قاضي محمد اڪبر
سياست ۽ صحافت جو معتبر نانءُ
وجاهت حسين
سنڌ پنهنجي ڪُک مان سدائين اهڙين
شخصيتن کي پئي جنم ڏنو آهي، جن سدائين پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي وطن واسين جي سُک
سلامتيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سماج ۾ جيڪڏهن ٿوري گهڻي سجاڳي آهي، ماڻهو ڀلي بُري
جي پرک رکن ٿا ته اُن پٺيان اُنهن شخصيتن جي محنتن جو ئي ڪمال آهي. پر افسوس ته اسان
ويساري مزاج سبب اُنهن کي گهربل مانُ نٿا ڏيون. جيڪا هن سماج جي بدقسمتي ئي چئي سگهجي
ٿي.
