مصري فقير
سُريلي راڳي جي ياد ۾....
ابراهيم لاشاري
چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا
هوندي آهي دنيا جي ٻين خطن کان علاوه سر زمين سنڌ ۾ به سرسنگيت جي فن کي اجاگر ڪرڻ
وارن فنڪارن جي ڪا ڪمي ناهي رهي، جن راڳ جي فن کي اجاگر ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ
جو نالو هميشه جرڪايو، اهڙن فنڪارن ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ بقاءَ پور جي مشهور
مڱڻهار قبيلي سان واسطو رکندڙ فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ مصري فقير نالي نينگر
سال ۱۹۲۹ع ڌاري جنم ورتو يو. سندس پيءُ پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ته
داخل ڪرايو پر نصابي تعليم ۾ دلچسپي نه ورتائين، مين پرائمري اسڪول منجهان صرف چار
درجا پڙهي اسڪول وڃڻ کان منهن ئي موڙي ڇڏيائين. اسڪول جي پڙهائي دوران به سندس
استادن ۽ هم ڪلاسي شاگردن کي موسيقي جا سر الاپي ٻڌائيندو هو اسڪول جي فنڪشنن ۽ اهم موقعن تي نغما، نعتون ۽ ترانا
پوري چاهه سان پنهنجي سريلي من موهيندڙ آواز سان پيو ڳائيندو هو سندس ڳائڻ سان
ڏينهنون ڏينهن دلچسپي وئي وڌندي پوءِ آهستي آهستي راڳ ڳائڻ سان وڃي ناتو جوڙيائين پوءِ باقائدي راڳ سکڻ جي تربيت
نوابشاهه جي قاضي احمد شهر جي ان زماني جي بهترين ۽ مشهور راڳي (پياري فقير ميراثي) کان شاگردي وارو ڳانو ٻڌرايائين، جتي مسلسل محنت ۽ رياض
سان چار، پنج سال ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسڪي راڳ جي سکيا وٺي پنهنجو نالو فن جي دنيا ۾
نروار ڪرايائين. مصري فقير ڳائڻ کان سواءِ ساز وڄائڻ جو پڻ مهارت رکندو هو سازن
منجهان هارمونيم، ڍولڪ، يڪتارو، پڻ بهترين نموني وڄائيندو هو.