شهيد شاهجهان
دادو جو معصوم
وزير فرهاد سولنگي
دادو شهر جي چاندني چوڪ پاڙي ۾ رهندڙ
هڪ استاد لالا عبدالستار قريشي جنهن پنهنجي سڄي زندگي درس و تدريس ڏيندي گذاري ۽ پاڻ
ڊگري ڪاليج دادو ۾ فزيڪل استاد جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون ڏيندو رهيو. هن 1985ع ڌاري
پنهنجي ئي ڪٽنب مان شادي ڪئي ۽ کيس پنجن ٻارن جو اولاد ٿيو، جنهن ۾ هر هڪ 1. شاهه رخ،
2. ڪنول، 3. شهريار، 4. شاهجهان، 5. شاهزيب آهن.