; سنڌي شخصيتون: حافظ سنڌي، حسيب ناياب منگي، نسيم بخاري،
Showing posts with label حافظ سنڌي، حسيب ناياب منگي، نسيم بخاري،. Show all posts
Showing posts with label حافظ سنڌي، حسيب ناياب منگي، نسيم بخاري،. Show all posts

23 March, 2022

حافظ سنڌي

حافظ سنڌي

آديسين جي روئان ڪاڻ رهاڻ . . . .

حسيب ناياب منگي



ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

سيدنا لطيف رح جي مٿين شعر جي عڪاسي مون کي شڪارپور جي سڻڀي مٽيءَ ۾ ڄاول استاد العلماءَ سائين حافظ سنڌي ۾ نظر ايندي هئي. هو شريف النفس، صاف دل، نيڪ سيرت ۽ سٺي طبيعت جو مالڪ هو. علم جو ڀنڊار ۽ ڀلوڙ سُخنور هئڻ ڪري ڏات جي ديوي هميشه مٿس مهربان رهي. هُن جڏهن چاهيو ٿي قلم کڻي شاعريءَ سان نينهن نڀائڻ لڳو. هُن جي شعرن ۾ عام طور تي سماجي احوال ۽ تذڪره ته موجود آهن، شخصيتن تي به خوب لکي ويو آهي. پر هن جي سوچ جو محور عشق رسول صه آهي. هن جو ڇا وڃي مساڳن ۽ چپٽن سان! نه نظرن جي وار جي پرواه نه محبوب جي رسڻ ۽ پرچڻ جي ڪا فڪر! هو ته بس هڪ نگاهه جو ئي طالب رهيو جيڪا نگاهه اگر ڪنهن تي پئجي وڃي ته  ان جي دنيا سان گڏ آخرت به سنورجي وڃي :