; سنڌي شخصيتون: عبدالغفور چانڊيو، حفيظ چانڊيو،
Showing posts with label عبدالغفور چانڊيو، حفيظ چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label عبدالغفور چانڊيو، حفيظ چانڊيو،. Show all posts

01 March, 2022

عبدالغفور چانڊيو

عبدالغفور چانڊيو

ٽڪي جي دُنيا، لکن جو ماڻهو

حفيظ چانڊيو



شاعرن جا ديس ۽ درياهه پنهنجا ٿيندا آهن، تيئن سندن ادبي ڪڙم قبيلي ۾ سڃاڻپ جو حوالو به پنهنجو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح عبدالغفور چانڊئي جي ادبي ڪڙم قبيلي ۾ مصور واري سڃاڻپ به پنهنجي آهي. مصور حُسين دقيانوسي رسمن جي ور چڙهيل هڪ قبائلي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۾ ڊسمبر جي ۱۰ تاريخ تي ڪاڪي جانب چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو، جتي سندس پرورش روايتي انداز ۾ ٿي. سندس والد هڪ نيڪ نمازي انسان آهي. مصور جي سندس شخيصت جي ڪاميابيءَ پُٺيان سندس امڙ زيبل ۽ والد جانب علي جو وڏو هٿ آهي. مصور اهو ليکڪ آهي جيڪو بيساکين تي هلڻ کي عيب سمجهندو آهي، جيتوڻيڪ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي حوالا آهن، سندس ننڍڙي عمر ۾ ٽي ڪتاب ڇپجي آيا آهن، ان کان علاوه نامور ڪهاڻيڪار ماڻڪ تي تحقيقي اڀياس (ايم فل ٿيسز) پڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان مڪمل ڪئي آهي، سندس ٽن ڪتابن ۾ شاعري جو ڪتاب اي اکين جا انتظار، ڪهاڻين ۾ زندگي مرجهائجي ويل گُل جهڙي کان وٺي ناول سنڌي ادب ۾ خوبصورت اضافو آهن، هن کي ادبي دنيا ۾ ڪيترا ئي ادبي ايورڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ، سهڻي ايوارڊ، هالار ڊائجسٽ ايوارڊ، جگناٿ يادگار شيلڊ، ادبي سنگت مڃتا سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾ لاتعداد مڃتا ايوارڊ مليا آهن. تازو انڊيا مان نڪرندڙ ماهوار ڪونج ۾ سندس ڪهاڻيءَ جيڪا پذيرائي ماڻي آهي،سا شايد ڪنهن کان ڳُجهي هجي، ان کان علاوه مصور حسين سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ ادبي مخزن ۾ مسلسل لکندو ٿو رهي، هو ادبي توڙي وفا جي عملي تصوير اهي، سندس سچائي کان شايد ئي سنڌ جو اديب نا آشنا هجي. هن مختصر عمر ۾ جنهن نموني سان ادبي قبيلي ۾ آيو آهي ته ادبي محفلن تي سڀني کان اڳرو نظر آيو آهي، سندس اهڙيءَ همت ۽ سچيتائيءَ کيس منفرد حيثيت ڏياري آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ پنهنجي وجود کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.