; سنڌي شخصيتون: وينا شرنگي، مير اعظم علي ٽالپر، ڊاڪٽر پروين موسيٰ، زاهده ابڙو، ھمسري،
Showing posts with label وينا شرنگي، مير اعظم علي ٽالپر، ڊاڪٽر پروين موسيٰ، زاهده ابڙو، ھمسري،. Show all posts
Showing posts with label وينا شرنگي، مير اعظم علي ٽالپر، ڊاڪٽر پروين موسيٰ، زاهده ابڙو، ھمسري،. Show all posts

28 March, 2016

وينا شرنگي

وينا شرنگي

ريڊيو کان سنڌي ادب ۽ ثقافت تائين

مير اعظم علي ٽالپر



سنڌ ڄائي شهدادڪوٽ جي شهزاديءَ وينا شرنگي جو نالو اڄڪلهه سنڌ ۽ هنڌ جي ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل سمجهيو وڃي ٿو. پر آئون نومبر ۱۹۷۱ع کان ان وقت واقف ٿيس جڏهن هندستان سرڪار ۱۹۷۱ع جي جنگ جي خبرن لاءِ اولهه پاڪستان ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت اردو، بنگالي، سنڌي ريڊيو جي نشريات لاءِ ايڪسٽرنل سروس جي شروعات ڪئي. جڏهن روزانه شام ۵ بجي کان ۶ بجي تائين هڪ سنڌي پروگرام خاص سنڌ واسين لاءِ نشر ٿيڻ لڳو، بنگالين لاءِ ڪلڪتو، اگر تلا، ڪشميرين لاءِ وادي ڪي آواز (سري نگر)، پنجاب لاءِ امرتسر ريڊيو اسٽيشن اڳ ۾ ڪم ڪندڙ هنيون. ان وقت آل انڊيا ورلڊ جي سنڌي سروس ۾ نارائڻ پارواڻي اول نمبر تي هوندي هئي، جنهن ۾ نوان آواز شاليني هاڻ شالني ساگر آهي ۽ وينا شرنگي ٻئي ڀينرون پڻ سنڌي سروس ۾ شامل ٿي ويون.