; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر جي ايم مهڪري - مختيار احمد ملاح

14 February, 2016

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري - مختيار احمد ملاح

ڊاڪٽر جي ايم مهڪري
سندس تاريخي خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي مٽيءَ ۾ هڪ خاص ڪشش آهي، هتي جيڪي به ٻاهران آيا، انهن هن مٽيءَ سان محبت ڪئي آهي، هن ڌرتي جي علم ۽ ادب سان پنهنجو رشتو جوڙيو آهي، تاريخون لکيون آهن، نون ۽ پراڻن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي، انهن جا حل ٻڌايا آهن، يا چوڻ گهرجي ته هنن سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي  ڇڏيو آهي، اهڙن نالن ۾ هڪ نالو  ڊاڪٽر جي ايم مهڪري به جو به آهي جيڪو علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.


ڊاڪٽر سيد غلام محي الدين ولد بئنگلوري معنعم علي مهڪريءَ جو جنم 19 آڪٽوبر 1908ع ۾ هندستان جي شهر بئنگلور ۾ ٿيو، سندس سڃاڻپ گهڻ رخي آهي، هو ساشالاجسٽ سائڪالاجسٽ، سماج سڌارڪ، تاريخ دان، ليکڪ، استاد، ڪالم نگار، صحافي ۽ دانشور هو، ابتدائي تعليم بئنگلور مان حاصل ڪيائين، سندس والد پڻ پنهنجي دور جو نالي وارو شاعر هو، ڊاڪٽر مهڪري خود هندستان ۾ شاگر سياسي ۽ ادبي تحريڪن ۾ حصو ورتو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري بمبئي يونيورسٽيءَ مان سماجيات جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي، جنهن جو عنوان هو : ”هندستان ۾ هندو – مسلم لاڳاپن جو سماجي پسمنظر “ پي ايڇ ڊيءَ سان گڏوگڏ، ڊاڪٽر مهڪري ٽاٽا اسڪول آف سوشل سائنسز مان سوشل ورڪ ۾ ڊپلوما پڻ حاصل ڪئي، ڊاڪٽر مهڪريءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات صحافت سان ڪئي، شروع ۾ هو ” بئنگلور مهڪري “ جي نالي سان لکندو هو، ان کان پوءِ بئنگلوري جي نالي لکڻ شروع ڪيائين، پنهنجي نالي جي ڏس ۾ هڪ خط ۾ پنهنجي دوست محمد ابراهيم جويي کي لکيو هئائين ته ” منهنجي پڇڻ کانسواءِ منهنجي مائٽن مون تي غلام محي الدين مهڪري نالو رکيو، ان کي ننڍو ڪري جي ايم مهڪري رکيو هو، پر ان مان منهنجو هاڻي مطلب ادبي نالو ” گلاب – موتيا مهڪ “ آهي.
سندس سنڌ ڏانهن لڏي اچڻ لاءِ  ناليواري اديب مظهر يوسف لکيو آهي ته ”ڊاڪٽر مهڪريءَ  پاڪستان لڏي اچڻ جو فيصلو ان ڪري ڪيو جو سدائين پيو چوندو هو ته هڪ ڀيرو ” سنڌ “ ايندس ۽ اتي ئي رهندس سو، هن ڪري جو 1944ع ۾ مهڪري هڪ اسڪائوٽ ۽ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ سنڌ آيو هو ۽ پنهنجي هڪ هندو اسڪائوٽ دوست وٽ حيدرآباد ۾ ترسيو هو، اهو فيصلو ان وقت کي ڪيو هئائين. بهرحال 1947ع ۾ ملڪ جو ورهاڱو ٿيو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري پاڪستان آيو ۽ ڪراچي ۾ رهائش اختياري ڪيائين ، گورنمينٽ پرنٽنگ پريس ۾ ليبر آفيسر جي نوڪري ڪيائين، ۽ اتائين رٽائرڊ ٿيو، 1948ع ۾ کان هڪ دفعو ٻيهر نوڪريءَ سان گڏ صحافت جو سلسلو شروع ڪيائين، ۽ Sindh Observer ۾ نيوز سيڪشن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، ان کانپوءِ هن مختلف اخبارن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ Daily News  اهم آهي، هن اخبار ۾ هو، Spon Light On Sindh جي عنوان سان مستقل ڪالم لکندو هو، ان کانپوءِ سيد غلام مصطفيٰ شاه جي ادارت هيٺ نڪرندڙ سنڌ ڪواٽرلي ۾ سنڌ بابت مستقل ڪالم لکندو رهيو، سندس آرٽيڪل علمي ۽ فڪري حلقن ۾ وڏي دلچسپي سان پڙهيا ويندا هئا، جڏهن شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو ته تڏهن ڊاڪٽر مهڪري کي وزٽينگ پروفيسر طور مقرر ڪيائين،  سندس ڪلاس ۾ هر شعبي جا ستاد ۽ شاگرد ويٺا هوندا هئا، ۽ سندس ڄاڻ ڀريا ليڪچر ٻڌندا هئا،
ڊاڪٽر جي ايم مهڪري سنڌ جو سچو عاشق هو، هن سنڌ جي موجوده مسئلن بابت تمام گهڻو لکيو آهي، 15 آگسٽ 1995ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪيائين، وفات کان ڇهه مهينااڳ، هن پنهنجاڪيترائي ناياب ڪتاب انسٽيٽوٽ اف سنڌ الاجي کي عطيي طور ڏنا هيا، اها ڳالهه به سندس هن ڌرتي سان محبت کي ظاهر ڪري ٿي، هن کي هندو ستان جي تاريخ ۽ هندو مئٿالاجي ديومالائي قصن جي علم جي بيحد ڄاڻ هئي، محمد ابراهيم جويو، سندس  ويجهو دوست هو، جنهن سندس ڪتابن کي نه فقط ترتيب ڏنو ۽ ايڊٽ ڪيو آهي، بلڪه سندس آرٽيڪلن کي سنڌي ۾ ترجمو  به ڪيو آهي، سندس هيٺان ڪتاب اهم آهن ،
1.مهڪريءِ جا مضمو ن: ترجمو ابراهيم جويو 1985ع
2.Sorrows &Sindh
3.On Sindh (2012)
4.From ruins & Sindh(incomplete)
مهڪري صاحب جي  جي ڪتابن کي سنڌ جي نوجوانن ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي، ضرورت آهي ته سندس باقي آرٽيڪل به گڏ ڪري شيع ڪرايا وڃن.
1: مهڪري جا مضمون
محمد ابراهيم جويي صاحب سندس ڪجهه ڪالمن ۽ آرٽيڪلن کي سنڌي ۾ ترجمو ۽ ايڊٽ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو ۽ 1985ع ۾” مهڪريءَ جا مضمون“ جي نالي سان شايع ڪرايو، جويو صاحب لکي ٿو ته ”سندس دستوار ۽ آزادي ، فڪر ۽ ان جي بي خوف اظهار جي نسبت سان جي ايم مهڪري (مهڪ، ميجڪ،    بمعنيٰ، ڪسوٽي، پيمانو)  ڪندي سندس سڃاڻپ مهڪري جي نالي سان ڪئي اٿم،“
هن ڪتاب ۾ شامل مضمون ۾ ، اخلاق کان خالي دانشور، ڇا کٽولي جو موت نه کپي، پريس جي آزادي، برائي جيڪا ماڻهو ڀلي ڪن، جمهوريت کي ڪئين مارجي، زنجير تي زنجير، جمهوريت به هڪ ذهنيت آهي،  جمهوريت جا ست جنم، سلام انهن تي جيڪي آزاد آهن، اسان نوجوان اڳواڻي کان محروم،وغيره شامل آهن،
هنن مضمونن ۾ مهڪري صاحب سماج، سياست، ملڪي حالتن ۽ ادارن  جي تباهي وارن معماملن کي پنهنجي تجربي ۽ مشاهدن سان بحث ڪيو آهي، هو پنهنجي مضمون  ”اخلاق کان خالي دانشور“ ۾ لکي ٿو ته: “۽ جن بنيادي جمهوريت ، مقبوض جمهوريت ۽ اهڙين ٻين هوائي ڦرموٽين سان نشن ۾ چور بابا ستن جي اڀامندڙ وجودن تي مطلق لازواليءَ جي خوابن سان ڀري ڇڏيو هو، اهي هاڻي وري ڀون کي انهي ساڳي لازواليءَ جي پڪ ڏئي رهيون آهن، “  ڊاڪٽر مهڪري تاريخ ساز شخيصت لاءِ پنهنجي مضمون ” کٿولي جو موت نه کپي “  ۾ لکي ٿو ته : تاريخ ۾ هميشه اهڙا ڪرشمه ساز شخص ٿيا آهن جن هڪ پاسي پنهنجي جو ڊاسن، بروٽسن، اندرجيتسن ۽ اهڙن ٻين کي ڇڏي ڏنو آهي، ته ڀل هو پنهنجي روحن جي ڪارٺ سان ازلي ذلت جي ايوانن ۾ پنهنجي لاءِ پختي جاءِ ٺاهين ٿا ۽ ٻئي پاسي خودداريءَ جي بنياد تي خالص،ذاتي معجزي سان هنن پاڻ کي کٽولي جي موت کان عام ۽ حقير موت کان بچائي ورتو آهي، ڊاڪٽر مهڪري “ سنڌي  ٻوليءَ  جو مسئلو“ جي عنوان هيٺ مضمون ۾ لکي ٿو ته ”سنڌ جي پنهنجي زبان سنڌي آهي، جيڪا پنهنجي اثر ۽ سواد ۾ پنهنجو  مٽ پاڻ آهي، اها دنيا جي عظيم شخصن ۽ سنت ڪوين (Saint Poets) شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست،  سامي جي امر ۽ لافاني خيالن جي وسيلن جو ذريعو آهي، هيءُ ٻولي سنڌ جي غريبن ۽ اميرن جي ٻولي، شهرن ۽ ڳوٺن جي ٻولي آهي“
هي ڪتاب اسان جي سياسي سماجي ۽ حالات حاضره جي موضوعن کي ڀرپور نموني پيش ڪري ٿو، جڏهن هي ڪتاب اشاعت جي مرحلي ۾ هو ، تڏهن مهڪري صاحب محمد ابراهيم کي خط لکيو هو ته : ”اوهين منهنجي چاليهارو کن ٽڪرن ٽوٽن جو ملهائتو ترجمو پريس ۾ ڪتابي صورت ۾ اشاعت لاءِ موڪلي رهيا آهيو، ڇا منهنجا لفظ اوهان جي ڏاڍي مهرباني، منهنجي احسان مندي جي جذبي جو ڀرپور اظهار ڪري سگهندا، پنهنجي ڦوٽو جي نيگٽيو هن سان گڏ موڪليان ٿو، ڏاڍي خوشي ٿيندي ته ڪتاب ۾ هي منهنجي تصوير به ڇپجي ته سنڌي،  منهنجا هم وطن ۽ هم قوم ڀائر ۽ ڀينرون ڏسن ته ڏسڻ ۾ آءُ ڪهڙو هوس“
ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، سنڌ جو هڪ اهڙو دل رکندڙ انسان هو، جنهن سنڌ جي سورن، ڏکن ۽ ڏاکڙن بابت ڪيترائي مضمون ليکا انهن جو بيان اهڙو ته اثرائتو آهي جو پڙهندڙن کي به سنڌ جو درد پنهنجي دلين ۾ دڙڪندو محسوس ٿيندو. سندس ڪتاب Sorrows Of Sindh سنڌ فرينڊز سرڪل حيدرآباد پاران 1987ع ۾ شايع ٿيو. هن ڪتاب جي يارهين باب ۽ ابراهيم جويي صاحب جو تعارف ڏنل آهي هن ڪتاب ۾ 1947ع کان پوءِ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن ۽ انهن حالتن مان اڀرندڙ مسئلن ۽ تڪليفن جو بيان ڪيو ويو آهي سنڌ سان جيڪي به سياسي طور نا انصافيون ٿيون، يا سنڌ جي سياسي ڪلچر جي اقربا پروري، تعليمي تباهي، سماجي تباهي، زمينداري ظلم، نابرابري وارو سلوڪ، شهري ۽ ڳوٺاڻو فرق وعيره کي هنن ڪتابن جي بابن ۾ سمايو آهي. پهريون ياد ڄاڻ جي سماجيات ٻيو اميد ۽ سبب، ٽيون جذبو ۽ آزادي جو اظهار ڇوٿون قومي باب، پنجون بيوروڪريسي، ڇهون بزدلي جي علامت، ستون ڏکن جا ڏاکڙ، وچولي درجي وارا اٺون افسوس سان صبر ڪونهي نائون ڪٿي آهي ڊينمارڪ جو شهزادو، ڏهون سنڌ ٻيهر اٿارڻ جي گهڙي، يارهون، اصلي سون جو ذرو، ٻارهو سنڌ جي خوشي جا باب ڏنل آهن. ڪتاب ۾ سنڌ جو جائزو معروضي نظر سان ورتل آهي.

On Sindh هيءُ ڪتاب ڊاڪٽر جي ايم مهڪري جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل آرٽيڪلن ۽ مضمونن تي ٻڌل آهي، هي ڪتاب محمد ابراهيم جويي صاحب ترتيب ۽ ايڊٽ ڪري ثقافت کاتي پاران 2012ع ۾ شايع ڪرايو آهي، ڪتاب جي پهرين حصي اڳ شايع ٿيل مضمون آهن جيڪي گهڻو ڪري Sindh Quartelle ۾ شايع ٿيا هيا. ٻئي حصي ۾ اڻ ڇپيل مضمون ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ڪجهه خط ۽ وضاحتون آهن، ڪتاب ۾ جملي 21 مضمون آهن، جيڪي سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ ادبي موضوعن تي بحث ڪن ٿا. سندس سڀني مضمونن ۾ ليکڪ جي وابستگي ۽ ڄاڻ ۽ اونهي نظر اچي ٿي. سندس لکڻي ۾ ڪٿي به وڌاءُ تضا ۽ تعصب ڪونهي. هن ڪتاب ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت تي به خصوصي مضمون ڏنا ويا آهن. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جي ايم مهڪري هن ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو هيو، جيڪو پورو ٿي نه سگهيو. مطهر يوسف صاحب هن ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته ٿورن ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته هن هڪ ٻئي ڪتاب تي پڻ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، جنهن جو عنوان هو From The Ruins Of Sindh مون وٽ ان جا ڪجهه باب موجود آهن. ڊاڪٽر جي ايم مهڪري جيترو زندهه رهيو، اوترو وقف سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ موجوده دور جي مسئلن تي لکندو رهيو. هن پاڻ کي سنڌ لاءِ وقت ڪري ڇڏيو هو. هو هڪ قابل قدر دانشور هو، جنهن جهڙا ماڻهو هاڻي نه هئڻ برابر آهن. ڊاڪٽر جي ايم مهڪري سنڌ جي ڏکن ۽ سُکن ۽ اهم مسئلن تي انتهائي بي باقيءَ سان لکيو. سندس سڀئي ڪتاب مضمون ۽ آرٽيڪل معياري ۽ محنت جو نتيجو آهن، هن پنهنجي لکڻين ذريعي نيون راهون ۽ نوان گس ٻڌايا آهن. انهن ۾ ئي اتحاد، ايڪو آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ محبت ۽ عزت سمايل آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا