مخدوم خليق الزمان
(۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ - ۱۴ مارچ ۲۰۲۲)
حميد ڏيپلائي
مخدوم خليق الزمان؛
مخدوم طالب الموليٰ جو ٻيون نمبر پُٽ اڄ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ تي ۷۲ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مخدوم خليق الزمان ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سياسي نوجوان ڪارڪنن
لاءِ وڏو اُتساھ ۽ “مڙس ماڻھو” طور سُڃاتو ويندو ھو. مخدوم خليق ضيائي آمريت سان مڙس
ٿي مھاڏو اٽڪايو ۽ مچ جيل، ڪوٽ لکپت، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد جون
سختيون برداشت ڪيائين.