مظهر يوسف
سنڌي علم ۽ ادب لاءِ ڪيل سندس خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌي ٻولي ادب، ثقافت، آرڪيالاجي
۽ ٻين شعبن ۾ فقط سنڌي عالمن اديبن ئي نه جاکوڙيو آهي، مگر ڪيترا ئي اهڙا اهل قلم،
دانشور عالم وغيره ملندا، جن جو جنم ته سنڌ ۾ ڪو نه ٿيو هو، پر انهن سنڌ جي خدمت پنهنجي
دل ۽ جان سان ڪئي آهي. اهڙن نالن ۾ هڪ نالو مظهر يوسف جو به آهي. هو خود هڪ جاءِ تي
لکي ٿو ته “مون وانگر ڊاڪٽر مهڪري پاڻ کي سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ اسان ٻنهي
کي پنهنجي اباڻن شهرن سان پيار آهي، هن کي بئنگلور سان ۽ مون کي ميرٺ سان، پر اسان
پنهنجي وس آهر سنڌ جي خدمت ڪئي آهي.
مظهر يوسف جو اصل نالو مظهر الدين
هو، سندس جنم پهرين مارچ 1925ع ۾ ميرٺ انڊيا ۾ ٿيو. هو نالي وارو صحافي، پبلشر، مورخ،
محقق، اسڪالر، شاعر ۽ مترجم هو. پاڪستاني صحافت ۾ سندس سڃاڻپ ۽ انفراديت اها هئي ته
هن هتي ٽيڪسٽائيل جرنلزم جو بنياد وڌو.
مظهر يوسف شروعاتي تعليم پنهنجي
اباڻي شهر مان حاصل ڪئي، بي اي ڪرڻ کانپوءِ ايم اي ايڪانامڪس دهلي يونيورسٽي مان ۽
ساڳئي هنڌان ايل ايل بي ڪيائين. پنهنجي يونيورسٽيءَ جي سرگرمين لاءِ لکيو اٿائين ته
” ڊاڪٽر مهڪريءَ جي تحريڪ تي اسان يونيورسٽيءَ ۾ هڪ اسٽڊي گروپ Nineteen
ٺاهيو. گروپ جي گڏجاڻين ۾ هر موضوع بحث هيٺ ايندو هو. ادب، تاريخ، عمرانيات، سائنس ۽ سڀ ڪجهه اسان فيض احمد فيض کي
به دعوت ڏئي هڪ ميٽنگ ۾ گهرايو هو.
آزاديءَ کانپوءِ هو هجرت ڪري پاڪستان
هليو آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش پذير ٿيو. 1948ع کان باقاعده صحافت جي ميدان ۾ آيو. هو ان
سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو ته ”مون پڻ دهلي يونيورسٽي جي زماني ۾ ئي صحافت جو پيشو اختيار
ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اسان ٻئي (ٻيو ڊاڪٽر مهڪري) راما ڪرشنا مشن
وياسين. اهي ڊسمبر 1948ع جا آخري ڏينهن هئا. جڏهن راما ڪرشنا مشن جي سوامي رنگاٿن کي چيو ته مان صحافي ٿيڻ ٿو چاهيان
ته هن هڪدم مون کي ”سنڌ آبزور“ جي ايڊيٽر ڏانهن موڪليو. پهرين جنوري 1948ع تي اسان
ٻئي ڄڻا سوامي رنگاٿن جي سفارش تي ”سنڌ آبزرور“ جي آفيس وياسين جيڪا ميڪلوڊ روڊ تي
هئي، جنهن کي هاڻ ”چندريگر روڊ“ ڪوٺين ٿا.“ صحافت جي ميدان ۾ اچڻ کانپوءِ هو ڪيترن
ئي سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن سان وابسته رهيو. پر پاڪستان ۾ ٽيڪسٽائيل جي اڀرندڙ
انڊسٽري جي اهميت کي سمجهندي ”ٽيڪسٽائيل جرنل“ جاري ڪيائين، جيڪو ڪافي مقبول ٿيو، ان
ڪري کيس پاڪستان ٽيڪسٽائيل جرنلزم جو باني چيو ويندو آهي، ٽيڪسٽائيل جي صحافت جي ڪري
کيس ڪيترن ئي ملڪن جي سير و سفر جو موقعو پڻ مليو. مظهر يوسف کي سنڌي علم ۽ ادب سان
تمام گهڻو پيار هو. هن ”سنڌي ڪتاب گهر“ نالي
سان هڪ پبليڪيشن ادارو ڪراچي ۾ قائم ڪيو، جنهن سنڌي ٻولي ۽ ادب تي ڪيترا ئي ڪتاب شايع
ڪيا.
مظهر يوسف، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
طرفان انگريزي ۾ نڪرندڙ جنرل سنڌولاجيڪل اسٽڊيز“
جو ڪيترائي سال ايڊيٽر رهيو، هو ڪراچيءَ کان ڄامشوري، هن جرنل خاطر سفر ڪندو
هو ۽ مضمونن جي گڏ ڪرڻ کان وٺي ڇپائي تائين سڀني مرحلن جو خود سڌسماءُ ڪندو هو. هو
پاڻ به ان جرنل جو مستقل ليکڪ هو. ان کان علاوه هو سيد غلام مصطفيٰ جي ادارت ۾ نڪرندڙ
جرنل ”سن ڪواٽرلي“ جو به مستقل لکيڪ هو ۽ ڊان اخبارن ۾ به ڪالم لکندو هو. سه ماهي مهراڻ
۾ سندس ڪيترائي مضمون سنڌي زبان ۾ شايع ٿيل آهن. مختلف موقعن تي سندس انگريزي ۾ لکيل
مضمون جا سنڌي ترجما پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.
مظهر يوسف جو هڪ ٻيو ڪارنامو اهو
به آهي ته انگريزن جي دور ۾ سنڌ بابت لکيل
ڪن ناياب ڪتابن کي هن ٻيهر شايع ڪرايو، مظهر يوسف جي هڪ اهم خدمت اها به آهي ته هن
سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو کي سنڌ جي تاريخ بابت ڪتاب شايع ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي. سندس ادارو
”سنڌي ڪتاب گهر“ ادبي بورڊ کي تاريخي ڪتابن جي اشاعت ۾ هر قسم جو سهڪار ڪندو هو. مظهر
يوسف ذاتي طور تي به سنڌ بابت تمام گهڻو لکيو،
پر اهو سڀ ڪجهه ڪتابي صورت ۾ اچي نه سگهيو آهي. مظهر يوسف زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين
سنڌ شناسي بابت پنهنجون خدمتون ڏيندو رهيو. پاڻ 12 نومبر 2009ع ۾ 84 سالن جي عمر ۾
وفات ڪيائين. هتي اسان سندس لکڻين جو مختصر جائزو وٺنداسين.
1- Selected
Writing of Mazhar Yousuf
مظهر يوسف پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي
تحقيقي مقالا ۽ پيپر لکيا، انهن ڪجهه چونڊ مقالن، تبصرن ۽ پيپرن کي گڏي هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ
آف سنڌيالاجي پاران 2008ع ۾ شايع ڪرايو ويو. سنڌيالاجيءَ جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر شوڪت حسين
شوري صاحب لکيو آهي ته ”مظهر يوسف ڪيترن ئي سالن کان تحقيقي جنرل ۽ ”سنڌيالاجيڪل اسٽڊيز“
ايڊٽ ڪري رهيو آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي سندس پيار جي ۽ لگن لاءِ ٿورائتو آهي. مظهر
يوسف جا لکيل تحقيقي آرٽيڪل ۽ تبصرا يقينن تحقيق جي ميدان ۾ فائديمند ثابت ٿيندا“
ڪتاب ۾ جملي 17 (سترنهن) تحقيقي
آرٽيڪل/مقالا ۽ اٺ (8) مختلف ڪتابن تي تبصرا ڏنل آهن. هنن مقالن ۽ تبصرن کي پڙهندي
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مظهر يوسف سنڌ جي انتهائي اهم موضوعن تي قلم کنيو آهي، جن
تي اڳ تمام گهٽ لکيو ويو آهي. ڪتابن ۾ پهريان ٻه مقالا سنڌي ٻولي ۽ رسم الخط بابت ڏنل
آهن. انگريزن جي دور کان اڳ واري سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکي ٿو ته ” جڏهن انگريزن سنڌ تي
قبضو ڪيو ته ان دوران سنڌي ٻولي جا ڪيترائي لهجا رائج هئا. انهن کان علاوه فارسي دفتري
ٻولي طور ڪتب ايندي هئي، جنهن کي نه صرف روايتي مذهبي تعليم ڏيندڙ آخوند استعمال ڪندا
هئا، پر هندو عامل به اختيار ڪندا هئا. جيڪي ڪلهوڙن توڙي ٽالپرن جي دورن ۾ مکيه عملدار هئا. عام ماڻهو جيڪي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آباد هئا،
اهي ٻوليءَ جا مختلف لهجا ڳالهائيندا هئا. سندن لکت جو نمونو به لهجن جيان پيچيده
۽ مختلف هو.“
ٽيون مضمون حسن علي آفندي بابت ڏنل
آهي. هو لکي ٿو ته ” خان بهادر حسن علي آفندي کي صحيح نموني سنڌ جو سر سيد احمد خان
سمجهڻ گهرجي. سر سيد احمد خان وانگر، حسن علي
آفندي بنيادي ڪوششون ڪري، سنڌ جي مسلمانن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. سر سيد وانگر، حسن علي
آفندي آخرڪار فيصلو ڪيو ته کيس صرف تعليم جي ميدان ۾ ڪوششون وٺڻ گهرجن. هن آخرڪار هڪ
وڏو ادارو ”سنڌ مدرسته السّلام“ قائم ڪيو، جنهن مسلمان جي سجاڳيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا
ڪيو،“ ڪتاب ۾شامل چوٿون مضمون حاجي عبدالله هارون جي حياتي ۽ سندس خدمتن جي باري ۾
آهي. سيد عبدالله هارون جو سنڌ جي سياست ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي.
هن جي هٿن ۾ سنڌ ۾ مسلم ليگ پروان چڙهي. مظهر يوسف پنهنجي ضمون ۾ سندس نجي ۽ سياسي
زندگيءَ جي تصوير چٽي آهي. جهڙي ريت عبدالله هارون جو سنڌ جي سياست ۾ اهم ڪردار آهي،
اهڙي ريت سائين جي ايم سيد جو به وڏو حصو آهي. مظهر يوسف سائين جي ايم سيد جي باري
۾ هڪ اهم مضمون لکيو آهي. هو لکي ٿوته “ جي ايم سيد جو موت ڪنهن جو انفرادي موت ڪونهي.
ان جو وڏو نقصان خود سنڌ جو ٿيو آهي، ڇو جو سنڌ هڪ وڏي هڏڏوکي کي وڃائي ويٺي آهي، جنهن
جو جيئڻ مرڻ فقط سنڌ لاءِ هو.“
ڪتاب ۾ هڪ شاندار مضمون مشهور صحافي
۽ آزادي جي پانڌيئڙي مولانا دين محمد وفائي جي باري ۾ آهي. هن مضمون ۾ وفائي صاحب جي
صحافتي خدمتن ۽ سياسي خدمتن جو جائزو ورتو ويوآهي.
سنڌي علم ۽ ادب جي ڦهلاءُ ۽ سنڌ
شناسي جي سلسلي ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاھ جو وڏو هٿ آهي. هن ”سنڌ ڪواٽرالي“ ذريعي سنڌ
بابت شاندار تحقيقي آرٽيڪل شايع ڪيا. ۽ شاھ لطيف لائبريري سوسائٽي جي ميدان تان شاھ
لطيف شناسي جي سلسلي ۾ وڏو ڪم ڪيو. مظهر يوسف صاحب پنهنجي مضمون ”سيد غلام مصطفيٰ شاھ“
۾ سندس علمي، ادبي، شعبي ۽ تعليمي خدمتن جو جائزو ورتو آهي.
سنڌ جي تاريخ جو هڪ معمو ”رني ڪوٽ“
به آهي. رني ڪوٽ جي باري ۾ ڪافي تحقيق ۽ بحث مباحثا ٿي چڪا آهن. مظهر يوسف جو مضمون
به ان بحث جي هڪ ڪڙي آهي. مظهر يوسف رني ڪوٽ
کي ”راڻي ڪوٽ“ لکيوآهي. هو لکي ٿوته ”راڻي ڪوٽ جي باري ۾ مون جيڪو مطالعو ۽ تحقيق ڪئي
آهي، ان جي ڪري آءٌ ان نتيجي تي پهتو آهيان
ته پهاڙن جي وچ ۾ واقع قلعي کي پارٿي، بادشاهن نئين سر ٺهرايو ۽ ان ۾ فوجي اهميت جي
ڪيترين ئي اڏاوتن، برجن ۽ مورچن جو واڌارو ڪيو، ڇاڪاڻ ته اهي دولتمند ۽ شاهوڪار هجڻ
سبب اهو ڪم ڪرائي سگهيا ٿي. حقيقت اها آهي ته اتر طرف ايندڙ هنن، ساڪا ۽ يوچي حملو
ڪندڙن کي محفوظ رکڻ لاءِ اهڙي قلعي بنديءَ جي ضرورت هئي.“
سڪندر اعظم جي هٿان سنڌ وادي جي
فتح بابت ڪتاب ۾ ٻه مضمون شامل آهن. هنن مضمونن
۾ انتهائي محنت ۽ حوالن جي آڌار تي ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ ملڪي حالتن جو جائزو ورتل
آهي. ان کان علاوه جاگرافيائي حقيقتن کي سامهون رکي ان وقت جي سنڌ قديم شهرن جي معلومات
ڏني وئي آهي.
سنڌ ۾ انگريزن کانسواءِ ڊچ ۽ پورچوگيز
اهڙا يورپي باشندا هئا، جيڪي واپار جي بهاني سنڌ تي قبضي جا خواهشمند هئا ڪتاب ۾ هڪ
مضمون ڊچ (Dutch) باشندن جي باري ۾ لکيو ويو آهي،
جيڪي يورپي هئا ۽ هنن سنڌ کي گهميو ۽ ڏٺو. مظهر يوسف سنڌ جي قديم تاريخن جي حوالي سان
پورچوگيزن ۽ ڊچن جو سنڌ ۾ واپاري اثر ۽ سندن قبضي واري خواهشن جو جائزو ورتو آهي.
چارلس ميسن جو شمار انهن سنڌ شناسن
۾ ٿئي ٿو، جن سنڌ جا شهر، ڳوٺ، دڙا، قديم آثار گهميا ۽ انهن جي آڌار تي عام ماڻهن جو سماجي اڀياس ڪيو. ان ڏس ۾ مظهر
يوسف هڪ مضمون چارلس ميسن جي زندگي، آثار قديمه جي کوٽاين ۽ شاعري بابت لکيوآهي، جيڪو
مغربي سنڌ شناس جي باري ۾ اهم معلومات فراهم ڪري ٿو.
مظهر يوسف، قائداعظم جي لبرل سياست
جو به وڏو حامي نظر اچي ٿو. ان سلسلي ۾ سندس مضمون. Mr.Jinnah,
one of the greatest liberal politician of India شامل آهي، جيڪو قائداعظم محمد علي جناح جي سياسي عقيدن تقريرن، ۽ عملي
زندگي جي باري اهميت جو حامل آهي. هو لکي ٿو ته ” منهنجي نظر ۾ هندستان جو سڀ کان عظيم
آزاد خيال اڳواڻ هو، جيڪو برٽش انڊيا پيدا ڪري سگهي.“
ڪتاب ۾ هڪ مضمون شاھ لطيف جي هڪ
وڏي شارح ليلا رام وطڻ مل جي باري ۾ آهن. ليلا رام وطڻ مل پنهنجي دور جو هڪ نالي وارو
شاعر، ڊراما نويس، ۽ شاھ جو شارح هو. سندس باري ۾ مظهر يوسف لکي ٿو ته ” بدقسمتي سان
ليلا رام وطڻ مل کي اها اهميت ملي نه سگهي، جيڪا هو بحيثيت شاھ جي شارح ۽ محقق طور
لهڻندو هو. منهنجي خيال ۾ سندس ڪتاب
The Life, Religion and poetry
of Shah latif
بنيادي اهميت وارو ڪتاب آهي، جيڪو انگريزي ۾ شاھ لطيف جي
باري ۾ جامع ۽ عالماڻي اهميت رکي ٿو.“
هن شاھ لطيف جي هڪ ٻئي مغربي شارح
ايڇ ٽي سورلي جي ڪتاب Shah Abdul Latif of Bhit
جو به ڀرپور جائزو ورتو ويو آهي. سورلي انهن محققن مان هو جنهن
شاھ لطيف تي جامع انداز ۽ سائسني طرز تي تحقيق ڪري شاھ لطيف کي دنيا جو وڏو شاعر ثابت
ڪيو.
ان کان علاوه رچرڊ برٽن جي ڪتاب
Sindh and the Races that inhabits in the udley of
Indus تي تبصرو شايع ڪيو آهي. هن مضمون ۾ رچرڊ برٽن
جو سنڌ ۾ پنهنجي سرگرمين ۽ سنڌ بابت لکيل ڪتاب جي خوبين ۽ خامين جو جائزو ورتو ويو
آهي. ڪتاب ۾ اپٽڪن جي گزيٽيئر، پٿاوالا جي سنڌ جي جاگرافي ۽ ليلا رام وطڻ مل جي شاھ لطيف بابت لکيل ڪتابن تي به عالماڻه تبصرا
ڏنل آهن. آخر ۾ جيمس برنس جي سنڌ جي ميرن جي درٻاري جي سير تي به تبصرو شامل آهي. مجموعي
طور تي ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون مظهر يوسف جي ڄاڻ، گهرائي ۽ سنڌ مان محبت ۽ پيار جي
پورهئي کي ثابت ڪن ٿا. مظهر يوسف جا ڪيترا ئي انگريزي ۽ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪالم آرٽيڪل
مختلف جرنلن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس اهي سمورا مضمون
گڏ ڪري شايع ڪرائجن ته جيئن سنڌ جي هڪ عاشق کي خراج تحسين به پيش ڪري سگهجي ۽ سنڌ جي
تاريخ ۽ ادب بابت ڪيل پورهئي کي به محفوظ ڪري سگهجي.
No comments:
راءِ ڏيندا