; سنڌي شخصيتون: شهيد مولوي سعد الله ميمڻ، حسيب ناياب منگي،
Showing posts with label شهيد مولوي سعد الله ميمڻ، حسيب ناياب منگي،. Show all posts
Showing posts with label شهيد مولوي سعد الله ميمڻ، حسيب ناياب منگي،. Show all posts

23 March, 2022

شهيد مولوي سعد الله ميمڻ

شهيد مولوي سعد الله ميمڻ

حسيب ناياب منگي



ڪنهن فلمي سين جيان گولي جو آواز ٿيو، ڪجهه رڙيون ٿيون ۽ پوءِ هر طرف خوف ڇائنجي ويو، هڪ دوڪان تي ويٺل پاڪستان پيپلز پارٽي شڪارپور جو نائب صدر گولي جو نشانو بڻجي پنهنجون سموريون مصروفيتون، پارٽي جون ذميداريون، غريبن جون دانهون، يتيمن جا ڪم ڪاريون، دوستن سان ڪچهريون۽ گهر وارن جون ضرورتون سڀ اتي ئي ڇڏي پنهنجي جان پنهنجي رب جي حوالي ڪري هي جهان ڇڏي چڪو هو. ڪنهن کي به يقين نه آيو ته هي غريبن جو همدرد ۽ خير خواه ائين ڪنهن نامعلوم ماڻهو جي گولي لڳڻ ڪري هن زمين تان هليو ويندو. وٺ وٺان ٿي ويئي، قتل ڪرڻ وارو ڀڄي چڪو هو، سندس گهر ۾ ئي نه پر خيرخواهن ۽ دوستن وٽ به ڪهرام مچي ويو. ٻي ڏينهن اخبارن ۾ هيءَ خبر شايع ٿي ته :