; سنڌي شخصيتون: حافظ سنڌي

23 March, 2022

حافظ سنڌي

حافظ سنڌي

آديسين جي روئان ڪاڻ رهاڻ . . . .

حسيب ناياب منگي



ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

سيدنا لطيف رح جي مٿين شعر جي عڪاسي مون کي شڪارپور جي سڻڀي مٽيءَ ۾ ڄاول استاد العلماءَ سائين حافظ سنڌي ۾ نظر ايندي هئي. هو شريف النفس، صاف دل، نيڪ سيرت ۽ سٺي طبيعت جو مالڪ هو. علم جو ڀنڊار ۽ ڀلوڙ سُخنور هئڻ ڪري ڏات جي ديوي هميشه مٿس مهربان رهي. هُن جڏهن چاهيو ٿي قلم کڻي شاعريءَ سان نينهن نڀائڻ لڳو. هُن جي شعرن ۾ عام طور تي سماجي احوال ۽ تذڪره ته موجود آهن، شخصيتن تي به خوب لکي ويو آهي. پر هن جي سوچ جو محور عشق رسول صه آهي. هن جو ڇا وڃي مساڳن ۽ چپٽن سان! نه نظرن جي وار جي پرواه نه محبوب جي رسڻ ۽ پرچڻ جي ڪا فڪر! هو ته بس هڪ نگاهه جو ئي طالب رهيو جيڪا نگاهه اگر ڪنهن تي پئجي وڃي ته  ان جي دنيا سان گڏ آخرت به سنورجي وڃي :


شوق سان لک “حافظ” اُنهيءَ جي نعت،

جـــــو سبب آ تــــخــــــلـــــيـــق مــخـــلــوقات.

سيرت جو مطالعو اهڙو ته ڪيائين جو سندس طبيعت تي گهرو اثر پئجي ويو. نه ڏُکائي، نه ايذاءُ جو سبب بڻجي. جيڪڏهن ڪو وٽس وڃي ته ان کي هٿين خالي نه موٽائيندو هو. ڪم ٿئي نه ٿئي اها ڳالهه ٻي آهي پر ڪا نه ڪا ڳالهه سيکاري ۽ سمجهائي موڪليندو هو. ايترو ئي نه پر پنهنجي کاڌي پيتي جي شين مان ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ڇڏيندو هو:

مرسل جي سچي دين جي ڪر پيروي هردم،

شيطان جي هر چال کان تون پاڻ بچائين.

حافظ سنڌي پنهنجي ذات ۾ اداري جي حيثيت رکندڙ شخص هو. مون ڏٺو ته ايڏو علم هوندي به نه ته تڪبر هئس ۽ نه وڏائي! عاجزي هن وٽ جام هئي. ائين چوڻ ۾ به ڪو حرج ناهي ته نهٺائي سندس سُڃاڻپ هئي:

دنيا جهان جي آسائشن ۽ آرائشين جي گهڻي پيشڪش ٿيس پر هو ته سادگيءَ ۽ صبر جو مجسم هو. سو ڪڏهن ٿو ٿِڙي سگهي. زماني جا درد، معاشري ۾ تنگدستي ۽ سختيون ته مڙئي سهندو رهيو، مگر ڪڏهن به پلٽو نه کاڌائين:

“حافظ” گهرين جي سُک ته پنهنجي رب کي پرچاءِ،

ســامــان آ ســـکـــن جــــو بــــس اڪــــيـلو اســـتـــغــفار.

حافظ سنڌي دنياوي علم جون گهڻيون سندون حاصل ڪيون ۽ دين جي علم کي نه صرف حاصل ڪيائين پر پڙهائيندو به رهيو. گهڻا ئي دنيا جا ڄاڻو ۽ پاڙهو ماڻهو سندس شاگرد ۽ ساٿي رهيا. تن جي چوڻ کانپوءِ به حافظ سنڌي ڪا به دنياوي آسائش قبول نه ڪئي. هو ڪندو ئي ڇا هو، نماز ۽ قرآن پابنديءَ سان پڙهائي، ڪتابن جي ڍير ۾ هر ايندڙ شخص سان کلي ڳالهائيندو هو. سڀني جو خيرخواهه ۽ سڀني جي لاءِ دعائون گهرندو هو. گهر ٻار کي وقت ڏيئي اولاد کي فاضل ۽ قابل بڻائي ويو:

مون کي کپي ٿو تنهنجو فضل و ڪرم خدايا،

دفعي وڃن ٿي منهنجا رنج و الم خدايا.

“حافظ” جا عرض اگهجن، اهل وعيال سڌرن،

جملي جميع مسلم ڪر محترم خدايا.

حافظ سنڌي شڪارپور کان ٻاهر به ويو ته به واپس موٽي آيو، شڪارپور سان کيس بيحد پيار هو. شڪارپور جون نظمن ۾ ساراهون ۽ نيڪيون به گهڻيون ڪيائين. هو حب الوطنيءَ ۾، خيرخواهيءَ ۾، بهتريءَ ۽ ڀلائيءَ ۾ چڱن ڀلن کان مٿانهون هو. سندس عزت ۽ نالو اڄ تائين پيو ڳائجي. توڙي جو هو جسماني طور تي اڄ اسان وٽ موجود نه آهي پر پوءِ به اسين سڀ سندس قرب جا سڪايل ۽ ڪچهريءَ جا مشتاق آهيون.

گوندر گذاريو ڪاپڙي، پڌر وڃن نه پاڻ،

تن آيل آديسين جي، روئان ڪاڻ رهاڻ،

هت نه پسجن پاڻ، ويا ويراڳي نڪري.

                                            (شاهه)

حافظ سنڌيءَ کي اسان جي سائين عبدالجبار “عاجز” منگيءَ هيئين خراج پيش ڪيو آهي:

شاعريءَ جو باب هو حافظ سنڌي،

روشنيءَ جو باب هو حافظ سنڌي.

ڏات سان ئي علم وکيري هو ويو،

زندگيءَ جو باب هو حافظ سنڌي.


 

حافظ سنڌي

ھو به موڪلائي ويو

حسيب ناياب منگي

سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول تي سوڳ واري فضا ڇانيل آهي، پروفيسر اسرار احمد علوي جي لاڏاڻي کانپوءِ استاد، عالم، بهترين مقرر، شاعر ۽ شريف النفس انسان “حافظ سنڌي” شڪارپور ۾ ۲۵ اپريل تي لاڏاڻو ڪري مالڪ حقيقي وٽ وڃي پهتو. سائين “حافظ سنڌي” جو علمي ۽ ادبي سڪو شڪارپور جي علمي ۽ ادبي ماحول تي اڌ صدي کان ڇانيل هو. سائين پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکندو هو. سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻولين ۾ سندس چيل ۽ چپيل ڪلام موجود آهي پر عربي ۽ فارسي ٻولين تي به دسترس حاصل هئس. روزي ۽ نماز جو پابند، علم جي شمع کي جاري رکڻ وارو ۽ فيض عام ڪندڙ سائين “حافظ سنڌي” سادي زندگي گذاريندڙ شخص هو. عاجزي جو پيڪر ۽ مهمان نواز هو. پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو، ڪنهن جو حق کائڻ ۽ ڪنهن کي ايذاءُ پهچائڻ سندس شخصيت جو حصو نه هو. ورهين جا ورهيه هن جو ڪتابن سان چاهه رهيو، اهو عشق اهڙو هو جو هو به سدائين ڪتابن جي وچ ۾ ويهي سرهو پيو ٿيندو هو. گهر کان مسجد ۽ ڪڏهن ڪنهن مشاعري ۾ شرڪت ڪيائين ته ڪافي آهي. سادگي ۾ دينداري ساڻ پنهنجي عمر گذاري خوش رهڻ وارو شخص هو. ڪيڏا به لاها چاڙها سندس زندگي جو حصو ٿيا، زماني جون گهڻيون ئي تڪليفون برداشت ڪيائين پر شڪايت نه ڪندي جيون جون بهارون ۽ خزائون گذاريندو رهيو. قرآن، تفسير، سيرت، حديث، فقه وغيره ۾ هو پنهنجو مٽ پاڻ هو. سائين “حافظ سنڌي” جي وڇوڙي تي گهرو صدمو رسيو اٿم. جڏهن به علمي ۽ ادبي سلسلي ۾ وٽس وڃڻ ٿيندو هو ته سوالن جا جواب به ملي ويندا هئا ۽ قرب به حاصل ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن تڪڙ هجي ۽ گهڻو ويهڻ نه ٿئي ته به هيڏانهن هوڏانهن نهاري ڪجهه نه ڪجهه کائڻ لاءِ ڏيندو هو. سندس حياتي جي آخري ڏهاڙن ۾ ته اڪثر ڪري صبح جو سوير سندس قرب نصيب ٿيندو هو. مان جيڪب آباد وڃڻ لاءِ هاٿيدر تي تيار بيٺو هجان ته چنگچي اچي منهن ڪڍي. ڇا ڏسان ته پٺيان واري سيٽ تي سائين “حافظ سنڌي” ڪنهن نه ڪنهن طالب يا پنهنجي نينگر سان ويٺو آهي. هو پنهنجي گهران سڪپل تان هزاريدر تي قائم “مشتاق مسجد” ۾ ويندو هو ته هاٿيدر تي اسين هڪ ئي چنگچي ۾ سفر ڪندا هياسين. پاٻوهه ۽ پيار سان  شفقت جو هٿ منهنجي پلئه پوندو هو، سائين دعائن سان گڏ رخصت ڪندو هو.

سائين “حافظ سنڌي” جو اصل نالو نثار احمد ولد محمد حسن منگي هو. پاڻ مئي ۱۹۳۷ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. پڙهڻ لائق ٿيو ته مدرسه اشرفيه شڪارپور ۾ داخل ڪرايو ويس. ناظره قرآن مجيد کانپوءِ انسان ذات جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ نازل ٿيل قرآن پاڪ کي حفظ ڪيائين. قرائت کانپوءِ درس نظامي پڙهيائين. علم سان گهڻو چاهه هئس، استادن جي صحبت ۾ ويهڻ، ڪچهريءَ جو حصو ٿيڻ ۽ فيض حاصل ڪرڻ توڙي مطالعي ڪرڻ سائين “حافظ سنڌي” جو خاص مشغلو بڻجي ويو. شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج منصوره ۾ داخل ٿيو ته سندس قابليت جا جوهر سڀني جي سامهون آيا. “مولوي”، “عالم” ۽ “فاضل” جون سندون سنڌ ۾ پهرين پوزيشن سان حاصل ڪيائين. سندس علمي ڏاهپ سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم.اي (عربي) دوران به پڌري ٿي. ۱۹۷۳ع ۾ تحريري توڙي زباني امتحانن ۾ سڀني کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪري  گولڊ ميڊل حاصل ڪيو. اهڙي ڪاميابي تي سنڌ جي گورنر به خاص سرٽيفڪيٽ ڏنو. پوءِ ته سندس شخصيت ۽ دانائيءَ جا هر وات تي قصا هئا. سرڪاري ملازمت جي آڇ ٿي، پاڪستان ۽ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جا ڪيترائي موقعا مليا پر پنهنجي سادگي سبب پنهنجي شهر ۾ رهي ديني ۽ علمي خدمت سرانجام ڏيڻ کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏنائين.

سائين “حافظ سنڌي” پنهنجي عملي زندگي جو آغاز استاد جي حيثيت سان مدرسه مطلع العلوم ڪوئٽيه کان ڪيو. جتان پوءِ مظهر العلوم ڪراچي ۾ مدرس بڻيو پر جلدي پنهنجي شهر شڪارپور موٽي آيو ۽ مدرسه دارالقرآن ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين. اٽڪل چاليهه ورهيه اتي پڙهائيندو رهيو. پوءِ وري مدرسه ضياءُ القرآن قائم ڪري مشتاق مسجد ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائون. علامه علي محمد ڪاڪيپوٽو، مولوي محمد اسماعيل عودوي ۽ ٻين شفيق استادن جي زير نظر جيڪو علم حاصل ڪيو هيائون سچائي ۽ ايمانداري سان پنهنجي  هزارين شاگردن ڏانهن منتقل ڪيائون.

مدرس سان گڏوگڏ جماعت اسلامي سان وابسته هو. استاد ۽ عالم سان گڏوگڏ مقرر ۽ خطيب به هو، سندس ڪيل تقريرون علم جي روشني سان ٻڌندڙن کي منور ڪندڙ ۽ اثرائتيون هونديون هيون. مختلف موقعن تي پرجوش تقريرون ڪندو هو. ڪنهن مذهبي يا علمي معاملي تي ثابت قدم بيٺو ته پنهنجو ارادو تبديل نه ڪندو هو. ان حوالي سان جيل به ويو هو پر اصولن جي پاسداري ۽ ارادي جي مضبوطي سندس فيصلن تي ڇانيل رهندي آئي.

سائين “حافظ سنڌي” شاعر به هو. رحمت الله “شوق” شڪارپوري سندس استاد هو. حافظ صاحب جي ڪلام جو چيل چڱو ذخيرو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪو آهي، تنهن جو هڪ انتخاب “ڪلام حافظ” جي نالي سان مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران ۲۰۱۹ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ڪتاب جو مرتب برڪت الله برق آهي. جنهن وڏي محنت سان سائين جا لکيل حمد، نعت ۽ دعائيه اشعار گڏ ڪيا ۽ منظر عام تي آندا. سائين حافظ سنڌي جي سادگي ايتري جو نه ڪتاب جي مهورت نه ئي ڪڏهن پاڻ مٿان ڪو پروگرام ڪرائڻ جي اجازت! ها باقي اهو سچ آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ مشاعرن جي شمع ۽ محفلين جو مور تسليم ڪيو ويندو هو. قدرت اهڙي ڏات عطا ڪئي هئي جو لفظن جي چونڊ ۽ انداز بيان سان حافظ سنڌي پنهنجو پاڻ مڃرائيندو هو.  مذهبي شاعري کان علاوه پاڻ ٻين سماجي موضوعن تي به خوب لکندو رهيو.

بي تحاشا غم، عيد ڪيئن ٿيندي،

ڏوجهرا ۽ ڏَم، عيد ڪيئن ٿيندي.

بي شمار آهن درد، ڏک “حافظ”،

دل ناهي خُرم، عيد ڪيئن ٿيندي.

سائين “حافظ سنڌي” جي ڪلام ۾ پختگي ۽ جدت سان گڏ  لفظن جي ٺاهه ٺوهه ۽ احساسن جي ترجماني جو سينگار موجود آهي. بيشڪ ته هو اسان جي وچ ۾ علم  ۽ سخن جو وڏو ڄاڻو هو. اسان واري ٽهي تمام گهڻي خوش نصيب آهي جنهن کي پنهنجي دور ۾ سائين اسرار احمد علوي يا سائين حافظ سنڌي جهڙن انمول هيرن جو پيار ۽ قرب نصيب ٿيو. انهن جي ڪچهريءَ سان علمي لاٽ ٻري جيڪا جاري رهندي ايندي. شڪارپور جي ماڻهن جو جهڙي طرح شعر سائين “حافظ سنڌي” بيان ڪيو آهي سچ ته پاڻ به اهڙو ئي ماڻهو هو. جيڪو تڪبر کان پري، پرائي گلا کان ڏور، مسئلن جو حل ڏيڻ وارو، نوڙت واري زندگي گذارڻ وارو پنهنجن ۽ پراون جو همدرد هو.

شڪارپور جا نواب ماڻهو، عظيم عزت ماب ماڻهو.

سليم فطرت، ڪبير همت، ڪمال جرئت جناب ماڻهو.

سائين “حافظ سنڌي” جي ڪلام ۾ مذهبي رنگ سان گڏ ثقافتي عڪس به موجود آهن. هو دين جي وفادار شخصيتن تي به لکي ويو آهي ته پنهنجي ڀلاري ڀٽائي گهوٽ جي ڪلام ۽ شخصيت جو حبدار هئڻ جي ڳالهه ڪري ويو آهي:

آ سنڌ جو سرتاج ۽ سردار ڀٽائي،

مُنهن مان هو مهراڻ جو مهندار ڀٽائي.

ٿو درس ڏئي پيار محبت ۽ اخوت،

اخلاص ۽ ايڪي جو علمدار ڀٽائي.

تسڪين ملي ان جي ٿي ابيات ۾ هردم،

گلشن ۽ گل وغنچه هٻڪار ڀٽائي

اقوام جهان مشرق ۽ مغرب جو هو محسن،

ڏنو فڪر صحيح سڀني کي سالار ڀٽائي.

الله جي رحمت ٿي وسي ان تي مدامي،

حافظ” آ سدا زار ۽ حبدار ڀٽائي.

سائين “حافظ سنڌي” به اسان وٽان ۸۴ ورهين جي ڄمار ۾ موڪلائي وڃي رب کي پرتو. هو اسان وٽ موجود ناهي پر سندس ذڪر تيسين رهندو جيسين سندس فڪر موجود آهي. اسان سڀ سندس فڪر کي ڪيترو عام ڪري سگهون ٿا اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.

دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس،

ٻئو سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪدل هوندو هيڪڙو. (شاهه)


حافظ سنڌي به هليو ويو!

دور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا

نسيم بخاري

هو جيڏو وڏو عظيم انسان هو، اوترو ئي پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا سندس گهٽ تعارف پيش ڪيو آهي، اها اسان جي ميڊيا جي لاعملي چئجي يا ڪوتاهي، پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي ان ڳالهه جو ڏک ضرور ٿيو آهي ته هڪڙو ماڻهو سڄي حياتي سماج لاءِ سوچي ۽ لوچي، پاڻ کي مفلسيءَ ۾ رکي سماج کي صحتمند سوجهرا آڇيندو اچي، پان کي زماني سازي جي هوا لڳڻ نه ڏي ۽ بدترين حالتن ۾ انتهائي بهترين ڪردار ادا ڪري وڃي ۽ هن جو جڏهن لاڏاڻو ٿي ته ان کي ۽ سندس خدمتن کي ڪنهن نانءَ ليکي ۾ ئي نه آڻجي، مان سمجهان ٿو ته اها وڏي زيادتي آهي ۽ ان ڏوهه جو ڏوهاري هئڻ جو هڪ حد تائين پاڻ به اعتراف ڪريان ٿو. هتي ڪوشش ڪندس ته ۸۴ ورهين جي ڄمار ۾ هن ڀلاري مهيني ۾ جسماني طرح اسان کان جدا ٿي ويل ماضي جي مشهور ۽ گهڻ رخي شاعر “حافظ سنڌي” ۽ عام طرح قاري نثار احمد منگيءَ جي نالي ان ڄاتي سڃاتي ويندڙ شخصيت بابت ڪجهه نه ڪجهه پوءِ اٽي ۾ لوڻ برابر ئي پر پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪريان. هي صاحب مئي ۱۹۳۷ع ۾ محمد حسن منگي جي گهر جي پڌر شڪارپور ۾ اکيون کوليون، شڪارپور جي اشرفيه مدرسي درس نظامي حاصل ڪيائين، بعد ۾ اورنٽيل ڪاليج شاهه ولي الله منصورا ۾ پڙهيو، جتان فاضل مولوي جي امتحان ۾ سڄي سنڌ مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ۱۹۷۰ع جي پهرين ٻن ٽن سالن ۾ سنڌ يونيورسٽي مان عربي ۾ ايم اي ڪيائين، ٽاپ پوزيشن اچڻ جي ڪري کيس گولڊ ميڊل ڏنو ويو، اسلام آباد ۾ عهدو ڏيڻ ۽ پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي ڪرڻ جي آڇ ٿي پر پاڻ اها قبول نه ڪيائين، پاڻ مطالع العلوم ڪوئيٽا جي مدرسي ۾ پڙهيو، مظهر العلوم کڏي ڪراچي مدرسي ۾ به تعليم ۽ درس تدريس ڏنائين، دارالقرآن موريائي مولا ۾ چاليهه سال پڙهايائين، هزاري درجي جي مشتاق مسجد ۾ ضياءَ القرآن جي نالي سان مدرسي جو بنياد رکيائين ۽ زندگي جي آخري گهڙين تائين اتي خدمتون سرانجام ڏنائين، مشتاق مسجد ۾ سندن پهرين پيش امام مشهور ديني عالم محمد اسماعيل عودوي هوندو هو، جن وصيت ڪئي هئي ته انهن کانپوءِ اهي فرض قاري نثار احمد منگي نڀائيندو. قاري صاحب جي علم ۽ ڏاهپ جي هاڪ ٻڌي يونيورسٽي جا پروفيسر وٽس اچي ساڻس رهنمائي حاصل ڪندا هئا. ۱۹ کان ۱۹۸۰ع ۾ شاعري سبب وڏي مڃتا ماڻيائين، حيدرآباد هجي يا ميرپورخاص، جيڪب آباد يا شڪارپور، سنڌ ۾ ڪٿي به مشاعرو هجي ۽ ان جي صدارت ڪير ڪندو هجي پر ماڻهن جي ڌيان ۽ سماعتن جو محور حافظ سنڌي ئي هوندو هو، شاعري ۾ سندن استاد رهنما رحمت الله شوق شڪارپوري هو، پاڻ وطن پرست شخصيت، سماجيات سميت رومانوي ۽ ڀرپور مزاحيه شاعري ڪئي اٿائين، اها الڳ ڳالهه آهي ته سندس حمديه ۽ نعتيه شاعري ئي گهڻي ڀاڱي ماڻهن جي نظرن مان گذرندي آئي آهي. پاڻ ختم نبوت جي سلسلي ۾ سرگرم هئڻ ڪري جيل به ويو، هڪ ئي وقت بهترين عالم، قرآن جو حافظ، ساکائتو مقرر، قرائت جا ماهر، باصلاحيت استاد، بهادر سياسي ڪارڪن، مخلص ۽ هڏ ڏوکي بهادر سياسي ڪارڪن هو. سندس دعائيه، نعتيه، حمديه شاعري جي حوالي سان زندگي ۾ ئي برڪت الله برق مهراڻ اڪيڊمي پاران ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو آهي، جنهن ۾ حافظ سنڌي جي شخصيت بابت سندس شاگرد مرحوم اسرار احمد علوي مفصل ڄاڻ ڏني آهي. حافظ صاحب جڏهن رمضان مهيني ۾ تراويح دوران قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو هو ته آخر ۾ جماعتن کي ان جو مطلب ۽ معنيٰ جامع سنڌيءَ ۾ به ٻڌائيندو هو. سچ اهو آهي ته پاڻ فيض جو درياهه هو، انتهائي سادگي سان زندگي گذاريائين، نه وڏائي، نه شان، نه شهرت جو شوق بس سندس من ۾ جيڪڏهن ڪا تمنا هئي ته اِهائي هئي ته خلق خدا جي خدمت ڪجي، ان کي سڌي دڳ سان لائجي ۽ ان جي شعور ۾ واڌارو آڻجي. حافظ سنڌي جو مرحوم نقش ناياب منگي جي ڪتاب “شڪارپور تاريخ جي آئيني” ۾ به سٺو تذڪرو آهي، جنهن ۾ هونئن ته ڪيترا ئي شاعري جا اسم آهن پر مون کي سندس اهو شعر موهي ڇڏي ٿو ته: ڀٽائي گهوٽ جي پياري سدا سرهي رهي سنڌڙي، سچل سامي جي ساري سدا سرهي رهي سنڌڙي. حافظ سنڌي جا خدا، ان جي اهميت ۽ ان سان ساڻس تعلق جي حوالي سان هيٺان احساس ڪمال جا آهن. عيان آ هر جاءِ ڪمال تنهنجو، جلال تنهنجو جمال تنهنجو، سلطان چوان، سبحان چوان، تعريف جو حق ٿيندو نه ادا، ڪريان تنهنجي سدا قدرت جو بيان تعريف جو حق ٿيندو نه ادا، مشڪل ڪشا به تون آن، دارون دوا به تون آن، مان هڪ هزار صدما، سڀ سور تون ڇٽائين! زندگي مشڪل کان مشڪل تر هجي ها، رب جي رحمت جو نه سايو گر هجي ها. معافي جو موليٰ طلبگار آهيان، مڃان ٿو وڏو مان گنهگار آهيان. ڪر مالڪي خدايا درماندگي آ غالب، در در ڌڪا ٿو کائي تنهنجو خليفو نائب، نعتيه احساسن جي عظمت ۽ اهميت وري هيٺين سٽن مان جهلڪي پئي. صورت ڏسي سڄڻ جي حيران ٿيا هزارين، حور و ملڪ ۽ رضوان غلمان ٿيا هزارين، ڇا تاب دلبري آ، ڪئي قيد هر پري آ، سوگها سگهارا سارا، سلطان ٿيا هزارين، هڪ وار هلي بار مديني جو ڪيون سير جت ٿڌڙي هوا هير هلي صبح و مسا ڍير روشن آ جتي ڏينهن، چراغان آ سڄي رات هر ڏينهن وڏو ڏينهن، هر رات وڏي رات حافظ سنڌي سڄي زندگي گمنام رهيو، هن وٽ جيترو وقت هيو، اهو ماڻهن کي فڪري ۽ علمي لاڀ جي حوالي ڪيائين، هو زبردست مهمان نواز هو، هن وٽان هر ڪوئي فيض پرائيندو هو، حافظ صاحب ڪڏهن به اهو نه ڏسندو هو ته فيض وٺندڙ جو تعلق ڪهڙي گروهه، نسل، ذات ۽ عقيدي سان آهي، حافظ هيو ته هڪ پر شاگرد جيڪڏهن لکين نه تڏهن به هزارين ضرور تيار ڪيائين، هو حقيقت ۾ هڪ ادارو هو، هڪ احساس هو ۽ هڪ جستجو هو، هو هاڻ ڀل ته اسان کي ملي نه سگهي پر ان جون خدمتون ۽ پورهيو سندس وجود جو هر وقت احساس ڏيارينديون رهنديون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۷ اپريل ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا