شيخ نظر محمد بسمل
“بسمل” جي شاعري آ الفت ڀريو پيام...!
حسيب ناياب منگي
شاعري
قدرتي ڏات آهي، جنهن به ڪوي جي حصي ۾ جيتري ڏات آئي آهي، تنهن پنهنجي حصي جو ڪم ڪري
پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اسان جي سنڌ ڌرتي به اهڙن قلمڪارن سان سينگاريل آهي، جن
هيرن ۽ موتين مثل لفظ پيش ڪيا ۽ پنهنجي حصي جو پورهيو ڪري پاڻ ملهايو. سندن علمي ۽
ادبي پورهئي عام ماڻهن کي جيون جا رنگ به پسايا ته ڀلائي جي واٽ به ڏيکاري. ڏکن جي
راهه جو ڏس به ڏنو ته نصيحتون به بيان ڪري انساني زندگي جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ
جون گهڻيون ڪوششون ورتيون. اهڙن سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ شيخ نظر محمد “بسمل” جو
نالو به اچي وڃي ٿو، جنهن جي ڪلام جي گونج سنڌ جي هر هڪ علائقي ۾ ٻڌي وئي. “بسمل”
جو ڪلام انسان دوستي جي پيغام سان گڏ ساڻيهه جي سڪ جو چٽو آئينو آهي. سندس ڪلام تي
نظر ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجو ڪلام انسان جي جذبن ۽ احساسن ۽ انساني
زندگيءَ سان وابسته مختلف پهلوئن کي سامهون رکندي سرجيو آهي. سندس ڪلام ۾ پيار سان
گڏ نفرت تي حيراني به آهي. غربت آهي ته صبر ۽ شڪر جي جهلڪ به سامهون اچي ٿي. دنيا
جي لالچ کان بيزاري آهي ته نيڪي اختيار ڪرڻ جو ڏس به ڏيندو اچي ٿو. “بسمل” جو ڪلام
گهڻن ئي رنگن کي نروار ڪري ٿو جيڪي رنگ سندس شاعريءَ جي خوبصورتيءَ جو حوالو بڻجي
اڀرن ٿا.
شيخ نظر
محمد “بسمل” جي شاعري جيڪا گهڻي ڀاڱي ڳائي وئي آهي سا تمام گهڻي پسند به ڪئي وئي
آهي. عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي کان سرمد سنڌي تائين گهڻا ئي اهڙا فنڪار آهن جن
پنهنجي سريلي آواز ۾ شيخ نظر محمد “بسمل” جو ڪلام ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. هن جو ڪلام
لفظي جوڙجڪ سان گڏوگڏ موسيقي جي خوبيءَ سان مالا مال آهي. سندس اندر جا احساس جڏهن
ڇوليون هڻن ٿا ته ههڙن لفظن سان شعر جنم وٺن ٿا:
جهان ۾
جنهن کي ڏٺم يار بيقرار ڏٺم،
فراق يار
۾ هر شخص اشڪبار ڏٺم،
سجايو
پيار جي راهن کي چنڊ تارن سان،
رچايو
راند نئين پنهنجي دل فگارن سان،
اوهان جي
پيار جا گهائل گهڻا شڪار ڏٺم،
جهان ۾
جنهن کي ڏٺم يار بيقرار ڏٺم.
شيخ نظر
محمد “بسمل” جي ڪلام ۾ محبت جي جوت سان گڏ بي وفائيءَ جي صدمي جو ڏيئو پڻ روشن نظر
اچي ٿو. هن جا لفظ جڏهن پڙهجن ٿا ته ان موتين جي مالا کي سيني تائين آڻڻ تي دل چوي
ٿي. ڀلي جيڪڏهن ان ۾ بي وفائيءَ جو تذڪرو آهي ته به ڪنڊن سندي ڳالهڙي کي سيني ۾
سمائڻ جي ڪيفيت ئي ڪا الڳ ٿي نظر اچي. ڇو جو جتي پيار آهي، اُتي غم جي ڪيفيت جو هجڻ
به عام آهي. چهري تي مسڪراهٽ آهي ته اکين مان نير به وهڻ فطرتي عمل آهي. کيس شاعري
۾ ڳالهه بهترين نموني پيش ڪرڻ جو گهڻو ڏانءُ نظر اچي ٿو. هڪ ته هن جو ڪلام ترتيب
جي حوالي سان هجي يا موسيقي جي نگاهه سان ڏسجي ته نغمگي پيدا ڪندڙ نظر اچي ٿو. هو
لفظ کان پاڻ ڳالهائڻ جو ڪم به وٺندو نظر اچي ٿو ته انهن کان ئي کلڻ ۽ روئڻ توڙي
مختلف حالتن ۾ سنجيده رهڻ يا حيراني ظاهر ڪرڻ جو اظهار ڪرائڻ گهري ٿو. هن وٽ جيڪڏهن
لفظن جي گهٽتائي ناهي ته تخيل جي پرواز به بلند نظر اچي ٿي: وفائن جي بدلي جنهن دل
جلائي، تنهن بي وفا سان اٿم دل لڳائي. اسان ئي رهياسي هميشه ئي “بسمل” اسان جي
محبت نه ڪنهن آزمائي. شيخ نظر محمد “بسمل”
پنهنجي ڪلام ۾ جيتوڻيڪ محبت جو پيغام ڏيندڙ شاعر نظر اچي ٿو، اتي سندس ڪلام ۾ شڪسته
دلين جا داستان به پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هو واقعي شاعريءَ وسيلي اها سگهه پيدا ڪرڻ جي
طاقت رکي پيو جو هن جو ڪلام جڏهن ڳايو ويو ته سنڌ جي نوجوان جو من به جهومي اٿيو
ته ديس جي حقن جي حفاظت لاءِ پڻ تڙپندو نظر آيو. هن جا لفظ جيڪڏهن ڪٿي آٿت ۽ سهارو
ڏيندڙ نظر اچي رهيا آهن، انقلابي راهن تي هلي پنهنجو حق حاصل ڪرڻ جو جوش به پيدا ڪري
رهيا آهن. ڌرتي هن لاءِ احترام لائق ۽ وطن جي حب هن لاءِ سڀ ڪجهه هئي. هو نوجوانن
کي پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ لاءِ وڙهڻ جو حوصلو ۽ همت هن ريت ڏياري ٿو:
ٽوڙجو نه
سلسلو، هارجو نه حوصلو،
اڃان ته
جاڳ ٿي جلي،
اڃان ته
جنگ ٿي هلي، اڃان ته رت ٿي رلي،
ڪيان ٿو
مان مقابلو، هارجو نه حوصلو.
شيخ نظر
محمد “بسمل” پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ ڌرتيءَ کي تمام گهڻي تعداد ۽ وڻندڙ انداز ۾ ڀيٽا
پيش ڪئي آهي. هو ڌرتيءَ جو اهو نيڪ پٽ آهي جنهن کي پنهنجي سونهاري سنڌڙي تمام گهڻي
پياري آهي. پنهنجي سنڌڙي جو شان ۽ مان سڀني کان بلند ۽ مٿانهون تسليم ڪري ٿو:
اي زمين
سنڌ جي تنهنجو ئي مٿي مان رهي،
تنهنجي
عظمت جو ستارن کان مٿي شان رهي.
مان تو
سان پيار محبت جو ٿو اظهار ڪريان،
مان تو
سان عزم وفا جو ٿو اقرار ڪريان،
تنهنجيءَ
مٽيءَ ۾ سدا منهنجو جسم جان رهي،
اي زمين
سنڌ جي تنهنجو ئي مٿي مان رهي.
شيخ نظر
محمد “بسمل” پنهنجي شاعريءَ ۾ انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. هن جوش جذبو پيدا ڪرڻ ۽
جدوجهد ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي. هن وٽ خود اعتمادي جي ڳالهه آهي. پنهنجي طاقت ۽
پنهنجي سوچ ۾ مگن رهي هن سماج ۾ مجبورين کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي. هن جي شاعريءَ ۾ به
هڪ موضوع جي قيد مون کي گهڻي ڀاڱي نظر نٿي اچي. پنهنجي سوچ جي اُڏام کي بلند ڪري ٿو
۽ ڪيئي رنگ روپ کڻي اسان جي سامهون رکي ٿو.
مون ته
انسان جي عظمت کي اڀارڻ ٿي گهريو،
هر دکي دل
جي تمنا کي جيارڻ ٿي گهريو،
ها، مون
افلاس جي الجهن کي سنوارڻ ٿي گهريو،
تون ذرا
سوچ گلا منهنجي صدا جي نه ڪجانءِ،
منهنجا
محبوب پرک منهنجي وفا جي نه ڪجانءِ.
شيخ نظر
محمد “بسمل” پنهنجي ڪلام ۾ جن صنفن اندر جوهر ڏيکاريا آهن تن ۾: گيت، غزل، ڏوهيڙا،
چوسٽا ۽ نظم شامل آهن. مون ڏٺو آهي ته ڪٿي ڪٿي سندس شاعريءَ ۾ مذهبي شعر به چيل
نظر اچي ٿو:
اڄ مٺو
محبوب مرسل مصطفيٰ پيدا ٿيو،
هن زمين ۽
آسمان جو رهنما پيدا ٿيو.
مرحبا صد
مرحبا نور خدا پيدا ٿيو،
مرد اڄ
ميدان ۾ آ باوفا پيدا ٿيو.
شيخ نظر
محمد “بسمل” جي شاعريءَ ۾ ڪٿي طنز ته ڪٿي کل خوشي به ملي ٿي، هو واقعي حقيقت پسند
شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وقت به وقت جيڪي خيال پيش ڪيا آهن سي
وڻندڙ ۽ گهرا احساس پيش ڪندڙ آهن:
تنهنجا ڳوڙها
هيرا موتي،
منهنجو
جيون ريتي ريتي.
روز ازل
کان ڀٽڪيل آهيان،
تو بن ڪهڙا
محل سجايان،
مورک من ٿو
ميڙي سيڙهي،
ڪک پن ڪانا
ڇيتي ڇيتي.
شيخ نظر
محمد “بسمل” کي شڪارپور سان به پيار هو، وقت به وقت ان جو اظهار پنهنجي ڪويتائن ۾ ڪجهه
هن ريت پيش ڪيو اٿائين:
اچو جشن
يارو ملهايون اسان،
شڪارپور
شهر کي سجايون اسان.
هتي دلڪشيءَ
جا نظارا گهڻا،
گهٽيون روڊ
رستا ڪنارا گهڻا،
هتي رسم
راهن جا چارا گهڻا،
ٿا چمڪن
سدائين ستارا گهڻا.
شيخ نظر
محمد “بسمل” ولد دين محمد شيخ ۲۶ جنوري ۱۹۳۳ع تي پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ جنم ورتو. شڪارپور مان پرائمري ۽ پوءِ ورنيڪيولر فائينل پاس ڪرڻ
کانپوءِ جيڪب آباد وڃي رهيو، جتي ڪاروبار ڪرڻ لڳو. ورهاڱي کانپوءِ شڪارپور موٽي
آيو ۽ هتي مشهور استاد ۽ اديب شاعر سائين حبيب الله ڀٽو ۽ سائين مشتاق ابڙو جي
صحبت ۾ رهي لکڻ ۽ صحافت ڏانهن لاڙو ٿيس. سنڌي، سرائيڪي
۽ اردو ٻولين ۾ شعر چوڻ سان گڏوگڏ افسانا به تحرير ڪيائين. شڪارپور مان “خانه بدوش”
اخبار جاري ڪيائين جا ڇپرائي مفت تقسيم ڪندو هو. سندس ڇپيل نثر ۽ نظم جا ڪتاب “دانهون
منهنجي ديس جون”، “نذرانه بسمل”، “پريت جا گيت”، “آزاد آهيون” ۽ “هڪ دل هزار
دانهون” ڇپيل آهن. سندس ڪلام ۾ پنهنجن جي پريت، ماروئڙن جي سڪ، وطن جي حب ۽ ديس
واسين جي درد جو پڙاڏو گونجي اٿي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شيخ نظر محمد “بسمل”
کي ياد ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس جو مڪمل ڪلام ڇپجي ظاهر ٿيڻ گهرجي. پاڻ ۱5 نومبر ۲۰۰۰ع
تي شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو.
افسوس وڇوڙي
جو ڏسي وقت تون ويجهو،
راضي پيو ڪرين
هاري عطر منهنجي صحن تي.
ٻاريو نه ڏِيئو
۽ نه ٿي ورکا ڪا گلن جي،
هڪ سانت ٿي
سڏڪا ڀري “بسمل” جي ڦٽن تي.
شڪارپور
جي سينئر شاعر سائين ارباب علي “عادل” چوهاڻ مرحوم شيخ نظر محمد “بسمل” کي پنهنجي
هڪ نظم ۾ هن ريت ياد ڪيو آهي:
“بسمل” جي
شاعري آ الفت ڀريو پيام،
تخيل جي
آهه جنهن ۾ بلڪل اعليٰ اڏام.
(ڏھاڙي
ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا