; سنڌي شخصيتون: شهيد شاهجهان - وزير فرهاد سولنگي

15 February, 2016

شهيد شاهجهان - وزير فرهاد سولنگي

شهيد شاهجهان
دادو جو معصوم
وزير فرهاد سولنگي
دادو شهر جي چاندني چوڪ پاڙي ۾ رهندڙ هڪ استاد لالا عبدالستار قريشي جنهن پنهنجي سڄي زندگي درس و تدريس ڏيندي گذاري ۽ پاڻ ڊگري ڪاليج دادو ۾ فزيڪل استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون ڏيندو رهيو. هن 1985ع ڌاري پنهنجي ئي ڪٽنب مان شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد ٿيو، جنهن ۾ هر هڪ 1. شاهه رخ، 2. ڪنول، 3. شهريار، 4. شاهجهان، 5. شاهزيب آهن.


لالا عبدالستار قريشي پنهنجي ڪٽنب سان نهايت ئي سٺي زندگي گذاري رهيو هيو ته 2008ع ۾ سندس خاندان تي غمن جا پهاڙ ٽٽي پيا ۽ سندن لاڏلو شهيد شاهجهان قريشي وڏيرڪي سياسي ويڙهاند ۾ شهيد ٿي ويو. شهيد شاهجهان پنهنجي ابي امان، ڀينر ڀائرن جو دادلو هو اتي هو پنهنجن استادن ۽ دوستن وٽ پڻ تمام گهڻو مان رکندو هو. پاڻ پهريان ٽي سال فرحان پبلڪ اسڪول دادو ۾ پڙهيو ان کان پوءِ ملاح چوڪ دادو ڀرسان واقع پروگريسو هاءِ اسڪول ۾ ٻه سال پڙهيو ته ساڻس مذڪوره واقعو پيش آيو. شاهجهان هميشه ننڍڙي ۽ ٻالڪپڻ واري عمر ۾ به وڏن ماڻهن وانگر سوچيندو هيو سندس انسانيت سان پيار جو هڪ تعلق جڙيل هو جنهن ڪري هو اڪثر چوندو هيو ته مان وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس ۽ ڏکايل انسانيت جي خدمت. هن معصوم کي شهادت ايترو ته وڻي وئي جو الله تعاليَ کيس سندس وڻندڙ شي (شهادت) کيس ارپي ڇڏي. محترمه بينظير ڀٽو 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد ٿي ٺيڪ 36 ڏينهن کانپوءِ 8 فيبروري 2008ع تي شاهجهان پاڻ به وڏيرڪي گولين جو بک بڻيو ۽ شهادت ماڻيائين. اهڙيءَ طرح شهيد شاهجهان پنهنجي خاندان کي جدائي جو گهاءُ ڏيئي، هميشه لاءِ امر ٿي ويو. جيئن ته اڄ به سندس گهر جا ڀاتي اٺين فيبروري تي پنهنجي پٽ کي ياد ڪري ملڪ جي انهيءَ ڪڌيءَ وڏيرڪي سياست کي پٽون پاراتا ڏيندا آهن. جن وڏيرن هميشه پنهنجي سياست چمڪائڻ ۽ اقتدار جي حوس ۾ غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي آزاريو آهي.

لالا عبدالستار اڄڪلهه سنڌ جي سماجي ادبي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿي پنهنجي پٽ کي ۽ سنڌ جي انهن نوجوانن کي ياد ڪندو آهي جن پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي هن ڌرتيءَ لاءِ ساهه ڏنو. جڏهن ته دادو ۾ هڪ پارڪ شهيد شاهجهان جي نالي سان به منسوب ڪيو ويو آهي، پر جڏهن به 8 فيبروري ايندي آهي ته دادو جا علمي ادبي دوست لالا عبدالستار قريشيءَ سان گڏجي شهيد شاهجهان جي ورسي ملهائيندا آهن. دادو ضلعي جي انهي مٽيءَ جو ڪمال آهي جتي عالم، فاضل، اديب پنهنجا اڻ مٽ نشان ڇڏي ويا آهن اتي هڪ ٻارنهن سالن جو نينگر شهيد شاهجهان به پنهنجو نالو ان صف ۾ ڳڻائي ويو. جيئن ته اڄ سندس ڇهين ورسي جي موقعي تي کيس کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اهو هڪ عجيب اتفاق آهي ته شهيد شاهجهان جو جنم پهرين جنوري 1996ع جمعي ڏينهن سول اسپتال دادوءَ ۾ ٿيو ۽ سندس شهادت اٺين فيبروري 2008ع جمعي ڏينهن سول اسپتال دادوء ۾ ٿي ۽ سندس اٺين ورسي به اڄ سومر جي ڏينهن تي ٿي رهي آهي، يعني سندس ولادت ۽ شهادت جو هنڌ ساڳيو آهي. شهيد شاهجهان کي جسماني طور پنهنجي خاندان کان وڇڙي اٺ سال ٿي ويا آهن، پر اڄ تائين سندس گهر ڀاتي شاھجهان جي جدائي کي هڪ پل به وساري نه سگهيا آهن۽ هر سال هن معصوم شهيد جي ورسي ملهائي سندس ياد تازي ڪندا آهن. جيتوڻيڪ گذريل سال پنجين ڊسمبر 2013ع تي پي پي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد شاھجهان جي عذرخواهي لاءِ پنجن سالن کان پوءِ هن جي گهر پهتو ۽ شهيد جي والدين کي آٿت ڏيڻ سان گڏ پنجن لکن ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو جنهن مان کين ٻه لک روپيه مليا ۽ باقي ٽي لک سيد قائم علي شاھ اوڌر ڪرايا جيڪي اوڌر متاثر خاندان کي اڃا تائين نه مليا آهن پر شهيد جو هي خاندان هر سال جيان اٺين فيبروري تي هن معصوم جي ورسي ملهائي عالم، اديب، دانشور ۽ ڏاهن ماڻهن کي گڏ ڪري شهيد شاھجهان کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندا آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا