ڊاڪٽر جي ايم مهڪري
سندس تاريخي خدمتون
مختيار احمد ملاح
سنڌ جي مٽيءَ ۾ هڪ خاص ڪشش آهي،
هتي جيڪي به ٻاهران آيا، انهن هن مٽيءَ سان محبت ڪئي آهي، هن ڌرتي جي علم ۽ ادب سان
پنهنجو رشتو جوڙيو آهي، تاريخون لکيون آهن، نون ۽ پراڻن مسئلن جي نشاندهي ڪئي آهي،
انهن جا حل ٻڌايا آهن، يا چوڻ گهرجي ته هنن سنڌ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو آهي، اهڙن نالن ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر جي ايم مهڪري به جو به آهي جيڪو علمي ۽ ادبي
دنيا ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو.