; سنڌي شخصيتون: قاضي محمد اڪبر

14 February, 2016

قاضي محمد اڪبر

قاضي محمد اڪبر

سياست ۽ صحافت جو معتبر نانءُ

وجاهت حسين



سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙين شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن سدائين پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي وطن واسين جي سُک سلامتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سماج ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي سجاڳي آهي، ماڻهو ڀلي بُري جي پرک رکن ٿا ته اُن پٺيان اُنهن شخصيتن جي محنتن جو ئي ڪمال آهي. پر افسوس ته اسان ويساري مزاج سبب اُنهن کي گهربل مانُ نٿا ڏيون. جيڪا هن سماج جي بدقسمتي ئي چئي سگهجي ٿي.


هونئن ته ادب، تعليم توڻي زندگيءَ جي ٻين شعبن ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون ڄاڻائي سگهجن ٿيون، جن پنهنجي جاکوڙ سان نه رُڳو اُن شعبي ۾ نانءُ ڪمايو پر سماج تي پڻ مثبت اثر ڇڏيا، پر ڪي ٿورڙا ئي اهڙا ماڻهو هوندا جن هڪ کان وڌيڪ شعبن ۾ نه رُڳو پاڻ مڃايو، پر سماج کي اهڙين ڪيترين ئي واٽن کان روشناس ڪرايو، جيڪي يا ته بنهه نظرانداز ٿيل هيون يا اُنهن جي اهميت کان لوڪ ناواقف هو. اهڙين شخصيتن جي جڏهن ڳولا ڪجي ٿي ته سڀ کان نمايان نانءُ قاضي محمد اڪبر جو نظر اچي ٿو. ناليواري سفارتڪار، صحافي ۽ سياستدان قاضي محمد اڪبر آزادي جي تحريڪ ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌي صحافت ۾ به جديد لاڙا متعارف ڪرايا. سنڌ ڌرتي جي ماڻهن توڙي ڌرتي سان محبت رکندڙ قاضي محمد اڪبر غريبن جو همدرد هو، هن سڄي ڄمار سنڌ واسين جي خدمت ۾ گذاري ۽ خاڪسار تحريڪ ۾ سرگرم اڳواڻ رهيو، قاضي محمد اڪبر تعليم لاءِ يادگار خدمتون سرانجام ڏنيون. جديد سنڌي صحافت جو بنياد وجهندڙ قاضي محمد اڪبر سنڌي، اردو ۽ انگريزي صحافت جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو، هن عبرت، سنڌ آبزرور ۽ سنڌ نيوز جهڙيون اخبارون ڏنيون. قاضي محمد اڪبر سيوهڻ شريف جي عباسي خاندان سان تعلق رکندڙ مشهور سياسي شخصيت حڪيم قاضي عبدالقيوم جي گهر ۾ ۱۰ آڪٽوبر ۱۹۱۱ع تي جنم ورتو.

قاضي محمد اڪبر ابتدائي تعليم حيدرآباد جي نووديالا اسڪول مان حاصل ڪئي، بعد ۾ پاڻ ڪراچيءَ ۾ کڏي واري مشهور ديني درسگاهه مظهر العلوم مدرسي ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ سنڌ مدرسي مان پاس ڪيائون ۽ بعد ۾ علي ڳڙهه مان ۲ سال تعليم ورتي.

حيدرآباد مان سياست جي شروعات ڪندڙ قاضي محمد اڪبر حيدرآباد ميونسپل جو ۱۰ سالن لاءِ صدر ٿيو. کيس ۱۹۴۶ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. ۱۹۵۳ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ تي کيس صوبائي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو، ناڻي، تعليم ۽ سڌ سماءَ وارن کاتن جو وزير رهندڙ هن شخصيت حيدرآباد ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ زبيده ڪاليج قائم ڪيو. اُن کان علاوه به تعليم جي حوالي سان تمام گهڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڻ مسلم ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو پهريون سيڪريٽري ۽ بعد ۾ ان جي چيئرمين طور خدمتون سرانجام ڏنيون. حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، مسلم ڪاليج، لا ڪاليج کي ترقي ۽ اوج ڏيارڻ ۾ سندس نگرانيءَ ۽ نظرداريءَ جو وڏو عمل دخل هو. جڏهن ته نياڻين جي تعليم لاءِ پاڻ هميشه فڪرمند رهندا هئا. حيدرآباد ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان ٻهراڙين جي شاگردياڻين کي رهائش جي سهولت لاءِ گرلز هاسٽل ٺهرايائين. ۱۹۳۱ع ۾ کيس حيدرآباد ميونسپالٽي جو نائب صدر چونڊيو ويو. ۱۹۳۲ع ۾ پاڻ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو صدر ٿيو ۽ ۱۰ ورهين تائين ان عهدي تي صدر مقرر رهيو. پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ به حصو ورتائين. علامه مشرقي جو پيروڪار ٿيو ۽ مسلم ليگ جو به ميمبر بڻيو. قاضي محمد اڪبر ۱۹۳۸ع ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح سان ڪراچيءَ ۾ ملاقات ڪئي، سندس صلاحيتن کان قائداعظم تمام گهڻو متاثر ٿيو. ۱۹۴۵ع ۾ مسلم ليگ نيشنل گارڊ جو سالار مقرر ٿيو ۽ نيشنل گارڊ جي سالار جي حيثيت ۾ قائداعظم سان گڏ سڄي هندستان جي دوري ۾ شريڪ رهيو.

قاضي محمد اڪبر عوام ۾ بيداري ۽ سُجاڳيءَ لاءِ ”عبرت اخبار“ جو بنياد وڌو. عبرت اخبار ۾ ان دور جي جڳ مشهور اديبن، عالمن، دانشورن سيد ميران محمد شاهه، شيخ عبدالمجيد سنڌي، پير علي محمد راشدي، مخدوم طالب الموليٰ، مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، رسول بخش پليجو، علي محمد خالدي وڪيل ۽ منظور نقوي کي اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ لاءِ آماده ڪيو، جنهن ڪري اخبار کي چار چنڊ لڳي ويا. قاضي محمد اڪبر سنڌ نيوز وسيلي صحافتي ميدان ۾ شيخ عزيز، سهيل سانگي، خير محمد کوکر، شيخ علي محمد سميت ڪيترائي صحافي متعارف ڪرايا، جن سنڌي ميڊيا سميت اردو ۽ انگريزي ميڊيا ۾ به پنهنجو نالو ڪمايو.

۱۹۴۶ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ برصغير جي قابل احترام سياسي شخصيت سائين جي ايم سيد سان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تان مقابلو ڪري ڪاميابي حاصل ڪيائين.انهن چونڊن جي ڪاميابيءَ سبب قاضي محمد اڪبر کي سڄي هندستان ۾ مقبوليت ۽ وڏي پذيرائي ملي ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ ۾ چيف پارلياماني سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. پاڻ مسلم ليگ جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. ۱۹۵۲ع ڪينٽونمينٽ بورڊ حيدرآباد جو نائب صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ۱۹۵۲ع ۾ ئي مير رسول بخش ٽالپر جهڙي مقبول شخصيت کي حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جي صدر جي چونڊ ۾ شڪست ڏئي، هڪ ڀيرو ٻيهر حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو صدر بڻيو. ۱۹۵۳ع ۾ قاضي محمد اڪبر سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ بنا مقابلي ميمبر بڻيو، پاڻ سنڌ جي ٻن وڏن وزيرن قاضي عبدالستار پيرزادي ۽ محمد ايوب کهڙي جي وڏ وزارتن ۾ تعليم، خزاني، اطلاعات ۽ گهرو کاتي جو وزير رهيا. اطلاعات جي صوبائي وزير هجڻ دوران قاضي محمد اڪبر صاحب ميڊيا جي حوالي سان ڪيترائي مثالي ۽ يادگار ڪم ڪيا. پاڻ حيدرآباد ۾ اي پي پي جي سروس شروع ڪرائي ۽ ٽن اخبارن کي اي پي پي جون مفت سهولتون فراهم ڪرايون. مختلف ملڪن ۾ پاڪستان جي سفير طور خدمتون سرانجام ڏيندڙ قاضي محمد اڪبر ۱۳ فيبروري ۱۹۷۹ع تي سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي خالقِ حقيقي سان وڃي مليو.


 

قاضي محمد اڪبر

سياست کان صحافت تائين

مدد علي سنڌي

سنڌ جي رواجي ۽ وڏيرڪي سياست جا به عجيب رنگ، ڍنگ ۽ انگ آهن. ڪي انتھائي افسوسناڪ، ته ڪي مورڳو اچرج ۾ وجهندڙ. ان جي اپرانڌ، وري عام ماڻهو، اهو ئي ڏاڍ ۽ غلاميءَ جي چڪيءَ ۾ پيڙجڻ تي مجبور ۽ بيوس. وڏيرڪي سياست ته پنھنجي جاءِ تي روايتي ڦيرين گهيرين ۽ سازشن جو مرڪز آهي ئي پر ويجهڙائي وارن سالن ۾ وڏيرڪي سياست جي مقابلي ۾ جيڪي اڀرندڙ وچولي ڪلاس جا ماڻهو سياست توڙي نوڪرين ۾ آيا، تن ته مورڳو وڏيرڪي سياست جا به مَٽ ڀڃي وڌا آهن! سندن اصول ته عام ماڻهوءَ کان جيترو پري رهجي اوترو سٺو. باقي فوٽن ڪڍائڻ مھل ٻاهر عام ماڻهن جو در اچي جهلجي. اهڙي ماحول ۾ ٻه چار ڪڻا ڪي چڱا جيڪڏهن ڪنھن موچاري ۽ سٺي حسب نسب رکندڙ ۾ موجود، ته اها به قدرت جي ڀلائي چئبي. مون پنھنجي سانڀر ۾ ڪيترائي چڱا، مانائتا شخص ڏٺا. انھن جو عڪس اڃا به ذهن تي نقش ٿيل آهي، قاضي محمد اڪبر جو نالو به اهڙن شخصيتن ۾ شامل هو.

سنڌ جي سياست توڙي سنڌي صحافت جي تاريخ جڏهن به صحيح معنيٰ ۾ تحرير ڪئي وئي ته ان ۾ ڪجهه نالا انتھائي اهم جاءِ والاريندا. خاص طور تي ورهاڱي کان پوءِ سنڌي صحافت ۾ اهي نالا پنھنجي جاءِ تي، هڪ ادارو هئا. اهڙين شخصيتن ۾ قاضي محمد اڪبر جو نالو سڀ کان مٿاھون آهي. پاڻ سنڌ جي تاريخي شھر سيوهڻ جي عباسي خاندان ۾ پيدا ٿيا. سندن والد محترم جو نالو قاضي عبدالقيوم هو، جيڪو بعد ۾ سيوهڻ کان لڏي اچي حيدرآباد ۾ ويٺو ۽ ستت حيدرآباد ميونسپل جو پھريون پريزيڊنٽ پڻ ٿيو. ان ساڳئي عھدي تي وري سندس پٽ قاضي محمد اڪبر پڻ پھتو. قاضي صاحب آڪٽوبر مھيني ۾ سال ۱۹۱۱ع ۾ سيوهڻ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ پنھنجي سياست جو آغاز مسلم ليگ سان ڪيو، ۽ اڳتي هلي قائداعظم محمد علي جناح جي ويجهي هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيائون، اهو ئي سبب آهي جو سال ۱۹۴۶ع وارين چونڊن ۾ قائداعظم محمد علي جناح کيس سيوهڻ واري سيٽ تان سنڌ اسيمبلي لاءِ ٽڪيٽ ڏني. سندن اهم ڪمن ۾ ورهاڱي کان پوءِ هڪ بھترين سنڌي اخبار ڪڍڻ شامل آهي. سال ۱۹۵۸ع ۾ حيدرآباد شھر مان هڪ مڪمل سنڌي اخبار جي، اجرا جو خيال قاضي محمد اڪبر کي ڪيئن آيو؟ اها ڳالهه خود تحقيق طلب آهي. مون کي ياد اچي ٿو ته پاڻ هڪ ڀيرو چيو هئائون: “سياست لاءِ اخبار جو هئڻ ضروري آهي.” ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي خيال هو، جو پاڻ حيدرآباد مان روزاني عبرت ڪڍڻ جو فيصلو ڪيائون. ان لاءِ هن پھرين هفتيوار عبرت، جيڪا محمد عثمان ڏيپلائي جي ملڪيت هئي، تنھن کان خريد ڪري پھريون ان دور جي جديد مشينري گهرائي، بعد ۾ هفتيوار عبرت کي روزاني اخبار جي شڪل ڏيئي، اخبار شروع ڪيائون. ان ڪم ۾ کيس سندس ننڍي ڀاءُ قاضي عبدالمجيد عابد، جي مشاورت پڻ حاصل هئي. وڏي اهم ڳالهه ته سندس اخبار جلد سنڌ جي مشھور اخبار جي شڪل اختيار ڪري وئي. جنھن ۾ پاڻ سدائين سنڌ جي عام ماڻهن جي مسئلن کي اهميت ڏني ۽ ڪڏهن به سنڌ جي قومي مسئلن کان اخبار کي پري نه رکيو.

تنھن کان سواءِ قاضي محمد اڪبر، حيدرآباد جي، توڙي سنڌ جي قومي سياست ۾ انتھائي سرگرم رهيو. پاڻ هڪ ملنسار، بھادر، سچو ۽ کرو انسان هو. اڪثر ڪري مدد ايندڙ هر ماڻهو جي مدد ڪرڻ لاءِ هڪيا تڪيا اٿي بيھندا هئا. ان جا ڪجهه مثال مون کي ياد بيٺا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ۴ مارچ ۱۹۶۷ع جو واقعو ٿيو. سنڌ جي قومي تاريخ جو اهو تمام وڏو واقعو هو، تنھن وقت جي ڊائريڪٽر انفارميشن مسٽر علي احمد بروهي طرفان اخبارن کي هدايت ڪئي وئي ته “شاگردن جي ڪابه خبر نه اچڻ گهرجي. فقط سرڪاري هينڊ آئوٽ شايع ٿئي.” اهو ئي سبب آهي، جو ۵ مارچ جي اخبارن ۾ شاگردن جي گرفتاري ۽ تشدد جي ڪابه خبر نه شايع ٿي. البت ۶ مارچ ۱۹۶۷ع  تي سرڪاري هينڊ آئوٽ شايع ٿيو، پر ۷ مارچ ۱۹۶۷ع تي قاضي محمد اڪبر، اخبار جي ايڊيٽر شيخ علي محمد کي هدايت ڪئي ته “سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سان ٿيل ڏاڍاين ۽ انھن جي گرفتاريءَ تي ايڊيٽوريل لکيو وڃي.” اوهان عبرت اخبار جو فائيل کولي ڏسندا، ته سموري اصل حقيقت اوهان جي آڏو اچي ويندي، تنھن وقت اولھه پاڪستان تي گورنر ملڪ امير محمد خان ۽ حيدرآباد ڊويزن تي ڪمشنر مسرور حسن خان جو راڄ هو ۽ ملڪ تي ۱۹۶۳ع وارو پريس اينڊ پبليڪيشن جو ڊيموڪليس وارو خنجر لڙڪي رهيو هو. پر عبرت اخبار ۾ ۴ مارچ جي شاگردن جي حمايت ۾ انتھائي سخت ايڊيٽوريل شايع ٿيو. تنھن کان سواءِ ۹ مارچ ۱۹۶۷ع تي ۱۵۷ شاگردن جي آزاد ٿيڻ جي خبر، قاضي محمد اڪبر جو بيان اوهان کي نظر ايندو، جنھن ۾ لکيل هو، ته قاضي محمد اڪبر ۱۵۷ شاگردن جي ضمانت جو خيرمقدم ڪندي اطمينان جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته ڊسٽرڪٽ سيشن جج جو اهو فيصلو حق ۽ انصاف جي بالادستي جو هڪ مثال آهي، جڏهن ته ماضيءَ کي درگذر ڪرڻ ۽ آئيندي کي سنوارڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي.

پاڻ ۱۹۷۶ع ۾ وري هڪ ٻي نئين روزاني سنڌي اخبار “سنڌ نيوز” جاري ڪيائون. ان اخبار لاءِ قاضي صاحب وڏي همت ڪري، جرمني کان هڪ جديد پرنٽنگ پريس گهرائي، ان جي ٻئي سال ئي جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ملڪ ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لڳي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ يعني سال ۱۹۷۸ع ۾ مشھور اديب آغا سليم، جيڪو تنھن وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروگرام مئنيجر هو، تنھن کي ۽ سيد الله بخش شاهه بخاري ريڊيو پروڊيوسر ۽ ڪاپيئسٽ ارشاد پٺاڻ کي مارشل لا قانون تحت گرفتار ڪيو ويو، مٿن الزام هنيو ويو هو، ته هنن پنھنجي آفيس ۾ ڪجهه ملڪ دشمن ڳالهيون ڪيون آهن. ان الزام هيٺ کين گرفتار ڪري نارا جيل ۾ رکيو ويو ۽ مٿن ڪيس حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ ۳ مھينا کن فوجي ڪورٽ ۾ هلايو ويو. آخرڪار هنن جي جڏهن ضمانت ٿي، ته ضمانت ڏيڻ لاءِ ڪو مڙس ماڻهو تيار نه پئي ٿيو. آخرڪار ڪُڻو قاضي محمد اڪبر تي وڃي پيو. قاضي صاحب پنھنجي روزاني سنڌ نيوز جي گاڏي کاتي حيدرآباد واري آفيس ۾ ويٺو هو. جڏهن کين ضمانت لاءِ عرض ڪيو ويو، ته بنا ڪنھن هٻڪ جي ڪرسيءَ تان اٿي بيٺا ۽ اچي حيدرآباد جي سيشن ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽ پھتا. اتي ٽنھي ڄڻن جي ضمانت ڏنائون ۽ پوءِ سمورو وقت اتي ويٺا رهيا، جيتر آغا سليم، الھه بخش شاهه بخاري ۽ ارشاد پٺاڻ نارا جيل مان آزاد ٿي نه نڪتا.  اهو هڪ وڏو بھادري جو مثال آهي، جنھن جي جيتري به تعريف ڪجي اها گهٽ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڏينھن تائين آغا سليم جي ضمانت واري ڳالهه ڪنھن ظاهر ئي نه ڪئي آهي.  آئون اڪثر وٽن ويندو ھوس. اھا ڳالھه سال ۱۹۷۸جي آھي. ھڪ ڀيرو مونکي چيائون، “چاچا ڇا پيا ڪريو؟” وراڻيم “سائين شاگرد سياست تان رٽائر ٿيو آھيان، رسٽيڪيشن سبب شاگرد نه رھيو آھيان،” چيائون ته “پوءِ بابا اچي سنڌ نيوز جوائن ڪر،” آئون چپ ٿي ويس، ته وري چيائون، “بابا رٽائر سياسي ورڪر لاءِ آخري پناهه گاهه صحافت آھي. پوءِ تنھنجي مرضي، جڏھن به ايندين ته سنڌ نيوز جا در تنھنجي لاءِ کليل آھن.” مون تنھن وقت ته معذرت ڪئي، پر سندن رحلت کانپوءِ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ سندن اخبار سنڌ نيوز جو مونکي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو اھڙي طرح منھنجي عملي صحافت جي شروعات ٿي.

هڪ ٻيو مثال به ياد ٿو اچي، سال ۱۹۷۹ع ۾ مسلم ڪاليج جي ڪجهه سنڌي شاگردن کي سياسي نعرن هڻڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو. حيدرآباد جو ڊي ايم ايل اي ميجر جنرل جھانداد خان هو. منھنجي هڪ ويجهي دوست جو ننڍو ڀاءَ به گرفتار ٿيلن ۾ شامل هو. ان ڪري هو اچي مون وٽ نڪتو ۽ مون کي مدد جي درخواست ڪيائين. مون کيس چيو، ته ڀاءَ ٻيو ته ڪير به مدد ڪونه ڪندو، هلون ٿا، سنڌ نيوز جي آفيس ۾ قاضي محمد اڪبر صاحب وٽ. اهو سوچي، قاضي وٽ پھتاسين، ٻاهر قاضي صاحب جو خاص ملازم عتيق ڀائي ويٺو هو. هن وڃي قاضي صاحب کي منھنجي نالي ٻڌايو. يڪدم قاضي صاحب مون کي پنھنجي آفيس ۾ گهرايو. کيس ٻڌايم، ته سائين مسئلو هي آهي. يڪدم چوڻ لڳو، “بابا، ڳالهه ته ڳري آهي، پر ڪوشش ڪريان ٿو. جھانداد خان کي چئي ڏسان ٿو.” ائين چئي پاڻ يڪدم ٻاهر نڪتو، ۽ ڊرائيور کي پاڻ سان وٺي روانو ٿي ويو.  اسين سنڌ نيوز جي آفيس مان ٻاهر نڪري وڃي سامھون نعمت ڪده هوٽل ۾ ويٺاسين، پر ويندي ويندي عتيق ڀائي کي چئي ڇڏيم ته آئون سامھون نعمت ڪده ۾ ويٺو آهيان. مون کي ياد ٿو اچي ته ٻن اڍائي ڪلاڪن کان پوءِ شام جا ست ٿيا هوندا ته عتيق ڀائي ڊوڙندو اچي هوٽل پھتو، ته قاضي صاحب توکي سڏيو آهي. آئون قاضي صاحب جي آفيس پھتس، ته قاضي صاحب ڏاڍي سٺي موڊ ۾ ويٺو هو، چوڻ لڳو، “بابا تو واري دوست کي به ڇڏايو اٿم، ۽ ان سان گڏ جيڪي ٻيا ڇوڪرا هئا، سي به آزاد ٿي ويندا. پر بابا، هنن نوجوانن کي چئو ته ڪجهه احتياط ڪريو!” آئون قاضي صاحب جو ٿورو مڃيندي ٻاهر نڪتس ته منھنجو دوست منھنجي انتظار ۾ بيٺو هو. کيس ٻڌايم ته هو ڊڪي وڃي ڪينٽ ٿاڻي تي پھتو، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ پنھنجي ننڍي ڀاءَ کي وٺي اچي مون وٽ پھتو ۽ ٻڌايائين ته سمورا ڇوڪرا قاضي صاحب آزاد ڪرائي ڇڏيا آهن. اڄ اُهو نينگر، ۲۰هين گريڊ جو وفاقي حڪومت ۾ اعليٰ عملدار آهي.

سدائين اڇو اُجرو، منھنجو وڏو ڀاءُ ممتاز علي قريشي چوندو ھو، ته جڏھن قاضي اڪبر سان ملاقات ٿيندي آھي، ته چوندو آھي، “بابا ڪو به ڪم ڪار ھجي، ته بنا ججهڪ جي مون وٽ ھلي ايندو ڪر”. تمام سھڻا ڪپڙا پھريندڙ کلمک، هر ماڻهوءَ جي وس آهر مدد ڪندڙ، ڪڏهن به ڪنھن تي ارهو نه ٿيندڙ قاضي محمد اڪبر جھڙا ماڻهو ورلي ئي پيدا ٿيندا آهن. پاڻ سنڌ توڙي ملڪي سياست ۾ بھرو ورتائون. بطور هڪ صنعتڪار، بطور هڪ صحافي، بطور هڪ بھترين انسان سٺو والد بڻجي پنھنجو نالو ڪمايائون. ۱۹۶۹ع ۾ پاڻ محترم جي. ايم. سيد جي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل ٿيا، ۽ ۸ مارچ ۱۹۶۹ع تي حيدرآباد شھر ۾ ٿيندڙ اينٽي ون يونٽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائون ۽ پوءِ پنھنجي اخبار کي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. سال ۱۹۶۸ع ۾ حيدرآباد شھر جي گاڏي کاتي ۾ فائيو اسٽار ھوٽل ريسٽورينٽ ٺھرايائون، جنھن ۾ تنھن وقت ڊائيننگ ھال، ڪافي شاپ توڙي لائونچ. مٿي آخري فلور تي سئنيما به ھئي. افسوس ته ۱۹۷۲ع کانپوءِ اھا ھوٽل باقي نه رھي. ۱۷ جنوري ۱۹۷۵ع ۾ پھريون ڀيرو سائين جي. ايم. سيد جي سالگره واري تاريخي تقريب ۾ به قاضي اڪبر شرڪت ڪندڙن ۾ شامل هئا. سندن دوستيءَ جو حلقو تمام وسيع هو. جنھن ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر شمس العلماءَ داؤد پوٽو، محمد ايوب کھڙو، پير علي محمد راشدي، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، يوسف هارون، پير عالي شاھ، سيد غلام حيدر شاھ سجادہ نشين بلڙي شاھ ڪريم،  سيد عارف شاهه بخاري، حاجي ڪرن شورو، سيد گل محمد شاهه لڪياري، (سجادہ نشين درگاہ قلندر لال شھباز مائٽي ۾ سندس ڀاڻيجو ھو) سيد وريل شاھ سبزواري، خان صاحب احمد خان راڄپر، ڄام صادق علي، غلام مصطفيٰ خان جتوئي، قاضي فضل الله اچي وڃن ٿا. مشھور شاعر شيخ اياز پنھنجي آتم ڪٿا ۾ قاضي محمد اڪبر جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته: “جڏھن قاضي صاحب پورچوگال مان سفارت ڇڏي حيدرآباد آيو ته ھڪ نه ٻئي ڏينھن وٽس رات جو ڪچھري ٿيندي ھئي. ھڪ ڀيرو مونکي چيائين، “نوجوان ڏسون ٿا ته تون خدا کان ڪيسين تائين بغاوت ڪندين رھندين؟” اھو زمانو سال ۱۹۷۸ع جو آھي سچ پچ ته قاضي محمد اڪبر صاحب سموري حياتي ڪَھَڻ ۽ ڪاهڻ، پُرجهڻ ۽ پروڙڻ ۾ صرف  ڪري ڇڏي. سڄي زندگي محنت ڪيائون. ۱۹۷۰ع ۾ جنرل يحيٰ خان جي مارشل لا کين ان ڪري گرفتار ڪيو جو پنھنجي اخبار ۾ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيا هئا. اڄ اسين کيس ياد ڪريون ٿا، جو هن قسم جا ماڻهو، ڳولھي به نٿا لڀن. ۶۲ ورهيه اڳ جيڪو پاڻ وڻ پوکيائون اهو اڄ اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي صورت ۾ وڌي وڻ ٿيو آهي. سندن موڀي پٽ پنھنجي والد محترم جي مشن کي اڳتي وڌائيندا نظر اچن ٿا. ۱۳ فيبروري ۱۹۷۹ع قاضي صاحب جي وفات جو ڏينھن آهي.  پاڻ حيدرآباد جي ڪينٽونمنيٽ جي مقام ۾ ابدي ننڊ سُتل آھن، آئون لطيف آباد ايندي ويندي، جڏھن سندن ياد ۾ ٻه ھٿ کڻي فاتحه پڙھندو آھيان، ته منھنجي نيڻن مان لڙڪ وھي ايندا آھن ۽ پوءِ کيس ياد ڪندي شاهه صاحب جو هي بيت ٿو ياد اچي.

اڱڻ اُهيئي، جَتَ نه پَسان جُوءِ ۾،

اوطاقون اُٺَنِ ريءَ، سُڃيون سڀيئي،

اکڙيون روئي، ماڳ نھاري موٽيون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



قاضي محمد اڪبر

هڪ پارليامينٽيرين

زوار نقوي

حيدرآباد جو لجپت روڊ جنهن کي اڄ به دوآٻو (جيڪو قاسم آباد ٺهڻ کانپوءِ ائين وسرندو ويو جيئن سنڌ کان مسڪين جهان خان کوسو) جا ماڻهو صدر چوندا آهن، تنهن جي ساڄي پاسي واري گهٽي جيڪا ميونسپل ڪارپوريشن جي حدن اندر اڪثر محلن جيان صفائي کان محروم نظر ايندي آهي، ان جي هڪ ڪنڊ تي هڪڙي ٻاڪڙا هوٽل آهي، جنهن تي اڄ به اڪثر ڪري دوآٻي جا ماڻهو ويٺل نظر ايندا آهن، ڇاڪاڻ ته هو شهر جي ان گنجان آباد علائقي کي ئي شهر چوندا آهن، توڻي جو هاڻي هنن جا پنهنجا علائقا به شهر ۾ آهن. اڪثر ڪري ان هوٽل تي اکين تي نظر جو چشمو پاتل وڏن پر خوبصورت شهپرن وارو هڪ شخص ڪيڏي مهل پنهنجي خيالن ۾ گم ته ڪيڏي مهل هوٽل تي ايندڙ اخبار ۾ ڇپيل خبرن تي بحث ڪندي نظر ايندو آهي.

ماڻهو ان  پرئي مڙس کي سومر فقير سولنگي چوندا آهن. هوٽل تي ويهندڙ گراهڪ، جيڪي گراهڪ گهٽ پر اوطاقي ڪچهري ڪندڙ وڌيڪ محسوس ٿيندا آهن، اهي اڄ به ان هڪ هٿ کان محروم ڪراڙي همراهه کي “قاضين جو ماڻهو” سمجهندا آهن. لڳ ڀڳ اڌ صدي کان به وڌيڪ وقت جو اهو اکين ڏٺو شاهد اڄ به حيدرآباد جي قاضي صاحبان جو ذڪر ڪندي نه ڄاڻ ڪهڙن خيالن ۾ گم ٿي ويندو آهي. ڄڻ هو ماضي جي تاريخ مان ڪي ساروڻيون ياد ڪندو هجي. پيشاني تي پريشاني جا گهنج کڻي جيئندڙ ان شخص پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو قاضي صاحبان مان “وڏي صاحب” يعني مرحوم قاضي محمد اڪبر جي خدمت ۾ گذاريو. اڄ به “وڏي صاحب” جي ڳالهه ٿيندي آهي ته هن جي هنيانءُ مان هڪ درد ڀريو ساهه نڪرندو آهي. جنهن ۾ محبت جو درياهه سمايل هوندو آهي.

ان محبت جو ٻج وڏي صاحب ئي پوکيو هو، جنهن جي محبت ۾ هالن واري مخدومن جي مريد رئيس ڪرن خان شوري کان وٺي ڪيترائي ماڻهو شامل هئا ۽ ان ڪري ئي هو حيدرآباد جهڙي شهر ۾ پنهنجو حلقه انتخاب ٺاهي ويو هو. هو پنهنجي در تي ايندڙ ماڻهن کي ڪم جي حوالي سان ٻي شنوائي ڪرائڻ کي عيب سمجهندو هو ۽ اهڙي عمل تي غصي جو اظهار به ڪندو هو. هن ۾ اها وڏي خصوصيت هوندي هئي ته جنهن جو ڪم جائز ۽ ٿيڻ جوڳو هوندو هو ان کي هو پنهنجي گاڏي ۾ کڻي وڃي ڪم ڪرائيندو هو ۽ جنهن جو ڪم نه ٿيڻ جوڳو هوندو هو ان کي فورن جوب ڏئي ڇڏيندو هو. حقيقت اها آهي ته هو نه رڳو پنهنجي حلقه احباب لاءِ وڏو ڏڍ هو پر هر ان شخص لاءِ ڏڍ هو جيڪو وٽس پهچي ويندو هو. ضرورت رڳو درد بيان ڪرڻ جي هوندي هئي، درمان موجود هوندو هو:

وڏي وٿ هيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾

اهي ئي بنيادي سبب هئا جو سئو ڪوهه لتاڙي حيدرآباد جهڙي مخصوص ماحول واري شهر ۾ رهندڙن جي دلين ۾ هن پنهنجي لاءِ اڻ مئي محبت پيدا ڪري ڇڏي هئي. پ پ جو اڳواڻ پيرمظهر الحق چوندو آهي ته مان اليڪشن کان اڳ اليڪشن جي تياري وارو طريقه ڪار اهو ئي اختيار ڪندو رهيو آهيان جيڪو مون نانا کي اختيار ڪندي ڏٺو هو. چون ٿا ته قاضي صاحب چونڊ وڙهڻ کان پهرين پنهنجي فيملي ميمبرن سان صلاح ڪندو هو، پوءِ دوستن ۽ پوءِ چونڊ تڪ وارن سان ۽ پوءِ سڀني جون صلاحون ٻڌي اهو ڪندو هو جنهن کي هو صحيح ۽ درست سمجهندو هو. منهنجي دوست دوست محمد هاليپوٽي ٻڌايو ته لنڊن ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ دوران هڪ اڌڙوٽ مليو جنهن ٻڌايو ته مرحوم قاضي محمد اڪبر ئي کيس پڙهائي لکائي هن مقام تائين پهچايو آهي. هن ماڻهن جا ڪئين ڪم ڪري هنن جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ عزت ۽ احترام واري جاءِ پيدا ڪئي ۽ محبت جا ٻج ڇٽيا.

نه رڳو ايترو پر قاضي صاحب سنڌ آبزرور کان وٺي سنڌ نيوز اخبارن لاءِ ڪئين راتيون اکين ۾ ڪٽيون ۽ هن سنڌ نيوز کي سنڌ نيوز ثابت ڪري ڏيکاريو، يعني هو هڪ ئي وقت سياستڪار، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي وارو ڪردار ادا ڪندڙ همه گير شخصيت جو مالڪ هو، جنهن وٽ ڪائنات کي ڏسڻ لاءِ فقط خوبصورت خواب هئا.

سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهن سڄڻ سفر هليا!

رئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟

مون کي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري.

ڀٽائي جي انهن سٽن جيان سومر فقير سولنگي جو “صاحب وڏو ۽ پاڪستان جي سياست ۾ پنهنجي جدا حيثيت رکندڙ قاضي محمد اڪبر بهار جي مند شروع ٿيڻ کان فقط ٻه ڏينهن اڳ هميشه هميشه لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيون پر هن پنهنجي گهر جي آڳنڌ ۾ جيڪي قلم هنيا هئا اهي هينئر وڌي وڻ ٿي چڪا آهن ۽ انهن ۾ ٽڙندڙ گل خوشبو ڏئي رهيا آهن، ۽ جيستائين دليون زنده رهنديون تيستائين عام طور تي سنڌ ۽ خاص طور تي حيدرآباد ۾ هن جا جيڏا هن کي هميشه پيار ڪرڻ وارن لفظن ۾ ياد ڪندا رهندا. ڇاڪاڻ ته منهنجو ان ۾ پڪو پختو ويساهه آهي ته محبتون  ڪڏهن به مرنديون نه آهن پر اهي روپ بدلائي هميشه زنده رهنديون آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا