان ڪفن ٻڌي ڪري پنهنجي سرفروشي جو اعلان ڪيو. هالا جي حد تائين اُن ڪاروان جو روح روان مخدوم خليق الزمان هو. هُن جي جوشيلين تقريرن سڄي سنڌ ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ سنڌ جا جيل ڀرجڻ شروع ٿي ويا هئا. راقم پاڻ به حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ارڙهن سو قيدين سان گڏ قيد ۾ هو.

مخدوم خليق الزمان، پير مظهرالحق، اياز سومرو، فاضل راهو، مير اعجاز ۽ مجتبيٰ جتوئي (مجن خان) انهن اڳواڻن کي گرفتار ڪري مچ جيل بلوچستان موڪليو ويو. اُن زماني ۾ مچ جيل کي ڪاري پاڻي جو جيل تصور ڪيو ويندو هو. سهولتن جو فقدان هو. سائين طالب الموليٰ (قبله سائين) کي جڏهن مچ جيل جون حالتون معلوم ٿيون ته ڏاڍو پريشان رهڻ لڳو. هن جو نازن ۽ لاڏ سان پليل پُٽ پاڪستان جي اُن سخت جيل ۾ نظر بند هو. هُن گل سائينءَ جي وڇڙڻ ۽ پري وڃڻ تي شاعري به ڪئي هئي. هُن جو محبوب فرزند مشڪلاتن ۾ ڦاسجي پريشان ٿي رهيو هوندو، اهو سوچي غمگين رهڻ لڳو هو، پر مخدوم خليق الزمان هُن کي پيغام موڪليو ته مان خوش آهيان، منهنجي ڳڻتي نه ڪريو ۽ ضياءَ غاصب سان ڪو سمجهوتو ناهي ڪرڻو، جدوجهد کي جاري رکو. اسان اُن زماني ۾ پنج پير (راقم ۽ هُن جا ڀائر) حيدرآباد جيل ۾ ارڙهن سو قيدين سان گڏ هئاسين. خليق سائين جي پنهنجي والد کي موڪليل پيغام، سڄي جيل بلڪه سڄي سنڌ ۾ هڪ جذبي ۽ جوش جي لهر پيدا ڪري ڇڏي. نعرن جي گونج سان سڄو زندان لرزي پيو. آمر ضياءَ به لرزي ويو هو. پوءِ ڪمزور ۽ نازن پٺاڙن تي ڪوڙا وسڻ لڳا. هر ڪوڙي جي جواب ۾ نعرو لڳندو هو ”جيئي ڀُٽو“ ۽ پوءِ سڄو جيل نعري جو جواب ڏيندو هو ”جيئي ڀُٽو. “ هنن گنهگار اکين ڏٺو، معذور سياسي ڪارڪن جنهن همت ۽ بهادريءَ سان جيل ڪٽي رهيا هئا، اُهو حيران ڪندڙ منظر هو. ۽ اُهو لمحو هو، جنهن جو هيرو مخدوم خليق هو. هو سڀني جدوجهد ڪندڙن جو چي گويريا بڻجي ويو هو.

سن اسيءَ ۸۰ع واري ڏهاڪي جي آخري سال ۾ پوءِ راقم جي ملاقات مخدوم خليق الزمان سان اسلام آباد ۾ ٿي ۽ پوءِ وڌندي وڌندي دوستي ٿي وئي. هو هڪ نهايت نفيس ۽ محبت ڪرڻ وارو انسان هو. پوءِ اسان ٻنهي گڏجي بيوفا شهرِ اقتدار جي پهاڙن جون وڏيون وڏيون چوٽيون سر ڪيون ۽ جڏهن پهاڙ جي آخري چوٽيءَ تي پهچي ٿڪجي پوندا هئاسين ته هو پنهنجي ماضيءَ جا قصا کوليندو ۽ اسان هڪ ٻئي جو ڏک ونڊيندا هئاسين. انهن سالن جي قربت مخدوم خليق الزمان جو هڪ انوکو روپ ۽ ان سان صحيح شناسائي ڪرائي. بظاهر ڪاوڙيل ۽ خاموش خليق نهايت شرميلو ۽ رومانوي مزاج رکندڙ هو. ڪڏهن ڪڏهن جلد ناراض به ٿي ويندو هو، پر مڃائڻ تي درگذر به ڪري ڇڏيندو هو. دل ۾ مير نه رکندو هو. پوءِ وچ ۾ اسان وطن بدر رهياسين ۽ ڪيترن ئي سالن تائين رابطو نه ٿيو. جڏهن ٻيهر ملياسين ته هُن جي شخصيت ۾ اداسي نمايان هئي. ڪجهه ته پنهنجي پياري ڀاءُ مخدوم شفيق الزمان جي اوچتي موت هُن کي وکيري ڇڏيو هو. سياست جيڪا ڪڏهن هُن لاءِ اوڇڻ اوڍڻ هوندي هئي، اُن کان به ڪنارو ڪري ويو. هڪ ڳالهه چوڻ ۾ ڪو عار ناهي، نهايت ذهين ۽ محنتي انسان هو، تمام گهڻو Focused (فوڪسڊ) هو، پر حالتن ۽ واقعن ايئن ڪيو جو ايڏو ڪم جو ماڻهو ضايع ڪيو ويو يا ٿي ويو.

سنڌ ۽ پاڪستان جا ماڻهو مخدوم خليق الزمان کي ڪڏهن به نه وساريندا ۽ جيڪي به هُن سان هڪ ڀيرو مليا، اُهي کيس هميشه ياد ڪندا رهندا. الله پاڪ سندس مغفرت فرمائي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مخدوم خليق الزمان

ياد رھندين زندگيءَ ڀر جي ٿيو تون لامڪان آھين

جاويد قاضي

سال ٿي ويا سنڌي ۾ لکڻ ڄڻ رسي ويو هئو، قلم هٿ ۾ ته هوندو هيو پر روح نه ڄاڻ ڪنهن ٻئي هند غلتان هوندو هو. اڄ جڏهن خليق سائين (مخدوم خليق الزمان) وڃي لامڪان ۾ گهر اڏيو ته روح منهنجي سٽ کا‌‌ڌي ته سڄڻ هليا ويا ۽ مان سار به نه لٿي. سار لهڻ جي ته ڪا ‌ڳالھ به نه هئي. رهاڻيون سندس سان جيڪي به ٿينديون رهنديون هيون ان ۾ نسبت ئي ڪجھ اهڙي هئي، جو سار جو سلسلو هو نه سڪ جي ترتيب هئي. سڀ وقت جي وهڪري جو احساس هو زيان هو نه سود هو، هو لامڪان ٿيو ۽ جيڪي نه ٿيا آهن سي به ڄڻ پليٽ فارم تي بيٺا آهن نه ڄاڻ ڪير ۽ ڪيڏي مھل ٿو روان ٿئي ڪا خبر ناهي!!!

هن سان ملندي هڪ احساس هوندو هو نه ڪنهن ترتيب جي، سبب جي، لاجواب، لاحساب، بي حد پياري ماڻهون سان ڪيفي فلو جي ٽيبل، اوڪرا يا سنڌ ڪلب، ميڻ بتي جي روشني تي، اهوسگار پيندي گذرندو هو جيڪو بولويا ۾ چي گويرا آخري گهڙين ۾ پيتو هو. ڪي فيض جون سٽون آئون ٻڌائيندم ته ڪجھ هو ٻڌائيندو. ٿوڙو جي زماني جي پيمانن کان مٿبرو ٿي ڏسبو ته هن قيص و قصرا، تخت و تاج سڀ ٽوڙي ڇڏيا. سڀ کان رسي يگانه و يڪتا رهڻ لڳو، اداس ۽ نراس، ميري دل ميري مسافر فيض جي سٽن جيان.

زندگي ڪيتري نه مصروف ٿئي ٿي پر خليق سائين تنهنجي لاءِ نه. ڇڏي اسين به سارو سنسار ويٺا آهيون. دشت تناهيون آهن، ورقن جا سمونڊ آهن خيالن جون اوڻاهيون آهن پر خليق سائين تنهنجي لاءِ نه. نه ناڪامين جو سلسلو نه ڪاميابين جو دلاسو هو. اسين اوهان جي ان موڙ تي اچي پنهنجا قدم روڪيا جتان توهان کي گذرڻو هو ۽ وڃڻو هو ساه جي سسڪيون سڀ هتي ڇڏي، جان کڻي اڏرڻو هو. سو ته توهين اڏي ۽ ڇڏي ويا هت هيڪلو اسان کي توهان جي يادن تي گل چاڙهڻ خاطر، ڪا موم بتي ٻارڻ خاطر اڄ سنڌ ساري کي روئاري ويا، سڀ ڏک کڻي پنهنجي جهوليء ۾ پاڻ سان گڏ هليا ويا!!!

۷۳ سالن جي ڄمار ڪا ايڏي ڄمار به نه هئي، پر هن سنڌ جي ديوداس جا اڌ زمانا، گوشه نشيني ۾ گذري ويا. گهڻون آئون ڀايان ٿو رفيق سفي ۽ مون سان دل جون رهاڻون ڪندو هو. هن جون ان گوشه نشيني ۾ سڀ خلوت جون شاميون، جماليات جو مجسمو هونديون هيون. تمام نفيس، ۽ اوهڙوئي سندس لباس تي ڳالهيون ۽ قھقا ۽ شام گذري ويندي هئي.

دردن جا خليق سائين وٽ دفتر هئا، کوليو ورق ته ورقن مٿان ورق اٿلندا وڃن. حساس ايڏو جو سڀ سهي ويندو هو پر اف نه ڪندو. ائين پوءِ جيڪو به آيو هن کي ڏکن جا ٿها ڏيندو ويو هو وٺندو ويو. بي نظير ڀٽو کان وٺي گهر جي وڏڙن تائين. پنهنجن ۽ پراون کان سڀ وٺندو ويو، مون کي سندس اهواحسان ته مون سان اهي سڀ احوال ونديندو هو. دشت تنهائي هئي زندگي خليق سائين جي. درگاه نوه شريف جو هي نرالو ماڻهون، ويندي ويندي به سڳند ارپي ويو وڏڙن جي ڏنل ان تسلسل ۾ ڪا خوشبو ڇڏي ويو.

خليق سائين بغير پوري ايم آر ڊي ٽياسي واري تحريڪ ڄڻ اڌوري رهجي وڃين. عمر ٽيه سال به مس هوندي پر صاحب بي نظير جي حڪم تي لبيڪ چئي ويهي رهيو، مون کي چوندو هو مون تي بي نظير جو ڀروسو سندس سال ڪيل ڀٽي صاحب جي جيل ۾ ملاقاتن جو ثمر هو، جو هن چيو هئيس ته مخدومن ۾ اهو نوجوان تو سان ڏک سک ۾ بيهندو، توسان گڏ به هوندو جڏهن سند مان گهڻا ئي آمريت جي ڀو کان توکي ڇڏي ويندا. هو جلا وطن ٿي وئي، پارٽي ۾ پراڻن ليڊرن کان جن کي چاچو چوندي هئي، خفا ٿي وئي. تڏهن خليق سائين کي اڳيان ڪيائين. خليق سائين پيراڻو ‌ٻار ته هو پر سندس تربيت والد طالب المولي سائين تمام مختلف ڪئي هئي. روس جي هو انقلاب کان متاثر هو هن کي مارڪس ۽ لينن وڻندو هو. فيڊرل ڪاسترو لڀائيندو هو. پٽ تي جيالن سان ويهي رهندو، ڪاڏي ويا پيراڻا آداب، مقام ۽ مرتبا. هو سڀن کان گوئي کڻي ويو. پوءِ بس مخدوم ڄڻ هڪڙئي هو ۽ ٻيا سڀ پس منظر ۾ هليا ويا. ڀايان ٿو والد سائين حيات هئن پر ڄڻ پوئتي ٿي ويا سياست جون سڀ وا‌ڳون پنهنجي پٽ خليق کي ڏئي.

دوستي اسان جي ٽي وي چينل لاءِ ڪيل انٽرويو تان ٿي. هڪڙو هو خليق سائين ۽ ٻيو هو نواب اڪبر بگٽي. آخري وقت تائين اهي دوست رهيم جو اينڪر وارو سڃو مانڊاڻ به مون کان ڊهي ويو. اڪبر بگٽي سال ٻن ۾ هليو ويو پر خليق ان زماني کان اڄ تائين دوستن ۽ ڀائرن جيان رهيو.

هن صديءَ ۾ سنڌ تي ايم آر ڊي تحريڪ جا، ڀٽي جي ڦاهي گهاٽ تي ڳاٽ ڏيڻ کان پوءِ جا ڏينهڙا، ڪنهن زماني ۾ به نه ٿيا. آئون ارڙهن سالن جو هئس جڏهن بي نظير جا جلسا ۽ لکين ماڻهن جا قافلا هوندا ها. گڏ ان ٽرڪ جي مٿان مخدوم خليق به هوندو هئس. ڏندن جي چڪ ۾ ٽوپي جهلي هن پنهنجي رهبر جو جيالن جيان ان مجمعي ۾ ڊال بڻجي بيهندو هو. سنڌ ۾ يا ته ڀٽا هئا يا خليق سائين هو ان وقت جنهن سان لوڪ پيار ڪندا ها. ان پيار جي عيوض خليق سائين کي ڪيڏو نه ڪجه ڏيڻو پيو هو. ڪير ويو هو ايترو جيلن ۾ سالن جا سال ويندي مڇ جهڙي بدنام ترين جيل تائين پر هو ڀڳو يا ڀريو ڪو نه هو ڪو ڪچو گهڙو ڪونه هو. ان خليق جو سنڌ حق حق چئي ورد ڪيو هو.

پر پوءِ خليق سائين سياسي سازشن جي وڙ چڙهي ويو. ڪن چيو هو هو بي نظير سان برابري ٿو ڪري. هو پيراڻو ٻار آ، هو مغرور آ، ضدي آ. وقت جا درٻاري لڳي ويا پنهنجي ڪم سانء پوءِ اهي رفاقتون وڌنديون ويون، خليق سائين جيڪو سنڌ جي وزيراعلي جو حقدار هو، سڀ سلسلا ٽٽي ويا، هن جو جيل جو قربانيون سڀ وسرجي ويون ۽ چمچن جي لوڌ هئي جيڪا اقتدار جي زماني ۾ بي نظير ڀٽو جي گرد ويهي رهي.

خليق وٽ به روايت هئي جڏهن سند جا پير ۽ وڏيرا پيپلز پارٽي ۾ جاء نه پائي سگهندا آهن پوءِ اهي ان جا مخالف ٿي ايسٽيبلشمينٽ جي حق ۾ ڪڏندا آهن. هن مخالف ٿيڻ به چاهيو پر سندس کان اهو ڪم وڏو هو جو هو پوءِ سند جي مجموئي مفادن ۽ جمهوريت جي ڀر ۾ خاطر ائين ڪري نه سگهيو. يگانه ي يڪتائي ۾ ڪنڊ ڪري ويهي رهيو هو سيلاني ٿي ويو، دنيا گهمڻ شروع ڪيائين، ويندي برازيل، افريڪا جي جنگلن کان وٺي انٽارڪٽيڪا يعني ڌرتي جي هيٺ وارن علائقن کان وٺي ڌرتي جي ڇت يعني الاسڪا تائين. ڪيوبا، ميڪسيڪو سڃو لاطيني امريڪا به لتاڙي آيو. پر هن جو جيسلمير راجستان ياترا جي جي جئپور جون گلابي عمارتون. خليق سائين مست ماڻهون، آرٽ جو مداح هو.

ڀايان ٿو سياست هن جو سبجيڪٽ نه هو. يا هو ته پوءِ سياست جو اهو معيار نه هو، جيڪا خليق سائين جي پيمانن تي پوري لهي اچي.

۱۳ فيبروري ۱۹۴۹.

جي مخدوم طالب المولي جي گهر ڄايل هي ٻار نيٺ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ تي ڌڻي حوالي ٿيو.

زندگي ڄڻ تو ڏٺي

موهن جو دڙو جي

گريٽ باٿ جي پڌر تان

توکي ڏس خود زندگي

رات رنو هو

سنڌ جي وشال ڪل ۾

خالق جي هن خلقيل جهان ۾

خليق سائين ياد رهنديون

زندگي ڀر

جي ٿيو تون اڄ

لامڪان آهين

 

(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۱۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


مخدوم خليق الزمان

غلام رسول غازي ڪنڀار چمبڙ

مخدوم خليق الزمان سنڌ پ پ جو صدر ٿيڻ کان پھرين شھيد ڀٽي جي قاتل امريڪا سامراج خلاف اڪثر ڪري تقريرون ڪندو ھو تنھن ڪري مونکي ڏاڍو پسند ايندو ھو ھي ۱۹۸۴ ۽ ۱۹۸۵ جي ڳالھ آھي تنھن وقت پ پ حيدرآباد ضلعي جو صدر ستار بچاڻي ھو ان وقت سنڌ پ پ جو صدر استيفا ڏعي ويو ت مخدوم خليق کي محترما ناعب صدر مان پ پ سنڌ جو صدر ٺآھيو منھجي خواھش ھعي ت مخدوم خليق جو سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ پھريون جلسو چمبڙ ۾ ٿعي ان ڪري ستار بچاڻي کي تجويز ڏنم ت چمبڙ ۾ مخدوم خليق جو جلسو ٿيڻ کپي بچاڻي چيو ت جلسي جا انتظام ڪرڻا پوندا ڪير ڪندو چمبڙ ۾ پارٽي جي باڊي ڪانھي مون چيو توھآن چمبڙ اچو باڊي توھان کي سٺي ٿا ٺھراعي ٿا ڏيون آون پاڻ گورنمنٽ ملازم تازو سال ٻ پھرين ٿيو ھعس باقي سپاف جي ڪري لطيف منگريو ۽ بچاڻي وارن سان ڳڏ ھوندا ھواسين جڏھن جنرل ضيا جو قھري دور ھو بچاڻي يا منڱريو سان صرف پارٽي جا ورڪر ۽ جيالا گڏ ھوندا ھوا ھڪڙو به وڏيرو ڊپ ۾ بچاڻي جي جڳھ تي ڪون ايندو ھو اميد علي شاھ وارن پڻ جتوعي جي پارٽي اين پي پي ۾ شموليت ڪعي ھعي جنھن جو ضلعي جو صدر شاھ صاحبن وري منظور علي پتافي کي ٺاھيو ھيو تڏھن ضلعو حيدرآباد ھوندو ھو پوءِ ستار بچاڻي پ پ حيدر آباد جي صدر جي حيثيت چمبڙ جو ٽآعيم ڏنو امين حيدري منھنجو بچپن جو دوست سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ ھو ان کي پ پ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ راضي ڪيم وري اسان گڏجي ڊاڪٽر ڪيپٽن گل محمد ڪنڀار کي چمبڙ جي صدارت لاءِ راضي ڪيو جيڪو سال پھرين گورنمنٽ جاب ڇڏي چڪا ھوا اھڙي طرح رانجھو رستماڻي عبدلمجيد ڪامران ڪنڀار جمعون لغآري اترادي ڊاڪٽر حاجي انور مغل مھراب شيراڻي گل حسن جلباڻي سميت ڪيترن دوستن جي ٽيم گڏ ھعي ڪافي دوستن جا نالا رھجي ويا آھن انھن کي گڏ ڪري اسان چمبڙ جي باڊي ٺاھي ستار بچاڻي اعلان ڪيو ت مخدوم جو پھريون جلسو چمبڙ ٿا ڪرايون اھڙي طرح خليق الزمان جو چمبڙ ۾ جلسو رٿيو ويو گل حسن جلباڻي کي گڏ کڻي سوزوڪي ۾ چمبڙ کان ماتلي ٽنڊو غلاام علي ٽنڊوالھيار چمبڙ کان ميرواھ ٽنڊو ڄام تاعين بک اڃ ۾ ستن ڏيھن تاعين مخدوم کي سنڌ جو ھيرو ڪري پيش ڪري اھڙا پرڪشش نعرا ۽ اعلان ڪياسين جو ھزارين ن پر لکين ماڻھن جو ھجوم چمبڙ ۾ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسين پ پ جي ھڪ ليڊر ستار بچاڻي کي چيو ت مون کي اسٽيج سيڪريٽري ڪريو بچاڻي ان کي چيو ت مون غلام رسول غازي جي تجويز تي ناريجو سان واعدو ڪري ڇڏيو آھي اھڙي طرح تاريخي استقبال سان جڏھن مخدوم خليق چمبڙ پھتو ت ماڻھن مخدوم جي پيجرو گاڏي کي ھٿن تي کڻي ورتو مخدوم جلسي ۾ چيو ت ھاڻ جيڪڏھن پنجاب وارن سنڌ جي ڪنھن ليڊر جو لاش ڏنو ت اسان ب ھتان لاشن جون ٽرينون ڀري پنجاب موڪلينداسون اھا خبر سڀني نماعندن ڪون موڪلي پر ٽنڊي الھيار جي نماعندي راجا زاھد نواء وقت م موڪلي جنھن فل وڏي ليڊ سان اھا خبر نواء وقت مين سرخي سان لڳاعي جنھن تي اسٽيبلشمنٽ حرڪت ۾ آعي محترما کي اعتراض ڪيو ويو ت ھي سنڌ پ پ جي صدر کي ترديد ڪرڻ گھرجي پر مخدوم پنھنجي لفظن تي قاعم رھيو ان جلسي ۾ ھڪ مزيدار ڳالھ ٿي جلسي م پنڊال ھڪ خوبصورت پرسنلٽي واري جوان مون کي سڏ ڪري چيو ت مونکي اسٽيج تي ويھاريو مون کاعنس نالو پڇيو ت چياعين منھنجو نالو نويد قمر آھي پ پ ضلعي ڪاميٽي جو ميمبر آھيان مون مرحوم لطيف مڱريو کي ٻڌايو ت نويد قمر نالي ھمراھ چوي ٿو مون کي اسٽيج تي ويھاريو لطيف منڱريو مون کي ڪن ۾ چيو صرف ضلعن جا صدر اسٽيج تي وھندا مون نويد قمر سان معذرت ڪئي. ان راجا زاھد کي وري مخدوم صاحب پي آءِ اي ۾ نوڪري وٺي ڏني. چڱا ڪن چڱايون مدا ڪن مدايون. اھڙي طرح مخدوم جو جلسو تاريخي ڪرايوسين. يار محمد اوٺو کي لٺ بردار جٿي جو سربراھ ڪيوسين بعد ۾ ۱۹۸۶ع ۾ چمبڙ ۾ اسان جي پلاننگ تي ڊاڪٽر ڪيپٽن گل محمد ڪنڀار جادماڻي جي اڳواڻي ۾ تاريخ ساز ايم آر ڊي تحريڪ ڪامياب ھلاعي سون اسان تي ڪيترا ڪوڙا ڪيس درج ٿيا ثابت قدم رھياسين پر پارٽي ۾ قدر انھن جو ٿيو جيڪي شريڪ سفر ڪون ھوا مخدومن کي به نظر انداز ڪيو ويو پارٽي جا وارث شھيد ٿي ويا اسان اڄ ب شھيد ذولفقار جي سچن وارثن سان گڏ انھن جا دعاگو آھيون پر جن محترما جي شھادت تي مٺايون ورھايون ۽ ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪرايا اھي پارٽي جا وارث آھن انھن کي زرداري ليگ مبارڪ ھجي. ڀلي بک ڀرم جي، شال م وڃي شان.

 

(غلام رسول غازي ڪنڀار چمبڙ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


مخدوم خليق الزمان

سندن وڇوڙو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ھاڃيڪار آهي.

دستگير ڀٽي

خليق جھڙا جيءَ جيئارا فرزند سنڌ ڌرتيءَ ماءُ گھٽ ڄڻيا آهن. لکن ۾ ھڪڙو، سچو۽کرو وطن دوست ۽ پيپلز پارٽيءَ کي قومپرست سياست ۾ گھيڙڻ وارو املھ اڳواڻ.

سنڌ امڙ جي بدبختي آھي جو زرداريء جھڙا بي ضمير ۽ ڌن دولت جا پوڄاري سياست ۾ ڪاھي پيا ۽ سچن ھيرن موتين کان سنڌي قوم کي جيئارڻ جو موقعو ئي کسي ورتائون.

مخدوم خليق الزمان سان سواءِ سندن والد مخدوم طالب المولئ جي ٻين پيرن کي گھڻو پيار نه ھوندو ھو ڇاڪاڻ ته ھن سڄي حياتيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه (ڪمپرومائيز) نه ڪيو جيئن اقتدار جي ھڏيء خاطر زرداري ڪندو رهندو آهي.

وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداريءَ جڏهن باغي ليڊر مير مرتضي ڀٽو تي پنهنجي گھر جا سمورا در بند ڪري ڇڏيا ته مخدوم خليق وڏي بھادريءَ سان پنهنجي ”ھالا حويليءَ“ جا در مير مرتضيٰ شھيد لاءِ کولي پ پ جو باغي رهنما بڻجي ويو. سندس عوامي مقبوليت تي مٽن مائٽن کي به خوشي ھرگز نه ٿيندي ھئي.

ھو ڄائي ڄم کان ئي پيري مريديءَ بجاءِ سنڌين ۾ قومي شعور ۽ اعلئ تعليم پکيڙڻ جو روادار ھو.

الله سائين مخدوم خليق الزمان کي جنت ۾ جايون عطا فرمائي. آمين.

 

(دستگير ڀٽي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


مخدوم خليق الزمان جو وڇوڙو

ايڊوڪيٽ سجاد اختر

قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو جڏهن نئين عوامي پارٽي ٺاھڻ جو ارادو ڪيو هو ته هڪ شام پنهنجي پر اعتماد دوست نواب سلطان چانڊيو کان صلاح مشورو ڪيو جنهن تي نواب سلطان کيس چيو ڪامياب پارٽي لاءِ ڪنهن وڏي گادي نشين جي ضرورت پوندي خبر ناهي ڀٽو صاحب نواب سلطان چانڊيو جي مشوري تي عمل ڪيو يا پنهنجي طور فيصلو ڪري سنڌ ۾ ھڪ اھڙي شخصيت کي ڳولي لڌو جيڪو گادي نشين ۽ سياست ۾ هجڻ ساڻ گڏ سنڌ ۾ وڏي حيثيت جو مالڪ هو مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، جنهن جا سنڌ کان علاوه پنجاپ جي گادي نشينن ۽ وڏيرن سان دوستاڻا تعلق هئا سياست ۾ اچڻ کان پوءِ درگاہ مخدوم سرور نوح جو ۱۷ سجادہ نشين طالب الموليٰ هو سياست ۾ پوئين چئن پيڙهن کان هالا جو مخدوم خاندان ڀٽن سان سلاڙهيل آهي جڏهن شهيد مير مرتضي ڀٽو صاحب ملڪ ۾ پير پاتو ته مخدوم خليق الزمان بينظير صاحبه کان پنهنجون سياسي راهون جدا ڪري شهيد مرتضي سان گڏ ٿي بيٺو جڏهن شهيد مير مرتضي صاحب ۱۵ مارچ ۱۹۹۵ ۾ جدا پارٽي (پ پ شهيد ڀٽو) ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته ان گهرايل ڪنوينشن ۾ مخدوم خليق اسٽيج سيڪريٽري طور پنهنجا فرض انجام ڏنا ۴ اپريل ۱۹۹۵ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ورسي واري ڏينهن سندس کي پ پ شهيد ڀٽو سنڌ جو صدر ۽ مرحوم ڀائو مولا بخش مشوري کي جنرل سيڪريٽري سنڌ مقرر ڪيو ويو. شهيد مير مرتضي ڀٽو جي شهادت جي آخري ڏهاڙن منجھ مخدوم خليق طبعيت جي ناسازي سبب موڪل وٺي علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويو جنهن تي پارٽي فيصلو ڪري پارٽي سنڌ جو  قائم مقام صدر شهيد عاشق جتوئي کي مقرر ڪيو. ۲۰ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع تي شهيد مرتضي ڀٽو جي شهادت کان پوءِ، مخدوم خليق زندگي جي آخري گهڙين تائين ڪنهن به پارٽي ۾ شموليت اختيار نه ڪئي. اڄ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ تي هو اسان کان هميشه لاءِ جسماني طور وڇڙي ويو.

مَرُ ته موچاري ٿِئين، اَجَلان اَڳي اَڄُ،

جان ڪي هُئين جئري، ته مُنڌَ! ڀنڀوران ڀَڄُ،

پُنهونءَ ساڻُ پهَڄُ، ته ملَڪَ اَلموتُ ماڻِئين.

 

(ايڊوڪيٽ سجاد اختر جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۸ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)



مخدوم خليق زمان

ايم آر ڊي تحريڪ جو ھيرو

نور سنڌي

۱۴ مارچ تي ايم آر ڊي تحريڪ جي ھيرو مخدوم خليق زمان المعروف گل سائين جي پھرين ورسي ھئي، جيڪا خاموشيءَ سان گذري وئي، ان موقعي تي پ پ پاران نه وري مخدوم خاندان پاران ڪا تقريب منعقد ڪئي وئي، جڏهن جنرل ضياءَ الحق پ پ جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري چونڊيل وزيراعظم سميت وفاقي، صوبائي وزيرن ۽ پ پ اڳواڻن کي نظر بند ڪيو، ڪيترن پ پ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ڪوڙي قتل ڪيس ۾ شهيد ڪري گمناميءَ واري انداز ۾ سپردِ خاڪ ڪيو ويو، ان وقت پ پ حڪومت ۾ وفاقي ۽ صوبائي وزير رهندڙ پاڻ کي ذوالفقار علي ڀٽو جو وفادار سڏائيندڙ وڏن خانن، سردارن ۽ ڀوتارن جو وڏو تعداد خاموش تماشائي بڻيل هو. ڪن پاڻ کي ڄاڻي واڻي نظربند ڪرائي ڇڏيو، ڪي بيماريءَ جو بهانو بنائي ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويا، ڪي شڪار ڪري رھيا ھئا، ڪن اڻ سڌيءَ طرح جنرل ضياءَ جي حمايت جو اعلان ڪري خاموش رهڻ جي پڪ ڪرائي، ڪن جنرل ضياءَ سان خفيه ملاقاتون ڪيون، ايستائين جو شهيد ڀٽو جا اهم ساٿي، شهيد ڀٽو جي گهرواري بيگم نصرت ڀٽو، سندس نياڻي ۽ سياسي وارث محترمه بينظير ڀٽو جو ساٿ ڇڏي ويا، ان وقت ملڪ جو هڪ ئي خاندان هو، جنهن جون شهيد ڀٽو جي خاندان سان وفاداريون اڄ به تاريخ جو حصو آهن، اهو آهي ھالا جو مخدوم خاندان. جنهن مخدوم محمد زمان طالب المولي جن جي حڪم تي سروري جماعت سان گڏ شهيد ڀٽو جي خاندان جو هر طرح سان ساٿ ڏنو، شهيد ڀٽو جي پارٽي پ پ کي بچائڻ ۽ جنرل ضياءَ جي خلاف هر طرح سان مزاحمت ڪئي. جنهن جنرل ضياءَ جي وڏين آفرن کي ٺڪرائي ڇڏيو، جنرل ضياءَ جي مختلف قسمن جي ڌمڪين ۽ انتقامي ڪاررواين تي نه ڊنا نه جهڪيا نه وڪيا. ايم آر ڊي تحريڪ جي تاريخ گواهه آهي ته هالا جي مخدومن پنهنجي جماعت سان گڏ شهيد ڀٽو جي خاندان سان ۽ شهيد ڀٽو جي پارٽيءَ سان هر طرح سان نباهيو، قربانيون ڏنيون، جيل قيد ۽ ڪوڙن جون تڪليفون برداشت ڪيون. جڏهن پ پ جو بنياد پيو هو ته پارٽيءَ جو پهريون ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو هو، وري ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد پارٽيءَ کي ٻيهر آرگنائيز ۽ سرگرم ڪرڻ لاءِ به هالا ۾ ئي ڪنوينشن ٿيو هو، جنهن ۾ بيگم ڀٽو جي طبيعت ٺيڪ نه هئڻ ڪري محترمه بينظير ڀٽو کي پ پ جو ڪوچيئرمين ۽ مخدوم خليق زمان کي پ پ سنڌ جو صدر بنايو ويو هو. جنهن بعد محترمه بينظير صاحبه، مخدوم خليق سان گڏ سنڌ جو دورو به ڪيو ۽ مخدوم خليق زمان پ پ کي سنڌ ۾ نئين سر تنظيم سازي ڪرائي، نه صرف پارٽيءَ کي مضبوط ڪيو پر متحرڪ به ڪيو. مخدوم خليق سڄي سنڌ ۾ پ پ جي تنظيم سازي ڪئي. هن ضلعي کان وارڊ ۽ يونين ڪائونسل سطح تي اهي ماڻهو کنيا جيڪي شهيد ڀٽو جا سچا سپاهي، جيالا ۽ نظرياتي ڪارڪن هئا. هن چونڊجندڙ عهديدارن کان باقائده ڀٽو ڪاز سان سچي رهڻ، هر قرباني ڏيڻ جا حلف کڻايان. پ پ جا نظرياتي اڳواڻ ۽ ڪارڪن چون ٿا مخدوم خليق جو مٿان کان هيٺ تائين هر عهديدار ۽ ڪارڪن سان سڌو رابطو هوندو هو. پاڻ پارٽيءَ کي سرگرم ڪرڻ لاءِ وقت به وقت مختلف شهرن جا دورا ڪندو هو. ايم آر ڊي تحريڪ دوران پاڻ جيل ۾ هوندي به مختلف جيلن ۾ قيد ڪارڪنن جي مالڪي ڪئي. هر طرح سان سندن سار سنڀال لڌي ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي حفاظت لاءِ سروري جماعت جا گارڊ ڏنا. جڏهن ۱۹۸۳ع ۾ ايم آرڊي تحريڪ شروع ٿي ته مخدوم خليق الزمان گرفتاري ڏني، کيس تقريبن ساڍا اٺ سال سينٽرل جيل حيدرآباد، نارا جيل، سينٽرل جيل سکر ۽ ڪراچي کانسواءِ مچ جيل، جيڪو ملڪ جو ڏکيو جيل آهي، جتي گرميءَ ۾ پاڻي به گرم ٿي ويندو آهي، مخدوم خليق زمان جهڙو نازڪ نفيس شهزادو، شهيد ڀٽن جي پارٽي بچائڻ ۽ جنرل ضياءَ خلاف سول نافرماني واري تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ جيل جون سختيون برداشت ڪيون. جيل اندر مٿس سختيون ڪيون ويون ته جيئن هو معافي نامو لکي ڏئي. آخر ۾ کيس اهو چيو ويو ته تون رڳو واعدو ڪر ته جيل مان آزاد ٿيڻ بعد بيماريءَ جو بهانو بنائي گهر ويهي رهندين يا ڪنهن اسپتال ۾ داخل ٿي ويندين يا ملڪ کان ٻاهر هليو ويندين. ليڪن مخدوم خليق زمان صاف انڪار ڪندي چيو ته آئون شهيد ڀٽو جي خاندان ۽ پارٽيءَ سان غداري نه ڪندس، خليق جو هيءَ ڪنڌ ڪٽجي سگهي ٿو پر شهيد ڀٽو جي قاتلن سان ٺاهه نٿو ڪري سگهان. پ پ جي تاريخ گواهه آهي ته جهڙي انداز ۾ مخدوم خليق زمان، شهيد ڀٽو جي خاندان خاص طور شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيو، ڏکئي وقت ۾ پارٽي ۽ شهيد ڀٽو جي خاندان سان ثابت قدم رهيو، اهڙو ڪير به نه رهيو. پ پ ۾ جيتريون قربانيون مخدوم خليق زمان جون هيون، اهڙيون ۽ ايتريون قربانيون ڪنهن جون به نه هيون. جڏهن پ پ منزل طرف وڌي رهي هئي ته اهڙو واءُ وريو جو ڪجهه ماڻهن جي ڪري مخدوم خليق زمان کي پارٽيءَ جي نئين چونڊ ۾ نظر انداز ڪيو ويو، جنهن ڪري هو دل شڪسته ٿي ويو ۽ سياسي دنيا کان پري ٿيڻ لڳو. ۱۹۸۸ع واري عام چونڊن ۾ کيس ٽنڊو الهيار مان پ پ جي ٽڪيٽ ڏني وئي، جتان پاڻ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي تڪ جا ڪافي بنيادي مسئلا حل ڪرايا. ترقياتي ڪم ڪرايا، نوجوانن کي نوڪرين جا آرڊر ڏئي روزگار سان لڳايو. کيس اڄ به ان تڪ جو عوام مثالي ايم اين اي چوي ٿو. ڇو ته پاڻ چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد تڪ جي عوام جي نه صرف ڏک سک ۾ شامل رهيو، پر عوام سان رابطي ۾ به رهيو. جڏهن شهيد ڀٽو جو موڀي فرزند وطن وريو ته مخدوم خليق زمان سندس استقبال ڪيو، جيڪا ڳالهه به پ پ جي ڪجهه اڳواڻن کي نه وڻي. پ پ ۾ جڏهن کيس اهميت ملڻ ختم ٿي وئي ته پاڻ شهيد ڀٽو جي موڀي فرزند مير مرتضيٰ ڀٽو جي پارٽي پ پ شهيد ڀٽو ۾ شامل ٿيو. پاڻ ۱۹۹۴ع ۾ پ پ جي حڪومت ۾ شهدادپور ٽنڊو آدم جي قومي اسيمبليءَ جي ننڍي چونڊ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پارٽي پاران پ پ اميدوار فدا حسين ڏيرو سان چونڊ وڙهي، سندس چونڊ مهم مير مرتضيٰ ڀٽو هلائي هئي. پاڻ شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت بعد سياست کان بلڪل پري ٿي ويو. ايتري قدر جو ان بعد آخري ڏينهن تائين کين سياست کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي. هڪ دفعي مون عرض ڪيو ته سائين جن سان محبت ڪندڙ چاهين ٿا ته سائين مخدوم خليق الزمان وري سياست جي دنيا ۾ اچن. پاڻ مرڪندي چيو، مون سان محبت ڪندڙن جي مهرباني پر سڀني کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري مونکي اهڙي پٽ پاراتو نه ڏيو. سندس چوڻ هو ته اڄ جي سياست گورک ڌنڌو آهي، آئون اهڙي صورتحال ۾ سياست نه ڪندس. مخدوم خليق الزمان وڏي پائي جو سياستدان، سماجي شخصيت، بهترين اديب ۽ شاعر به هو. پاڻ سروري جماعت جي روحاني پيشوا، نامور عالم ۽ شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو ٻيو نمبر فرزند هو. سندس اصل نالو سندس ڏاڏا جو نالو مخدوم غلام محمد آهي، جنهن ڪري سروري جماعت وارا کيس پيار مان گل سائين سڏيندا هئا. پاڻ ۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ع تي هالا شريف ۾ جنم ورتو. پرائمري کان بي اي تائين اسلاميه سروري ڪاليج مان، گرئجوئيٽ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. مخدوم خليق زمان ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو، کين شاعريءَ جو شوق والد صاحب جي شاعري ٻڌي ٿيو. پاڻ شاعريءَ جي شروعات ۱۹۷۲ع کان ڪئي. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’خليق‘ آهي. پاڻ شاعريءَ ۾ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کان اصلاح ورتي ۽ ان حوالي سان مخدوم صاحب سندس استاد آهي. سندن شاعري مشهور ڪلاڪارن رونا ليليٰ، مصري فقير، ڦوٽو زرداري، فقير حسين بخش خادم، شهنيلا علي ۽ ٻين فنڪارن ڳائي آهي. جڏهن رڳو پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان هو، ان بعد ڪيسٽن جي دنيا جو عروج هو، ان دور ۾ مخدوم خليق زمان جي مٿي ذڪر ڪيل فنڪارن جي آواز ۾ سندن ڪلامن ۽ غزلن جي ڌم هوندي هئي، خاص طور رونا ليليٰ جا ڳايل گيت، 

اچ محب مٺا تنهنجي گهرج گهڻي، 

تنهجي پيرن جي پرين آهيان پڻي. 

۽

اڄ وفائن سان بغاوتون آهن، 

بي وفائي جو ان تي وار ڪبو، 

جلد بازي خليق ناهي مفيد، 

هاڻي توري تڪي ڪو يار ڪبو. 

ڏاڍا مشهور ٿيا. 

پاڻ بزم طالب الموليٰ جي ڪيترن ئي مشاعرن ۾ ۽ منٺار فقير راڄڙ جي ڪجهه عرس مبارڪن ۾ پنهنجي شاعري پڙهي. سندن ڪلام مختصر ۽ غزلن تي مشتمل آهي. کين پائلٽ ٿيڻ جو شوق ٿيو ۽ پاڻ پائلٽ جي جيڪا تربيت ٿيندي آهي اها به ورتي پر والد صاحب کين پائلٽ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. 

هالا مان صحافت شروع ڪرڻ بعد مخدوم خليق زمان سان باقائده حاضريون ٿينديون هيون. ڪڏهن پريس ڪانفرنس، ڪڏهن صحافين جي اعزاز ۾ ماني، ڪڏهن چانهه جي دعوت تي ساڻن ملاقات ٿيندي هئي. ۱۹۹۴ع ۾ شھدادپور ٽنڊوآدم جي قومي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ پاڻ مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ تڪ ۾ وڃي ورڪ ڪئي ته ھڪ صحافي جي حيثيت سان آئون ساڻن گڏ رھيس. مخدوم خليق زمان جهڙا انمول هيرا صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. سندن لاڏاڻي بعد وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. مخدوم خليق زمان جهڙيون شخصيتون وري پيدا نه ٿينديون. پاڻ هن فاني دنيا مان ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي تقريبن ڏيڍ وڳي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويا. کين درگاه حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح رح جن جي احاطي ۾ سندن ڪيل وصيت موجب پنھجي پياري ڀاءُ مخدوم شفيق زمان جن جي آخري آرام گاه ڀرسان ڌرتي ماءُ جي ھنج حوالي ڪيو ويو.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا