; سنڌي شخصيتون: لالا اسرار احمد علوي، حسيب ناياب منگي، سرور سيف،
Showing posts with label لالا اسرار احمد علوي، حسيب ناياب منگي، سرور سيف،. Show all posts
Showing posts with label لالا اسرار احمد علوي، حسيب ناياب منگي، سرور سيف،. Show all posts

23 March, 2022

لالا اسرار احمد علوي

لالا اسرار احمد علوي

ماڻهو مڻيادار هو - علمي ۽ ادبي خدمتون

حسيب ناياب منگي



عالِم جو موت عَالم جي موت جي برابر تسليم ڪيو ويندو آهي، عالم جي لاڏاڻي وارو خال ڀرجي ناهي ڀربو. سندس ڪچهري ته رس ڀري هوندي هئي پر هو جڏهن محفلين ۾ شعر، ادب ۽ ٻوليءَ جهڙن موضوعن تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌندڙن جي دل چوندي هئي ته معلومات جي کاڻ مان اسان اڃا پيا ڄاڻ حاصل ڪندا رهون. قرآن مجيد، سيرت النبي صه ۽ حديث تي ڳالهائي ته دليل ۽ حوالا پيش ڪندو هو. سولي سمجهاڻي ڏيئي مطمئن ڪندڙ هو. سندس شخصيت به پُربهار هئي. چهري تي نه ته ڪڏهن غصي جا آثار نه ئي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪو زنگ! کلمک انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه سان ملڻ ۽ ملي ڪري ماڻهو کي پنهنجو بڻائڻ اها سندس خوبي هئي. هن جي ذات ۾ عاجزي ۽ انڪساري هئي. وڏڙي عمر هوندي به جڏهن پاڻ کان وڏن جو ذڪر ڪندو هو ته احترام وچان سندن نالو کڻندو هو. ننڍڙن سان جڏهن ملندو هو ته شفقت جو هٿ ڊگهيري مسڪرائيندو هو ۽ دعائون ڏيندو هو. رستي تي نڪري ته ننڍي يا وڏي کي سلام ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ننڍا کيس “سائين” ۽ وڏڙا “لالا” ڪوٺيندا هئا. گلا ۽ ڪوڙ کان پرهيز شروعات کان سندس طبعيت ۾ شامل هئي. ايڏي ساري ڄاڻ هوندي به مجال آ جو تڪبر کڻي ڪري! خوش پوشاڪ، نيڪ سيرت، باعمل ۽ ديندار شخص جو هن فاني جهان مان ڪوچ ڪرڻ اسلامي ۽ سنڌي ادب، تاريخ ۽ زبان لاءِ وڏو نقصان آهي.