; سنڌي شخصيتون: شمشير الحيدري

01 September, 2012

شمشير الحيدري

شمشير الحيدري – ۲

سنڌ جي دريافت!

ڊاڪٽر مسرت خواجه




سنڌ جي ليکڪ، شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس شمشير الحيدري سان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سندس ڪراچي واري گهر ۾ ملاقات ٿي ته هو صحت جي حوالي سان پهريائين کان ڪجهه بهتر نظر اچي رهيو هو. جسماني طور تي ته هو ڪمزور ٿي چڪو آهي، پر ذهني طور تي ڪمزور ناهي. اڄ به سنڌ جي موجوده حالتن تي کيس ڳڻتي آهي. سياڻن جي چوڻيءَ مطابق ته؛ ”جيڪڏهن ڪنهن جي اکين جو نور ختم ٿي وڃي ته مڙئي خير آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن جو عقل گم ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه هليو ويندو آهي.“ سو شمشير جي اکين جو نور ته ختم ٿي چڪو آهي، پر عقل اڄ به سالم آهي. شمشير جڏهن به ڪنهن سان، ڪنهن موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو ته انهيءَ ۾ به ڪو مقصد سمايل هوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته سندس گفتا به ادبي هوندا آهن ۽ معنيٰ سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نٿي اچي. پر وري جڏهن ڪنهن سان مذاق ڪري ٿو ته پريون همراهه مسڪرائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. انهيءَ ڏينهن به منظور ميراڻي سان فون تي عليڪ سليڪ ڪرڻ بجاءِ کيس چيائين ته، ”ادا منظور آهي يا نامنظور“. مطلب ته هو پنهنجن دوستن ۽ پيارن سان کل ڀوڳ اهڙي نموني سان ڪندو آهي، جو اهي چاهيندا آهن ته ساڻن اهڙي کل ڀوڳ شمشير هميشه ڪندو رهي. سندس پنهنجا ايجاد ڪيل گهڻا ئي لفظ ۽ جملا اهڙا آهن، جيڪي سندس دوست محفلن ۾ ورجائيندا رهندا آهن ۽ کيس ياد ڪندا رهندا آهن. جيئن ”جو ئي کام کيا سو هي جڏا“ پر هن سنڌ جي حوالي سان جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو، انهيءَ کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايائين، چاهي اهو ڪم سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري دستخطي مهم هجي يا وري ون يونٽ خلاف ڪا تحريڪ هجي. اهڙن انسانن هيئن خراج تحسين پيش ڪري سگهجي ٿو ته: “He works with the fury of Michel Angelo” مطلب ته اهڙا انسان انهيءَ ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪن ٿا، جيئن مائيڪل اينجلو ڪندو هو.


بغير کير واري چانهه، جنهن جو نالو شمشير ”ڪُڪڙو ڪو“ رکيو آهي، ڏسڻ سان پڻ چپن تي مرڪ اچيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ڪاري چانهه ۾ پنج يا ڇهه قطره کير جا هوندا آهن. ”ڪڪڙو ڪو“ چانهه پيئڻ کانپوءِ پنهنجي پٽ کي چيائين ته ڪمري مان ڪتاب کڻي اچ. جڏهن اهو ڪتاب Exploring Sindh سندس هٿن ۾ پهتو ته ”دل جي سوجهري“ تي انهيءَ تي ڪجهه لکيائين ۽ پوءِ اهو ڪتاب پيار منجهان منهنجي حوالي ڪري چيائين ته، ”هي ڪتاب مرحوم انور پيرزادي ۽ منهنجي ڪاوش جو نتيجو آهي. اميد ته تو کي ۽ سنڌ وارن کي قبول پوندو“. ان موقعي تي شمشير، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي کي پڻ نه وساريو، جنهن جي پڻ هن ڪتاب جي حوالي سان هڪ ڪنٽريبيوشن آهي. هن ڪتاب جي سهيڙيندڙ ٻي شخص مرحوم انور پيرزادي سان منهنجيون ڪي گهڻيون ملاقاتون نه هيون، پر جيڪي به چار پنج ملاقاتون ٿيون، اهي به شمشير الحيدري معرفت ٿيون هيون ۽ مون کي اهو محسوس ٿيو ته جيڪڏهن انور پيرزادي ۽ شمشير جهڙا سنڌ دوست اديب موجود آهن ته سنڌ کي لهر نه ڪو لوڏو آهي. انور پيرزادو پنهنجا ڪالم جيڪي ”ڀڻ جهڻ“ عنوان سان سنڌي اخبار ۾ لکيا، اهي هاڻي ڪتابي شڪل ۾ دستياب آهن. انهن کي پڙهڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿئي ٿو ته هن سنڌ جي حقيقي معنيٰ ۾ ترجماني ڪئي آهي. گڏوگڏ شمشير الحيدري جا مختلف اخبارن جا ايڊيٽوريل ۽ خاص طور سان ايم آر ڊي تحريڪ دوران لکيل تحريرون، اڄ به ڪنهن آمر جي تابوت ۾ لڳل ڪليون آهن.

ڪتاب ”ايڪسپلورنگ سنڌ“ جو شايع ٿيڻ، وقت جي ضرورت هو. ڇاڪاڻ ته جڏهن سنڌ جي ثقافت سان هٿ چراند ٿيندي هجي ته اهڙي موقعي تي هن ڪتاب جو پڌرو ٿيڻ، سمنڊ ۾ ڪنهن ڪاٺ جي ٽڪري جيان آهي، جنهن تي تري ڪناري تي پهچي سگهجي ٿو. يقينن انهيءَ کان اڳ به سنڌ جي سڄڻن انهيءَ موضوع تي ڪم ڪيو هوندو ۽ سنڌ کي ڳولهيو هوندو. ميڊم ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ انور موراج جي گڏيل ڪاوشن سان پڻ هڪ ڪتاب پندرهن سال اڳ KARACHI جي نالي سان مارڪيٽ ۾ آيو. انهيءَ ڪتاب ۾ پڻ ٻنهي ليکڪن پنهنجي وس آهر ڪراچيءَ کي ڳولي لڌو آهي. اهو ڪتاب به هڪ تاريخي ڪتاب آهي ته ڪراچي انگريزن جي دور کان اڳ ۽ انگريزن جي دور دوران ڪهڙي هئي ۽ اڄ ڪهڙي آهي؟ پر ايڪسپلورنگ سنڌ ۾ پوري سنڌ کي ڳوليو ويو آهي. ڪراچي حوالي سان ته لڳ ڀڳ گهڻيون ئي ڳالهيون هڪ ٻئي سان ملن ٿيون، جيڪي ميڊم کهڙو جي ڪتاب ”ڪراچي“ ۾ لکيل آهن. پر سنڌ جي ٻين ۲۲ ضلعن جو تفصيلي ذڪر پڻ ٿيل آهي، جنهن ۾ آدمشماري، پکيڙ، لٽريسي ريٽ، معاشيات، انڊسٽري، آبهوا، ڪميونيڪيشن، تعليم، صحت، ماڳ مڪان، آبپاشي نظام، وائيلڊ لائيف، فشريز ۽ ٻيون به گهڻيون ئي شيون ڏنيون ويون آهن. جيئن بدين جي حوالي سان اهڙن ماڳ مڪانن جا نالا ڏنا ويا آهن، جيڪر هي ڪتاب هٿن ۾ نه هجي ها ته ويتر مون کي پڻ خبر نه پوي ها ته آگهام جو قلعو، آسوران جو دڙو ۽ بدين جا کنڊرات ڪٿي آهن. آسوران جو دڙو ۽ بدين جا کنڊرات ٻڌ ڌرم سان لاڳاپيل آهن ۽ ٻين به گهڻن ئي ماڳن مڪانن کي کوٽي ظاهر ڪيو ويو آهي. ميڊم حميده کھڙو جي ڪتاب ”ڪراچي“ ۾ مائي ڪلاچي ۽ ڪلاچي جي ڪُن جو ذڪر ته ٿيل آهي، پر هن ڪتاب ۾ تفصيلي ذڪر ٿيل آهي ته مائي ڪلاچي ڪير هئي ۽ باقاعدي هڪ آکاڻي طور بيان ڪيو ويو آهي ته مائي ڪلاچي جيڪا هڪ عورت هئي، تنهن کي قبيلي جي پڳ ڪيئن ٻڌرائي ويئي؟ گڏوگڏ ڪلاچي جي ڪُن جو پڻ ذڪر ٿيل آهي ته ڪيئن ”مورڙو“ مانگر مڇن سان وڙهيو ۽ ڪاميابي ماڻيائين. اڄ اهو ئي ڪراچي، جنهن جي باري ۾ سر چارلس نيپيئر ۱۸۴۷ع ۾ سنڌ مان روانگي وقت چيو هو ته، ”ڪراچي هڪ ڏينهن تون اوڀر جي سونهن ٿيندين، پر ڪاش مان ٻيهر اچي تو کي انهيءَ عروج ۽ جوڀن جي حالت ۾ ڏسي سگهان!“ سا ڪراچي رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي ۽ سنڌ جي ثقافت کي ميسارڻ جون سازشون جاري آهن ۽ ڪراچي ڪُن جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي، جنهن ۾ ”مورڙي“ جي اشد ضرورت آهي.

مون جيئن پهرين به لکيو آهي، ته سنڌ تي ڪاهه ڪري انگريزن ڪو سٺو ڪم نه ڪيو هو، پر جيڪڏهن سنڌ کي بارٽل فريئر، جان جيڪب ۽ اسٽيڪ جهڙا ڪي گهڻ گهرا ملن ٿا ته کين شاباش ضرور ملڻ گهرجي. هن ڪتاب ۾ پڻ انهن انگريزن جو ذڪر ٿيل آهي ته ڪيئن هنن سنڌ ۾ ريلوي، بندرگاهه، آبپاشي نظام ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏنائون. گڏوگڏ قائد اعظم محمد علي جناح، سر سلطان محمد آغا خان III، سر عبدالله هارون، حسن علي آفندي، قاضي خدا بخش، ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام علي الانه، ڄيٺي سپاهيمالاڻي، ليڊي هدايت الله ۽ ايدالجي ڊنشا کي پڻ نه وساريو ويو آهي. شمشير الحيدري ۽ مرحوم انور پيرزادي جو ڪتاب ايڪسپلورنگ سنڌ، مارڪيٽ ۾ دستياب هجڻ کان پوءِ شمشير جا ٻيا چار ڪتاب پڻ ڇپائيءَ واري مرحلي مان گذري رهيا آهن. پر انهيءَ کان اڳ سجاڳ سانگهڙ، تاريخ جو ڪچرو، ڪاڪ محل ڊرامو، ڪاروانِ ڪربلا، انسان ڪامل ۽ ٻه انگريزي ڪتاب Flame and flute ۽ Poet for all times پڻ ايڊٽ ڪيا اٿس. اهي شمير الحيدري جون سنڌ جي حوالي سان ڪاوشون تڏهن هيون، جڏهن سندس اکين جا ڏيئا اجهاميا نه هئا. پر اڄ سندس اکين جا ڏيئا اجهاميل آهن. پر هو سنڌ واسين جي اکين سان ڏسي سگهي ٿو. هومر به ته هو، جنهن جي اکين جو نور ختم ٿي چڪو هو، پر هن ”اوڊيسي“ ۽ ”اليڊ“ جهڙا عظيم شاهڪار ڏنا. شمشير کي به مايوس نه ٿيڻ گهرجي ۽ هو هومر جي واٽ وٺي پنهنجي رهيل ڪم کي پورو ڪري، سندس اکين جو نور سنڌ واسي بڻبا.

انڌيرن ۾ پلجي پيئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي،

اڃا وقت کي پئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي!

(شمشير)


 

شمشير

جيهو جوڳي ڪجهه ٽڪيل آهي

زهير حسين حيدري

لاڙ جي آخري شهر ڪڍڻ ۾، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي رسول بخش خواجه جي گھر ۾ جنم وٺندڙ، شمشير الحيدري پنهنجي مامَي نذير حسين حيدري جي علمي تربيت مان تيار ٿي شاعري، ادب، سياست،صحافت، تصوف، فلسفي، مختلف مذهبن جي کوجنا، علامه مشرقي کان مولانا ابو الڪلام آزاد جي فڪر، مارڪسٽ لٽريچر کان مزاحمتي ادب تائين مسلسل ۸۱ سال علم جي عرق ريزي ۽ عملي طور تي انتهائي خود داريءَ کي برقرار رکندي، اڄ زندگي ۽ موت جي چوواٽي تي آس ۽ نراس جي ڪشمڪش ۾ انتهائي ڏکيون گھڙيون گھاري رهيو آهي. جنهن لاءِ پاڻ ئي چوي ٿو ته؛

هن وقت جي پيالي ۾،

مڌ پنهنجي حياتيءَ جو،

باقي ڪو بچيل آهي،

من ڪو ئي اچي نڪري.

بي داد هن بستي ۾،

شمشير جيهو جوڳي،

ڪجھه ڏينهن ٽڪيل آهي،

من ڪو ئي اچي نڪري.

اُهو شمشير الحيدري، جيڪو سنڌي ادبي سنگت جو باني ميمبر رهيو، جيڪو سنڌي ۾ ووٽر لسٽن جي مهم ۽ ون يونٽ خلاف لکين سنڌين جون صحيحون ڪرائڻ واري مهم ۾ انتهائي سرگرم رهيو، جنهن ڪيترن نون لکندڙن ۾ ادب لاءِ اتساھ پيدا ڪيو، جنهن لاءِ سلطانه وقاصي هڪ مضمون ۾ لکيو ته، ”شمشير الحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي، جن کي پڙهي مون جهڙن ڪيترن اديبن لکڻ شروع ڪيو“ ۽ مهتاب اڪبر راشدي ۱۹ مئي ۲۰۱۲ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شمشير سان ملهايل رِهاڻ تي پڙهيل مقالي ۾ چيو هو ته، ”نه ڄاڻ ڪيترين شخصيتن جا انٽرويو ورتا هوندم، جن جا اسڪرپٽس شمشير الحيدري لکيا، بس انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو پنهنجو...... شايد ان ڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير لکي ها؟“ ۽ امر جليل ۱۹۷۲ع جي هڪ مضمون ۾ لکيو ته، ”شمشير جا مون تي ايترا احسان آهن، جو مان جيڪڏهن ست ڄمارون سندس احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪريان ته نئين ڄمار گھرجي، شمشير خلاف هڪ لفظ اچارڻ منهنجي آڏو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ خلاف ڳالهائڻ جي برابر آهي، اِهو منهنجو ايمان آهي.“ ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪلارڪي هجي يا ٽماهي مهراڻ جي اسسٽنٽ ايڊيٽري، عبدالشڪور منشي جي هلالِ پاڪستان هجي يا بيگم نصرت ڀٽو جي هلال پاڪستان جي ايڊيٽري، نئين زندگي رسالي جي ايڊيٽري هجي، حيدر بخش جتوئي جي هاري حقدار اخبار يا نذير حسين حيدري جي اخبار ”اعلانِ حق“ ۾ دونهان دار مضمون، عثمان ڏيپلائي جو ساڻيھه ڊائيجيسٽ هجي يا ماھوار پارس جي ايڊيٽري، روزانه هلچل هجي يا جنرل ضياءَ جي دهشتناڪ مارشل لا ۾ روزانه مهراڻ جي بيباڪ ايڊيٽوريلن، ۽” ڀير تي ڏونڪو“ ۽ ”فقير بيان ڪري ٿو“ ڪالم ڄڻ شمشير ظلم جي خلاف ذهنن ۾ بغاوت جون باهيون ٻاريندي وڏي واڪ واڪا ڪندو رهيو ته،

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سرِ عام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،

اسان رات کي رات چوندا رهياسين.

پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر، پي ٽي وي تي پهريون ڊرامو زيِنت ۽ پهريون سنڌي گيت لکڻ جو اعزاز به شمشير الحيدري کي آهي. فلم سينسر بورڊ ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ جي ميمبري هجي يا پيس ورڪرس يونين حيدرآباد جي جنرل سيڪريٽري شپ، اولھه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي ميمبري هجي يا سنڌي ادبي سنگت جي لاڳيتو ڏھ سال جنرل سيڪريٽري شپ هجي، سِگا جي باني ميمبر هُئڻ جو اعزاز هجي يا پاڪستان رائيٽرس گلڊ سنڌ جي باني ميمبرشپ، روشن تارا اسڪول جو پهريون ايڊمنسٽريٽر هجي يا ايوانِ صحافت بدين جو تاحيات ميمبر هئڻ، شمشير ڏيئي جي لاٽ کي جلائيندو رهيو،

ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،

اِهو ئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،

پهاڙ جيڏا ارادا رکان ٿو سيني ۾،

هوا جي زور کان ئي زياده حوصلو آهي.

ڏاڍو ڏکيو هوندي به شمشير زندگيءَ ۾ ڪنهن کان قرض نه کنيو، بکيو رهي به ڪنهن جي اڳيان خيرات جي جھولي نه ڦهلائي، شمشير ڪنهن مُلھه تي ڪڏهن نه وڪيو، ڪيڏي به مشڪل هجي پر چوندو رهيو ته، ”مولا تي ننگ آهي“.

جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان،

حضورِ حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان،

ملنگ مست الستي قلندري آهيان،

عجيب آهيان هزارن ۾، حيدري آهيان.

انهيءَ حيدري نه صرف اکين جو نور نچوئي پر سڀ ڪجھه سنڌ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ظاهري اکين سان نه ڏسي به اُميد جي ڏيئن کي وسامڻ نه ڏنو آهي. موت سان مسلسل جھيڙي ۾ به ان حوصلو نه هاريو آهي، بلڪه بستري جي ويجهو رشتيدارن جي اکين جا لڙڪ اُگهي به هو تسليون ڏيئي رهيو آهي. ڄڻ چئي رهيو آهي ته،

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالھه آهي!

اڃا وقت کي پيئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالھه آهي!

ڪراچي جي اسپتال ۾ هر پل سندس زندگيءَ جا ڌاڳا ٽٽندا پيا وڃن، عزيز قريب، دوست يار محبتن جا مڻ کڻي سندس جھولي ۾ وجهي رهيا آهن، محبتون دلين مان اُڌما بنجي اکين مان لڙڪ ٿي وهي رهيا آهن پر شمشير جون اکيون نه انهن عاشقن جي لڙڪن کي ڏسي سگھن ٿيون، نه سندس ڪَنَ اظهارِ محبت کي ٻڌي سگھن ٿا. اسپتال ۾ ايندڙ سندس هر دوست ۽ عزيز سندس ئي زباني اِهو چئي رهيو آهي ته؛

هي ظلم آهي اسان سان، اوهان جي محفل ۾،

اوهان جي ڳالھه اوهان سان، ڪجي ته ڪيئن ڪجي.


 

ھڪڙو شمشير آ زماني ۾

رکيل مورائي

زندگيءَ جي انهن گهڙين ۾ انسان پاڻ کي بنهه اڪيلو محسوس ڪندو آهي، جڏهن زندگيءَ ساڻس بيوفا محبوبه جيان بيوفائي ڪرڻ لڳندي آهي. جيتوڻيڪ هو ساڻس ڪڏهن به بي وفائيءَ نه ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ جيڪڏهن اهو شخص انسان آرٽسٽ به آهي ته پوءِ ته هن جو زندگيءَ سان اڃا به وڌيڪ عشق ٿئي ٿو ۽ ان جي هر ادا کي هو پنهنجي محبوبه جي ادائن وانگر محسوس ڪري ٿو. ائين اسان جو سنڌي ٻوليءَ جو محبوب شاعر شمشيرالحيدري به زندگيءَ جي هاڻوڪين ادائن کي ڪجهه رنج مان، ڪجهه اڪيلائيءَ مان ۽ ڪجهه پنهنجي شاعراڻي مزاج سان محسوس ڪري رهيو آهي، ٻئيءَ طرح ان محسوسات کي ڀوڳڻ به چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه هو ڪراچي ڪلفٽن جي هڪ اسپتال جو قيدي آهي، اهو شمشير جيڪو اسپتال ۾ وڃڻ جو ڪڏهن به خيال نه رکندو هو، شايد اسپتال نه وڃڻ سبب ئي هو شاعر کان اڳ حڪمت سکيو هو.

شمشير جنهن سڄي عمر پنهنجي مزاج، پنهنجي دل، پنهنجي ضمير ۽ پنهنجي علاج تي ئي ڀاڙيو آهي، اڄ اهو شمشير هڪ اسپتال ۾ آهي، جيڪو فيصلو سندس خلاف ئي آهي، پر وقت جي گهرج آهي ۽ ان کان وڌيڪ سندس طبيعت جي گهرج آهي. ائين ضرور آهي ته ڪراچيءَ جي ۽ اسپتال جي سرحدن ۾ هو اڄ پاڻ کي ڀلي اڪيلو محسوس ڪندو هجي، ڇاڪاڻ ته اهي ڪراچيءَ ۽ اسپتال جون گهرجون آهن، پر ان دائري کان ٻاهر شمشير صاحب سان سموري سنڌ، خاص طور ان جو پڙهيل ڳڙهيل طبقو گڏ آهي، انهن جو دلي نيڪ خواهشون ساڻس گڏ آهن. اهي سڀ ماڻهو شمشير کي ڪيئن وساري سگهندا، جن کي سندس نظمن مان هڪ نئين روشني ملي، نئين زندگي رسالي معرفت نئون ادب مليو، مهراڻ رسالي معرفت نئين شاعري ۽ نئين تحقيق ملي ۽ خاص طور پيرصاحب پاڳاري جي اخبار مهراڻ طرفان اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ هڪ نئين تحريڪ جو اتساهه مليو ۽ اها اخبار سنڌ جي وڏي اخبار جي صورت ۾ نوجوانن جي آڏو آئي.

شمشيرالحيدري، جنهن سنڌي ادبي سنگت جي فورم تان سنڌيءَ ۾ ووٽرلسٽن جي مهم جي اڳواڻي ڪئي، اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ حصو ادا ڪيو ۽ زندگيءَ جي اڄوڪي ڏينهن تائين هو ايترو متحرڪ رهيو جو، ان سان ملي هڪ نئون اتساهه ملڻ لڳندو آهي. هن نه صرف پنهنجي تخليق جي لاٽ کي روشن ڪيو پر دنيا جي ڪيترن ئي اعليٰ ڪتابن ۽ تخليقن جي ترجمي معرفت سنڌ جي پڙهندڙن کي روشن خيال ادب کان واقف ڪرايو. هن جن به ادارن ۾ نوڪري ڪئي انهن ادارن کي هڪ آبرو بخشي آهي ۽ موٽ ۾ سنڌ پاران جيترو پيار شمشير صاحب کي مليو آهي، اهو سندس کاتي ۾ محفوظ آهي پر اڄ زندگيءَ هن کي مصنوعي طور اسپتال جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. پر اهو قبول ڪيئن ڪجي ته هو ان ڪمري ۾ پنهنجي اڻ مئي شعور ۽ لاتعداد تخليقي صلاحيتن سميت ماپي سگهندو هوندو. سنڌ جي ادبي آڪاش تي چمڪندڙ هڪ ستارو، پنهنجي روشني آهستي آهستي گهٽائي رهيو آهي. اهو ڏک سموري سنڌ محسوس ڪري ٿي پر اهو سنڌ قبول ڪيئن ڪندي ته هن کي اڪيلو ڇڏي ڏئي!! شمشير جنهن پنهنجي زندگيءَ جو هر پل سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ۽ ويجهه لاءِ ارپي ڇڏي هئي، اها زندگي هاڻ سندس ساٿ ڇڏي رهي آهي، شايد ان احساس هيٺ هو پاڻ کي اڪيلو سمجهي ٿو، ٻئي طرح هن جا نظم هن کي سڄي سنڌ سان جوڙي بيٺا آهن. سموري سنڌ هن لاءِ دعاگو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ سنڌي قوم وٽ فقط دعائن لاءِ کالي هٿ ئي بچيا آهن. هن جي آڏو فقط اظهار جي رڪاوٽ آهي، جيڪا شمشير جي ئي لفظن ۾ هن طرح آهي ته

نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،

هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.

سنڌ اها ڳالهه ڪيئن وساريندي، جيڪا شمشير صاحب سنڌ جي وجود تي وار ٿيڻ وقت ۲۷، ۶، ۱۹۵۹ع ۾ سنڌي ماڻهن سان مخاطب ٿيندي وطن جي جي ويرين کي چئي هئي.

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سِر عام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي دٻايو ڌتاريو،

اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

شمشير جيڪو سدائين اسان جي آڏو هڪ روشني رهيو آهي، روشنيءَ جي لاٽ رهيو آهي، خوددار رهيو آهي ۽ خوداعتماد رهيو آهي، اڄ جڏهن سندس صحت اهو اعتماد ڇڏي رهي آهي پوءِ به هو ذهني طرح بااعتماد شخص آهي، ڇاڪاڻ ته ان اعتماد آڏو سندس روشن ضمير آهي ۽ هن جي اها جدوجهد آهي، جنهن کيس ڪڏهن به مايوس ٿيڻ ۽ ويهڻ نه ڏنو، اهو صبح جي سج وانگر روشن آهي ته هو جيڪي به آهي، هن جو جيڪو به مرتبو آهي، اهو سندس ادب جي ڪري آهي، شخصي طرح هن سان جڏهن به ملڻ ٿيندو آهي ته مون کي سائين راشد مورائيءَ جو هي شعر ياد ايندو آهي.

تون کلين ٿو ڄڻ گل ٽڙي ٿا پون،

ماٺ تنهنجي خزان جي آ موسم جيان.

اڄ به هو ماٺ ته نه آهي پر، اڄ هن جي مرڪ خزان جي طرف وڃي رهي آهي. منهنجي سنڌ کي ۽ سنڌ جي سڀني نوجوان شاعرن کي هڪ ننڍڙي گذارش آهي ته اُهي شمشير صاحب ڌي پنهنجي دعائن سان گڏ ايترا گل موڪليون جو شمشير صاحب جو اسپتال وارو ننڍڙو ڪمرو بهار جو ڏيک ڏيڻ لڳي ۽ شمشير صاحب جي مرڪ کي وري هڪ ڀيرو بهار جي تازگي بخشي ڇڏي ۽ هو انهن تارگيءَ ڀري گهڙين ۾ ان خوشبوءِ ۽ انهن دعائن کي محسوس ڪري، جيڪي سنڌ طرفان کيس ڀيٽا طور موڪليون ويون آهن اهڙي پهرين دعا منهنجي طرفان شمشير صاحب لاءِ ڀٽائيءَ جي هن سٽ سان.

جکرا جيئن شال، تنهنجو مدو نه سُڻان


 

شمشير جو وڇوڙو

هڪ دؤر جي پڄاڻي

رزاق کٽي

شمشير صاحب سان آخري ڳالھ ٻولھ هفتو، ڏھ ڏينهن کن اڳ ٿي هئي، بيماري جي شدت ۽ تڪليف سبب سندس آواز تمام گهڻو جهيڻو ٿي چڪو هو. پر حوصلو اهو ئي هو، جيڪو سڄي ڄمار هُن جو ساٿ نڀائيندو ٿي آيو. حال احوال ٿيا، مون پاڻ ڳالھ ٻولھ کي انهيءَ ڪري مختصر ڪيو ته کيس وڌيڪ تڪليف نه ٿئي، جنهن کان پوءِ رابطو ڪٽجي ويو، ۽ هاڻي اهو رابطو وري ڪڏهن به بحال نه ٿي سگهندو...!

شمشير الحيدري هاڻي جڏهن هي جهان ڇڏي ويو آهي ته انهي ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته هُن سنڌ تي پنهنجي خدمتن عيوض ايترا اثر ڇڏيا آهن، جيڪي نه رڳو يادگار ۽ خوبصورت آهن، پر انهي مان نڪرڻ لاءِ شعور واري سنڌ ڪڏهن به پاڻ کي آماده نه ڪندي. سنڌ تي هُن جيڪي مهربانيون ڪيون، انهي جو قرض اسان جو نسل ڪڏهن به چُڪائي نه سگهندو، پر هي درويش صفت شخص سدائين خود نمائي کان نفرت ڪندو رهيو، ۽ هن ڪڏهن به ائين نه چاهيو ته سندس خدمتن جو اجورو خراج يا روڪ جي صورت ۾ ملي، اهو ئي سبب هو جو اسان جي انتهائي بزرگ دوست ۽ شمشير صاحب جي حافظ محمد موسيٰ جوکيو چواڻي ته هو ڀٽائي جي انهي بيت جيان آهي ته

نڪي کڻن پاڻ سين، نڪي ساڻن پاڻ

اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري

شمشير صاحب ۱۹۳۱ع ۾ ۱۵ سيپٽمبر تي ضلعي بدين جي شهر ۽ ان دور جي وڏي تجارتي مرڪز ڪڍڻ شهر ۾ حڪيم حسين بخش حيدري جي گهر ۾ جنم ورتو، حڪيم حسين بخش ان دور جو نامور حڪيم هو، ۽ سندس دوائون سڄي سنڌ ۾ وڪرو ٿينديون هيون.

شمشير صاحب اڃا ۶ مهينن جوهو ته سندس والده گذاري وئي، جنهن ڪري هاڻي هِن معصوم ٻار جي پرورش جو مسئلو هو، جنهن کان پوءِ نندي شهر ۾ سندس ناناڻن نيو ويو، ڪامريڊ نذير حسين حيدري سندس مامون هو، جنهن کيس پاليو.

شمشير صاحب تي نذير حسين حيدري جو تمام گهڻو اثر هو، ڪامريڊ نذير حسين حيدري عالم دين هجڻ سان گڏوگڏ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري حقدار تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ به هو، ۽ وهابي نقطه نظر سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نامور شاعر ۽ سنڌي شاعري ۾ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو ڪندڙ مولوي حاجي احمد ملاح جو گهاٽو دوست به هو، اهو ئي سبب هو جو نذير حسين حيدري جي صحبت شمشير صاحب کي سڄي حياتي ڪم ڏنو. پرائمري تعليم بدين مان حاصل ڪئي.

۱۹۵۰ع ڏهاڪي ۾ ناليواري وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي جي والد عبدالستار پيرزادي جي وڏوزارت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد وڌو ويو شمشير صاحب انهن ڏينهن ۾ بحيثيت ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ هو انهي اداري پاران نڪرندڙ رسالي ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيو، سنڌي ادبي بورڊ جا اهي رسالا انهن ڏينهن ۾ سرڪار جي اثر هيٺ هئا، پر هن جي ڪمال ڪاريگري اها هئي، ته هُن انهن رسالن کي عوامي رنگ ڏئي انهن کي عوام جا محبوب رسالا بڻائي ڇڏيو، سنڌ جا ناليوارا اديب ۽ شاعر انهن ئي رسالن جي پيداوار آهن.

هُن ۱۹۵۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو، ون يونٽ واري تحريڪ جو هو اڪيلو اهڙو اڳواڻ هو جنهن سڄي سنڌ ۾ نه رڳو پمفليٽ ورهايا، پر سنڌي ماڻهن جي هڪ لک کان وڌي صحيحن سان لکيل ڊرافٽ به سرڪار ڏانهن موڪليو، جنهن بعد سنڌ تان ون يونٽ جو طوق لاٿو ويو. اهو دستاويز اڄ به سنڌالاجي ۾ پيل آهي، جيڪو تاريخ جو حصو آهي. ون يونٽ خلاف دستاويز تي صحيحون وٺڻ لاءِ ڪڏهن ميلا ته ڪڏهن مال پڙيون يا عوامي ميڙ هن جو ٽارگيٽ هوندا هئا. جتان وڌ ۾ وڌ ماڻهن جون صحيحون حاصل ڪري سگهجن.

جنرل ضياءَ جي دور ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت تي پابندي لڳي ته شمشير صاحب سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو. جنهن جو هو پاڻ گهڻو وقت چيئرمين به رهيو، هو ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ هلال پاڪستان جو جوائنٽ ايڊيٽر رهيو، ۽ بعد ۾ محترمه بينظير ڀٽو واري پهرين دور ۾ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر رهيو. انهي دور ۾ ” متان سوچيو“ جي عنوان سان هو مختصر پيس اخبار جي مُک صفحي تي اخبار جي لوئر هاف تي ڇاپيو ويندو هو، جيڪو اصل ۾ ايڊيٽوريل نوٽ هوندو هو، جنهن ۾ کليل نموني مسئلن جي اپٽار ۽ سرڪار مٿان تنقيد هوندي هئي. بعد ۾ انهي سلسلي کي ٻين اخبارن به شروع ڪيو.

سنڌ جي اڳوڻي وزير اعليٰ ممتاز علي ڀٽو جي دور ۾ کيس ۱۹هين گريڊ جي نوڪري ملي، جيڪا گهڻو وقت نه هلي سگهي، ان بعد انهي ئي گريڊ جي نوڪري محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ سيد پرويز علي شاھ جي معرفت ملي، جيڪا حڪومت ختم ٿيڻ سان ختم ٿي وئي، ۽ هن ڪڏهن به انهن جي بحالي لاءِ سرڪار کي منٿ نه ڪئي.

 هن جي پير سائين پاڳاري واري اخبار مهراڻ جي ايڊيٽر شپ وارو دور تاريخ ساز هو. جڏهن هُن اخبار جا انتظام سنڀاليا تڏهن پرنٽ آرڊر ۵۰۰ جي لڳ ڀڳ هو، ۽ ۴۰ ڏينهن بعد جڏهن هن اخبار ڇڏي ته ۲۲ هزار پرنٽ آرڊر هو. اخبار ۾ ايڊيٽر ٿيڻ جو قصو به ڏاڍو مزيدار هو. هن پاڻ اسان کي ٻڌايو هو ته هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ حميد آخوند رستي هلندي ملي ويو هو، چيائين ڏئي خبر اڄ ڪالھ ڇا پيو ڪرين؟ ٻڌايم ته واندو آهيان، چيائين ته اخبار هلائيندين؟ چيم ڇو نه، ڪنهن جي آهي. منهنجي پڇڻ تي هُن چيو ته سڀاڻي ملجانءِ ته گڏجي هلندا سين. آخوند وڌيڪ ڪجھ نه ٻڌايو. شمشير صاحب موجب ٻئي ڏينهن آخوند مونکي ڪنگري هائوس وٺي ويو، پڪ ٿيم ته مهراڻ اخبار آهي، آئون ڊرائنگ روم ۾ ويٺس، آخوند اندر ويو، پير صاحب هُن کان منهنجو نالو وغيره پرچي تي لکي پاڻ وٽ رکيو، شايد هُن کي علم العداد جي حساب سان حساب ڪتاب ڪرڻو هو، ڇاڪاڻ ته هو انهي تي گهڻو يقين رکندو هو، ٻئي ڏينهن اسان حسب هدايت ڪنگري هائوس پهتاسين، پير صاحب پاڻ مليو، چيائين ماڻهو چڱو ٿو لڳين، ڀلي ڪم شروع ڪر. شميشير صاحب چيو ته مون کيس چيو ته سائين چند گذارشون آهن، اجازت ڏيو ته بيان ڪريان، پير صاحب چيو ته ٻڌاءِ، چيم ته سائين پهرين ڳالھ اها ته اوهان جي اخبار ڄڻ اوهان جي جماعت جي اخبار آهي ۽ انهي ۾ اوهان جي حوالي سان جيڪي بيان القابن سان ڇپجن ٿا اهي آئون نه ڇاپي سگهندس، جنهن تي پير سائين جواب ڏنو ته ٺيڪ آهي، مون چيو ته اوهان جي دورن جا جيڪي پروگرام ڇپجن ٿا اهي به نه ڇپجي سگهندا، جنهن تي به پير سائين چيو ته ٺيڪ آهي، اخبار جي پاليسي آزاد هوندي، جنهن تي به پيرسائين ها ڪئي. شمشير صاحب موجب اخبار شروع ٿي، ايم آر ڊي جي تحريڪ هلندڙ هئي، اسان جي اخبار جي فوٽو گرافر جو ڀاءُ انٽليجينس ۾ ڪم ڪندو هو، جيڪي به واقعا ٿيندا هئا ۽ ماڻهو مرندا هئا هو کيس فوٽُو ڪڍرائڻ لاءِ ان کي وٺي ويندا هئا ۽ اسان کي به انهي فوٽو جي هڪ ڪاپي ملي ويندي هئي. اهي فوٽُو جڏهن اخبار ۾ ڇپبا هئا، ته ٻئي ڏينهن فوجي جنتا پريشان هوندي هئي. شمشير صاحب ٻڌايو ته سب مارشلا ايڊمنسٽريٽر حيدرآباد گهرايو، پر جڏهن هُن جي هدايتن تي عمل نه ٿيو ته پوءِ اخبار جي ايڊمنسٽريٽر ڪجھ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي جو مون پير سائين کي اطلاع ڪيو ته هاڻ گڏجي نٿو هلي سگهجي، جنهن بعد مون نوڪري ڇڏي ڏني. شمشير صاحب چوندو هو ته پير سائين پاڳاري انهن ۴۰ڏينهن دوران ڪڏهن به ائين نه چيو ته حڪومتي اتحادي هجڻ جي باوجود اوهان ڇا پيا ڇاپيو؟

ڪجھ سال اڳ ۾ شمشير صاحب حڪمت جو ڪم به شروع ڪيو هو، گهر ۾ همام دستا ۽ حڪمت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيا اوزار به پيل هئا. هِن جي دعويٰ هوندي هئي ته وٽس ڪينسر جي علاج جو فارمولو به آهي، پر انهي تي خرچ تمام گهڻو آهي. مشرف جي دور ۾جڏهن هو آمريڪا ۾ سنڌي دوستن جي دعوت تي ويو هو ته اتي هڪ ڪمپني کي جڏهن ڪينسر جي علاج بابت ٻڌايو ته انهي ڪمپني کيس اها آڇ ڪئي ته هو آمريڪا هليو اچي ته کيس سموريون سهولتون فراهم ڪيون وينديون، پر هن چيو ته هڪ ته انهيءَ جي علاج جو سامان پاڪستان مان ايندو، ۽ آئون آمريڪا ۾ رهي نه سگهندس، جنهن ڪري ڪمپني ۽ هِن وچ ۾ معاملا نه ٺهي سگهيا،

ڪجھ سال اڳ ۾ سمورن دوستن جي خواهش تي هُن فيصلو ڪيو ته سندس سوانح عمري ترتيب ڏجي، سندس پُٽ سليم حيدري جي سئي سدرن گئس ڪمپني ۾ نوڪري بحال ٿيڻ کانپوءِ کيس انهي ڳالھ جو به اطمينان هو ته هاڻي اسلام آباد ۾ ويهي آرام سان اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو. انهي دوارن سندس نظر ڪم ڇڏي ڏنو. پر هُن انهي محتاجي کي پاڻ مٿان طاري ٿيڻ نه ڏنو. اسلام آباد ۾ سندس پُٽ سليم حيدري اهو ڪم سر انجام ڏنو، شمشير صاحب ٻڌائيندو ويندو هو ۽ سليم لکندو ويندو هو، پر شايد ڏيڍ ٻه سئو صفحا مس لکيا هئا ته شمشير صاحب کي ڪراچي وڃڻو پيو، ۽ اهو سلسلو اتي رڪجي ويو،

 شمشير صاحب سان ڪافي دوستن ۽ ادارن ان قسم جون ڪچهريون ڪيون هيون جن ۾ سوالن جوابن دوران کيس گهڻو کوٽڻ جي ڪوشش ڪري هن جون يادگيريون حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي به حاصل ٿي.

شمشير صاحب هڪ ڏينهن ڪچهري دؤران پاڻ چيو هو ته جيترو موقعو ملي سگهيو ايترو پاڻ لکون ٿا، باقي سنگت جو ڪم آهي هو انهي رهيل سلسلي کي پورو ڪندي. هن ڀرپور زندگي گذاري، ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو هن انهي ڳالھ جو اظهار نه ڪيو ته ڪو کيس پڇتاءُ هجي، نه هُن ڪڏهن ڪنهن کي ميارون ڏنيون، هن زندگي ۾ محبتن جي بچت ڪئي سندس حصي ۾ ماڻهن جو پيار آيو، بلا جو خود دار ماڻهو هو. ڪڏهن به ڪنهن تي بار نه ٿيو، ۽ آخر تائين قلمي پورهئي مان پنهنجو پيٽ گذر ڪندو رهيو. هن پاڪستان ٽيلي ويزن ۽ ريڊيو تي شاهڪار ڊراما ۽ لوڪ گيت به لکيا، هو بلاشڪ اسان جو ليجنڊ هو، جيڪو هاڻي اسان ۾ناهي رهيو.

هو حيدري هو، جنهن هستي جي نالي پويان مائٽن هن جو نالو رکيو، هو انهي جي ئي يوم شهادت تي وفات ڪري ويو آهي، ۽ انهي ڏينهن ئي کيس ڪراچي لڳ تاريخي قبرستان چوڪنڊي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، موت ته هڪ ڏينهن هر ماڻهوءَ کي اچڻو آهي، پر جنهن مسلڪ جو هو ماڻهو هو، ان جي عقيدي جي بنياد تي هو اڃا به وڌيڪ خوشقسمت ثابت ٿيو آهي. اسان وٽ مالداري کي وڏ ماڻهپ جي ساهمي ۾ توريو ويندو آهي، پر شمشير جيئري به وڏو ماڻهو ۽ وڃڻ بعد به اهو اعزاز پاڻ سان گڏ پنهنجي اولاد وٽ ڇڏي ويو آهي.

 اسلام آباد ۾ هجڻ ڪري آئون شمشير صاحب جي تدفين ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس، اهو افسوس سڄي حياتي رهندو. آئون شمشير صاحب جي وفات تي سليم سان ۽ پنهنجو پاڻ سان عذر خواهي جو اظهار ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته هو اسان سڀن لاءِ ايترو ئي اهم هو، جيترو پنهنجي اولاد لاءِ!!


 

سنڌ کان موڪلائيندڙ مور ۽ شمشير!

عزيز گوپانگ

اڄڪلهه اسان وٽ هر ڏينهن هڪ خبر طور اچي ٿو ۽ اڄ ۱۰ آگسٽ، جُمعي جي ڏينهن جي خبر اِها آهي ته شمشير الحيدري گذاري ويو. خبر پنهنجي وقت جي حوالي سان متوقع آهي ۽ اهميت جي حوالي سان تمام وڏي، متوقع انهيءَ ڪري جو شمشير پنهنجي حياتيءَ جا، اُهي سڀ سال گذاري چُڪو جن ۾ سندس حياتي ڪارج واري هُئي ۽ اهميت واري اِن ڪري جو شمشير پنهنجي وڏي ۽ بي داغ ڪردار جي حوالي سان اهڙو خال ڇڏيو آهي جنهن جي خالي هجڻ ۾ ئي حُسن رهندو ڇو ته شمشير جي جاءِ ڀرڻ لاءِ هروڀرو جو ڀَراءُ ضروري نه آهي.

سٺ، ستر ۽ اسي وارن ٽن ڏهاڪن وارو سنڌ جو دؤر سياسي ۽ ادبي مهم جوئي وارو دؤر هو، انهن سالن دؤران سڌ جو نالو وٺڻ، نانگ مٿان پير ڌرڻ جي برابر هو، هڪ پاسي سنڌ جا ئي سوين وڏيرا ۽ قلمڪار ”سنڌ وٺو، سنڌ وٺو“ جا هوڪا ڏيئي رهيا هئا ته ٻئي پاسي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب ۽ شاعر مزاحمتي ادب جي ذريعي غدارن ۽ اُنهن جي آقائن سان هڪ ئي وقت وڙهي رهيا هئا سنڌ خاطر وڙهي ويندڙ اُنهيءَ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ جنگ جي سرواڻي شيخ اياز سان گڏ شمشير به ڪئي، فرق اِهو هو ته اياز اڳئين محاذ تي وڙهيو پئه ۽ شمشير هڪ ڪورنگ ڪينڊيڊيٽ“ طور سڄي حياتي ساڻس ۽ سندس فڪر سان گڏ رهيو.

ماڻهوءَ کي وڏي ڄمار جي هروڀرو به ضرورت ناهي هوندي. دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي ماڻهو هئا ۽ آهن جن تمام وڏيون ڄمارون ماڻيون مگر سندن کاتي ۾ چڱن ڪمن جو شمار نه جهڙو آهي ۽ ٻيا اهڙا ماڻهو به آهن جن پنهنجي مختصر ڄمار ۾ وڏا ڪم ڪيا! سو وڏي ڪم لاءِ وڏي ڄمار ئي ضروري ناهي. شمشير انهيءَ حوالي سان سڀني کان الڳ ٿلڳ رهيو، هُن نه رڳو ڄمار وڏي ماڻي پر ڪم به وڏا ڪيا، جيڪو اسان وٽ گهٽ ئي ٿيندو آهي. ڇو ته توهان کي زندگيءَ لاءِ جيئندڙ ۽ زندگيءَ لاءِ مرندڙ ماڻهن جي فرق ڪرڻ ۾ ٿوري ڏکيائي ضرور ٿيندي! شمشير اُنهن ماڻهن مان هو جنهن هميشه زندگيءَ لاءِ مرڻ کي ترجيح ڏني.

شمشير جي زندگيءَ جو ڇيد ڪجي، اِهو تمام گهڻو مُشڪل ٿيندو اهو طئه ڪرڻ ته اهو اصل ۾ ڪهڙي هُنر ۾ يڪتا هو، هو شاعر به هو ته صحافي به، نثر نويس به هيو ته ڊراما نگار به! لکڻ جا سمورا پاسا هو سهڻي نموني سان ڀري سگهندو هو، تنقيد جيئن ته منهنجو شعبو ناهي اِن ڪري اُن جي فني پورهئي جي ڇنڊڇاڻ مان نٿو ڪري سگهان پر ايترو ادراڪ ضرور رکان ٿو ته هو پنهنجي عهد تي انتهائي گهرا اثر ڇڏيندڙ اديبن مان هڪ هُيو جنهن پنهنجي قلم جي تقدس ۽ لفظن جي حرمت کي آخر تائين قائم رکيو.

ضياءُ الحق جي دؤر ۾ جڏهن سياست ڪرڻ ته پري اُن مٿان ڳالهائڻ به ڏوهه هوندو هو، شعور ۽ عقل جي ڳالهه ڪرڻ تي سئو قلم لاڳو ٿيندا هئا، جواني منع ٿيل هئي ۽ خواب پس زندان هئا تڏهن شمشير اڪيلو صحافي هو جنهن مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر طور آمريت جي اڳيان بيهي چيتي جيان چنگهاڙيو پئه، هُن جي دل ۾ سڀ ڪُجهه هو پر خوف ڪو نه هو، هو نه ضياءَ کان ڊنو نه ئي سندس ظلمت کان. هُن جي دؤر ۾ مهراڻ اخبار جي سرڪيوليشن هزار سيڪڙو وڌي ۽ سنڌ جي صحافتي دنيا ۾ اهڙو پهريون موقعو آيو جو ماڻهن قطارون ٺاهي اخبار وٺڻ شروع ڪئي! صحافتي ڪيريئر جو سندس اُهو دؤر سندس ذات جي بي باڪيءَ جو ئي نه، سنڌي صحافت جو به سونهري دؤر هو، جڏهن اُن پنهنجو مڪمل سماجي ڪارج ادا پئه ڪيو.

خواجه ڪميونٽيءَ جي گڏيل سماجي تاڃي پيٽي کان ٻاهر نڪري هُن جيڪو ڪردار ادا ڪيو اُنهيءَ جو مثال اسان واري سماج ۾ گهٽ ملي ٿو، سندس مٽ مائٽ، سؤٽ ماسات وڻج واپار ۽ دُڪانداريءَ ۾ وڏا ماهر ليکيا ويندا آهن، هُن به هڪ دُڪان کوليو، مگر ٿوري فرق سان، سندس دُڪان تان سنڌ جي دردن جي دارون کان علاوه ٻيو ڪجهه به نه ملي سگهندو هو. هُن پنهنجي دل کي سنڌ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ اُن جو چيو مڃيو هو! هُن ڪڏهن به اهڙو ڪم ڪو نه ڪيو جيڪو سنڌ ۽ سندس دل جي خلاف هُجي، سندس دل جون سرحدون سنڌ جي سرحدن سان سلهاڙيل هُيون ۽ آخر تائين رهيون!

پنهنجي دؤر جي سڀني مُروج اصولن ۽ اسلوبن کان بغاوت سندس سرشت جو حصو هُئي، اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ دؤر جي عام استعمال وارن قلمي نالن کان هو پري رهيو، هو نه گهايل هو نه فراق، نه ڦٽيل هو نه زخمي، نه قمر هو نه شمس، نه صابر هو نه ساگر، نه ساقي هو نه ساغر! هُن جيئن قلم کنيو ته شمشير بڻيو ۽ اُها به حيدري.

پنهنجي نالي جي ساک قائم رکندي هُن پوري حياتي هڪ آئيڊيل آرٽسٽ جيان گذاري، هو اکر لکي پئسا ڪمائيندو هو ۽ اُنهن پئسن سان سگريٽ ٻاري حاسدن جو اندر ساڙيندو هو، سگريٽ ڇڪڻ جو سندس دلڪش انداز ڏسي اُنهن ماڻهن جي دل به سگريٽ ڇڪڻ ڏانهن ڇڪبي هُئي جيڪي تماڪ نوشي جي خطرناڪ اثر مٿان مقالا لکندا هئا.

مون شمشير کي ڏٺو ته ويجهي کان پر کيس سمجهيو سندس لکڻين وسيلي، هُن جون لکڻيون ائين صاف سٿريون هونديون هيون جيئن دل ڪيني کان، هُو اڇو اُجرو هِرک جهڙو ماڻهو هو، جنهن جو من اصلئون ڌوتل هو.

سنڌ جو اُهو دؤر جڏهن شيخ اياز جي گيتن کان آمر ۽ دوستيءَ کان شاعر ڏنا پئه تڏهن شمشير ساڻس گڏ بيٺل هو، هن جمال ابڙي، رشيد ڀٽي ۽ هڪ اڌ ٻين دوستن سان گڏ، آخر تائين اياز جي همراهي ڪئي ۽ ڪنهن به لمحي نه لڏيو نه لميو ۽ اِهو ئي دؤر هُيو جنهن ۾ چڱا چؤکا سڀ پڌرا ٿي بيٺا، شمشير تڏهن به پنهنجي خوابن سان گڏ بيٺل رهيو ۽ اُن کانپوءِ به، جڏهن سنڌ کي اڪيلي ڇڏڻ جو فيشن عام ٿيو، تڏهن به هو سنڌ سان ئي بيٺل رهيو، اِها ئي اهڙي وصف آهي جيڪا شمشير کي پنهنجي عهد جي سڀني قلمڪارن کان الڳ ۽ مٿانهون بيهاري ٿي.

شمشير الحيدري جي نالي اُچارڻ ۾ ئي ڏکيائي نه ٿيندي هُئي، آمريت جي ڏينهن ۾ سندس فڪر کي هضم ڪرڻ ۽ کيس ڳولڻ به ڏکيو هوندو هو، هو پنهنجي فقيراڻي مزاج جي ڪري ڪنهن هجوم ۾ به آرام سان لِڪي سگهندو هو ۽ اڪيلائيءَ ۾ به نظر ڪو نه ايندوهو، وقت جا حاڪم کيس نه ڳولي سگهڻ جي ڪري پريشان هوندا هئا ۽ هو سنڌ جي ڪري.

هُو پنهنجي عقيدي ۾ ئي حُسيني ڪو نه هو پر عمل ۾ به حُسيني هو، وقت جي هر ظالم کي هُو يزيد سمجهي وڙهندو رهيو ۽ ڪيڏي نه حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته جنهن جي تلوار جي نسبت سان پنهنجو نالو چونڊيو هُئائين اُنهيءَ عظيم هستيءَ جي شهادت واري ڏينهن ئي اکيون ٻوٽيائين. هُو ادب جي دنيا جو حُر هيو!

منهنجون شمشير سان ڪي گهڻيون ملاقاتون ڪو نه رهيون ۽ نه ئي مان ساڻس پنهنجي دوستيءَ جي دعويٰ ڪري سگهان ٿو، مون جڏهن به کيس ڏٺو ته عقيدت ۽ حسرت وچان ڏٺو، سندس زندگي جو هڪڙو پاسو منهنجي حياتيءَ سان گهڻو مليو ٿي ۽ اُهو هو مسلسل نوڪريون ڇڏڻ وارو عمل.

شمشير هڪڙي زندگي ڪڏهن ڪو نه گذاري، انهيءَ ڪري هُو هڪڙي نوڪري به ڪو نه ڪري سگهيو، اِهو تمام گهٽ ٿيندو آهي ته ڪو ماڻهو هڪ کان وڌيڪ زندگيون گذاري ۽ شمشير اهو ڪري ڏيکاريو، هڪ انتهائي وفادار دوست، بنهه سچو اديب، بي ڊپو صحافي ۽ سماج جو هڪ ذميوار فرد ته هو هيو ئي، پر گڏوگڏ هڪ انتهائي پيار ڪندڙ ۽ شفيق پيءُ ۽ سر ساهه صدقو ڪندڙ ڏاڏو ۽ نانو پڻ هو.

هُن اسي سالن جي هڪ ڊگهي ۽ ڀرپور زندگي گذاري. هُن زندگيءَ جي ڊگهي اننگ انتهائي صبر ۽ ماڻهپي سان کيڏي ۽ ٿڪو ڪٿي به ڪو نه! هو اُن وقت تائين کيڏندو رهيو جيستائين زندگيءَ جي ميچ ڊڪليئر نه ڪئي ويئي. سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ ”بيٽ ڪيري“ ڪندڙ هي پهريون ۽ آخري ”بئٽسمين“ هو جنهن کي نه لالچ جا بائونسر آئوٽ ڪري سگهيا ۽ نه ئي غربت جا ”اِن سوئنگ ۽ آئوٽ سوئنگ“!!

پيري ۾ طاقت ئي نه حوصلو به گهٽجي ويندو آهي، عام طور تي چئي ويندڙ اِها ڳالهه شمشير سان لاڳو ڪونه هئي، هُو جيترو ضعيف ۽ پيرسن پئه ٿيو سندس خوابن جوانيءَ جا موڙ پئه ٻڌا، تڏهن ئي موت کي سندس ياد آئي هو کيس کنڀي کڻي الائي جي ڪيڏانهن اُڏاڻو؟!

سنڌ هڪ ئي وقت مورن ۽ شمشير کان خالي ٿي ويئي، اها ئي ڳالهه ڏک جي ڳالهه آهي!!


 

شمشير کي سڏ ڪريو!

فيض کوسو

هي گذريل سال جي جون مهيني جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون ڊاڪٽر مُسرت خواجه ۽ عبدالستار کٽيءَ سان گڏ شمشير الحيدريءَ جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ ڪراچي وڃي رهيو هوس. مون کي چٽو ياد آهي ته جڏهن اسان ڪراچيءَ جي ويجهو ٿيا هئاسين ته برسات جي هلڪي وسڪار پئي ٿي ۽ جڏهن مون شمشير الحيدريءَ جو انٽرويو پئي ڪيو، تڏهن به سندس اڱڻ تي بوندون برسي رهيون هيون. منهنجي ذهن ۾ ابتدائي طور اهو خاڪو هو ته شمشير الحيدريءَ جو گهر ڪنهن شاندار جڳهه تي هوندو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جو شاندار شاعر ۽ نفيس اديب آهي. ان ڪري هُن پنهنجو گهر به پنهنجي مزاج ۽ شاعريءَ جيان خاص محنت ۽ چاهه سان جوڙيو هوندو پر مون کي سندس گهر ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو هو. سندس گهر پاڪستان ڪوارٽرز واري علائقي ۾ آهي، شايد ڪئين سال گذري وڃڻ جي باوجود ان ڪوارٽر جي مرمت به نه ٿي هجي، ان ڪري جڏهن بوندون پئي وسيون، تڏهن مون کي اچي ان فڪر ورايو ته جيڪڏهن آسمان گهڻو ناراض ٿي روئڻ لڳندو ته پوءِ شمشير الحيدريءَ جي گهر جو ڇا ٿيندو؟ ان ئي اڻ تڻ ۾ مون اهڙو سوال به شمشير الحيدريءَ کان پڇي ورتو هو، هُن بنا فڪر جي مون کي اها وراڻي ڏني هئي ته اهڙيون ڪيئي برساتون هن گهر ۾ ٿيون آهن. جيڪڏهن هيل سال به برسات آئي ته پوءِ ڏٺو ويندو. توهان سڀني کي ياد هوندو ته گذريل سال ڏاڍيون برساتون پيون هيون. ان ڪري مون کي ته هر وقت شمشير جي گهر جو فڪر رهندو هو جو سندس ئي گهر جي هڪ ڀاتيءَ مون کي رازداريءَ سان اها ڳالهه ٻڌائي هئي ته جڏهن برسات وسندي آهي ته اسان جي گهر جي ڇت هنڌان هنڌان پئي ٽمندي آهي ۽ اسان هوندا آهيون جو هنڌ ٽپڙن کي پاڻي کان بچائڻ لاءِ پيا گهر جي هڪ کان ٻي ڪنڊ گهليندا آهيون. شمشير الحيدريءَ جي گهر ڀاتيءَ جي ان ڳالهه تي مون کي سندس اهو گيت ياد اچي ويو هو ته،

جبل مٿي جهڙ او جاني، جبل مٿي جهڙ!!

شمشير الحيدريءَ جي هن گيت ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي گهرن جي عڪاسي ٿيل آهي ۽ ان ويل مون کي سندس گهر به ڪراچي جي شهر جو گهر نه پر ٻهراڙيءَ جي هڪ جهوپڙي لڳي هئي، جيڪا مينهن واءُ کان ڪڏهن به محفوظ رهي ناهي سگهندي.

ائين نه آهي ته ڪو شمشير الحيدري پنهنجي لاءِ گهر جوڙائي نه پئي سگهيو. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي سڻڀين آسامين تي به مقرر هو. هو اگر چاهي ها ته هڪ کان ۱۰ گهر به جوڙائي پئي سگهيو پر هن ايئن ڪيو ڪونه، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي زندگيءَ کي گذارڻ جا ڪي اصول مقرر ڪري ڇڏيا هئا ۽ انهن اصولن ۾ ايمانداري ۽ سچائي هن جو پهريون اصول هو. شايد اهو ئي سبب هو جو هن سدائين هٿ جي تنگيءَ سان زندگي گذاري ۽ ان ئي تنگ دستي جي عالم ۾ هو دنيا کي هميشه لاءِ الوداع به ڪري ويو. شمشير الحيدري ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع ۾ حڪيم رسول بخش خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو هو. سندس والد ته بدين شهر جو رهواسي هو پر سندس ناناڻي آڪهه بدين جي ويجهو ئي ڪڍڻ شهر ۾ رهندي هئي، جتي نه رڳو شمشير الحيدري جو جنم ٿيو پر هن جي پرورش به اتي ئي ٿي. هن جي پرورش ۾ سندس مامي ڪامريڊ نذير حسين حيدريءَ جو وڏو هٿ رهيو. ڪامريڊ نذير حسين حيدري پنهنجي وقت جو هڪ عظيم انسان ٿي گذريو آهي. هو نه رڳو صاحبِ طرز شاعر هو، بلڪه ادب جي مختلف صنفن تي مهارت رکندڙ ۽ اسلوب سان ڀرپور اديب، تر جو ناميارو حڪيم ۽ هاري تحريڪ جو سرڪرده ڪارڪن به هو. ڪامريڊ نذير حسين حيدري کي هاري هلچل جي باني ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ساڄي ٻانهن به تصور ڪيو ويندو هو. شمشير الحيدري پنهنجي ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم لاءِ هن ڪراچي جي سنڌ مدرسي ۾ داخلا ورتي هئي، جتان هو ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري نه سگهيو هو. انٽرويو دوران شمشير الحيدري ٻڌايو هو ته سنڌ مدرسي مان هڙتال ڪرڻ جي هڪ اڻ ڪيل ڏوهه ۾ کيس نيڪالي ڏني وئي هئي ۽ پوءِ هن ٽنڊي باگي سميت ڪجهه ٻين ادارن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪئي.شمشير الحيدري ۱۹۸۳ع جي انهن ڏينهن ۾ مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، جڏهن ضياءَ الحق مارشل لا ذريعي ماڻهن جو ساهه سڪائي ڇڏيو هو. پير صاحب پاڳارو جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ ايم آر ڊي جو مخالف هو پر شمشير الحيدري جنهن بهادري، ايمانداري ۽ سچائي سان مهراڻ جي صفحن کي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن لاءِ استعمال ڪيو، سندس اهو ڪارنامو به سدائين سنڌ جي تاريخ ۾ محفوظ رهندو. شمشير الحيدري سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيشن ايسوسيئيشن جو بنياد وجهندڙن مان هو. کيس ون يونٽ جي مخالفت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءُ لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ انيڪ ڀوڳنائن جو شڪار ٿيڻو پيو. ان ئي انٽرويو ۾ هن مون کي ٻڌايو هو ته ڄام صادق علي مرحوم جڏهن سنڌ جو وڏو وزير ٿيو هو، تڏهن هن سندس اصولن ۽ ايمانداريءَ جي هڪ وڏي قيمت به لڳائي هئي پر هن ”سون تي سيڻ مٽائڻ“ واري روايت اختيار ڪرڻ بدران ”ڀلي بک ڀرم جي شال نه وڃي شان“ وارو اصول کي وڌيڪ ترجيح ڏني. شمشير الحيدري جهڙو يگانو انسان ۽ سنڌ جو سچو عاشق جيتوڻيڪ اڄ ته زندگيءَ کان رسي هميشه هميشه لاءِ سنڌ ماءُ جي سيني ۾ وڃي آرامي ٿيو آهي پر سندس علمي، ادبي پورهيو ۽ اصول توڙي آدرش کيس هميشه سنڌ جي آڪاش تي روشن سج جيان جرڪائيندا رهندا.

هن مضمون جي آخر ۾ مون کي شمشير الحيدري کي مرحوم به لکڻو پوي ٿو، جو هاڻي هو زندگيءَ جي قيد کان آجو ٿي ويو آهي پر اهو لکندي مون کي وري به سندس ئي سٽون ياد ٿيون اچن ته:

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سُخن شايد.

برابر شمشير جيتوڻيڪ جسماني طور ته هاڻي سنڌ جي ڪنهن به محفل ۾ موجود نه هوندو پر جنهن محفل ۾ شمشير جو سخن نه هوندو، سا محفل به بهرحال اڌوري ۽ اڻپوري ئي سمجهي ويندي.


 

شمشير واقعي هزارن ۾ حيدري هو!

ذوالفقار خاڪي/حيدرآباد

سندس پوٽي سندرتا حيدري ڪاوش ۰۷ آگسٽ ۲۰۱۲ واري اشاعت ۾ شايع ٿيل پنهنجي خط ”هزارن ۾ حيدري آهيان!“ ۾ شمشير الحيدري بابت کوڙ ڳالهيون لکيون هيون، جن ۾ سندس باري ۾ اهو به لکيو هئائين ته شمشير صاحب سادگي پسند انسان هو. مون به پهريون ڀيرو جڏهن کيس ڪراچي ٽي وي اسٽيشن تي ۱۹۸۵ع ڌاري ڏٺو هو ته ايئن ئي محسوس ڪيو هو. اڇا ڪپڙا، انهن تي ڪاري ڪوٽي پاتل، اکين تي نظر واري عينڪ، هٿ ۾ سگريٽ، چپن تي شايد مڌم مسڪراهٽ ۽ نهار ۾ عجيب تنقيدي انداز جي انسان شناسي سمايل هئس. ماسٽر غلام علي (سنڌي فنڪار تعمير حسين جو والد) مون ساڻ هو، شمشير صاحب سان شايد دوستي هيس، چيائين ته ”يار هن کي ته ڪنهن ڊرامي ۾ ڪاسٽ ڪر“ شمشير صاحب غور سان مون کي ڏسڻ لڳو، پل کن جي ماٺ کانپوءِ بظاهر ڪم جي گهڻائي سبب ٿَڪل ٿَڪل نظر ايندڙ شمشير صاحب جو گرجدار آواز هال ۾ گونجيو، ”بابا فنڪار آهين ته ڪو ٽهڪ ڏئي ڏيکار، ٿورو جهيڻو ئي سهي، پر روئي به ڏيکار، يار ڪو ته پنهنجو ڪمال ڏيکار، ڪيئن مڃان ته تون فنڪار آهين؟“ سندس فرمائش ٻڌي منهنجا ته ڄڻ طوطا ئي اڏامي ويا! شمشير صاحب ته ايئن چئي اسڪرپٽ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ ماسٽر غلام علي منهنجي نِرڙ تي پگهر جا ڦڙا ڏٺا ته کل ۾ ٻڏي ويو. شمشير صاحب ماسٽر کي کلندي ڏسي مشڪي چوڻ لڳو؛ ”يار غلام علي تون جو گڏجي آيو آهين ته ڪجهه ته سيکاربو ضرور!“ ان ڏينهن ته آئون شمشير صاحب جون ڳالهيون نه سمجهي سگهيو هئس ته هن مون کي ڇا سيکارڻ ٿي گهريو، پر بعد ۾ جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڊرامي جو آڊيشن ڏيڻ پهتس ته اسڪرپٽ ڏسي شمشير صاحب جون ڳالهيون ياد آيون ۽ واقعي سندس ڏسيل انداز سان ڊائيلاگ جي ادائيگي ئي مون کي هن آڊيشن ۾ پاس به ڪرايو هو. سنڌ جو ناميارو شاعر، اديب، ليکڪ، ڊرامانگار ۽ قلم ۽ سخن جو ڌڻي شمشير الحيدري ان حوالي سان جهڙوڪر بازي ئي کٽي ويو جو سندس وفات حضرت علي عليه السلام جي يوم شهادت تي ٿي آهي، جنهن سان وابستگيءَ سبب ئي هو حيدري به سڏائيندو هو. شل ڌڻي تعاليٰ کيس محمد و آلِ محمد صه جي قرب جوار ۾ جڳهه عطا فرمائي (آمين).


 

شمشير به موڪلائي ويو....!

حافظ مهراڻ/ عمر ڪوٽ

نيٺ ڪالهه شمشير به موڪلاڻي ڪري ويو. هو ڪيترائي ڏينهن موت ۽ حياتي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا هو ۽ حياتي هارائي ويئي. هن جو ڪي ٽي اين جي مصطفيٰ ملاح کي ڏنل انٽرويو، جنهن به ڏٺو هوندو، اهو پڪ سان اها شاهدي ڏيندو ته شمشير رڳو شاعريءَ جي حد تائين قطعا نه لکيا هئا، پر آخري وقت تائين پنهنجن انهن قطعن کي پاڻي ڏيندو رهيو ته:

دل جي پرشوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نيهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين!

سو ڪنهن به شهنشاهه جي اڳيان هن هٿن جي جهولي نه جهلي، البته ڪجهه سياسي اداڪار تصويرون ڪڍائڻ جي لاءِ ضرور وٽس پهتا هئا. شمشير جيڪو سڄي سنڌ جو هو، سڄي سنڌ هن سان پيار ڪندي هئي. نوانوي جي ڊسمبر جا پڇاڙڪا ڏينهن هئا، ٺار ٺريل ۽ ولهه ڀريل راتيون هيون، آئون هن سان حيدرآباد جي ميرانجهڙي شام جو مليو هوس. منهنجي هن کي اڳ ۾ الائي ڪنهن درد ڪٿا ٻڌائي ڇڏي هئي، کيڪار کان پوءِ يڪدم کڻي شعر پڙهڻ لڳو ته، ميان جي تون ڏکارو نه ٿين، اسان سڀ توسان گڏ آهيون ته هيئن چئون ٿا:

خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي

مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!

سڀني کان شمشير جا پنڌ ۽ پيچرا الڳ هوندا هئا. ارباب نيڪ محمد، رسول بخش پليجو ۽ شمشير ٽيئي جڏهن ڪي ٽي اين تي کوکرو پار کلڻ جي حوالي سان پنهنجا پنهنجا ويچار ونڊي رهيا هئا ته پليجو صاحب ۽ شمشير جو موقف اهو هو ته سرحد کلڻ نه کپي، ڇو ته اتان ڌارين جي لوڌ ايندي ۽ اصلي سنڌ جا وارث اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا، جڏهن ته ارباب نيڪ محمد هن جي حمايت هيئن ڪري رهيو هو ته سائين سرحد جي ٻنهي پار انسانن ڇا جانورن کي به تڙپ آهي، هتان جون اٺڙيون هتي جي ڪونڀٽن ۾ چرڻ لاءِ اينديون هيون ته هتان جا گونرا هتي جي تراين ۾ پاڻي پيئڻ ويندا هئا، ته شمشير هن کي جذباتي انداز ۾ چئي ڏنو ته هتي قومن جي وجود جو مسئلو آهي، توکي اچي اٺن ۽ اٺڙين جي لڳي آهي. هن جو سنڌ سان سچو عشق هو، مون کي به حيدرآباد واري رهاڻ ۾ چيو هئائين ته حافظ صاحب! ”سنڌڙي سان عشق جو ناتو نه ٽوڙجو“.... پير سائين پاڳاري جي ”مهراڻ“ اخبار جو ايڊيٽر ٿيڻ کان اڳ حيدري پير سائين پاڳاري سان ملاقات ڪري اهو چيو هو ته سائين! توهان جي اخبار ۾ توهان جي ذات جون خبرون گهٽ هلنديون، البته اوهان جي سياسي سرگرمين کي ميرٽ تي آڻبو، ڇو ته اخبار کي معياري بڻائبو. جيڪا مريدن کان سواءِ ٻيا فاضل، اديب ۽ دانشور ماڻهو به پڙهي سگهن. پوءِ سرڪيوليشن جو اهو نتيجو نڪتو جو اخبار بليڪ تي وڪامندي هئي. شمشير جي شاعري سنڌ جي درد ڪٿا آهي. شمشير آخر تائين اقتصادي طور پاڻڀرو نه ٿي سگهيو هو. ڪڍڻ مان هجرت ڪري حيدرآباد، ڪراچي ۽ اسلام آباد تائين به پهتو، پر آخر تائين ملنگ رهيو. اڄ هو هن جهان ۾ ناهي رهيو پر اڄوڪين سڀني اخبارن ۾ هيئن آهي ته:

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو!


 

شمشير

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سليمان وساڻ

۱۰ آگسٽ جو صبح سنڌ ۽ سنڌي ادب لاء هڪ ايڏي ڏکائتي خبر کڻي آيو جو اکيون اشڪبار ٿي ويون. سنڌي ادب جو ستارو سائين شمشيرالحيدري ڊگهي علالت کانپوء آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. شمشير الحيدري جو تعارف ڪهڙن لفظن سان ڪجي، هو دبنگ صحافي، اڙٻنگ ايڊيٽر، آزاد نظم جو بنيادڪار، منفرد گيتڪار، با شعور ناٽڪ نگار، باوقار اسٽيج سيڪريٽري، خود دار انسان، سماجي ورڪر ۽ ان سان گڏ سند يافته حڪيم پڻ هيو. هو هر فن مولا هو، هو مست هو، ملنگ هو، ڀوڳائي هو، محفل جو مور هو، تڏهن ئي ته چيائين:

شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي

محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد

اين جي وي ۽ نور محمد ھائي اسڪول ۾ داخلا نه ڏيڻ وارن کي ھي خبر نه ھئي ته هي ٻار اڳتي هلي وقت جو وڏو شاعر ٿيندو ۽ سنڌي ادب جو هڪ روشن منارو ثابت ٿيندو. شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ ۾ بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ پيدا ٿيو. سندس پرورش سندس مامي نذير حسين حيدري ڪئي جيڪو بدين جو تمام گهڻو سماجي ۽سياسي حيثيت رکندڙ ماڻهو هو. جنھن کان متاثر ٿي پاڻ حيدري سڏرائڻ لڳو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول بدين چار درجا پڙھيو ۽ پنجين درجي ۾ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ داخلا ورتي پر اتان تنظيمي سرگرمين ڪري مدرسه ۽ بورڊنگ ھائوس مان بيدخل ڪيو ويو جنھن ڪري ست درجا پاس نه ڪري سگھيو. ان دوران اين جي وي ۾ داخلا لاءِ پھتو ته کيس داخلا کان جواب ڏنو ويو، نور محمد ھائي اسڪول ۾ به کيس داخلا نه ملي سندس چواڻي ته نور محمد هاء اسڪول ۾ بغير داخله جي ڪجھ ڏينھن ويٺو رھيس، آخر ٽنڊي باگي واري لارينس مدرسي ۾ داخلا ملي جتان ميٽرڪ ۾ فيل ٿيس وري سپليمينٽري امتحان ۾ به فيل ٿيس جنھن ڪري ۱۹۵۰ ۾ پڙھائي کي خيرباد ڪيم اھڙي طرح ميٽرڪ نه ڪري سگھيس. پوء حيدرآباد ۾ نوڪري دوران ئي محمد عثمان ڏيپلائي صاحب سان گڏ اورينٽل ڪاليج حيدرآباد مان پهريان اديب سنڌي ۽ پوء اديب عالم سنڌيء جا امتحان پاس ڪيا بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان سنڌي ادب ۾ بي اي آنرس ۽ ايم اي ڪيائين.

روزگار جي سلسلي ۾ ڪيترن ئي کاتن ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندڙ شمشير شروعات منشيء جي حيثيت ۾ ۱۹۵۰ ۾ رائيس مل بدين مان شروعات ڪئي.ھن بعد ۾ ٽيليفون آپريٽر، ريونيو ۾ ڊويزنل ڪلارڪ، ايگريڪلچر ڪوآپريٽوڪريڊٽ بينڪ ۾ مئنيجر جي نوڪري ڪئي. روزانه ھلال پاڪستان کان ادبي لکڻين جي شروعات ڪيائين ۽ اتان ئي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو پوء ٽه ماهي مھراڻ رسالي جو اسٽنٽ ايڊيٽر پڻ، نئين زندگي جو ۱۱ سال ايڊيٽر ۱۹۷۷ تائين رھيو،ان بعد يوٿ افيئرس ڊويزن جو پراونشل چيف گريڊ ۾ ۱۹ رھيو ۽ ۲۰ گريڊ جي لاءِ سندس سمري وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو وٽ ويل هئي وئي جيڪا محترمه جي حڪومت ختم ٿيڻ ڪري رولڙي جو شڪار ٿي وئي ۽ ايئن ان عھدي تان ۱۹۹۱ ۾ پاڻ رٽائر ٿيا.

شمشير سنڌ جي ترقي پسند ادب جو شهسوار هو. هو نه ڪنهنجي اڳيان جهڪيو نه وري سندس قلم لکڻ کان رڪيو. ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران جڏهن هو مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو ته اها اخبار جنهن جو مالڪ آمرن سان گڏ حڪومت ۾ ويٺو هو ان اخبار جي پرچي اچڻ جو ماڻهو انتظار ڪندا هئا ۽ اخبار هٿو هٿ وڪامجي ويندي هئي. اهو اخبار جو نه پر شمشير جو ڪمال هو. ۵۰ پئسن جي اخبار ۵۰ رپين ۾ وڪامبي هئي ۽ اخبار جون ڪاپيون وڪامجڻ بعد فوٽو ڪاپيون ڪرائي هاڪر وڪڻندا هئا. مهراڻ ۾ پاڻ ڀيڙ تي ڏونڪو جي عنوان سان ڪالم لکندا هئا ۽ صدر ضياء جي مارشلا خلاف لکندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ستت ئي کيس اخبار ڇڏرائي وئي پر هن اصولن تي سوديبازي ڪانه ڪئي. هو سدائين سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف لڙيو آهي ۽ لکندو رهيو آهي ۽ هو سچ جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رهندي هن ٽه ماهي مهراڻ جي اسٽنٽ ايديٽر جا انتطام سنڀاليا ۽ ترقي پسند ليکڪن خاص ڪري شيخ اياز جي شاعري کي تمام سٺي نموني ڇاپيو. انکاسواء پاڻ ادبي سنگت ۾ رهندي ون يونٽ جي خلاف مئوثر تحريڪ جو حصو رهيو خاص ڪري سنڌي بوليء تي لڳايل پابندين خلاف هنن انڊر گرائونڊ تحريڪ هلائي. سنڌي ادبي سنگت کي جياپو ڏيڻ ۾ سندس نالو اڳ کان اڳرو آهي. سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بنيادي ميمبرن مان هجڻ سان گڏ تنظيم جي آئين ۽ ڍانچي کي ٺاهڻ ۾ به سندن وڏو ڪردار رهيو آهي.

سندس شاعري جي شروعات آزاد نطم سان ٿي ۽ پاڻ کان جڏهن به پڇبو هيس ته چوندو هو ته مان شاعر ناهيان بس ضرورت تحت شاعر ٿي ويو آهيان. هو چوندو هو ته هن کان شاعري لکرائي وئي آهي. خاص ڪري ٽي وي پروڊيوسر ڪو ٽائٽل گيت يا ڪو نظم جي فرمائش ڪري کيس لکڻ تي مجبور ڪندا رهيا هئا. جڏهن شمشير کان پڇبو هو ته سندس پسنديده شاعر ڪهڙو آهي ته سندس جواب عجيب ملندو هو، هو چوندو هو ته منهنجو پسند جو شاعر ڪوبه ناهي مان ئي پنهنجو پسنديده شاعر آهيان.

شمشير اعليٰ پائي جو ڊرامه نگار پڻ هو. سندس ڊرامه خاص ڪري پي ٽي وي تي گهڻو مقبول ٿيا. شمشير جي ڊرامن ۾ تفريح سان گڏ سنڌي ثقافت ۽ سنڌي روايتن جو عڪس نظر ايندو آهي. ٽيليوزن تي هو سچ ته ڄڻ سنڌي جو بانيڪار آهي، هن ئي سنڌي پروگرامن جي شروعات لاء فنڪار، سازندا، شاعر هٿ ڪري محترم عبدالڪريم بلوچ جي حوالي ڪيا هئا. شمشير ٽي وي جي سنڌي پروگرامن جو پهريون اسڪرپٽ رائيٽر ۽ پهريون ڪمپيئر پڻ آهي.

 

حيثيتون:

سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، ۳ سال

سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت، ۱۱ سال

ميمبر: فلم سينسر بورڊ، ۳ سال

ميمبر: اردو ڊڪشنري بورڊ، ۳ سال

باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان

ميمبر: پريس ڪلب ڪراچي

ميمبر: پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل

سرپرست: سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ

 

ڇپيل ڪتاب :

انسان ڪامل (شخصيتون) ۱۹۵۳ع

ڪاروان ڪربلا (تاريخ) ۱۹۵۴ع

لاٽ (شاعري) ۱۹۶۲ ع

تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) ۱۹۶۱ع

تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) ۱۹۶۳ع

سوکڙي (ترتيب) ۱۹۶۴ع

آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) ۱۹۶۳ع

بهترين سنڌي ادب (افسانا) ۱۶۶۹ع

سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : ۱۹۸۴ع

سنڌي شاعريء جو اڀياس

تاريخ جو ڪچرو : شاعري ۱۹۹۵ع

سجاڳ سانگهڙ: گزيٽيئر

Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ : انگريزي ۾) ۲۰۰۳ع Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ

پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)

ڪاڪ محل (ڊرامو) Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب)

ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام)

لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ)

ٽيليويزن لاء ۱۵۰ کان مٿي ڊرامه، اسڪرٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.

 

مليل اوارڊ :

پاڪستان ٽيليوزن ٽي اوارڊ

سنڌي ادبي سنگت سنڌ

سنڌي اڪيڊمي: دهلي

مارئي: دهلي

سمبارا ٽاپ ٽين

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل

عوامي آواز سٿ

ماهوار نئين زندگي

بزمِ جنگ

پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل ۲ اوارڊ

صدارتي اوارڊ (پرائڊ آف پرفارمنس)

 

شمشير اڄ اسان ۾ ناهي پر سندس ادبي ڪم سان گڏ سندس ڪردار تي سنڌ سدائين ناز ڪندي رهندي. هو خوددار انسان ڊگهي عرصي تائين ڪينسر جهڙي موذي مرض سان مقابلو ڪندي نيٺ اسان کان موڪلائي ويو.

 

روزانه هلال پاڪستان ۱۱ آگسٽ ۲۰۱۲


 

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

مولائي ملاح

لاڙ پڇاڙ جي پوٺن واري شهر ’ڪڍڻ‘ ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي حڪيم رسول بخش خواجه جي گھر ۾ جنم وٺندڙ شمشيرالحيدري، اها مست الست شخصيت هو جيڪو ڪڏهن به وقت جي وَٺ ۾ نه آيو. هن مسڪيني حال کي پٺيءَ ڀر اڇلائي هلڻ سکيو هو. هو ڏات جي دنيا جو قطب تارو هو. هن وٽ ڏات جي ڏانءَ جيان ماڻهن کي ميڙن جي صورت ۾ ميڙڻ ۽ مهڪائڻ جو به هڪ وڏو ڏانءُ هو. هن جي زندگيءَ جا پهريان پل، پرورش، محبوبا جي مهڪ جھڙي شهر بدين جي پرشوخ هوائن ۾ ٿي. سندس والد بدين جي شهر جو رهواسي هو. سندس ناناڻي آڪهه بدين جي ويجھو ئي ڪڍڻ شهر ۾ رهندي هئي، جتي شمشير جو جنم ٿيو. سندس سار سنڀال ۾ سندس مامي نذر حسين حيدريءَ جو وڏو هٿ هيو.

هن علم ادب ڏانهن پهرين وک بدين ۾ ئي کنئي، ان کانپوءِ هو وڌيڪ تعليم لاءِ ٽنڊي باگي، سنڌ مدرسي ڏانهن به ويو. سنڌ مدرسي ۾ هو مئٽرڪ پاس نه ڪري سگھيو. ان جو سبب سنڌ مدرسي ۾ هڙتال ڪرڻ جو هڪ اڻ ڪيل ڏوهه ۾ کيس نيڪالي ڏني وئي هئي. هن ٽنڊي باگي سميت ٻين ادارن ۾ وڃي تعليم حاصل ڪئي. هن جي من اندر ۾ جوانيءَ جي جھوٽن کان وٺي زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين ڏات جون ڏياٽيون بکنديون رهيون.

هن وقت جي پيالي ۾

مڌ پنهنجي حياتيءَ جو

باقي ڪو بچيل آهي

من ڪوئي اچي نڪري

بي داد هن بستيءَ ۾

شمشير جيهو جوڳي

ڪجھ ڏينهن ٽڪيل آهي

من ڪوئي اچي نڪري

هن جي نيڻن جي ماڻڪين ۾ ڌرتيءَ سان ازلي عشق جي ڳاڙهاڻ نمايان نظر ايندي هئي. هي انقلابي، بي ڊپو، منهن تي حق سچ چئي ڏيڻ وارو انسان هيو. هن سرڪاري ڇانوَ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به آمريت جي ڪاري رات کي آزاديءَ جي اُجري صبح سان تشبيهه ڪونه ڏني. سندس ذات ۽ ڏات وقت جو وڏو سچ آهي. هي پنهنجي شاعري توڙي نثر ۾ آمريت کي ننديندو رهيو.

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي.

اڃان وقت کي پيئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي.

شمشير جي شاعري ءَ ۾ وقت جي يزيد تي لفظن جي شمشير ( تلوار ) سان ڪيل اهي وار آهن جيڪي وقت جي مرحب ( ملعون ) جي ڪردار کي وائکو ڪن ٿا. هن قلم کان ڪڏهن ڪهاڙي ته ڪڏهن تلوار وارو ڪم ورتو. هن کي مسڪيني حال ۾ به مايا جو موههُ هرکائي نه سگھيو. سندس علم، قلم جي سگھ ڪنهن کان به وسرڻ جھڙي ناهي. آمريتي دور ۾ سندس لکيل شهڪار آرٽيڪلز، مهراڻ اخبار جا ايڊيٽوريلز آمريت جي منهن تان لاٿل نقاب آهن جيڪو تاريخ جو هڪ وڏو سچ آهي.

شمشير جھڙو سگھارو شاعر هيو ؛ تهڙوئي بيباڪ صحافي پڻ هيو. هن قلم کي هميشه تلوار وانگر هلايو. هن قلم هلائڻ مهل حالتن سان سمجھوتو نه ڪيو. هن هر محاذ تي پاڻ ملهايو ۽ مڃايو. هن جي ادبي دنيا جيان صحافتي دنيا به نرالي آهي. هن ۱۹۸۳ع ۾ مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر شپ سنڀالي. ”شمشير اخبار جي ايڊيٽر شپ سنڀالڻ کان اڳ پيرسائين پاڳاري سان ملاقات ڪري کيس اهو چيو ته: سائين ! توهانجي اخبار ۾ توهان جي ذات جون خبرون گھٽ هلنديون البته اوهانجي سياسي سرگرمين کي ميرٽ جي بنيادن تي آڻبو ڇو ته اخبار کي معياري بڻائبو. جيڪا مريدن کانسواءِ ٻيا فاضل، اديب، دانشور، ماڻهو به پڙهي سگھن. “ پوءِ سرڪيوليشن جو اهو نتيجو نڪتو جو اخبار بليڪ تي وڪامڻ لڳي. صحافي بيدارجعفريءَ چواڻي ته : انهن ڏهاڙن ۾ مهراڻ اخبارجون باڊهه جھڙي ننڍڙي شهر ۾به ۵۰۰ ڪاپيون روزانو هلنديون هيون. هن کان هڪ سرڪاري رسالي انٽرويو ۾ جڏهن اهو سوال ڪيو ته: ” جڏهن توهان ۱۹۸۳ع ۾ مهراڻ اخبار ۾ ايڊيٽر ٿي آيا ته توهانجي ان فيصلي کي سنڌ جي ماڻهن ڪو خاص Appreciate ڪو نه ڪيو پوءِ توهانجي واپسي به جلد ٿي. پير صاحب سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿيون هيون ۽ توهان کي تڪڙوئي ڪڍيو ڇو ويو؟. ان جي جواب ۾شمشير چيو ته: ” ان بابت ڪجھ عرصو اڳ مون افيئر رسالي ۾ مختصر احوال لکيو هو. پير صاحب سان جيڪا ٿوري گفتگو ٿي هئي ان جو احوال لکيو اٿم. وڌيڪ تفصيل پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکندس.

باقي آئون ايترو چوندس عوام منهنجي ان فيصلي جي عملي آجيان ڪئي هئي جنهن اخبار جون ۱۲۰۰ ڪاپيون ڇپبيون هيون، اها ۲۲۰۰۰ تي پهتي، پير صاحب سان گفتگوءَ مطابق مون اخبار صحيح ڪڍي پير صاحب جو چوڻ هو ته اخبار انڊيپينڊنٽ ڪري هلائبي. مون ايئن ئي ڪيو. وقت جي خبرن کي ته ڪير روڪي نه ٿو سگھي، جيڪڏهن ان وقت جمائت اسلاميءَ جي ڪا تحريڪ هلندي هجي ها ته ان جون خبرون به اخبار ۾ هجن ها.

مهراڻ مان توهانجي نڪرڻ جو ڪو هڪڙو خاص سبب پڇجي ته اهو ڪهڙو هو ۽ ڇا پير صاحب توهان کي ان باري ۾ ڪجھ چيو؟

اُن خاص سبب معلوم ٿيڻ جو ذريعو به توهان ( ثناءُ الله راڄڙ) پاڻ آهيو. پير صاحب سان ان سلسلي ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه ڪانه ٿي...

هن پنهنجي زمين وطن سان جيڪا ڪمٽمينٽ ڪئي ان جي جھلڪ اسانکي هن جي شاعري ۾ به ملندي، نثر ۾ به ملندي، ته سرڪاري رسالن ۽ اخبارن جي لکيل ايڊيٽوريلز ۾ به ملندي. ظهير حسين حيدريءَ جي موڪليل ميل مطابق شمشير جي صحافتي سفر جو اسڪيچ ڪجھ هن ريت آهي ته: ’هن ۱۹۵۵ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ڪلارڪيءَ کان ٽماهي مهراڻ رسالي جي اسسٽنٽ ايڊيٽري، عبدالشڪورمنشيءَ جي هلال پاڪستان هجي يا بيگم نصرت ڀٽو جي هلال پاڪستان جي ايڊيٽري، نئين زندگي رسالي جي ايديٽري هجي، يا حيدربخش جتوئي جي هاري حقدار اخبار، يا نذير حيدريءَ جي اخبار ”اعلان حق“ ۾ دونهاندار مضمون، عثمان ڏيپلائيءَ جو ساڻيهه ڊائجسٽ هجي يا ماهوار پارس جي ايڊيٽري هجي روزانه هلچل هجي، روزانه مهراڻ جا بيباڪ ايڊيٽوريلز ۽ ”ڀيڙ تي ڏونڪو“ ۽ ”فقير بيان ڪري ٿو“ ڪالم ان وقت جي عڪاسي هيا، جيڪي آمريتي ڏاڍ آڏو هڪ للڪار هيا.‘ سندس ڪالم آمريت خلاف عوام جي ذهنن ۾ بغاوت جي باهه کي ڀنڀٽ بڻائڻ وارو ڪم ڪندا هيا. هن چيو ته:

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين

سري عام هر بات چوندا رهياسين

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو

اسان رات کي رات چوندا رهياسين

شمشير سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌگريجوئيشن ايسوسيئيشن جو بنياد وجھندڙن مان هو. هن کي پنهنجي ذات کان وڌيڪ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻوليءَ سان بي پناهه عشق هو. هن کي ون يونٽ تحريڪ دوران جيل ياترا پڻ ڪرڻي پئي. هي مختلف تنظيمن / ادارن ۾ پڻ رهيو. جن ۾ فلم سينسربورڊ، اردو ڊڪشنري بورڊ جو ۳ سال ميمبر رهيو، پيس ورڪرس يونين حيدر آباد جي جنرل سيڪريٽري شپ، اولهه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي ايگزيڪيٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر سنڌي ادبي سنگت جو لاڳيتو ڏهه سال جنرل سيڪريٽري رهيو، سگا جو باني ميمبر، پاڪستان رائيٽرس گلڊ سنڌ جو باني ميمبر، روشن تارا اسڪول جو پهريون ايڊمنسٽريٽر، ايوان صحافت بدين جو تا حيات ميمبر، جي اعزاز سان نوازيل رهيو.

شمشير صحافت، نثرنگاري، ڊرامه نويسي، ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ظهير حسين حيدريءَ جي زباني ته: ’هو؛ پي ٽي وي تي پهريون سنڌي ڪمپيئر، پي ٽي وي تي پهريون ڊرامون ”زينت“ ۽ پهريون سنڌي گيت لکڻ جو اعزاز به شمشير کي آهي. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ لاءِ هڪ زبردست فيچر لکيو، جيڪو ڏاڍو مقبول ويو ۽ ان جو اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. ”دل ۾ من جو مور نچي ٿو“. هن جو جيترو نثر سگھارو هيو، سندس شاعريءَ ۾ به اهائي لئه ۽ سگھ هئي. ماحول ڪيترو به ماٺو ڇو نه هجي وٽس ماحول کي مچائڻ ۽ مهڪائڻ جو ڏانءُ هيو جيڪو سنڌ جي هر ادبي محفل کي يقينن سدائين مچائيندو رهندو. حيدرآباد سنڌ ۾ ۶۰/۷۰ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن ادبي رهاڻيون عروج تي هيون، تڏهن محفل کي مچائڻ لاءِ شمشير کي ئي سڏ ٿيندو هيو. شايد ته ان احساس ۾ ئي هن اهو شعر لکيو هو ته:

شمشير کي سڏ ڪيو شمشير ڪٿي آهي.

محفل کي مچائيندو ان جو ئي سخن شايد.

ڪٿي ته وري هيئن به ڇيو اٿس ته:

سڄي رات سرگوشين ۾ گذري

صبح جو هلياسين ستارا سمهاري

سڄي رات دل کي اکين ۾ ويهاري

ڏٺو سين ته ڪيئن حسن ماري جيئاري

۶۰ جي ڏهاڪي ۾ سکر جي هڪ ادبي محفل ۾ هزارين ماڻهن جي هجوم ۾ جڏهن شمشير کي اسٽيج تي گھرايو ويو ته اتي هن شعر پڙهيو جنهن تي کيس وڏو داد مليو. ان وقت کان اڄ تائين اهو قطعو امر آهي.

دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين

شمشير لاءِ ناليوارن مختلف اديبن پنهنجين لکڻين ۾ مختلف وقتن تي ڪجھ هيئن لکيو آهي ته: جيئن سلطانه وقاصيءَ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هوته : شمشير الحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي، جنهن کي پڙهي مون جھڙن ڪيترن ئي اديبن لکڻ شروع ڪيو.“ ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۱۹ مئي ۲۰۱۲ تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ شمشير سان ملهايل رهاڻ تي پڙهيل پنهنجي مقالي ۾ چيو هو ته: نه ڄاڻ ڪيترين ئي شخصيتن جا انٽرويو ورتا هوندم. جن جا اسڪرپٽس شمشير الحيدريءَ لکيا. بس انٽرويو نه ڪيم ته شمشير جو پنهنجو... شايد انڪري ته ان جو اسڪرپٽ ڪير لکي ها؟“ امرجليل ۱۹۷۲ع ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو هو ته: ”شمشير جا مونتي ايترا احسان آهن جو مان جيڪڏهن سڀ ڄمارون سندس احسان لاهڻ جي ڪوشش ڪريان. ته به نئين ڄمار گھرجي. شمشير خلاف هڪ لفظ اچارڻ منهنجي آڏو سنڌ جي مٽيءَ خلاف ڳالهائڻ برابر آهي. اهو منهنجو ايمان آهي.

هو هوائن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگھ رکندڙ بهادر، سگھارو انسان هيو. جيئن پاڻ چيو اٿس ته:

ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم

اهوئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي

پهاڙ جيڏا ارادا رکان ٿو سيني ۾

هوا جي زور کان ئي زياده حوصلو آهي.

ها! شمشير هزارن ۾ ئي حيدري هيو. هو ڀيڙ تي ڏونڪو هڻي حق سچ جي ڳالهه ڪندو هو. هن جڏهن به گھريو ۽ جيڪو به گھريو مولا کان ئي گھريو. رزق کان وٺي زندگيءَ تائين هن کي مولا پاڪ جي دروازي تان ئي سڀ ڪجھ ملندو رهيو. بيماريءَ جي بستري تي هن جي دل جڏهن ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي هئي ته سندس گھر ڀاتي مٿس، ”نادِ علي“ پڙهندا هيا ته سندس دل حرڪت ۾ اچي ويندي هئي. سندس اهڙو سلسلو ڪجھ ڏهاڙن تائين هليو. ۱۹ رمضان، ضربت مولا علي عليه السلام جي رات کان پوءِ سندس عزيزن کي اها پڪ ٿي وئي ته حيدري هن دنيا تي هاڻ چند ڏهاڙن جو مهمان آهي.!! حيدريءَ جي ڪا اهڙي ادا هئي جا مالڪن کي وڻي وئي جنهن جي صدقي ۾ کيس اهو ڏهاڙو نصيب ٿيو. هن بهادرن جيان پنهنجي موت کي ڪنهن پل به نه وساريو. کيس ان ڏهاڙي جو ئي ته ڄڻ انتظار هو. جو چيائين ته:

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سو به دنيا تان اڄ گذاري ويو!


 

شمشيرالحيدري

هڪ دؤر جيڏو وڏو ماڻهو

اظهار سومرو

’سڄي رات سرگوشين ۾ گذري، صبح جو هلياسين ستارا سمهاري‘

هڪ شخص جيڪو پاڻ ۾ هڪ د‏ؤر سمايو ويٺو هو سو خاموشيءَ سان وڃي چوکنڊيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويو. هو جيڪو پنهنجي مزاج ۽ انداز ۾ انتهائي سادو ۽ سڌو ماڻهو هيو، جنهن وٽ دنياوي ڏيکاءُ پري پري تائين نظر نه ايندو هو، جنهن کي مايا جي موهه ڪڏهن به نه موهيو، جيڪو زندگيءَ کي جدوجهد جي روپ ۾ ڏسندو رهيو ۽ پنهنجو حصو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهو ڪو ٻيو نه پر بدين جي علائقي ڪڍڻ جي مٽيءَ مان جڙيل شمشيرالحيدري هو، جيڪو ذات جو خواجه هو پر سڄي سنڌ کيس شمشير يا شمشيرالحيدريءَ طور سڃاڻندي هئي. هن جي شروعاتي تعليم ڪراچي جي سنڌ مدرسة الاسلام مان ٿي ۽ ائين هو انهن ٿورن سنڌي مسلمانن ۾ شامل هو جيڪي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جا رهواسي هئا، ڪراچي سان هن جو قرب حياتي جي آخري گهڙيءَ تائين جاري رهيو.

شمشيرالحيدري جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات روايتي انداز ۾ شعر لکڻ سان ڪئي پر وقت سان گڏ هن جي شاعري جو موضوع ۽ لهجو تبديل ٿيندو ويو. هن عشق ۽ محبت کان شروع ڪيل شاعري جي شغف کي ڌرتيءَ سان پيار ۽ ظالم لاءِ ڌڪار تائين پهچايو. هن جي دل ۾ ويٺل باغي سدائين کيس وقت جي حڪمرانن کي للڪارڻ لاءِ سڏ ڪندو رهيو ۽ هن سدائين پنهنجي دل جي سڏ کي ورنايو. اهو ۶۰ع جي ڏهاڪي جو ايوبي آمريتي وارو دؤر هيو، جڏهن هن ون يونٽ خلاف پمفليٽ ڇپرايو ته کيس جيل موڪليو ويو. پر شمشير انهن کان ڊڄڻ وارو نه هيو، ون يونٽ خلاف تحريڪ ۾ هن سرگرم ڪردار ادا ڪيو، سنڌي ادبي سنگت جو بنياد رکڻ سان گڏ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن (سگا) جو باني به هو. شاعريءَ سان گڏ هن جي ٻي سڃاڻپ هڪ صحافيءَ واري هئي، هو پنهنجي دور جي مشهور ترين سنڌي اخبار هلال پاڪستان جو پنهنجي دؤر جو مقبول سرگرم ايڊيٽر رهيو هو. هن سنڌي صحافت کي نئون روپ ڏيڻ ۾ ۽ متحرڪ ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هلال پاڪستان کان علاوه هو سنڌي ادب جي ٻن قدآور رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر به رهيو. شمشير جي اندر جو صحافي سچ چوڻ وارو هو، جنهن ڪري هن پنهنجي قلم ذريعي انالحق جو آواز اٿاريو ۽ ڪڏهن به لفظن تي سوديبازي نه ڪئي. جمهوريت سان پيار جي نتيجي ۾ کيس ضياء جي آمريت واري دؤر ۾ به سختيون سهڻيون پيون، پر هو هميشه اهو چوندو رهيو:

”جمهور جو آهنگ، بي آواز نه آهي“

شمشير جي ٽين سڃاڻپ ڊراما نگار ۽ ناول نگار واري هئي، جيتوڻيڪ هن سفرناما به لکيا پر ٽي وي لاءِ لکيل سندس ڊراما گهڻا مشهور ٿيا، خاص طور تي تاريخي موضوع تي لکيل سندس ڊرامو ڪاڪ محل پنهنجي دؤر جو مقبول ڊرامو هو، جيڪو اصل ۾ سندس ناول هو، جنهن کي هن ڊرامي جي صورت ڏني هئي. پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان ۽ ريڊيو پاڪستان سان شروع کان ئي سلهاڙيل رهيو، کيس اهو به اعزاز هو ته هو پي ٽي وي جي سنڌي نشريات جو پهريون ميزبان هو.

شمشير جي چوٿين سڃاڻپ نقاد ۽ محقق واري به هئي، سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دوران هن آزاد نظم تي جيڪو تحقيقي مقالو لکيو هو اهو سندس تحقيق وارين صلاحيتن کي ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ وک ثابت ٿيو. شمشير لاءِ اهو مشهور هو ته ڪنهن به مشاعري يا ادبي گڏجاڻي ۾ جيڪڏهن ڪو شاعر غلط اُچار يا غلط لفظ ۽ گرامر جو استعمال ڪندو هو ته ان کي شمشير جي سڌي تنقيد کي برداشت ڪرڻو پوندو هو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ جي معاملي ۾ هو انتهائي سنجيده هو ۽ تنقيد ڪرڻ مهل هو ڪوبه رک رکاءُ ڪرڻ بدران سڌو، کرو ۽ بي حجاب رويو اختيار ڪندو هو. اها بي باڪي رڳو تنقيد تائين محدود نه هئي، پر هڪ بي لوث کري ۽ سچي ماڻهوءَ وانگر هن سدائين اهو چيو ۽ اهو ڪيو جيڪو هن کي درست لڳو ۽ هن کي پنهنجن فيصلن جي چونڊ تي ڪڏهن به پڇتاءَ نه رهيو. زندگيءَ کي ائين پنهنجي مرضيءَ سان ۽ ڀرپور اطمينان وچان گذارن ڪا معمولي ڳالهه نه آهي ۽ اهو شايد شمشير جهڙن وڏن ماڻهن جو ئي ظرف آهي جو هو هر قسم جي حالتن کي منهن ڏيڻ باوجود هميشه زنده دل رهيا جيئن سندس هي شعر آهي ته:

”ميخانهء جهان ۾، لٽائي شرابِ زيست

اي دوست، زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر!“

وري هڪ ٻي جاءِ تي هو پنهنجي ڪشاده دلي ۽ زندگيءَ سان هر حالت ۾ پيار ڪرڻ واري رويي جو اظهار ڪجهه هيئن ڪري ٿو:

”آئي نه راس مهر و محبت جي زندگي،

ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪر.“

شمشير جي حيات انڊلٺ جي رنگن جهڙي آهي، جنهن ۾ هن جي شخصيت جو هر پاسو هڪ ڌار رنگ وانگر چمڪي رهيو آهي، هن جي شاعري ڪڏهن به هن کي سٺو صحافي ٿيڻ کان نه روڪيو ۽ هن جي ناول نگاري هميشه هن کي سٺو ڊراما نگار بڻائڻ ۾ مدد ڪئي. هن جي سفرنامن جو سلسلو اصل ۾ سندس تحقيق واري مزاج جو تسلسل هيو، ائين هو ادبي ڪارڪن به هو ته سماجي ورڪر به هو. پنهنجي دؤر جي سچ سان سدائين گڏ رهيو ۽ وقت جي آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. هن جي حياتي هڪ ڀرپور ماڻهو جي حياتي هئي، جنهن زندگيءَ جي هر هڪ لمحي کي پوريءَ ريت محسوس ڪيو ۽ ان جو مڪمل ڪارج به ڪيو. هو پنهنجي شاعري ۾ به ائين سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو ماڻهو هيو، هن جي ٻولي سڌي، سادي ۽ سهڻي هئي ته وري سندس خيال ڪائنات جا سمورا رنگ سهيڙي آڻي سندس شعرن ۾ پوئيندا هئا:

”شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن شايد.“

يقيني طور سنڌي ٻولي جي سرموڙ شاعر شيخ اياز جي همعصر ٽهيءَ جو مقبول شاعر اياز، نياز، تنوير ۽ امداد جهڙن شاعرن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي سنڌي ٻوليءَ جي رلهيءَ ۾ نوان رنگ ٽاڪيندو رهيو. هو ان وقت به سچ ڳالهه ۽ حق ڳالهه ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائيندو هو، جڏهن سنڌ جو نانءُ وٺڻ ڪنهن پاپ وانگر هو ۽ وطن سان پيار ڪرڻ وارو احساس مڪمل طور تي ممنوع هو. هو پنهنجي شاعري ۾ ان دؤر جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪري ٿو:

”هر هر ٿيون اچن، وقت جي سوريءَ جون صدائون

افسوس اناالحق جو آواز نه آهي.“

شمشير پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪنهن به خوش فهميءَ جو شڪار نه هيو، نه وري هن ڪڏهن اهڙي ڪا دعويٰ ڪئي، ڪو تمغو، ڪو ميڊل طلبيو، هن ته پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ پاڻ ئي ايتري حقيقت پسنديءَ واري ڳالهه ڪري ڇڏي جيڪا گهڻا ماڻهو صرف سوچڻ مهل ئي شايد ڪنن تي هٿ رکي توبهه ڪرڻ شروع ڪندا هجن. شمشير چوي ٿو ته:

”خيال توبهه جو مون کي به آهي، اي ناصح،

ڪرڻ ڏي مون کي گناهن کي بيشمار اڃان.“

زندگي جي گناهن ۽ ثوابن کي کڻي ساڻ هلندڙ شمشير جي شخصيت جو سڀ کان قدآور پاسو هن جي علم سان محبت هئي، هو سنڌي سماج ۾ علم جي ذريعي هڪ اهڙي تبديلي ڏسي رهيو هو جيڪا جاگيرداريءَ جي بدبودار سماج مان نڪرڻ جو واحد هٿيار هئي. لاڙ جي ڪنهن قدر جدت پسند ۽ ترقي پسند ماحول مان اُسريل شمشيرالحيدري جيڪو سنڌي ادب جي آسمان تي سدائين چمڪندو رهيو، جنهن پنهنجي لفطن ۽ گيتن ذريعي پنهنجي ماڻهن کي جاڳائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، جنهن صحافت جي قلم کي صحيفي جيترو مقدس بڻايو، جنهن ضمير کي ڪڏهن به وڪرو نه ٿيندڙ وکر سمجهيو، جنهن وطن تان سودو ڪرڻ ماءُ جي ٿڃ تان سودو ڪرڻ جهڙو اڙانگو سمجهيو، اهو شخص جيترو سنجيده هو اوترو ئي حسين، رنگين ۽ دل نشين به هو، هن جي شاعري شمشير جي اندر جي حسناڪيءَ جي چغلي کائي ٿي:

”نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،

اوهين آهيو سهڻا اوهان جي اهائي ڀلي ڳالهه آهي.“

هو بي مقصد زندگي گذارڻ بدران سدائين هڪ ڪارج تحت جاکوڙيندو رهيو، هن پنهنجي حياتي ۾ ڪيئي روين جا خنجر سٺا، دلبر دوستن جا دوکا برداشت ڪيا، نفسانفسي واري دؤر ۾ معاشي تنگدستيءَ کي به منهن ڏنو، پر اکين جي ديد وڃڻ باوجود ان جي دل جي ديد باقي هئي، جڏهن هن اسلام آباد ۾ ساڻس ملهايل شام دوران حياتي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ اهو چيو هو ته ”منهنجي لاءِ سرڪار کان ڪا مدد نه گهرو.“ اهو شمشير هميشه ائين ئي رهيو جيئن هڪ ارڏو اجگر هوندو آهي. هو سنڌي سماج لاءِ اتساهه ڏيندڙ رول ماڊل هو، جنهن وچولي طبقي ۾ اک کولڻ باوجود ۱۹۳۲ع کان ۲۰۱۲ع جو سفر مسلسل همت سان ڪٽيو ۽ ڪيئي ڪاميابيون ماڻيون. هو پنهنجي زندگي جي ترجماني ڪجهه هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:

”زندگي ڪاڪ محل آهي، ڪو رنگا رنگي،

جنهن ۾ مقصد ٿو سدا ناز ڪري مومل جيان.“

شمشير جي مومل ڪير هئي، ان کي زندگيءَ جي ڪاڪ محل ۾ ڪهڙي مومل جي تلاش هئي، هو حياتيءَ جي پراسراريت مان ڇا ڳولهي رهيو هو، اهو به سندس لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

”لامڪاني جي فساني کان وٺي

لازماني جي زماني کان وٺي،

جسم جي بي انتها تاريڪين ۾

جاودانيءَ جو سفر سرگرم آهي ازل جي آرزو

تون به ڪنهنجي ابتدا،

مان به ڪنهن جي انتها

تنهنجي منهنجي زندگي

تنهنجي منهنجي ماءُ جي دم دم دعائن جو اثر

تنهنجي منهنجي زندگي جا صبح شام

تنهنجي منهنجي پيءُ جي اڻکٽ اميدن جو ثمر

جسم جو هر هڪ جنم

ڪئين ڪروڙين آرزومندن جو موجوده مقام

بس ازل جي آرزو آهي مدام

جاودانيءَ جي سفر ۾ تيز گام

اي سندم دمدم دعائن جا نرالا شاهڪار

زندگي تابندگي جا رزدار!

اچ ته مان توکان ڪريان اڄ الوداع

جسم جي تاريڪ راهن کان جدا

مان ازل جي انتها تون ابد جي ابتدا

اي سندم اميد جا براق، صد صد مرحبا.“

ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ هن زندگيءَ جي سفر ۾ جسم جي تاريڪ راهن کان جدائي لاءِ جنهن ڏينهن جي چونڊ ڪئي، اهو سندس حياتيءَ ۾ آئيڊيل شخصيت واري حيثيت رکندڙ مولا علي جي شهادت جو ڏينهن هو. شمشير ڄڻ ته زندگيءَ ۾ به پنهنجي ڳالهه سان وفا ڪئي ۽ موت ۾ به هو سچو ۽ ثابت قدم رهيو.


 

’مان ته منزل کان گھڻو اڳتي هليو ويو آهيان‘

تولارام سوٽهڙ

ادب، انساني شعور جي بلنديءَ جي نشاني آهي. انساني شعوري سگهه جا والي اديب، ادبي ماحول ۾ مون جهڙن ڪيترن ادبي وکون کڻندڙ جيتامڙن لاءِ ڇپر ڇانوَ هوندا آهن. سنڌ سونهاريءَ ڪيترا جهونجهار اديب پيدا ڪيا آهن، جن ۾ سائين محمد ابراهيم جويو، امر جليل، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، الهداد ٻوهيو، علي بابا، عبدالقادر جوڻيجو، الطاف شيخ ۽ تاج جويو اهڙا اديب آهن، جن جي تخليقن جو پاڻ کي آءٌ هر وقت پياسو محسوس ڪندو آهيان. سندن هر تخليق بار بار پڙهڻ جي باوجود مون کي هر ڀيري نئين لڳندي آهي.

۲۰۰۳ع ۾ مٺي ڪاليج مان انٽر پاس ڪرڻ بعد ڪراچيءَ ۾ ڌڪا کائيندي، جمعي جي ڏينهن اڪثر جوهر موڙ وٽ گاڏن تان ڪتاب خريد ڪرڻ ويندو هوس، ٻين ٻولين جي ڀيٽ ۾ سنڌي ڪتاب ڪافي سستا ملندا هئا، جو انهن جو وڪرو گهٽ ٿيندو هو. آءٌ مهراڻ، نئين زندگي، افيئر، سوجهرو ۽ پراڻا ڪتاب ۽ رسالا وٺي پيو پڙهندو هوس. ائين سنڌ جي ڪافي اديبن، عالمن، شاعرن کان واقف ٿيس، پر امر جليل ۽ شمشير الحيدريءَ مون کي ايترو ته متاثر ڪيو، جو ساڻن ملاقات لاءِ وجهه پيو ڳوليندو هوس. مون لاءِ اهي ٻئي نالا تصوراتي شهزادن جو وجود رکندڙ هئا، جيڪي روز نين تخليقن جي صورت ۾ منهنجي ذهن کي جيئاري رهيا آهن.

وقت جو ڪانٽو ڦرندو رهيو، آخر، ڊسمبر ۲۰۱۱ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جڏهن شمشير الحيدريءَ جي مان ۾ رهاڻ رچائي ته ساڻس ملاقات ٿي. شمشير جي چاهيندڙن جي پيهه ۽ رش باوجود اڳتي وڌي، ساڻس هٿ ملايم. تمام سٻاجهڙائي، پنهنجائپ ۽ پيار سان مليو. سندس پويان اسٽيج تي بينر تي لکيل لفظ بار بار منهنجي ذهن ۾ گردش ڪري رهيا هئا:

جهانِ عشق جو سردار آخري آهيان،

حضورِ حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان،

ملنگ، مست الست قلندري آهيان،

عجيب آهيان، هزارن ۾ حيدري آهيان.

مختلف رسالن، اخبارن، ڪتابن ۾ سندس شاعري، مضمون، مهاڳ ۽ تخليقي تنقيدون سندس اعليٰ خيالن، ۽ ادبي ڪمال ۽ ادبي قدڪاٺ کان واقف ٿيس. هڪ نظم ۾ شمشير پنهنجو تعارف هن ريت ڪرايو آهي:

”منهنجي هر هڪ حرف ۾ تدبير جي جادوگري،

منهنجي هر هڪ لفظ ۾ تقدير جي صورتگري،

منهنجا نغما، منهنجا گفتا، ڄڻ ته سحرِ سامري:

اهڙي منهنجي شاعري،

جنهن سان جاڳي قوم ساريءَ جو نصيب....“

شمشير الحيدري سنڌ جو هردلعزيز اديب ۽ شاعر آهي. کيس دوستن ۽ چاهيندڙن کان مليل احترام، محبت ۽ چاهت مشڪل سان ڪنهن سنڌي اديب ۽ شاعر کي ملي هجي. ڪير به ساڻس ساڙ نٿو ڪري، کيس سڀئي هڪجيترو ڀائين ٿا. ان جو وڏو سبب سندس غير متنازعه شخصيت، سادي طبيعت، ڪمال نهٺائي ۽ سندس اعليٰ قسم جون افادي تخليقون آهن.

خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي،

مظلوم اچي پهتا، حقدار هجن شايد!

سوريءَ تي سڏڻ وارا، هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ،

مقتل ۾ اچڻ وارا، منصور هجن شايد!

آءٌ پنهنجي گهٽ مطالعي سبب شمشير کي تعريف ۽ ساراهه کان مٿانهون سمجهندي، سندس تعارف پيش ڪريان ٿو:

سنڌ جو هي جهونجهار اديب، لاڙ پٽ جي شهر ڪڍڻ، ضلعي بدين ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سنڌي ۽ چار درجا انگريزيءَ جا بدين ۾ پڙهڻ کانپوءِ انگريزي ستين ڪلاس تائين سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهيو. ’اديب سنڌي‘ ۽ ’اديب عالم سنڌي‘ جي سند ۱۹۵۰ع ۾ اورينٽل ڪاليج مان ورتائين. بي. اي (آنرس) کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ مان، تمام دير سان، ۱۹۶۳ع ڌاري ايم.اي (سنڌي ادب) ڪيائين. شمشير، شاعريءَ ۽ مضمون نگاريءَ سان گڏ صحافت سان به واڳيل رهيو. هو ناٽڪ نويس به ڪمال جو هو.

هن مختلف موضوعن تي مضمون، ڪتابن جا مهاڳ، تبصرا ۽ ادبي آرٽيڪل لکيا. ٽيليوزن لاءِ ڏيڍ سؤ کان مٿي ڊراما، گيت، ڊاڪيومينٽريون ۽ ٻيا اسڪرپٽ لکيائين. هن ڪيترا ٻاراڻا گيت به لکيا، جيڪي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ’روشن تارا‘ نالي ڇپائي پڌرا ڪيا آهن. شمشير جي تصنيفن ۾: (۱) ”سنڌيءَ ۾ آزادي جي اوسر“، (۲) ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“، (۳) ”لاٽ“ (شاعري)، (۴) ”تاريخ جو ڪچرو“ (شاعري)، (۵) ”سجاڳ سگھڙ“ (گزيٽيئر)، (۶) ”سنڌ اپڊيٽ ۲۰۰۳“ (انور پيرزادي سان گڏجي انگريزيءَ ۾ لکيل)، (۷) ”بهترين سنڌي افسانا“ (ترتيب)، (۸) فليم ائنڊ فلوٽ“ (انگريزي ۾ شاهه لطيف بابت مقالن جي ترتيب، (۹) ”لاٽ“ (شاعري)، (۱۰) ”پيار جا گيت“ (جرمن شاعريءَ جو منظوم ترجمو) ۽ (۱۱) ”ڪاڪ محل“ (ڊرامو) ۽ ٻيو ڪيترو ادبي پورهيو رهيو.

’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ هڪ ڀيرو ۱۱ سال اسسٽنٽ سيڪريٽري ۽ ٽه ماهي مهراڻ جو جوائنٽ ايڊيٽر ۽ ٻيو ڀيرو ٽن سالن تائين سيڪريٽري، ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو يارهن سال سيڪريٽري رهيو. سنڌي ادبي سنگت جي ٻئي دور جي بنيادي ميمبرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. ’اردو ڊڪشنري بورڊ‘ جو ٽي سال ميمبر، ’فلم سينسر بورڊ‘ جو ٽن سالن تائين ميمبر، ’سگا سنڌ‘ جو باني ميمبر، ’پريس ڪلب ڪراچي‘ جو ميمبر، ’پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ‘ جو ميمبر ۽ ٻين ڪيترين ادبي ڪميٽين جوميمبر رهيو.

سندس شاعريءَ ۾ انساني ڀائپي ۽ محبت جا رنگ سمايل آهن:

ڇا مسجد ۾، ڇا مندر ۾، ڇو وقت وڃائين وندر ۾،

ٿي پنهنجو پاڻ امام، صبح ۽ شام، گھٽي ۽ گام،

ڀري پي جام، محبت وارو!

سندس تخليقن ۾ ڪمال جو جذبو ۽ حسن سمايل آهي:

اسين اوهان جي اکين ۾ آهيون، وري نهاري ڇڏيو ته وهه وا!

اوهان جي هٿ ۾ به زهر هوندو، جي پياري ڇڏيو ته وهه وا!

گهُري ٿو شمشير حق جيئڻ جو، انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته وهه وا!

شمشير الحيدري سنڌي ادب جي هڪ تاريخ آهي، شمشير جي وڇوڙي تي لاڙ پٽ سان گڏ سموري سنڌ اداس آهي. موت برحق آهي ۽ هر ڪنهن تي اچڻو آهي. موت سنڌ جي هن اعليٰ پائي جي شاعر ۽ اديب کي اسان کان ڌار ته ڪيو آهي، پر سندس ڪم، سندس تخليقن کي ڪڏهن به موت به ماري نٿو سگهي. شمشير زندهه آهي، زندهه رهندو!

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو،

اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو،

هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو.

 

ڪوهيارن جي ڪاڪ جو ڪنول اڏاڻو

علي نواز آريسر

سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو شاعر شمشير الحيدري اڄ پنهنجي محبوب ڌرتيءَ کي آخري چُمي ڏئي هميشه هميشه جي لاءِ سموري سنڌ کي سوڳوار ڪري ويو آهي. شمشيرالحيدري سنڌي شاعريءَ جو سگهارو نالو آهي، هو انتهائي باهمت ۽ پنهنجي ذات ۾ نهايت ئي ارڏو رهيو آهي، شمشير پنهنجي قلم کي هميشه قصيده گوئي کان بچائي رکيو، هن جڏهن به قلم کنيو ته دل جي چوڻ تي لکيو، ڪڏهن به ڪنهن ايجنڊا تي هڪ لفظ به نه لکيائين. توڙي جو هو مختلف اخبارن جو ايڊيٽر به رهيو، شمشير جڏهن مهراڻ اخبار جو ايڊيٽر ٿيو هو ته پير صاحب سان معاهدو ڪيو هئائين ته آئون اخبار کي پنهنجي مرضيءَ تي هلائيندس ۽ پوءِ پير صاحب سندس جرئت ۽ جواني مرديءَ کي ڏسندي کيس اخبار جا سمورا اختيار سونپيا هئا، جڏهن مهراڻ شمشير جي هٿ ۾ آئي هئي، تڏهن مهراڻ جي سرڪيوليشن ۸۰۰ هئي ۽ شمشير جي سگهاري قلم جي ڪري ان جي سرڪيوليشن ۲۸۰۰۰ تائين پهتي هئي، شمشير ارڏو ته هونئن به هو، هن جيترو به لکيو آهي، ان ۾ ڌرتيءَ جو درد ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو، پوءِ اها شاعري هجي يا نثر، هن ٻنهي صنفن سان بخوبي نڀاءُ ڪيو آهي. شمشير خوبين جي کاڻ هو، سندس هر پهلو ٻئي کان ڀاري آهي، هونئن به قومي درد رکندڙ ماڻهن جي هر لکڻيءَ ۾ هڪڙو درد ڀريو سوز سمايل هوندو آهي، شمشير جون لکڻيون ايتريون ته سخت هونديون هيون جو وقتن بوقتن سندس لکڻين تي پابندي وڌي ويندي هئي، سندس قلم تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، پر هي ارڏو مڙس اڳي کان به اڳرو رهندو آيو.

اِبليس کي چئي ڇڏيو، سجدي جي تياري ڪر

دنيا تي اناالحق جا اسرار کلن شايد

سُوريءَ تي سڏڻ وارا! هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ

مقتل تي اچڻ وارا منصور هجن شايد.

شمشير اناالحق جو نعرو هڻي، سوريءَ کي سينگارڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيو هو، پاڻ جڏهن نئين زندگيءَ جو ايڊيٽر ٿيو هو ته نئين زندگيءَ جي مُئل وجود ۾ نه صرف ساهه وڌو هئائين پر ان کي ڌڙڪن به ڏني هئائين. هن ڪڏهن به ڪانئرتا کان ڪم نه ورتو، هن مختلف اخبارن ۾ جيڪي به ايڊيٽوريل لکيا، تن ۾ وقت جي يزيد کي للڪاريندو رهيو هو، هو حيدري ته هيو، پر جو اناالحق جو نعرو هڻي قلم کي کڻندو هو ته ايوانن جي مضبوط ديوارن جا بُرج به لڏڻ لڳندا هئا، هن اخبارن ۾ رهي ڪاروباري صحافت جا هڙئي ٽرينڊ ئي بدلائي ڇڏيا.

هن وقت جي پيالي ۾ مڌ منهنجي حياتيءَ جو

باقي ڪو بچيل آهي من ڪوئي اچي نڪري،

شمشير! علي جو حُبدار هو، هن جي شاعريءَ ۾ به اهڙي جهلڪ پسجي ٿي، هُو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، هُو گلدان جو گل هو، هو پوپٽن جو عاشق هو، هن جو قلم ۽ ڪتابن سان عشق هو، ڪنهن انگريز شاعر لکيو آهي ته پڙهڻ منهنجو نشو آهي ۽ قلم جي مس مون کي نشي ۾ آڻي ڇڏيندي آهي، شمشير کي به قلم جي مَس نشي ۾ آڻي ڇڏيندي هئي، هو راتين جون راتيون مدهوشيءَ جي عالم ۾ لکندو رهندو هو، هُو هڪ ئي رات ۾ ٽيهن صفحن تي مشتمل پمفليٽ جون سؤ کان مٿي ڪاپيون لکي ورهائيندو هو، جڏهن به سنڌ جي وحدت تي ڪو وار ٿيندو هو ته هو سڀني کان اڳ ۾ ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندو هو، پوءِ اهو سنڌي ٻوليءَ جي خاتمي جو اعلان هجي يا ون يونٽ جهڙي قهري ديوار هجي، هن ون يونٽ خلاف ڪيترائي پمفليٽ لکي اڪيلي سر پوري سنڌ ۾ ورهايا، اخبارن ۾ ڀرپور مضمون لکي جواب ڏنا.

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالهه ڪر

مون سان نه زندگيءَ جي سهارن جي ڳالهه ڪر

هو زندگيءَ ۾ اڪيلو به رهيو، بي سهارا به رهيو، مفلوج به رهيو، پر هن ڪڏهن به وقت جي آقائن جو سهارو نه ورتو، هو انتهائي نهٺو ۽ خوددار هو، هو جڏهن بيماريءَ جي بستري تي زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهيو هو، تڏهن به يارن دوستن کي چوندو رهيو ته منهنجي علاج جي ڪنهن کي به اپيل نه ڪريو، منهنجي زندگيءَ جا پَل ڪنهن کان به نه پنو، مون جيئن ڀرپور خودداريءَ سان زندگي گذاري آهي، تيئن مون کي فخر سان مرڻ ڏيو، مون هميشه زندگيءَ کي مات ڏني آهي ۽ موت کي به مات ڏيڻ چاهيان ٿو، واقعي شمشير ٽيهه سال پهرين لکيو هو ته:

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو،

شايد وري سوچيو هوندائين ته اڃا ڪيترائي ڪم اڌورا رهيل آهن، تن کي پورو ڪرڻ ضروري آهي ۽ هن ٽيهن سالن لاءِ موت کي موٽائي ڇڏيو هو، شمشير سنڌ هيو ۽ سنڌ شمير آهي. اڄ سنڌ لاءِ شمشير جو وڇوڙو رتيديري جي ڳڀرو کانپوءِ وڏو ڌچڪو آهي. شمشير ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۲ع تي هن ڌرتيءَ تي اک کولي ۽ ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ع تي هن ڌرتيءَ کان جدا ٿيو، عجيب اتفاق آهي ته رتيديري جو ڳڀرو بشير قريشي (جيڪو شمشير جي شاعريءَ جو عاشق هو) اڄوڪي ڏينهن تي ڄائو هو،

شمير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟

محفل کي مچائيندو، اُن جو ئي سُخن شايد

تاريخ هميشه ورجائبي رهي آهي، شمشير جو ئي سُخن خوبصورت سنڌ جو اتهاس لکندو.


 

۽ ’لاٽ‘ اجهامي وئي

سارنگ درس

مون کي يقين آهي ته ان وقت سمنڊ جي هڪ ڀرپور لهر اچي ڪناري سان پنهنجو مٿو ٽڪرايو هوندو، جنهن وقت هن جي نستي جسم کي زندگي پنهنجي ڀاڪر کان آجو ڪري موت جي آغوش حوالي ڪيو هوندو. اها پرهه ڦٽيءَ جي ويل هئي، پرهه جيڪا نئين اميد، امنگ جي علامت آهي ۽ جنهن وقت شعوري طور تي ننڊ ستل هي ديس فطري ننڊ جي آغوش ۾ هو، ان وقت شمشير جي حياتيءَ جو سج موت جي ڪارن پهاڙن پٺيان الوپ ٿي چڪو هو، اڀرندڙ سج جي ڪرڻن لاڙ ۽ سنڌ جي انهن سڀني منظرن ۽ ماڻهن تي هڪ اداس نهار وڌي هوندي، جن جي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ شمشير جي شاعريءَ جا پوپٽ اڏاڻا هوندا.

لاڙ جي ٺريل شامن کان وٺي ڪراچي جي پرشور فضا تائين محيط هن جي سفر جو احاطو ڪجي ته ان ۾ اهڙا ڪيترائي تخليقي پل هئا، جيڪي هن سنڌ، محبت، امن، انسانيت، پيار ۽ زندگي جي گيتن کي ارپي ڇڏيا.

”لاٿ“ ۽ ”تاريخ جو ڪچرو“ جو تخليقي سفر هجي يا ”آزاد نظم جي اؤسر“ جهڙو تحقيقي ڪم، صحافت جو جهان هجي يا ڊرامه نويسي جي دنيا، پنهنجي سموري اسٽائيل ۾ هو ”هزارن ۾ حيدري“ هو.

۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي لاڙ جي شهر بدين ۾ رسول بخش خواجه جي گهر ۾ اک پٽيندڙ شمشيرالحيدري جي اندر جو شاعر چوڏهن، پندرنهن سالن جي عمر ۾ ئي تخيل جي رنگينين کي ڇهڻ شروع ڪيو هو.

پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل، سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. انفارميشن، مواصلات ۽ نوجوانن جي وزارت واري کاتي مان ۱۹۹۱ع تي رٽائر ٿيو. صحافت سان به سندس وابستي رهي، ان ڪري سندس شناخت جو هڪڙو پاسو صحافت به رهي، کيس ڪيترن فنڪارن ڳايو ۽ سندس ڪم تي کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. ڊرامه نويسي ۾ به سندس نالو اهم جاءِ والاري ٿو، پر سندس پڙهندڙ وٽ جيڪا اهم شناخت هئي اها شمشير جي شاعري هئي، جنهن ۾ لاڙ جي شامن جي ٺار جهڙو رومانوي انداز به هو ته زندگي جي تلخين جو ٻرندڙ ٻپهرين جهڙو احساس به موجود هو.

دروازو کليل آهي، من ڪوئي اچي نڪري،

سڀ لوڪ سُمهيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.

هو جنهن دؤر ۾ پيدا ٿيو اهو دؤر پنهنجي سياسي ۽ سماجي جوهر ۾ هڪ اٿل پٿل وارو دؤر هو ۽ ان وقت جي حالتن جي پس و پيش تبديليءَ جا جيڪي فڪري محرڪ هئا، انهن جون واڳون گهڻي ڀاڱي سنڌي اديب جي هٿ وس هيون. انهن عملي خواهه تخليقي اعتبار کان نئين نسل جي رهنمائي پئي ڪئي، ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ اديب جو ڪردار موجود هو ۽ سندن تخليقون انهن حالتن جون عڪاس هيون ۽ وطن پرستي جو عنصر انهن ۾ نمايان هو.

اي منهنجا پيارا پٽڙا،

اي منهنجي پياري نياڻي،

اڄ مان ٻڌايان توکي،

سنڌوءَ جي اڄ ڪهاڻي،

سنڌوءَ جي ٻڌ ڪهاڻي.

معياري تخليق جي حوالي سان اهو هڪ ڀرپور دؤر هو، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ تمام وڏي ڳالهه هئي ۽ ان دؤر ۾ شمشير نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پنهنجي شناخت قائم ڪئي ۽ پنهنجي پڙهندڙ جو هڪ حلقو پيدا ڪيو. موت اها فطري حقيقت آهي، جيڪا نه چاهيندي به انسان کي زندگيءَ جي خوبصورت ٻانهن کان ڇني ڌار ڪري ٿي، پر تاريخ ۾ ڪجهه فرد اهڙا به ٿين ٿا جن جي موت جي تلافي صديون به نه ڪري سگهنديون آهن، بلاشيه شمشير جو وڃڻ به سنڌي ادب لاءِ ان نوعيت جو ئي نقصان آهي.

شمشير جي زندگي جي ’لاٽ‘ به اجهامي وئي آهي، پر هو شاعري جي صورت ۾ هڪ اهڙي ’لاٿ‘ ڇڏي ويو آهي، جنهن جي روشني کي وقت ڌنڌلو نه ڪري سگهندو. سندس طبعي موت سندس تخليق جي تسلسل جو موت ٿي سگهي ٿو، پر ان سرمايي جو موت ڪڏهن ناهي اچڻو، جيڪو هو پنهنجي شاعري جي صورت ۾ ڇڏي ويو آهي.

اڄ سنڌ جي فضا اداس آهي، لاڙ جي گهميل هوائن جا نيڻ ڀنل آهن.

 


 

شمشير

هڪڙو شمشير هو زماني ۾، سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو...!!

مظهر خاصخيلي

۲۱ رمضان سڄي دنيا اندر حضرت علي جي شهادت جي حوالي سان تمام عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ٿو وڃي، ان ڏينهن تي حضرت علي ۽ ان جي خاندان سان بيپناهه محبت ڪندڙ شمشير الحيدري جنهن لاڙ جي بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ ۾ رهندڙ رسول بخش خواجا جي گهر ۾ ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع تي پنهنجي جيجل ماءُ جي ۾ اکيون کولي جنم ورتو، اهو شمشير الحيدري ۲۱ رمضان ۱۰ آگسٽ تي هميشه لاءِ اسان کان جسماني طور تي موڪلاڻي ڪري هليو ويو آهي، پر سوال وري به اهو ٿو جنم وٺي ته ڇا واقعي شمشير الحيدري پنهنجي عقيدي سان ۽ پنهنجي ڌرتي سنڌ ۽ ان جي رهندڙ هر سنڌ ڄائي ماڻهو سان بي پناهه محبت ڪندو هو جا نه ان جي ڪري جيڪڏهن سندس گذاريل زندگي مٿان نظر وجهبي ۽ حقيقت لکڻ لاءِ ويهبو ته سڀ کان پهريان سنڌ جي ناليواري اديب امر جليل جي انهن چيل لفظن کي جاچڻ ضرور گهربو جن ۾ هن شمشير الحيدري جي باري ۾ اهي لفظ چيا آهن ته شمشير الحيدري خلاف لفظ به ڳالهائڻ سنڌ ڌرتي خلاف ڳالهائڻ برابر آهي، ڇو ته شمشير الحيدري جي سيني ۾ سڄي سنڌ ۽ ان جي رهواسين جو درد سمايل آهي ۽ اهو واقعي سچ به آهي، پاڻ جيڪڏهن اصل ۾ اڄ پوري ايشيا جي اديبن جي سڀ کان وڏي تنظيم سنڌي ادبي سنگت جي ان دور جي ڳالهه هتي رکنداسين جڏهن ۱۹۵۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل محترم ناليوارو اديب اياز قادري صاحب ٿيو هو ۽ ان پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ ان جي جوائنٽ سيڪريٽري شمشير الحيدري نئين سيڪرريٽري جنرل طور سنڌي ادبي سنگت جون ذميواريون سڀناليون ان کان پوءِ هي پهريون سنڌ جو اهڙو اديب ۽ شاعر آهي جيڪو لاڳيتو ۱۱ سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل رهيو ۽ ان دوران ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي اديبن، شاعرن، سياسي، سماجي ۽ سنڌ دوست ڌرين سان گڏجي هلائي، اها اڄ به مثالي بڻيل آهي ۽ ان کان سواءِ سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي حوالي سان جدوجهد ائين کڻي چئجي ته سڀ کان پهريان سنڌي ادبي سنگت شمشير الحيدري جي وقت ۾ هلائي ۽ اها جدوجهد اڄ به جاري آهي ۽ اڄ جنهن موٽ تي سنڌي ادبي سنگت پهتل آهي ان ۾ سڀ کان گهڻو رت ۽ جدوجهد ان محبتي ماڻهو شمشير الحيدري جي ڪيل آهي جيڪو اڄ جي ڏينهن ۲۱ رمضان تي پنهنجي سنڌ امڙ جي گود ۾ سمهڻ لاءِ اسان ڪروڙين سنڌ جي رهواسين کي آلين اکين سان هتي ڇڏي پاڻ هليو ويو آهي، شايد اڄ جي ڏينهن ۲۱ رمضان جي حوالي سان شمشير الحيدري هيٺيون سٽون تخليق ڪيون هيون.

چوندو رهيو ته مولا ته ننگ آهي

جهان عشق جو سردار آخري آهيان

حضور حسن ۾ حاضر وري وري آهيان

ملنگ مستي الستي قلندري آهيان

عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان

۽ اهو ئي سبب آهي ته اڄوڪو ڏينهن شمشير الحيدري کي نصيب ٿيو آهي اهو ته هو شمشير الحيدري جو پنهنجي مرشد سان عقيدو پر سچ ته شمشير الحيدري پنهنجي زندگي جي گذاريل ڏينهن ۾ سمورن پاسن کان جاچبو ته هڪ اهڙو سنڌ دوست فرد هو جنهن جي وڇوڙي کي ڪيترو به برداشت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي پر سندس ڪمي پوءِ به پوري نه ٿيندي پر افسوس رڳي هڪڙي ڳالهه جو آهي ته پوري دنيا اندر شمشير الحيدري جهڙن سچن ۽ ارڏن ماڻهن کي قدرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي پر اسان وٽ خاص ڪري سنڌ جي سنڌي زبان جي شاعرن اديبن قلم ڪارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ سالن کان وٺي جاري رکيو ٿو وڃي، هن وقت تائين سنڌ جا اهڙا کوڙ سارا اديب شاعر اهڙا جسماني طور موڪلاڻي ڪري ويا آهن جن جي جيتري خاص ڪري وفاق جي ناءُ تي جوڙيل حڪومت کي مدد ڪرڻ گهرجي اها ڪري ناهي سگهي ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته اهي سنڌ جا اديب شاعر قلم ڪار جيڪي پنهنجي قلم جو سودو ناهن ڪندا ۽ سچ کي هميشه سچ ۽ ڪوڙ کي هميشه ڪوڙ چوندا رهندا آهن، جيئن شمشير الحيدري پنهنجي سيٽن ۾ هيٺ چيو آهي ته.

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين

سرعام هر بات چوندا رهياسين

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو

اسان رات کي رات چوندا رهياسين

هنن سٽن ۾ شمشير الحيدري جي اندر جو آواز ظاهر ٿيو آهي ۽ سچ به اهو آهي ته شمشير سمورن پاسن کان جيڪڏهن صحافت جي حوالي سان جاچبو ته ڪافي اخبارن جو هو ايڊيٽر ۽ ڪيترن رسالن جو ايڊيٽر رهڻ سان گڏ سوين مضمون لکڻ سميت ڪيترائي ڊراما لکيا ۽ ڪافي ڪتاب سندس مارڪيٽ ۾ موجود آهن، هن پنهنجي زندگي ۾ جيڪو پورهيو ڪيو آهي ان کي ڪامياب چئي سگهجي ٿو ڇو ته جيڪو ماڻهو سچ جو راهي هوندو آهي ان جي هر ڪالهه سچ هوندي آهي، جيئن شمشير الحيدري پنهنجي سٽن ۾ چيو آهي ته.

ڏئي رهيو آهي ڄڻ چئي رهيو آهي ته

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي

اڃا وقت کي پئي ڳولي سچائي وڏي آهي

اهي سچائي جا ڪرڻا شمشير جي سيني ۾ هئا، انهن ڪرڻن جي سهاري هميشه ديش دروهين سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو، جڏهن اسلام آباد واريون قوتون سنڌ سميت سمورن مظلوم قومن کي ون يونٽ واري سنگهر ۾ قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته شمشير اياز جي بيتن جيان ۽ نياز همايون جي گيتن جيان للڪاريندو ۽ چوندو رهيو، منهنجو يار به ڪوري، شل سنڌ ٿئي نه چوري، هو سڄو هن بيت جيان مزاحمتي ڪردار هو ان جي جدوجهد جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي اهو سچ آهي ته اڄ جسماني طور تي اسان کان شمشير الحيدري موڪلاڻي ڪري ويو آهي پر ڇا ان جي عمل سموري جدوجهد ائين وسري ويندي پاڻ هيٺ چوي ٿو ته.

هي ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾

اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي

اڄ ته شمشير سڄي سنڌ جي انهن سمورين محفلن مان جسماني طور تي موڪلاڻي ڪري ويو آهي جيڪي هاڻي ان جي وڃڻ کانپوءِ خاص ڪري ڪراچي شهر جون اداس هونديون، ڇو ته هن زندگي جو گهڻو حصو ڪراچي ۾ گذاريو ۽ سندس چيل سٽن جيان.

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.


 

شمشير جي تخليقي ڪردار جو عملي پاسو

دستگير ڀٽي

پنهنجي پنهنجي دور جي تمام وڏن عالمن، فاضلن ۽ ناميارن دانشورن سدائين هڪڙو قول ورجايو آهي ته بي پناهه دولت يا بادشاهي حاصل ڪري به ڪو انسان ”وڏو ماڻهو“ نٿو بڻجي سگهي. انسان جي وڏ-ماڻهپائي فقط ۽ فقط سندس ڪردار مان جُڙي راس ٿئي ٿي. اسانجو محترم استاد ۽ سنگتي سائين شمشير الحيدري پڻ اهڙن ئي بلند ڪردار انسانن مان هو. جيسين جيئرو هو، تيسين ڌرتيءَ ڌڻين جي ذهنن کي ولوڙيندو رهيو، سڄي سنگت کي مايوسي ۽ نااميديءَ خلاف جنگ جاري رکڻ جا درس ڏيندو هو ۽ مرڻ پُڄاڻان به لکين سنڌين واسطي پنهنجي هٿان سرجيل ادب، صحافت ۽ شاعريءَ جو اهڙو ته شاندار ورثو ڇڏي ويو آهي، جيڪو ماڻهن کي هاڻوڪي ٻاٽ اونداهيءَ ۾ به سندس ٻاريل علمي ۽ عملي لاٽ منجهان سوجهرو ڏيکاريندو رهندو.

قدبُت ۾ هيءُ، سنهڙو سيپڪ، اَڀرو سڀرو هڏانئون پڃرو، هڪ هر وقت وهندڙ آبشار جهڙي اتم قومي جذبي سان سرشار ۽ پنهنجن فولادي آدرشن جي ڪري هماليه جبل جيڏو اُوچو انسان هوندي به بنهه نهٺو، نياز ۽ نوڙت جو پُتلو، هردم توڪل جو ترهو ساڻ ڪري رمندو رهندو هو. شمشير مرحوم وطن دوست ۽ باشعور سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي انهيءَ پهرين کيپ جو مُهندار هو، جنهن ون يونٽ خلاف تحريڪ کي سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر تائين پکيڙڻ سان گڏوگڏ، ون يونٽ جي خاتمي کانپوءِ سنڌين کان زوريءَ کسيل گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ اسان جا پير ٻيهر کُپائڻ خاطر بنا ڪنهن پبلسٽي يا شوبازيءَ جي اهڙو ته بنيادي ڪم ڪيو، جو چند سالن ۾ ئي هزارين سنڌي ڪٽنب پاڪستان ڪوارٽرز، مارٽن ڪوارٽرز، جمشيد ڪوارٽرز ۽ ڪراچيءَ ۾ موجود ٻين سرڪاري گهرن تڙن ۾ آباد ٿي ويا.

اها انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن ملڪ مٿان ايوبي آمريت جو ڪجهه مهينا اڳ ۾ خاتمو ٿيو هو. جنرل ايوب خان جي ڊڪٽيٽر شپ واري ڪُرسيءَ تي سندس ماتحت جنرل يحيٰ خان قبضو ڄمائي ويهي رهيو هو. چٽاگانگ کان ڪراچيءَ جي سمنڊ ڪناري تائين شيخ مجيب الرحمان، خان عبدالولي خان، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جي قيادت ۾ جمهوري سرشتي لاءِ هلايل عوامي هلچل پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئي. نئين فوجي ڊڪٽيٽر جنرل يحيٰ خان کي عوامي دٻاءُ هيٺ نيٺ ون يونٽ جي خاتمي ۽ ملڪ اندر مارچ ۱۹۷۰ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪرڻو پيو هو. سياسي قيدين لاءِ عام معافيءَ واري فيصلي موجب اسين سنڌ يونيورسٽي، ايل ايم سي وغيره جا هزارين قيدي شاگرد سينٽرل جيل حيدرآباد مان آزاد ٿياسين. عام چونڊن کانپوءِ جڏهن فوجي جنتا ۽ ڀٽو صاحب، عوامي ليگ جي ڇهه نقاطي پروگرام آڏو ديوار بڻجي بيٺا ۽ ڍاڪا ۾ جنرل ٽڪا خان هٿان فوجي آپريشن شروع ڪرايو ويو ته نتيجي طور ڊسمبر ۱۹۷۱ع ۾ جيئن ئي پاڪستان ٽٽي ٻه ٽڪرا ٿيو ۽ بنگلا ديش هڪ ڌار وطن جو روپ اختيار ڪيو ته ڪراچيءَ ۾ نوڪريون ڪندڙ هزارين بنگالين ماٺ ميٺ ۾ ايڏي تيزيءَ سان پنهنجي نئين وطن ڏانهن اڏام ڪئي جو ڏسندي ئي ڏسندي سهسين سرڪاري ڪوارٽر خالي ٿي ويا. بنگلا ديش ٺهڻ شرط هيڏانهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت باقي رهيل پاڪستان مٿان قائم ٿي. سنڌ جو حاڪم جناب ممتاز علي ڀٽو بڻيو، جنهن خالي ٿيل آساميون ڪوٽا سسٽم مطابق سنڌ جي سمورن شهرن ۽ ٻهراڙين مان ايندڙ پڙهيل ڳڙهيل سنڌي گرئجويٽ جوانن ۾ ورهائي هڪ پاسي سنڌين ۾ ”ڏهيسر“ وارو مان ماڻيو ته ٻئي پاسي ڪراچيءَ تي ۲۵ سالن کان قابض ڌر وارا سندس انهيءَ ”قوم پرستي“ ڪارڻ ممتاز علي ڀٽي جا ويري بڻجي ويا. ممتاز ڀٽو صاحب جڏهن ۱۹۷۳ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ اسيمبليءَ مان قانون منظور ڪرايو ته ان سنڌي اديبن ۽ شاعرن وزير اعليٰ کي همٿايو ۽ انهيءَ قانون جي منظوريءَ ۾ پڻ شمشير الحيدري هڪ گمنام سپاهيءَ جيان ورهين کانپوءِ قائم ٿيل سنڌين جي سرڪار سان هٿ ونڊايو.

ان کانسواءِ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهڻ کان گهڻو اڳ ۾ جڏهن اڃا فوجي آمريت جو جبر جاري هو ته شمشير مرحوم هڪ سرڪاري رسالي ماهوار ”نئين زندگي“ وسيلي پڻ نهايت بردباري ۽ سچائيءَ سان نوجوان ليکڪن ۽ شاعرن پاران سرجيل مزاحمتي شاعري ۽ نثر کي اهڙي ته خاموشيءَ سان ڇاپي ڇڏيندو هو، جو سندس ايڊيٽر شپ واري دور ۾ هي رسالو نهايت مقبول عام ٿي ويو. ساڳي ريت حيدرآباد جي مهراڻ اخبار ۾ پڻ شمشير مرحوم جيڪي ٿورا هفتا ايڊيٽر جي حيثيت سان گذاريا ته انهيءَ دور ۾ جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ (ايم آر ڊي) پنهنجي عروج تي هئي، جنهن کي شمشير جي بيباڪ قلم اڃا وڌيڪ همٿايو ۽ قومي ڪارڪنن کي ڏاڍو حوصلو ڏنو.

جمعي واري ڏينهن ڪي ٽي اين جي پروگرام”ويو پوائنٽ“ ۾ مون شمشير سان پنهنجن ذاتي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي هڪ واقعو بيان ڪيو هو، جنهن منجهان پرکي سگهجي ٿو ته مرحوم ڪيترن شاندار اخلاقي قدرن سان مالا مال هو. واقعو هن ريت آهي ته ڊسمبر ۱۹۸۹ع ۾ جڏهن روزانه هلال پاڪستان جي انتظاميه مون کي چيف ايڊيٽر جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڪري، شمشير الحيدري صاحب کي منهنجي جاءِ تي مقرر ڪيو ته پاڻ اپائنٽمينٽ ليٽر ملڻ باوجود، پهرين مون کي فون ڪري اجازت گهرڻ لڳو ۽ ايتري قدر چيائين ته ”آئون ٻه ٽي ڏينهن ڳالهه کي ٽآري ٿو ڇڏيان، تيسين تون ڀلي ڪوشش ڪري واپس اچي پنهنجي سيٽ سنڀال.“

مون شمشير صاحب کي چيو ته منهنجي جاءِ تي توهان جهڙو دلير ۽ تجربيڪار وطن دوست شخص ويهندو ته اها مون لاءِ به فخر جوڳي ڳالهه ٿيندي، شڪر آهي جو ڪنهن سفارشي ماڻهوءَ بدران توهان جهڙي قابل ۽ بيباڪ صحافيءَ کي هن عهدي تي فائز ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه اسان پنهنجي دوست يوسف شاهين جي مئگزين ”برسات“ ۾ پڻ ڊگهي عرصي تائين گڏجي ڪم ڪيو، ڀٽو صاحب جي دور ۾ جڏهن سرڪاري نوڪرين جي ونڊ لڳي پئي هئي، تڏهن هڪ ڳالهه جيڪا شمشير کي سمورن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ افضل ۽ وطن پرست ثابت ڪري بيهاريو، سا آهي، سندس پنهنجي پٽ کي حڪم ڏيڻ ته سرڪاري نوڪريءَ بدران سنڌي اخبارون کپائي گذر ڪر، ان سان تنهنجي آمدني به ٿيندي ۽ ماڻهن تائين سنڌي اخبار به رسندي. شمشير لطيف سائين جي هن بيت جو عظيم کاهوڙي ڪردار هو:

نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ

اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ريءَ.


 

وقت گذري ڪو نه ٿو پاڻ کي گذرون پيا

ڊاڪٽر ايوب شيخ

سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، ايڊيٽر ۽ صحافي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي بانيڪار، ماهوار ”نئين زندگي“، ٽماهي ”مهراڻ“، هلال پاڪستان ۽ روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد جو ايڊيٽر، روشن خيال ليکڪ شمشيرالحيدري جمعي ڏينهن صبح جو گذاري ويو. هن پنهنجي زندگي کل خوشي، زبردست محنت، سنڌي ادب جي بيش بها خدمت ڪندي گذاري. هن جي زندگي زبردست گذري، اها هن شعوري طور زبردست گذاري. اصل ۾ انسانن جي اڪثريت زندگيءَ کي گهاريندي آهي، پر هن ان کي گذاريو ۽ اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريو. هو سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن توڙي صحافين ۽ شاعرن ۾ پري کان نظر ايندڙ اڪيلو شخص هو، جيڪو زندگيءَ جي سمورين مجبورين کي بنا رڙ دانهن جي پُٺيءَ تي کڻي هلندڙ هو. ايستائين جو ڪئنسر مٿس اڍائي ورهيه اڳ حملو ڪيو هو ته هن ان کي به ساڳئي وهنوار ۽ صبر سان تسليم ڪندي ان سان پاڻ منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪندي ڪنهن کي به تڪيلف ڪانه ڏني هئي. شمشيرالحيدري سنڌ جي انهن اديبن ۽ ليکڪن ۽ ايڊيٽرن مان هو، جيڪي پنهنجي ويهڻ لاءِ ٽيڪ استعمال نه ڪندا هئا. بنا ٽيڪ ويهڻ ۽ هلڻ ۽ زندگيءَ جا مزا وٺڻ جا اهي فن رڳو ڪجهه ماڻهن سکيا آهن. شمشير انهن ۾ شاندار هو. سندس زندگيءَ جا آخري ڪجهه مهينا هن سان گهڻي حجت رهي، گهڻيون ڳالهيون ڪيائين. ڳالهائڻ ۾ بيباڪ هو، آهستي آهستي ماڻهن جي کل لاهي، پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيندو هو. تمام گهڻن ماڻهن سان سندس ملاقاتون، واقفيتون، رهاڻيون، رشتا هئا. هن جو خيال هو ته انهن سمورن ماڻهن کان هڪ ڳالهه وسري ويئي هئي ته انهن کي سمورو وقت سنڌ جي ادب ۽ سماج لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو هو. هن کي ڪنهن به ٿڙي ويل، ڀُليل، ڀٽڪيل ماڻهوءَ تي ڪوبه افسوس نه ٿيندو هو. هو انهن مامرن ۾ پنهنجو وقت وڃائڻ بدران پنهنجي ڪم تي لڳو پيو هوندو هو.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ هن جو اوائلي زماني ۾ هڪ مرحوم سينيٽر مرحوم سان ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿي پيو. سينيٽر صاحب چڙي پيو. هو چڙڻ تي ۽ شمشير صبر تي. اوچتو پنهنجي شهنشاهي فرمان سان، شمشير کي ”هاڻي جو هاڻي“ گهر خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ٿيو. شمشير گهر اندر وڃي پنهنجي گهر واريءَ کي هلڻ جو چيو. ٻئي ادبي بورڊ جي بلڊنگ کي هٿ لوڏيندا، ڄامشوري جي مين هاءِ وي تي پنڌ ڪندا، زماني جي ”ادائن“ ۽ ”دلربائين“ تي ٽهڪندا، پيٽاري جي پراڻي روڊ تان پنڌ ڪندا، دوائن جي ڪمپنيءَ ۾ موجود پنهنجي عزيز وٽ وڃي ترسيا. هڪ هفتي کانپوءِ، سينيٽر صاحب ماڻهن کي وچ ۾ آڻي شمشيرالحيدري کان ”ڦڪي معافي“ عرف ”معذرت“ گهري. شمشيرالحيدري اهڙي سخاوت کان انڪار ڪيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ کي ”باءِ باءِ“ چئي ڇڏيو. تاريخ جي سيني تي شمشيرالحيدري سان اها ”حڪمران ڏاڍائي“ اڄ به پنهنجي مٿان چٿرون ڪري، شمشير کي وڌيڪ مانوارو پئي بڻائي.

شمشيرالحيدري کي سندس عزيز ۽ اسانجو دوست ڊاڪٽر مسرت خواجا سندس گهران ڪلفٽن جي اسپتال ۾ وٺي آيو. اتي ايترو ٿيو، جو ڪئنسر ۾ مبتلا شمشيرالحيدري آرام سان دوستن سان ڳالهائڻ، فون ڪرڻ ۽ خصوصي طور ٽي وي چينلن سان نه ڳالهائڻ جي ورزش ۾ لڳي ويو. مون کيس ڪي ٽي اين يا ٻين دوستن سان ٻه چار لفظ ڳالهائڻ جي حجت ۽ فرمائش ڪئي ته، هن چيو ته، ”اها گارنٽي ڪير ڏيندو ته چينلن تان بيوس حالت، حالت زار، منهنجي مفلسي جون عجيب ۽ هوش ربا ڪهاڻيون نه اينديون“. ڪي ٽي اين رپورٽر قادر لاشاري کيس چيو ته، ”اوهان جيڪي چوندا، اهو سڀ ڏينداسين، اوهان رڳو اسان تي مهرباني ڪريو“. پوءِ اخبارن ۽ چينلن سندس مرضيءَ سان خبرون هلايون. عمر جي ان حصي ۾، موت جي واديءَ جي ان مسافر کي پنهنجي مسڪيني حال تي ناز هو، ان تي ڪنهن کي به چٿر ڪرڻ جو مجاز ۽ مالڪ نه بڻائي سگهندو هو. ان اسپتال ۾ سندس جسم ۾ موجود ڪئنسر سندس جسم جي هڏين کي جڪڙي ڇڏيو هو. سرطان جسم جي ٻين عضون جي سموري سسٽم کي ختم ڪرڻ لاءِ خرابيون وڌائي رهيو هو. ان حالت ۾ مونکي کانئس ڪيئي ڳالهيون پڇڻيون هيون، ڪيئي اهم تاريخي گواهيون وٺڻيون هيون، ڪيئي رڪارڊنگس ڪرڻيون هيون. اهو سڀ ڪجهه پهرين ٿيڻ گهرجي ها، جڏهن سندس صحت به هئي ته يادداشت به هئي. مونکي ڪجهه سنڌ جي وڏيرن، انهن جي سنڌ دشمنين جا ڪي حوال پڇڻا هئا. هڪڙي ڏينهن چيائين ته، ”ٻه ڏينهن ترس، سڀني جا ليکا صاف ڪنداسين“. سندس صحت بحال ٿي نه سگهي. تاريخ جي باري ۾، ارهه زوراين جي باري ۾، سنڌ جي سڄڻ نما دشمنن جي باري ۾ هن کي ڪيئي يادگيريون ٻڌائڻيون هيون، پر اهو سڀ ڪجهه نه ٿي سگهيو.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، ڪلچر کاتي وارا کيس آغا خان اسپتال وٺي ويا، جتي ساڻس ڪيئي دفعا ملاقاتون ٿيون. اتي سندس ڳالهائڻ، کائڻ پيئڻ بند ٿيندو ويو. شمشيرالحيدري سرطان مخالف دوائن جي ڪري آهستي آهستي ڳهرجي پيو. سندس جسم تان ماس قرض وانگر لهڻ لڳو. هن جمعي ڏينهن ساهه ڏنو پر ويساهه نه ڏنو. هن جي بيباڪي، هن جي مسڪيني حال ۾ خوش رهڻ جي ادا ۽ سنڌي ادب کي سوين ڪتاب ڏيندڙ شمشيرالحيدري اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو. هن موقعي تي ، سنڌ جي اديبن، شاعرن، ليکڪن کي اها گذارش آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ”محنت“ اوتري ڪرڻ سکن، جيتري شمشيرالحيدري ۽ ان زماني جا اديب ڪندا هئا. هاڻي وري محنت جو زمانو اچي پيو. اچو ته ”گوگلي اديبن“ ۽ ”کڻو ۽ ڇاپيو“ Cut & Paste واري روش ڌاريندڙ رواجي اديبن جي قلعن کي ڊاهي شمشيرالحيدري جي محنت ۽ ساک سان ٺهيل قلعن کي آباد ڪريون.

سنڌو نديءَ جي بچاءَ ۽ ان کي سنڌو سڀيتا جو بنياد ۽ دائمي نشان سڏيندي ان جي حفاظت لاءِ لکيل نظم ۾ شمشير چئي ٿو:

اڙي راڄ وارا،

اڙي راڄ وارا،

اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هي تهذيب دشمن

خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل

اوهانجي، جا شاهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم

ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جو پاڻيءَ سندو

جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟

جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

ته اي راڄ وارا،

وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،

۽ سنڌوءَ جي لئه اُن جو پاڻي بچايو

نجات آهي پاڻي،

حيات آهي پاڻي،

هي پيغام آهي مُهين جي دڙي جي ٻڍي نرتڪيءَ جو، اوهان جي امڙ جو.


 

اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو

عنايت بلوچ

ڏسو! هئو نه هڪ پڪو پختو، صاف ۽ سچو حيدري، جو ايستائين دم ڌڻيءَ حوالي نه ٿيس، جيستائين حيدرِ ڪرار مولا مشڪل ڪشا جي شهادت جو ڏينهن نه آيو. بس ان عظمت واري ڏينهن جو ئي ڄڻ کيس انتظار هو ۽ ساڳئي عظيم ڏينهن، جنهن کي وري رمضان المبارڪ جي آخري ۽ بخشش واري ڏهاڪي جي جمعي هئڻ جي واڌاري سعادت به نصيب ٿي.

واهه ڙي شمشير حيدري تنهنجا ڀلارا ڀاڳ:

اُٺ فريدا سُتئا، دنيا ويکڻ جا،

جو ڪوئي مل جائي بخشيا، تو ڀي بخشا جا.

سموري سنڌ سونهاري ڏات ڌڻين سان ڀريل آهي، اسان جا اديب ۽ شاعر نه رڳو پنهنجي ملڪ پر ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ادب ۽ شاعريءَ جا جوهر ڏيکاري چڪا آهن ۽ داد تحسين به حاصل ڪري چڪا آهن، هر ڪنهن گل جي خوشبوءِ جدا جدا ۽ سونهن پنهنجي پنهنجي آهي، پر شمشير جي ڳالهه ئي نرالي هئي. هن ٿورو لکيو پر بيحد معياري ۽ مانائتو لکيو ۽ اهو ئي سبب آهي جو سندس ڪيترائي شعر ۽ قطعا ڪيترن شاعرن ۽ ريڊيو، ٽي وي جي ڪمپيئرن کي برزبان ياد آهن ۽ اُهي موقعي جي لحاظ سان انهن کي پڙهندا ۽ ورجائيندا رهندا آهن. هڪ ته قدرت طرفان کيس آواز اهڙو ته عطا ٿيو هو، جيڪو گرجدار هئڻ سان گڏ مهذب آواز هو. مون هڪ ڀيري کيس چيو هو: ”شمشير تو ريڊيو ڇو نه جوائن ڪيو؟ يقين ڄاڻ جيڪڏهن تون ريڊيو جو انائونسر/ڪمپيئر يا ائنڪر هجين ها ته اقبال جعفري ۽ سرور بلوچ کانسواءِ ٻيو ڪو به شايد تنهنجي همسري ڪرڻ جي هام نه هڻي ها.“ پر رڳو آواز ئي ڇو؟ جڏهن پنهنجي رعبدار آواز ۾ ڪنهن سان بحث مباحثي ۾ حيدري پنهنجا خيال شيئر ڪندو هو ته پنهنجي گفتگو ۾ نهايت ئي مناسب، مانائتا ۽ وزندار دليل اوتيندو هو، ڇو ته هو نهايت پڙهيل لکيل شخص ۽ هر ادبي ۽ علمي موضوع تي وسيع ۽ اونهي ڄاڻ رکندو هو.

موقعي جي مناسبت ۽ وقتائتي شاعريءَ ۾ ته شمشير جو ڪو به مٽ ڪونه هو. پوريءَ طرح ياد نه اٿم پر گهڻو ڪري ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ سکر ۾ هڪ وڏي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ مشاعري جي هڪ وڏي محفل پڻ رچائي وئي هئي. هزارين ماڻهو ان ۾ شريڪ ٿيا هئا. جڏهن شمشير جي شعر پڙهڻ جو وارو آيو ته فقط چئن سٽن پڙهڻ سان سڄو مشاعرو ڄڻ پاڻ سان گڏ کنڀي کڻي ويو. کيس ايترو ته زبردست داد مليو، جو ان کانپوءِ اسٽيج تي ايندڙ شاعرن لاءِ ڄڻ سڄي اسٽيج ٻُسي ٿي پئي هئي، شمشير هي قطعو پڙهڻ سان سڄي محفل لُٽي هليو ويو:

دل جي پُر شوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين.

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نيهنن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

سندس قطعو سٺ جي ڏهاڪي کان وٺي امر ٿي چڪو آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين انائونسرن ۽ ڪمپيئرن طرفان، ڪنهن به فنڪشن جي ڪارروائي دوران اهو قطعو پڙهڻ ڄڻ ان تقريب جي ڪاميابيءَ جي ڪنجي سمجهيو ويندو آهي. سندس چوسٽي ياد اچڻ تي مون کي في الحال هتان هُتان شمشير جا ڪجهه شعر ياد پيا اچن، سوچيان ٿو ته انهن جي هتي لکڻ سان پنهنجي ۽ هن ڪالم پڙهندڙن جي دلين کي ويهي وندرايان.

اوهين ته وسرڻ جا ڪين آهيو،

اوهان وساري ڇڏيو ته وهوا.

انسان جڏهن چنڊ تي پهتو هو ته ماڻهن سخت اچرج ۽ حيرت جو اظهار ڪيو هو، پر حقيقتن جو ۽ ارد گرد جي عنوانن جو عڪاس شاعر شمشير، چنڊ طرفان انساني قدمن چمڻ جي حقيقت کي هن طرح بيان ڪيو آهي:

لٿا عرش تي زندگي جا سفينا،

بدلجي ويا بندگي جا قرينا،

نه ڇيڙيو، اسان عاشقن کي نه ڇيڙيو،

لتاڙي ڇڏياسين ستارن جا سپنا.

شمشير سڄي زندگي تنگدستيءَ ۾ گذاري، پر مجال آهي جو سندس خود داري ڪنهن زردار، مالدار يا تونگر آڏو کيس هٿ ٽنگڻ تي مجبور ڪيو هجي. ڇو ته مون کي يقين آهي ته لاکيڻي لطيف جو هي بيت کيس ضرور ياد هوندو:

سپيريان جي ترهي، ٻڏين، هٿ مَ لاءِ،

سُڀان تو چُوندياءِ، اسان تو اُڪاريو.

تازو جڏهن موذي مرض ۾ مبتلا ٿي اسپتال داخل ٿيو ته پنهنجي اولاد کي خبردار ڪندي تلقين ڪيائين ته سندس علاج جي سلسلي ۾ نه ته سنڌ حڪومت سان رجوع ڪن ۽ نه وري ڪنهن خانگي اداري کي ڪا منٿ ميڙ ڪن. اتي به کين چيائين ته بس، مولا تي ننگ آهي، باقي ٻي ڪنهن بندي بشر آڏو هٿ نه ڦهلائين. پر جڏهن سندس بيماري ۽ تشويشناڪ حالت جون خبرون اخبارن ۾ ڇپيون ته ڪيترن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ سنڌ ثقافت کاتي سندس سار لڌي ۽ علاج شروع ڪرايو. شمشير الحيدري سنڌ جو هڪ وڏو شاعر ته خير هئو ئي سهي پر هو هڪ زبردست نثر نويس، نقاد ۽ هڪ بهترين ڊراما نگار پڻ هو. ريڊيو توڙي ٽيليويزن لاءِ بيشمار ڊراما لکيائين، جيڪي ڏاڍا مقبول ٿيا. جڏهن آئون ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي پروگرام مئنيجر هوس، تڏهن شمشير مون وٽ تمام گهڻو ايندو ويندو هو، منهنجي گذارش تي ريڊيو ڪراچي جي سنڌي پروگرامن ۾ ڀرپور حصو ورتائين، ڪيترا ڊراما، فيچر ۽ ڪيتريون ئي گيتن ڀريون ڪهاڻيون پڻ لکيائين. هڪ ڀيري فقط ٻن ڏينهن جي وقفي ۾ هڪ زبردست فيچر لکيائين، جنهن جو عنوان هو: ”دل ۾ من جو مور نچي“ هن فيچر جو اردو ۾ ترجمو به پاڻ ڪيائين، جيڪو ڪراچي ريڊيو جي اردو پروگرامن ۾ نشر ٿيو. ان وقت ڪراچي جو اسٽيشن ڊائريڪٽر سيد طاهر شاهه هو، جنهن ان فيچر تي زبردست داد ڏنو ۽ ان کانسواءِ اردو جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن پروڊيوسرن پڻ ان فيچر کي ساراهيو.

خبر ناهي ته شمشير جهڙي شخصيت سندس مخصوص مزاج ۽ سندس شاعري جهڙو ماڻهو وري سنڌ ۾ ڪڏهن پيدا ٿيندو. سنڌ هينئر به ماڻڪن ۽ موتين سان ڀري پئي آهي، هينئر به ڪيترائي گوهر ۽ مڻيادار ماڻهو جيڪي نالي وارا اديب به آهن، اسان ۾ موجود آهن، پر شمشير شئي ئي نرالي هئي، هڪ ناياب تحفو هو، جيڪو هاڻي اسان ۾ موجود نه رهيو آهي. شمشير! تون اسان کي ڏاڍو ياد ايندين ۽ يادن ۾ اسان کي ڏاڍو ستائيندو رهندين. ها سچ، هاڻي ياد آيو ته تنهنجو پيارو دوست هدايت بلوچ به توکي ڏاڍو ساريندو، جيڪو تنهنجي وڇوڙي جي وقت پرڏيهه ويل آهي. مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ٽي دوست شام جو توڙي راتين جو سدائين هڪ ٻئي سان گڏ هوندا هئا- شمشير، تاجل، بيوس ۽ هدايت بلوچ. تاجل جي لاڏاڻي کانپوءِ ڪراچي ۾ فقط هدايت ئي آهي، جنهن سان شمشير جو روح ريجهندو هو.

آخر ۾ شمشير جي هن شعر تي هن تعزيتي مضمون جي پڄاڻي ڪجي ٿي:

اسين حال هيڻا، اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي

هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي، وڏي ڳالهه آهي

نگاهون کڻي داد جي لاءِ مرڪي نهارڻ جي ڪهڙي ضرورت

اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اها ئي وڏي ڳالهه آهي. 


 

شمشير الحيدري

دلبر هِنَ دنيا ۾ وَڃي رهندو واس

مهرالنساءِ لاڙڪ

انسان هن دنيا ۾ انهيءَ ڪري آيو آهي ته هو پنهنجي زندگي باوقار اصولن تحت گذاري، جيئن سندس نالو ناموس روشن ٿيندو رهي. ائين نه ٿئي جو هو پنهنجي عمر اجاين ۽ بي ڍنگن طريقن ۾ صرف ڪري جنهن مان کيس هر وقت رسوائي، ذلت ۽ خواري ٿئي. اهڙي ذلت ڀري زندگي کان ته ابدي آرام (موت) کي ترجيح ڏيڻ افضل آهي. سنڌي ۾ عام چوڻي آهي ته، شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي، گدڙ جي سؤ سالن جي زندگي کان بهتر آهي، جيئن گل جي ڪلاڪن جي زندگي، خار جي هزار سالن کان شانائتي آهي.

بامقصد زندگي، جيڪا لوڀ ۽ لالچ کان پري آهي، جيڪا رياڪاري خواهشن کان آجي آهي، جيڪا ڪوڙ ۽ ڪُپت کان وانجهيل آهي، جيڪا ڪنهن انسان جي ڊپ ۽ ڊاءَ کان بي پرواهه آهي، اها ئي عزت جي زندگي آهي، اها ئي زندگي آزادي پسند ڪندڙ ۽ غلامي کي لعنت سمجهي ٿي. اها زندگي هڪ گل مثل آهي، جنهن جي سرهاڻ سان سنسار واسجي وڃي ٿو.

هن زماني ۾ ڪيترا ئي انسان ڪنڊن جهڙي زندگي گذاري ويا، صرف ٻين کي تڪليفون ڏئي، پر ڪي باضمير انسان گلن جهڙي زندگي گذاري ويا، اهڙن گلن جهڙي زندگي گهاريندڙ هڪ انسان شمشير هو، جنهن جو وجود به گلن جهڙو نرم ته دِل به گلن جهڙي نازڪ، قلم تلوار جهڙو مضبوط، جيڪو ظلم خلاف جهاد ڪندو رهيو ۽ پنهنجي حق ۽ سچ جي خوشبوءِ ڦهلائيندو رهيو. گلاب جهڙي دِل رکندڙ ۽ ڪيترين ئي اخلاقي قدرن سان مالامال هي اڏول انسان، جيڪو بظاهر سنهڙو سيپڪ پر اندر ۾ هماليه پهاڙ جهڙو مضبوط ارادن جو مالڪ، شمشير، جيتوڻيڪ جسماني طور اسان کان جدا ٿي ويو آهي پر سندس زندگيءَ جو گهاريل هر لمحو ۽ هر پهلو اسان لاءِ مشعل وانگر آهي. سندس زندگي اولمپڪ شمع وانگر هئي، جيڪا ڏکن جي پيڙا ۾ گهاريندي، ٻين لاءِ رهنمائي جو ڪم ڪري وئي.

هو بلند ڪردار انسان، جڏهن ۱۹۳۲ع ۾، بدين ضلعي جي ڪڍڻ شهر ۾ اک کولي ٿو ۽ پنهنجي وجود جو احساس ڏياري ٿو ته ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته ڪو هي معصوم ٻار، سنڌ جو سيبتو، صحافي ۽ دانشور انسان ٿيندو. پاڻ پڏائڻ کان سوين ميل دور، پنهنجي ڪم ۾ سچائي ۽ ايمانداري سان مگن رهندڙ اِنسان، ننڍپڻ ۾ ئي ماڪ جي محبت کان محروم رهيو. سندس مامي نذير حيدري سندس پرورش ڪئي، باقاعده جنهن کي تربيت چئبو آهي، ان سٺي ۽ سهڻي تربيت سان مالامال ڪيو. سندس ذهن کي اُها جلا بخشي جيڪا شمشير جي سڄي عمر رهنمائي ڪندي رهي. پاڻ ابتدائي تعليم بدين مان ورتائين پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ پڙهڻ لاءِ آيو پر ڪنهن سبب ڪري اُهو کيس ڇڏڻو پيو، پوءِ ٽنڊي باگي مان ڪجهه ٻين ادارن مان تعليم حاصل ڪيائين. ۱۹۶۳ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪيائين، سندس تحقيقي مقالو ”آزاد نظم“ تي لکيل هو.

پاڻ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سرگرم رُڪن رهيو. اياز قادري جي سنڌي ادبي سنگت تان استعيفيٰ کانپوءِ پاڻ سندس جاءِ تي سيڪريٽري مقرر ٿيو. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ۱۱ سال، سيڪريٽري رهيو، جيڪو جدوجهد ۽ مستقل مِزاجي جو هڪ رڪارڊ آهي.

۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ نامياري وڪيل عبدالحفيظ پيرزادي جي والد عبدالستار پيرزادي جي وڏ وزارت ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بنياد پيو. شمشير اتي، انهن ڏينهن ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو، بعد ۾ هُو اداري پاران نڪرندڙ رسالي ماهوار نئين زندگي ۽ ٽه ماهي مهراڻ جو ايڊيٽر ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ جا اِهي رسالا، انهن ڏينهن ۾ سرڪار جي اثر هيٺ هئا، پر شمشير جي ذهني صلاحيتن سبب انهن کي عوامي رنگ ۾ رنگيو ويو ۽ رسالن عوام ۾ مقبوليت ماڻي ورتي. هر ڏات ڌڻي، انهن رسالن ۾ قلمي پورهيو موڪلي خوشي ۽ فخر محسوس ڪندو هو. پاڻ جتي به رهيو، جيڪو به ڪم هٿ ۾ کنيائين ان سان نِينهن جي ناتي وانگر نڀايائين. سنڌي ادبي سنگت هجي چاهي سنڌي ادبي بورڊ هجي، ون يونٽ واري تحريڪ هجي يا هلال پاڪستان جو ايڊيٽر هجي، اڻٿڪ محنت سان، پنهنجي قلم کان شمشير جو ڪم ورتائين.

قابل غور ڳالهه هي آهي ته جڏهن سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ممتاز جي دؤر ۾ کيس ۱۹هين گريڊ ۾ نوڪري ملي، جيڪا گهڻو وقت نه هلي سگهي. ان بعد انهيءَ گريڊ جي نوڪري محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ سيد پرويز علي شاهه جي معرفت ملي، جيڪا حڪومت ختم ٿيڻ سان ختم ٿي وئي ۽ هن ڪڏهن به انهيءَ نوڪري جي بحالي لاءِ حڪومت کي منٿ ميڙ نه ڪئي، حالانڪ ڏٺو ويو آهي ته ملازم سالن جا سال ٻاهرين ملڪن ۾ ڪمائڻ وڃن ٿا پوءِ اُتي به مراعتون حاصل ڪن ٿا ۽ واپس اچي هتي به پنهنجا ڪل پگهار ۽ سڀ سهولتون Claim ڪريو وٺن ٿا. پر هي ٿوري تي به صبر ۽ شڪر ڪرڻ وارو ماڻهو ڪڏهن به لوڀ ۽ لالچ جو شڪار نه ٿيو.

شمشير الحيدري جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت سان وابسته رهيو. ادب ۾ به مستند حيثيت رکندو هو. ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تي گهٽ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو غزل ۾ جديد لاڙن ۽ قدرن کي پيش ڪندڙن مان هڪ آهي. سندس غزل ۾ غم هجران گهٽ غم دوران زياده آهي.

۱۹۶۱ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو ”لاٽ“ شايع ٿيو. جنهن ۾ تمام اعليٰ درجي جي شاعر موجود آهي، جنهن ۾ سندس قلم تخيل ۽ تخليق جي اعليٰ پد تي پهتل آهي. ڪيترا ڪتاب، جيڪي افسانن، ڪهاڻين ۽ تاريخ ۽ شخصيتن تي مشتمل آهن، سي اسان لاءِ لکيا اٿس. پاڻ ادب جي هر صنف تي لکيو اٿس. ايترين خوبين جو مالڪ جيڪو ادب جو ڪمپيوٽر هو، جنهن جي ذهن ۽ قلم ۾ ادب جي هر صنف، اعليٰ معيار تي پهتل هئي، هڪ منفرد حيثيت رکي ٿو.

Media تي پنهنجو انوکو ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪندڙ انسان جنهن T.V لاءِ ۱۵۰ کان مٿي ڊرامه اسڪرپٽ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا هجن، جنهن کي ڪيترائي ايوارڊ مليا هجن، پر ”حيدري“ لڏي سان تعلق رکندڙ هي انسان، سدائين حيدر رهيو. توڪلي طبيعت جو مالڪ موجود سماج ۾ هن جيڪو ڪردار ادا ڪيو، ان جو مثال گهٽ ملي ٿو. هن جي دل سنڌ هئي ۽ هُو سراپا سنڌ هو. هو خودداري جو اعليٰ مثال هو. هي مصلحت جي پويان ڊوڙڻ وارو انسان نه هو. هُو شناس وارو انسان هو. گذريل مهيني شايد ۰۱ جولاءِ تي جڏهن کيس اسپتال داخل ڪيو ويو ته مون ساڻس ۸ جولاءِ تي رابطو ڪيو. پاڻ ايتري ته پيار ۽ اخلاق سان ڳالهايائين، مون چيو ته ادا، اسين اوهان سان اسپتال ۾ ملڻ ٿا چاهيون، اوهان جي طبيعت پڇڻ لاءِ اچي سگهون ٿا، پاڻ وراڻيائين ته ادي! هتي ته سڄو ڏينهن ڊاڪٽرن جي هڻ هڻان لڳي پئي آهي. لڳي ٿو ته سڀ تجربا مون تي ڪندا، هڪ داڪٽر وڃي ٿو ته ٻيو اچي ٿو. مون کي ۱۴ جولاءِ تي موڪل ڏيندا، آئون گهر ويندس ته پوءِ ڀلي توهان اُتي ملڻ اچجو، باقي اسپتال ۾ مون کي سٺو نه ٿو لڳي ته اوهان اچو ۽ اوهان کي Time ڏئي نه سگهان، بس دُعا ڪجو! مون چيومانس ته ادا ٺيڪ آهي، جيئن اوهان مناسب سمجهو. تقريبن ۱۰ منٽ مون سان ڳالهايائين، بلڪل والد وانگر، پيار ۽ محبت سان ڳالهائيندو رهيو. خدا جي ڪرڻي اهڙي جو، گهر اچڻ جي مهلت ئي نه مليس.

جهڙو حيدري هو ۽ مولاءِ ڪائنات سان محبت ڪندڙ هو، اهڙو مولاءِ ڪائنات به کيس پنهنجي پيار ۾ کڻي ورتو. مرڻو سڀني کي آهي، پر هر ڏينهن، هر گهڙي، هر لمحي جي پنهنجي اهميت آهي. حالانڪ پنجن ڏينهن کان سندس وجود دنيا سان لاتعلق هو، پر ۲۱ رمضان المبارڪ، جمعي جو ڏينهن هڪ باسعادت ڏينهن جو انتظار ۽ پنهنجي مولا جي شهادت واري ڏهاڙي جو انتظار کيس ساهه جي تند سان ڳنڍيو آيو ۽ صبح جو ۲۱ جو روزو رکي نماز پڙهي جيئن ئي سڀڪو فارغ ٿيو ته هي مست حيدري به ۲۱ روزي واري Train ۾ سوار ٿي، مولا جي قافلي ۾ وڃي مليو. مقدس تاريخ، مقدس ڏينهن، فوتي به انهيءَ ڏينهن تي تدفين به انهيءَ ڏينهن، ڇا ڪنهن جي عشق ۽ نينهن ۾ اڃان به ڪو شڪ ڪري سگهجي ٿو. جنهن حيدري سڄي عمر، حيدر قرار جي عشق ۾ گذاري ۽ اُنهيءَ جي ڏسيل واٽ حق ۽ سچ تي هلندو رهيو، آخر اُنهيءَ به کيس پنهنجي مجلس ۾ گهرائي ڀرسان ويهاريو ”واهه شمشير تنهنجا ڀاڳ“.

خوددار شخص، آخر تائين پنهنجي انا نه ڇڏي، ڪنهن جي اڳيان سوال ڪرڻ کي معيوب سمجهيائين. هن کي سنڌ واسين طرفان جيڪا محبت جي موٽ مِلي اها گهٽ ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي. هي باعمل، ادب ۽ اخلاق جو مجسمو ۽ ساڃهه وند انسان صدين تائين ياد رهندو.


 

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو!

رام اوڏ/عمرڪوٽ

متان ڪير شمشير کي سڏ ڪري محفل مچائڻ لاءِ، هو هاڻي پنهنجو سخن نه ٻڌائيندو، جو هن جي روح جو پکيئڙو پرواز ڪري ويو آهي. سانوڻي ۾ سنڌو جي لهرن جهڙي هن جي شاعرانه پرواز ڪتابن ۾ رهجي وئي آهي. هن هٿرادو ساهه کڻڻ کان هٿ کڻي ازلي ارڏائپ جي روايت رکندي پساهن جي پڇاڙي تائين نه جُهڪڻ جو ڄڻ قسم کڻي ورتو هو...شمشير جي شاعري وقت جي واهيرن جي چٽي تصوير آهي. هو رڳو رومانس جي روح ۾ اڙجي فقط لفاظي جي لينڊ اسڪيپ ۾ لهي محبوب جي ”وفا ۽ بي وفا“ ادائن ۾ پل ۽ پهر نٿو وڃائي، هو ڌرتي جو درد کڻي مزاحمتي مزاج ۾ لکندو رهيو ته:

اوهين حُسن تي پنهنجي نظرن جا پهرا اڃان تيز ڪريو،

ڪريون پيا اسين عشق جي رهنمائي وڏي ڳالهه آهي.

زماني جا منصور آهيون اسين، خوب مشهور آهيون،

اسان سورين تي نه گردن جُهڪائي وڏي ڳالهه آهي.

سنڌ ڌرتي سان وفا جو واعدو بڻيل هي حيدري وقت جي ريگزار پيچرن تي نه ٿڪو، نه وڪاڻو!! ڪارونجهر جيڏا حوصلا رکندڙ هي شاعر سنڌ جي ٻاجهاري ڌرتي تي آمرن جي روپ ۽ بهروپ سان اٽڪندو رهيو. شمشير جي ٻاريل ”لاٽ“ وقت جي آمرن جي داغدار گهٽ ۽ گهيڙن خلاف ٻرندي رهي، جهيڻي ڪين ٿي! هو گرجدار آواز سان ۽ لفظن جي پٿرن سان وڙهندو رهيو. پوئتي مڙي ڏسڻ هن لاءِ ڄڻ ته مات هئي:

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي وڏي ڳالهه آهي،

اڃان وقت کي پئي ڳولي سچائي وڏي ڳالهه آهي.

هُو شاعرن جي مفاد پرست درٻاري ٽولي مان نه هو ۽ هن جي گونج ڪئي ته سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ ۽ اها گونج سنڌ دشمن قوتن جي دل ۾ ڌرڻو هڻي ڌڙڪو پيدا ڪندي رهي. سدا سنڌ جي عشق ۾ هي مسافر شاعر محبوبي منزل جو راهي رهيو ۽ هو ڪڏهن بهPessimist ٿي پوئتي نه هٽيو. شمشير جي قلمي ۽ عملي جدوجهد جا ڪرڻا شڪست زده ڪيئن ٿي، ٿي سگهيا جڏهن هو ولهار جي والهانه عشق ۾ ريٽو ٿي راهگير ٿيندو هو. قومي محاذ تي سڏ سان گڏ شمشير جي شاعرانه جرئت ڪنهن به وڙ تي ڪمپرومائيز ڪٿي ڪيو آهي؟! سيمنس هيني ڄڻ ته هيءَ ڳالهه شمشير الحيدري لاءِ ڪئي هئي: “I can’t think of a case where poems changed the world, but what they do is they change people’s understanding of what’s going on in the world!” شمشير جي ڪوتا سمجهه ۽ شعور جو انوکو اظهار آهي. هو پنهنجي بيان ۾ بُردبار آهي ۽ جمالياتي اسلوب ۾ جيئڻ جون ريکائون نروار ڪري ٿو. جيتوڻيڪ هو انقلابي آهي ته عاشق به. ڪنهن شهنشاهه جي حڪمن جي بجا آوري بجاءِ هو سونهن جو سلامي ٿئي ٿو. سونهن هن لاءِ Inspiration آهي. حُسن جي ڳولا ۾ هُو بي حس ناهي. محبتي ماڻهن کي منتظر ڪرڻ بجاءِ هو حاضر آهي:

دل جي پُر شوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

مزاحمت ۽ محبت شمشير جي سٽن جا الستي پيغام رهيا آهن. خوبصورت ادائن جي آغوش ۾ شمشير جا صدما جلترنگ ٿي جوان احساس سدائين ڏيندا به رهيا ۽ هر دور ۾ اسان جي فڪري سگهه جو محور بڻيل رهندا!

وقت اڄ واڳ پنهنجي واري ويو

چنيسر آريسر

هماليه جهڙو مضبوط، سنڌ جي پيار جهڙو نهٺو، فطرت جهڙو شفاف، لاڙ جي رمزن جهڙو نماڻو شاعر، صحافي، ٻولي جو پارکو هو بديڻائي پوڙهو اڄ اسان ۾ نه آهي. هو جنهن پل پل زندگي جا گيت لکيا، سخت کان سخت مشڪلاتن ۾ به زندگي کي ماڻيو ۽ خوب ماڻيو. هو جيڪو وڙهيو ۽ ڀرپور وڙهيو اهو شمشير ۲۱ رمضان المبارڪ برابر ۱۰ آگسٽ ۲۰۱۲ تي پنهنجي ئي لکيل هڪ شعر جو استعارو بڻجي ويو.

شمشير سنڌ ۾ جديد ادب جي اوسر ڪندڙ بانيڪار نالن ۾ نمايان هو. هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو، نه صرف ايترو پر سنڌ ۾ ترقي پسند ادبي تحريڪ کي پروان چاڙهڻ ۾ شمشير سنڌ جي ڌوڙ ڌوڙ رستن، شهرن ۽ واهڻن تائين جيڪو قلمي، علمي ۽ عملي جهاد ڪيو اهو تاريخ جو هڪ اڻ مٽ رڪارڊ آهي.

شمشير جي وجود ۾ هڪڙو باغي رهندو هو. هن پنهنجي سڄي زندگي ان باغي کي جيئاريو ۽ پنهنجي اندر جي ان جانٺي جوان کي ڪڏهن به ڪمزور ٿيڻ نه ڏنو. هن گيت لکيا ته زندگي جهومي، ڊراما لکيا ته حقيقتون آرسي آڏو عڪس وانگر چٽيون ٿي پيون، مضمون لکيا ته سنڌ ڌرتي جا حقيقي مسئلا سامهون اچي ويا ۽ هن جڏهن به ڳالهايو ته ڄڻ تاريخ سندس واتان اُڪلائجڻ جي محتاج لڳندي هئي.

سيپٽمبر ۱۹۳۲ع ۾ جنم وٺندڙ شمشير جي طبيعت ۾ جيڪي تبديليون آيون اهي ڪي اجايون يا خام خيالي واريون نه هيون. شمشير جنهن زماني ۾ پنهنجي اک کولي اهو سڄي دنيا اندر سياسي اٿل پٿل جو دور هو. دنيا جنگين جي در تي هئي، هن پنهنجي اکين سان سنڌ کي ورهائجندي ڏٺو. ۱۶ سالن جي عمر جي شمشير ننڍي کنڊ جي سيني تي لڪيرون نڪرندي ڏٺيون. هن خطي ۾ نئون ملڪ ٺهندي ڏٺو ۽ ان ملڪ جي آڙ ۾ وڏي پئماني تي انساني لڏپلاڻ جو ساکي رهيو. هن پنهنجي ڦوهه جوڀن ۾ اهو به ڏٺوته ڪيئن مذهب جي نالي ۽ بنياد تي هڪڙي ٻولي ڳالهائيندڙ، هڪ ئي تهذيب جا وارث ۽ هڪڙي ئي ماءُ جا پٽ هڪٻئي کان جدا ڪيا ويا ۽ ڪيئن ٻاهران آيل ماڻهن سندس ڏاڏاڻن جي ڇڏيل ملڪيتن تي ڪليمي قبضا ڪيا.

فطرتن هڪ پيار ڪندڙ نوجوان جي ذهن تي ان سموري پس منظر هڪ اهڙو باغيپڻو طاري ڪيو جيڪو هن جي ساهه جي آخري هڏڪي تائين ساڻس گڏ رهيو. نه صرف ايترو پر ان سڄي ماجرا کان پوءِ هن جو پنهنجي ڌرتي سان، پنهنجي ٻولي سان، پنهنجي ماڻهن سان، پنهنجي جهنگن، جهرن، برپٽن، دريائن ۽ پکين سان جيڪو اٿاهه پيار پيدا ٿيو اهو به فطري هو. ڇو ته شعوري طور بالغ ماڻهو جڏهن ان سطح جي هاڃي مان گذرندا آهن تڏهن اهي پنهنجي رهيل ڌرتي، ٻولي ۽ وجود کي بچائڻ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ۱۹۸۳ع واري ايم آر ڊي تحريڪ هلي ته شمشير ان تحريڪ جو ڄڻ ته سپهه سالار بڻجي ويو.

ضيائي آمريت جا اهي ڏينهن سنڌ ڌرتي تي ڪنهن قهر کان گهٽ نه هئا، جڏهن اظهار جي آزادي تي پابندي هئي، سنڌ مان نڪرندڙ اخبارن جا اڌ حصا خالي ويندا هئا.، فوجي جنتا جا ماڻهو هر شيءِ کي سينسر ڪري ڇڏيندا هئا، عملي طور تي سنڌ هڪ انقلابي ويڙهه جي ذمري ۾ هئي. هڪ طرف ڪوڙا هئا، ٻي طرف جيل هئا، ٽئين طرف گوليون هيون، چوٿين طرف زبانن تي تالا هئا. اهڙي دور ۾ جڏهن اياز لکيو هو ته-

سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو

ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.

ان دور ۾ شمشير وک وک ڪاريهر لتاڙيندو سنڌ جو ڪيس ايترو ته مضبوط وڙهيو جو ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ڇتي ٿي پئي.

۸۳ع جي دور ۾ شمشير مهراڻ اخبار جي ايڊيٽر جون ذميواريون سنڀاليون ۽ ان دور ۾ ئي سندس ”فلترو جو ڪالم“ جي نالي سان ڇپجندڙ مضمونن سنڌ ۾ هلندڙ هلچل کي ايترو ته سگهارو ڪيو جو اسٽيبلشمينٽ مجبور ٿي کيس اخبار مان ٻاهر ڪڍرايو. پر شمشير جي دل ۾ موجود سنڌ کي ڪا به فوجي جنتا ٻاهر نه ڪڍي سگهي. شمشير ان دور ۾ به همت نه هاري ۽ پنهنجي هفتيوار اخبار هلچل جي نالي سان جاري ڪئي.

هلچل جيتوڻيڪ هفتيوار اخبار هئي پر ان اخبار سنڌ ۾ ايترو ته نالو ڪمايو جو فوجي جنتا مجبور ٿي ان تي به پابندي هنئي. پر شمشير پوءِ به نه جهڪيو. صحافتي ڪردار کان هٽي ڪري شمشير جو ادبي قد ڪاٺ پڻ تمام وڏو رهيو آهي. هن جديد نظم تي جيڪا ٿيسز يا ڪتاب لکيو اهو سنڌ ۾ ترقي پسند ادب جي واڌاري لاءِ تمام ڪارج وارو ثابت ٿيو. شمشير پنهنجي شاعري ۾ انتهائي رومانٽڪ ۽ فطرت کي ويجهو رهندڙ رهيو آهي. خاص ڪري سندس شاعري ۾ عورتاڻو اظهار تمام سگهاري نموني سان پيش ڪيو ويو آهي. سندس هڪ گيت جيڪو زرينه بلوچ پنهنجي جادوئي آواز ۾ ڳايو ان تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. گيت جا ٻول ڪجهه هن طرح آهن.........

جبل مٿي جُهڙ او سهڻا

جبل مٿي جُهڙ

جُهڙ ته مانکي جهوري ڙي سڄڻ

وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي سڄڻ

او مند ڏسي تون مُڙ

او سهڻا جبل مٿي جُهڙ..........!

شمشير پنهنجي غزل ۾ به سگهارو رهيو، جڏهن ته سندس نظم جديد سنڌي ادب جا شاهڪار نظم رهيا آهن.

ڪجهه ماڻهو زندگي ۾ گهڻا ڪم ڪندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو صرف هڪڙو ڪم ڪندا آهن. شمشير پنهنجي زندگي ۾ صرف هڪڙو ڪم ڪيو ۽ ڀرپور ڪم ڪيو. اهو ڪم آهي ڌرتي ۽ ٻولي لاءِ قلمي جهاد. شمشير پنهنجي ذات ۾ همٿائيندڙ ڪردار رهيو، هن وٽ ڪڏهن به وڏائي يا هٺ نه رهيو. ٿڌي گهڙي وانگر سندس ذات ۽ ڄاڻ هر پياسي جي اُڃ اُجهائي. هو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ سرڪاري نوڪرين سميت ٻين اهم عهدن تي رهيو پر اڄ ڪالهه جي بيورو ڪريٽ اديبن وانگر هن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي اُتم يا ٻئي کي گهٽ سمجهڻ واري بيماري نه پالي. سندس ڪردار شفاف رهيو، اهو ئي سبب آهي جو سندس ذات گروهي يا تڪراري نه بڻي پر پنهنجي ڪردار سان هن پنهنجي سونهن کي سلامت رکيو ۽ آخر تائين سندس ذات اهڙو محور رهي جيڪو هر جاءِ تي اڳيان اڳيان رهيو. شمشير کي ڪراچي جي تاريخي چوکنڊي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي ابدي هنج ۾ سمهاريو ويو آهي ۽ هو پنهنجي هن شعر جو استعارو بڻجي ويو آهي جنهن ۾ هن لکيو هو ته...

هڪڙو شمشير هو زماني ۾

سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو


 

چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه نه ڪر

اسحاق انصاري

هونئن ته شمشيرالحيدري صاحب سان پري جي وابستگي، شعور ۾ اچڻ کان وٺي هئي. نئين زندگي هجي، مهراڻ هجي يا سندس لاٽ مجموعو هجي ان جي وسيلي شمشير صاحب سان ملاقات رهندي هئي. پر آمهون سامهون ملاقات ڪراچي ۾ اچڻ کان پوءِ ٿي، مختلف ادبي پروگرامن ۾ ساڻس ملاقاتون ٿينديون هيون، هو هميشه سڀني سان قرب سان ملندو هو.

ان کان پوءِ ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو بحران شروع ٿيو جنهن جو هڪ ڪارڻ اهو به هو ته ان وقت جي تعليم واري غير سنڌي وزير کي بورڊ جو چيئرمين پئي ڪيو ويو. ان وقت ڪراچي جي اديب دوستن سوچيو ته هڪ اپيل ٺاهي وڃي جيڪا حڪومت جي چڱن مڙسن تائين پڄائي وڃي ۽ جي ضرورت پئي ته وزير اعلي سان ملڻ جو به بندوبست ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ هڪ ميٽنگ پاڪستان ڪوارٽرس ۾ هدايت بلوچ جي گھر ٿي ۽ اپيل ٺاهڻ وارن ۾ شمشيرالحيدري هجي، مان به ساڻس ڪم ڪيو ۽ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو. اها گڏجاڻي شمشير الحيدري سان ويجھڙائپ جو پهريون موقعو هو. مون کيس ٻڌايو هو ته سندس نظم “چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه نه ڪر....” منهنجي لاءِ ڪافي آساني پيدا ڪئي آهي جو پنهجين سنگتياڻين جي تعريف ڪرڻ لاءِ ان کان وڌ ڪو ٻيو مناسب اظهار ڪونهي. تڏهن ئي ته ٻه ٽي سال اڳ جڏهن شمشيرالحيدري سان سچل ڳوٺ ۾ رهاڻ رکي وئي ۽ دوستن مون کي به اسٽيج تي شمشير صاحب ۽ عبدالغفار تبسم سان گڏ اسٽيج تي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ان موقعي تي مون پنهنجي تقرير ۾ به اهڙو اظهار ڪيو هو ته اڄ مون جڏهن پنهنجي هڪ سنگتياڻي کي ٻڌايو ته ان پروگرام ۾ وڃان پيو ته هُن منهنجي ياد تازي ڪرائي ته “تون به ته خيرپور ريڊيو تي آن ايئر مون کي ڏسي پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ شمشير جو شعر پڙهيو هو” اهو ٻڌي منهنجو من مرڪي پيو. ها بلڪل ان وقت ان انڊلٺ جهڙي ڇوڪريءَ جي تعريف ڪرڻ لاءِ مون سائين شمشير جو سهارو ورتو هو

“چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه به نه ڪر،

پنهنجي حسن دروزان تي نازان نه ٿي

...نه ڪر سينڌ سرمون...”

شمشير مُرڪي پيو هو. هونئن مرڪندو ته هر هنڌ ۽ هر وقت هو پر سج لهڻ کان پوءِ وارين ڪچهرين ۾ ڪجھه وڌيڪ ئي مرڪندو، ٻهڪندو ۽ چهڪندو هو. سندس طبعيت ۾ حاضرجوابي ۽ وقت تي جملو ڦهڪائڻ جي به هڪ صلاحيت هئي.

ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ جڏهن انيس انصاري اڪيڊمي جي آفيس ٺهي ته اتي ادبي پروگرم به شروع ٿيا ۽ شمشيرالحيدري به انهن محفلن ۾ ايندو هو. هو جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي اوطاق/ آفيس ۾ ادا هدايت بلوچ سان داخل ٿيو هو ته منهنجي ننڍي اوطاق وشال آڪاش جيان وڏي ٿي وئي هئي ۽ چمپا جا گل ٻهڪي پيا هيا. مون وڌي سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو ۽ هن مُرڪي ڳلي لڳايو هيو. اهو مڄ مشاعرو هو. جيڪو ڊسمبر ۲۰۱۰ ۾ ڪيو ويو هو. ان مشاعري جي صدارت به شمشير صاحب ڪئي هئي. اتي به هڪ دلچسپ واقعو ٿيو هو، اسانجو مٺڙو دوست ۽ پيارو شاعر عبدالغفار تبسم صاحب پاڻ سان منرل واٽر جي بوتل کنيون آيو هو پوءِ ڳوٺ ۾ حُقي پيڻ واري اسٽائيل جيان هدايت بلوچ، تبسم ۽ شمشير صاحب وارو وٺندا رهيا. مشاعري جي اسان وٽ سدائين فرشي نشست رهندي آهي. جڏهن تبسم صاحب جو شعر پڙهڻ جو وارو آيو ته هو شعر پڙهڻ دوران هٿ پوئتي وڌائي بوتل کڻڻ لڳو. سندس چهرو سامهون هو تبسم پنهنجي شعر جي سٽ کي ورجائيندو رهيو ته “وفا پسند هيو هُو وفا پرست نه هو” ۽ هٿ سان بوتل به ڳولهيندو رهيو، جيڪا شمشيرالحيدري ڄاڻي واڻي پري ڪري پنهنجي سامهون ڪري رکي هئي ۽ مرڪي سگريٽ پيئندو رهيو. جڏهن غفار تبسم کي سندس اندازي واري هنڌ تان بوتل نه ملي ته هُن شمشير کي ڏٺو جيڪو هُن کي ڏسڻ بجاءِ بي پرواهي سان سگريٽ ڇڪيندو رهيو ۽ سامهون ڏسندو رهيو. مون کي ڏاڍي کل پئي آئي حالانڪ اهو سڀ ايتري ماهرانه ۽ غير محسوس طريقي سان پئي ٿيو جو شايد مون کان سواءِ ڪنهن به ان جو نوٽس نه ورتو ايتريقدر جو پوءِ جڏهن مون ها ڳالهه رکيل مورائيءُ سان ڪئي جيڪو ڪمپئيرنگ ڪري رهيو هو ۽ ساڻن گڏ ويٺو هو اهو به کِليو ۽ اڻڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيائين ته هن اها ڳالهه نه پرکي.

شمشير الحيدري ان مشاعري ۾ پنهنجي شاعري ٻڌائي پهريان هڪ غزل ٻڌايائين ته

دروازو کليل آهي من ڪوئي اچي نڪري

لوڪ سمهيل آهي من ڪوئي اچي نڪري

ان غزل تي هدايت بلوچ، شمشير کان پڇيو ته ”اهو نئون غزل آهي ڇا؟” جنهن جي جواب ۾ شمشير ٻڌايو ته نه گھڻو پراڻو آهي، مون امالڪ چيو ته “جڏهن توهان اڃان ننڍا هيئو” ته شمشير مرڪي ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي. هتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته هدايت بلوچ صاحب، شمشير الحيدري سان گهرو هجڻ ڪري مذاق ڪندو رهندو هيو ۽ شمشير صاحب مرڪندو رهندو هو پر جيڪڏهن کيس بُل ملي ويندو هو ته هدايت کي جملو ڦهڪائي ڇڏيندو هو. سونار هڻي سئو ڌڪ ۽ لوهار...

شمشير صاحب ان مشاعري ۾ سڀني دوستن جي اسرار تي پنهنجو مشهور نظم “چوي ڪير ٿو ته تون ڪجھه نه ڪر...” ٻڌايو هو.

ان کان پوءِ انيس انصاري اڪيڊمي پاران ۱۹ فبروري تي بسنت مشاعري ٿيو جنهن ۾ شمشير صاحب پنهنجا ٻه تازا نظم(۽ شايد آخري تخليقون) ٻڌايون هيون.

مشاعري جي صدارت ڪندي پنهنجي تقرير ۾ شمشير صاحب چيو هو“ته هي مشاعرو جنهن ۾ اسان سڀ شريڪ ٿيا آهيون اهو اسانجي سدا ملوڪ، سهڻي دوست انيس انصاري جي ياد ۾ آهي. سندن فرزند ميڙا مچائيندا رهن ٿا ڏاڍي چڱي روايت آهي اسان وٽ عام طور تي اهو ٿئي ٿو جن جا پويان آهن اهي ياد رهن ٿا، عبدالڪريم گدائي آهي کيس ڪو ياد نه ٿو ڪري، نياز همايوني آهي، ان جو ڪو وارث ڪونهي. اهڙي ريت اسانجا ڪافي اهڙا ليکڪ آهن جن جا وارث يا ته ادب ذوق ناهن يا وسيلا ناهن يا هنن کي انهن ليکڪن جو قدر ناهي. پر جي ڪي دوست اهو ڪن ٿا اهو سٺو ڪم آهي اسان به جڏهن آيا آهيون ته کيس(انيس انصاريءَ) کي ياد ڪيون ٿا هو تمام سٺو ڪهاڻيڪار هو، ليکڪ هو ڏاڍو پيارو انسان هو منهنجي به ان سان شناسائي هئي....“

هتي مان اهو چوندو هلان ته شمشيرالحيدري صاحب جيئن چيو ته انهن کي ياد رکيو ٿو وڃي جنهن جا وارث آهن ته هتي مان اهو چوندس ته سائين شمشيرلحيدري جا وارث موجود آهن. اسين به سندس وارث آهيون، انيس انصاري اڪيڊمي به هر سال سندس جنم ڏينهن يا ورسي ملهائيندي رهندي.


 

ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيئڙا!

عبدالواحد آريسر

مون جڏهن ادبي اک کولي ته اهو دور ون يونٽ جو قهري دور هيو. ۽ انهيءَ قهر کي ميسارڻ ۽ مٽائڻ لاءِ سنڌ جي ڪاري اُڀ تي چار شاعر هيا. جن پنهنجي ڏات، ڏانءُ ۽ سنڌ سان محبت جي ذريعي ساريءَ سنڌ جي ماحول کي چمڪائي ڇڏيو هو. اهي اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدريءَ هئا. جيتوڻيڪ ان وقت آئون عربي ۽ فارسي شاعري جو چڱو چوکو مطالعو ڪري چڪو هئس. پر سنڌ کي شاعري ۾ ڀٽائيءَ کان سواءِ مون ڪنهن شاعر کي پڙهيو ئي نه هو. پر پوءِ جڏهن مون انهن چئن شاعرن کي پڙهيو ته ان دور جي سنڌي شاعري مون کان عربي، فارسي ۽ اردوءَ جي شاعري کسي ڇڏي. سنڌ جي انهن چئن شاعرن ۾ نه رڳو حب الوطنيءَ هئي. پر ٻوليءَ جو رس چس، خوبصورتي ۽ خيالن جي بلندي مون کي فضائن ۾ ائين جهولائڻ لڳي. جيئن ڇاڇري جي ڀٽن تي پاريهر بولاٽيون کائيندا آهن.

ان وقت آئون ادبي جيتامڙو هوس ۽ سنڌ جا اهي چارئي شاعر ڀڳي ٺوڙهي ۽ کير ٿر وانگر بلند ۽ ڪارونجهر جي سرمائي رنگ جهڙا دلڪش هئا. ۽ آئون انهن جي ويجهو وڃڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو هوس.

وقت هلندو رهيو، شعر ۽ ادب سان منهنجي وابستگيءَ به روزبروز وڌندي ٿي رهي ۽ مون کي ڪهڙي خبر ته هڪڙو وقت ايندو، جو اهي چارئي شاعر مون کي پنهنجو دوست سمجهڻ لڳندا. اياز ته پنهنجي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مون کي پنهنجو دوست لکي چُڪو آهي. نياز جي ته آئون گهر جوڀاتي ٿي ويس. ڊاڪٽر تنوير سان مختيار ملڪ وٽ ڪچهريون منهنجي زندگيءَ جو نه وسندڙ باب ٿي ويون. ۽ اسان جو هي البيلو شاعر شمشير ته منهنجو هم جليس، هم نواله ۽ هم پياله ٿي ويو. اسان ڪيتريون ئي راتيون گاڏيءَ کاتي ۾ هفتي وار هدايت اخبار جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شمشير جي ٺڪاڻي تي گذاريون ۽ آئون جڏهن به ڪراچي ويندو هوس ته رات جا پهريان پهر شمشير جي گهر پاڪستان ڪوارٽرس ۾ گڏ گذاريندا هئاسين، جنهن ۾ هدايت بلوچ، فقير محمد لاشاري ۽ خالق جوڻيجو به شريڪ هوندا هئا. شمشير جي هڪڙي عادت هوندي هئي ته ڪهڙي به ڳالهه ڪندو هو ته ان کان اڳ ۾ چوندو هوته ليڊي ايلزبيٿ جي زبان ۾ هئين چئبو آهي. حالانڪه پاڻ سنڌيءَ ڳالهائيندو هو. مون کيس هڪ دفعو چيو ته سائين توهان ڳالهايو ته سنڌي ۾ ٿا. حوالو وري ڪوئين ايلزبيٿ جو ڏيو ٿا. ته ان تي ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو ته چون ٿا ماڻهو ته ڏاهپ جون پاڙون انگريزي ادب مان ڦٽي نڪرن ٿيون ۽ ظاهر ڳالهه آهي ته ايلزبيٿ جي زبان انگريزي آهي.

مون سوچيو هو ته آئون پنهنجي انهن پسنديده شاعرن جن مان آئون اياز کي سنڌي شاعريءَ جو سج، نياز کي چوڏهين جو چنڊ، ته تنوير ۽ شمشير کي قطب تارا سڏيندو هوس، ته هڪ ڪتاب لکندس، ۽ اهو ڪتاب مون سندن زندگيءَ ۾ ئي ساڻس ڪچهريون ڪري لکڻ چاهيو ٿي. ۽ انهيءَ سلسلي ۾ آئون ڊاڪٽر عالم مري کان تنوير جو گڏيل ڪتاب کڻي ويو هوس، پر اها منهنجي بدقسمتي چئجي جو اسين سياسي ورڪر جي الزام ۾ ادبي دنيا سان پورو ناتو نه جوڙي سگهياسين. نتيجي طور ته ڪڏهن جيل ۾ ته ڪڏهن ريل ۾. ۽ ايترو وقت ئي نه ملندو هو جو آئون ايڏن قدآورن ماڻهن سان ڪو وقت گذاري سگهان. ۽ ٻي ته انهن چئني شاعرن ۾ مون هڪڙي خوبي ڏٺي ته هنن ڪڏهن به پنهنجي چاهيندڙن کي اهو نه چيو ته اسان جيڪو شعر چيو آهي. اوهين ٻڌو. ڇو ته هو پنهنجي لات ۽ ڏات ۾ مست هئا. ۽ هنن کي پنهنجي واهه واهه ڪرائڻ يا مقرر مقرر چورائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. ان ڪري سندن ڇپيل شيون ئي پڙهي سگهبيون هيون.

هڪ دفعو جيل ۾ اسان جي ڀلوڙ شاعر ابراهيم منشيءَ کي انهن شاعرن جي انهيءَ عادت جي خبر ڏني ته منشيءَ چيو ته يار اهي عجيب شاعر آهن. جو واهه واهه کان ايڏو پري ٿا ڀڄن. اسين جڏهن شاعريءَ ۾ اڳتي پئي وڌياسين ته شاهه ڪريم واٽ ويندڙن کي سڏي، پنهنجن پئسن سان چانهه پياري، شاعري ٻڌائيندا هئاسين.

ممڪن آهي ته منشيءَ مون سان ڀوڳ ڪيو هجي. پر اسان ڪيترو وقت جيل ۾ گڏ رهيا سين ته منشي صاحب جيڪو نئون شعر ٺاهيندو هو. وارڊ جي ساٿين کي ضرور ٻڌائيندو هو. شمشير ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڪچهري ڪندو هو. ته اهو محسوس ڪونه ٿيندو هو ته هي ڪو شاعر آهي. بلڪه اديب ۽ مفڪر آهي هڪ دفعي مون کيس مجبور ڪيو ته اڄ عزيز آباد ۾ خالق جوڻيجو جي جاءِ تي هلو ۽ اتي به ٽي اردو ڳالهائيندڙ دوست به ايندا. توهان کان ڪنهن شعر جي فرمائش نه ڪنداسين. اسان کي رڳو توهان جواهر لال نهروءَ تي جيڪو مرثيو لکيو آهي. اهو ٻڌائجو ۽ پوءِ اها رات واهه واهه ۽ ”ڪيا بات هي“ جي تعريفي جملن سان ختم ٿي.مونکي افسوس آهي جو آئون هي مضمون سفر ۾ هلندي لکي رهيو آهيان. ۽ مون وٽ ڪتاب به موجود به ناهي. نه ته انهيءَ مرثئي مان شمشير جي تخليقي قوت، بهادريءَ ۽ نهرو جي سياسي بصيرت تي هن جي نظر ضرور پيش ڪريان ها.

شمشير صحافت به ڪئي ۽ هن جو صحافت وارو شاندار دور مهراڻ اخبار جي ايڊيٽري وارو آهي. ۽ شايد اها گهڻن کي خبر نه هجي ته مهراڻ ۾ ڦلترو جي ڪالم جي حوالي سان اها اخبار پنهنجي قيمت کان چئوڻي اگهه تي بلئڪ تي وڪرو ٿيندي هئي، پوءِ خبر ناهي ته ڪهڙي سبب جي ڪري شمشير اها ايڊيٽري ڇڏي ڏني. حلانڪه پير سائين پاڳاري شمشير کي ايڊيٽر ڪرڻ وقت شمشير جا سڀ شرط قبول ڪيا هئا. انهن مان هڪڙو ته آئون ڪڏهن به جتي لاهي اوهان سان ملڻ ڪونه ايندس. پير صاحب جواب ڏنو ته مريدن کان سواءِ مون سان جتي لاهي ڪوبه ملڻ نه ايندو آهي. ۽ ٻيو ته آئون ڪڏهن به حضرت، قبله توهان لاءِ نه لکندس، صرف پير پاڳارا لکندس. ۽ پير صاحب اهو شرط به قبول ڪندي کلندي چيو ته توهان ۾ ماڻهن ڏاڍيون غلط فهميون وجهي ڇڏيون آهن. آئون جيڪي آهيان. سوئي آهيان. مون کي ستائش ۽ سلي جي ضرورت ناهي. بهرحال آئون سمجهان ٿو ته اها ايڊيٽري ڪن پير صاحب جي ويجهن شمشير کان ڇڏرائي هئي.

شمشير جي شاعري هونئن ته سڄي لاجواب آهي. خاص ڪري هُن آزاد نظم کي جيڪو اوج ۽ عروج وٺرايو. تنهن جو ته ڪو مٽ ئي ناهي.

ڪي منظوم سٽون هن جون مثال طور:

تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،

ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.

بهرحال آئون انتهائيءَ شرمندو آهيا جو جيڪو مون دوستن سان وچن ڪيو. سوپاري نه سگهيس ۽ شمشير به اسان کان موڪلائي ويو.

آخر ۾ آئون هنجي متعلق هڪ واقعو لکي،پنهنجي پياري ۽ ٻاجھاري دوست جي همت جو داد ٿو ڏيان ته آئون ۲۲هين مارچ ۱۹۹۳ع ۾ ملٽريءَ جي ٽارچرسيل مان آزاد ٿيس. ۽ پنهنجي ٺڪاڻي تي پهنچندي پهريون فون پي ٽي وي تي شمشير کي ڪيم ته ان بي انتها خوشيءَ مان مون کي چيو ته آريسر صاحب ڪٿان پيو ڳالهائين. ته مون چيو سائين آئون ٻاهر اچي ويو آهيان ته ته هُن چيو اڇا ننڍي جيل کان وڏي جيل ۾ اچي وئين. هاڻي روزو مون وٽ اچي کول.

آئون ۽ خالق جوڻيجو پاڪستان ڪواٽر تي وياسين، ته هن افطاريءَ جو انتظام ڪري ڇڏيو هو. يڪدم فقير محمد لاشاريءَ کي فون ڪيائين ته حافظ صاحب اچي ويو آهي غريب خاني تي ويٺو آهي. تون پهچ ته مون کيس چيو ته مون کي هنن ڇڏڻ وقت تاڪيد ڪئي آهي ته اڄ پريس وارن سان نه ملجانءِ. ته پوءِ ملڪه ايلزبيٿ جي ٻولي ۾ هڪڙي شاندار گار ڏئي، هن چيو ته انهن جي مخالفت ۾ هيترو برداشت ڪري آيو آهين. باقي هي برداشت نه ڪندين. ۽ پوءِ فقير محمد به اچي ويو ۽ ٻي ڏينهن هن ”جاڳو“ ۾ نه رڳو هڪ خبر هلائي، پر هڪڙو شاندار مضمون به لکيائين ته ”شعور ڪڏهن به رٽائرڊ نه ٿيندو آهي“ بهرحال شمشير جون ايترون ئي شاندار ۽ لطفين سان ڀرپور يادگيريون مون وٽ آهن. جي زندگي ۽ وقت ساٿ ڏنو ته هن قطب تاري جي يادگيري جون چڻنگون پنهنجي وس آهر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪندس. ۽ مون کي ڏاڍي ڏک سان چوڻ ٿو پوي ته آئون پنهنجي انهن چئني شاعرن جي آخري رسمن ۾ به شريڪ نه ٿي سگهيس.

جيڪي ازل ۽ ادب جا پيغمبر هوندا آهن. انهن جون آخري رسمون به ٿينديون آهن ڇا؟

هو ته ڪائنات جا گرهه هئا. ۽ گرهه ڪڏهن به زمين دوز ٿي نه سگهندا آهن. هو ته سدائين ماڻهن جي هانوَ ۾ رهندا آهن. ان ڪري جيڪا شيءَ انسان، تاريخ ۽ سماج جي هانوَ ۾ صدين تيائين هُر ندي آهي. اها شاعري آهي. اها شاعري اسان وٽ زنده آهي. ۽ سڀاڻي سنڌ جا جوڌا جدوجهد جي ميدان ۾ لهندا ته اسان انهن جي شاعري انهن جي کيسن ۾ وجهي، انهن کيسن جي سلامتيءَ جي دعا گهرنداسين.


 

شمشير الحيدري

سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪئي

حيدرآباد: شمشير حيدري ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ تي ڳوٺ ڪڍڻ ضلعي بدين ۾ جنم ورتو. پاڻ پرائمري سنڌي ۽ چار درجا انگريزي بدين ۾ پڙهيو ۽ ستين انگريزي تائين (نان مئٽرڪ) سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي مان حاصل ڪيائين. سال ۱۹۴۷ کان ۱۹۵۰ تائين، اديب سنڌي ۽ اديب عالم سنڌي اورينٽل ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙهيو. بي اي آنرز سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري ورتي جن شعبن ۾ پاڻ ڊگري ورتي ۽ مهارت حاصل ڪئي انهن ۾ ادب، تصنيف، صحافت، ناٽڪ نويسي، سماجي ڪم، حڪمت شامل آهن. سندس ڪتاب جن ۾ سنڌيءُ ۾ آزاد نظم جي اوسر، سنڌي شاعري جو اڀياس، لاٽ (شاعري)، تاريخ جو ڪچرو (شاعري)، سجاڳ سانگهڙ (گزيٽيئر)، سنڌ اپڊيٽ ۲۰۰۳ (گزيٽيئر انور پيرزادو سان گڏ انگريزي ۾)، بهترين سنڌ افسانا (سيهڙ)، فليم ائنڊ فلوٽ (شاھ لطيف بابت، سهيڙ)، لاٽ (شاعري جو مڪمل مجموعو)، پيار جو نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)، ڪاڪ محل (ڊرامو). ان کان علاوه پاڻ واڌو ڪم پڻ گھڻو ڪيائين جنهن ۾ مختلف موضوعن تي مضمون، ڪتابن جي مهاڳ، انٽرويو، ڪتابي تبصرا وغيره، ٽيليوزن لاءِ ڏيڍ سوَ کن ڊراما، گيت، ڊاڪيومينٽري ۽ ٻيا اسڪرپٽ، ۵۰ سنڌي لوڪ گيتن جو پوربي لهجي ۾ ترجمو، شاھ جي منتخب ڪلام جو اڙدو ترجمو، سئو کن ٻاراڻا گيت پڻ شامل آهن. شمشير حيدري پنهنجي زندگي ۾ جيڪي جيڪي عهدا ماڻيا يا جن ادارن سان سلهاڙيل رهيو اُهي هي آهن. حيثيتون؛ (۱) سيڪريٽري، سنڌي ادبي بورڊ، ۳سال، (۲) سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت، ۱۱سال، (۳) ميمبير، اڙدو ڊڪشنري بورڊ، ۳سال، (۴) ميمبر، فلم سينسر بورڊ، ۳ سال، (۵) باني ميمبر، سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن، (۶) ميمبر، پاڪستان آرٽس ڪائونسل، (۷) ميمبر، پريس ڪلب ڪراچي، (۸) ميمبر، پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل، (۹) ميمبر، ادبي ڪاميٽي، ينگ مين ڪرسچن ائسوسيئيشن، ڪراچي. پاڻ جيڪي ايوارڊ حاصل ڪيا انهن ۾ ڪجھ هي آهن. (۱) پاڪستان ٽيليوزن، ۳ ايوارڊ، (۲) پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل، ۲ ايوارڊ. (۳) سنڌ گريجوئيشن ائسوسيئيشن، ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل. (۴) سنڌي ادبي سنگت. (۵) عوامي آواز سٿ (۶) ماهوار ”نئين زندگي“. (۷) سنڌي اڪيڊمي دهلي. (۸) مارئي، دهلي. (۹) سمبارا ٽاپ ٽين. (۱۰) سنڌ ريويو ايوارڊخيراعمل وغيره. شمشير جي هيڏي وڏي پروفائيل کان علاوه مڪلي ۽ ٺٽي جي دستاويز فلمن جي تحقيق، تحرير ۽ هدايتڪاري پڻ ڪئي. ان کان علاوه شمشير جي ۳۰۰۰ پيجن جي آٽوبائوگرافي سندس شاعري جو ڪتاب ڪُليات شمشير ڇپائي هيٺ هو ته هن بيماري جو بستر ورتو. پاڻ پنهنجي زندگي ۾ انور پيزادي سان گڏ لک پڙھ جو جيڪو تاريخي ڪم ۲۰۰۳ ۾ ڪيو اهو سنڌ گزيٽس وارو هو. مونکي ياد آهي ته ان وقت ميڊم مهتاب اڪبر راشيدي انفارميشن سيڪريٽري هئي ۽ سائين انور پيرزادو ۽ شمشمير ڪافي وقت ايم پي اي هاسٽل جي ڪمري ۾ گڏ گزيٽس واري ڪم ڪرڻ مهل ڪڏهن ڪڏهن رات جو منهنجو وڃڻ اتي ٿيندو هو ۽ ايئن ئي ٻنهي شخصيتن سان صحبت جو موقعو مليو مون ڏٺو ته اهي ٻئي پنهنجي ذات ۾ تمام وڏا ادارا آهن. پر سنڌ ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي نه سائين انور موجود آ، نه شمشير. الل فجر شمشير جو موڪلائڻ سنڌ تي هڪ وڄ ڪرڻ وارو وار محسوس ٿي رهيو آهي. هڪ دفعو مورو ۾ عبدالغفار تبسم سان شام ملهائجي رهي هئي ته مون شمشير کي چيو سائين هن شام جي صدارت توهان کي ڪرڻي آهي ته پاڻ چيائين ها اها سزا مونکي هر هنڌ ملندي آهي ڇوجو جڏهن منهنجي صدارتي تقرير جو وارو ايندو آهي ايتري ته دير ٿي چڪي هوندي آهي جو ماڻهو سڀ اُٿي هليا ويندا آهن ۽ هال ۾ آئون ڪرسين کي خطاب ڪندو آهيان اهڙي مزاح جي مزاج وارو شخص اڄ جڏهن موجود ناهي ته ان جو گھاريل گھڙيون ڪيترن ئي ماڻهن کي ڇورو ڇُنو ڪري وينديون. شمشير حيدري جي آتم ڪٿا جو پيج منهنجي هٿ ۾ آهي جنهن جو عنوان آهي ”فقير بيان ڪري ٿو“ ۽ پاڻ پنهنجي آتم ڪٿا ڪُجھ ايئن بيان ڪري ٿو. وڏا ماڻهو اُٿي بيهن، ننڍا ماڻهو ويهي رهن ته فقير پنهنجو بيان شرو ڪري.

فقير لکي ٿو، هي ساروڻيون فقير جي ننڍي وهيءَ جون آهن، ۽ اهي ننڍيون ان ڪري به آهن جو انهن جو ڪو به آڳو، پيڇو ڪونهي، ۽ اهي ايتريءَ ئي ڊيگھ ويڪر جون آهن. جيتريون آهن. فقير جو هڪڙو ڪلامي تڪليو اهو به آهي ته ”منهنجا مولا، حافظو به ڏجئين، هاضمو به ڏجئين.“ حآفظو ۽ هاضمو درست آهن ته پوڙهپڻ کي اچڻ ۾ دير لڳي ٿي، پر ”وقت چئي آ بادشاھ“، سو عمر جو اثر ته اوس پوڻو ئي آهي. فقير هينئر پنجهتر سالن جو پوڙهو آهي، تڏهن به شڪر ڪري ٿو ته بدن جي مشين جا اهي ٻئي پرزا اڃا وقت جي شير شاھ واري ڪٻاڙخاني ۾ موڪلڻ جهڙا نه ٿيا آهن. شمشير جي هي آتم ڪٿا پڙهڻ سان سمجھ ۾ اچي ٿو ته شمشير گفتي جو ڪيڏو پڪو لفظن جو ڪيڏو ماهر ۽ مزاح جو بادشاھ هو. اميد ته هي آتم ڪٿا شايع ٿي قوم تي پهچندي اڄ ڏهين آگسٽ تي صبح جو جيئن موبائيل آن ڪيم ته پهريون ميسيج سندس پٽ فتح جو هيو ته ڀائو ”بابا گذاري ويو“. ٿڌو ساھ ڀريندي پاڻ کي پوئتي کڻي وڃان ٿو جڏهن شمشير چوندو هو ته مان مرڻو ناهيان. آئون فتح سان فون تي رابطو ڪيان ٿو هو روڻهارڪي انداز ۾ ٻڌائي ٿو ته بابا کي نمائش تي غسل ڪرائبو ۽ پوءِ شام جو اٺين بجي نماز کانپوءِ بدين ۾ دفنائبو مان چيومانس شمشير نرڙ تي چُمي ڏئي الوداع چئجوس ”الوداع اي الوداع شمشير الوداع“.


 

شمشير الحيدري

منشي کان نوڪري شروع ڪري ۱۹ گريڊ ۾ رٽائر ٿيو

ڪراچي: ناليواري اديب، دانشور ۽ صحافي شمشير الحيدري پنهنجي زندگي دوران مختلف سرڪاري نوڪريون ڪيون. پهرئين نوڪري ۱۹۵۰ع ۾ پاڪستان رائيس مل ۾ منشي طور شروع ڪئي ان کان پوءِ پي، ڊبليو، ڊي ۾ ملازمت ڪيائين جڏهن بعد بدين ڪو آپريٽو بئنڪ بدين جو مئنيجر مقرر ٿيو. ۱۹۵۶ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. اهڙي طرح سنڌ ادبي بورڊ ۾ يارنهن سال نوڪري ڪئي. ۱۹۶۶ع پبلڪ سروس ڪميشن جو سربراهه ۽ ماهوار رسالي نئين زندگي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو اتي هن يارنهن سال ڪم ڪيو ان کان پوءِ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت مرڪزي مواصلات کاتي پاران ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل کوليو ويو ان جو ڊپٽي مئنيجر بڻيو ڏيڍ سال کان پوءِ شهيد ڀٽي جي حڪمومت ختم ٿيڻ کان پوءِ اهو کاتو ٽوڙيو ويو ۽ شمشير الحيدري کي ۱۹ هين گريڊ ۾ سرپلس ۾ موڪليو ويو. يارنهن سالن کان پوءِ ٻيهر پي پي جي حڪومت آئي ته سرڪار کيس ”يوٿ انويسٽيمينٽ پروموشن سوسائٽي ۾ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو جتان پاڻ ۱۹۸۹ع ۾ ريٽائر ٿيو.


 

شمشيرالحيدري

سنڌي ادب جي هر صنف تي مهارت رکندڙ ۽ صحافي لکين چاهيندڙن کي سوڳوار ڪري ابدي ننڊ سمهي پيو

ڪراچي (رپورٽ: ضياءُ قريشي/جي ايم خاصخيلي) ليجنڊ شاعر ناليوارو اديب، ڊراما ليکڪ، دانشور، مفڪر ۽ يگانو صحافي شمشير الحيدري ۸۱ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس وڇوڙي سان سنڌي ادب جي دنيا ۾ سوڳ ڇائنجي ويو آهي. شمشير الحيدري ڪينسر جي عارضي ۾ مبتلا هو. گذريل ڪجهه عرصي کان ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. ڪالهه صبح سوا ۶هين وڳي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو ۽ هو هميشه لاءِ وڇڙي ويو. مرحوم شمشير الحيدري پونئرن ۾ پنج پٽ، ٽي نياڻيون ۽ هڪ بيوا سميت لکين عقيدت مند سوڳوار ڇڏيا آهن.شمشير الحيدري جنازه نماز ادا ڪرڻ بعد کيس ڪراچي جي تاريخي چوڪنڊي قبرستان ۾ناليواري اديب تاج بيوس ڀرسان هزارين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جو مڙهه چوڪنڊي قبرستان پهچڻ تي اديب، دانشور، صحافي ۽ سندس مٽ مائٽ مڙهه کي چنبڙي ويا ۽ زارو قطار روئندا رهيا. مرحوم جو مڙهه سندس پاڪستان ڪوارٽر گارڊن واري رهائش گاهه تان کڻڻ بعد سندس مائٽ ۽ خاندان جي عورتن ۾ روڄراڙو پئجي ويو. مرحوم جي جنازي نماز ۾ صوبائي وزير ساجد جوکيو، سنڌ نيشنل موومينٽ جي چيئرمين علي حسن چانڊيو، ناليوارا اديب، شاعر ۽ دانشور علي بابا، مٺو مهيري، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، شفيع محمد ڄاموٽ، خدا ڏنو شاهه، عزيز ڪنگراڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.مرحوم شمشير الحيدري پي ٽي وي لاءِ ۱۰۰ کان وڌيڪ سنڌي ڊراما لکيا. جن ۾ سيريل ۽ انفرادي ڊراما به شامل آهن. سندس پي ٽي وي لاءِ پهريون سيريل زينت هو. جيڪو ۱۹۷۰ ۾ پيش ڪيو ويو. اهو سيريل عبدالڪريم بلوچ پروڊيوسر طور پيش ڪيو جڏهن ته اهو ساڳيو سيريل ۱۹۷۵ ۾ اضافي قسطن سان ٻيهر پروڊيسور منظور قريشي پيش ڪيو. هن پي ٽي وي جي ڪيترن ئي پروگرامن لاءِ اسڪرپٽ به لکيا جڏهن ته سنڌي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ پڻ ڪئي. سندس مشهور ڊرامن ۾ زينت، گلن واري ڇوڪري ۽ مومل راڻو شامل آهن. کيس ڊراما ليکڪ ۽ شاعر طور ڪيترائي دفعا پي ٽي وي ايوراڊز به مليا. جنهن کان پوءِ شمشير الحيدري هڪ ايوارڊ تقريب ۾ اهو اعلان ڪيو ته اڄ کان پوءِ مون کي پي ٽي وي جي ڪنهن به ايوارڊ لاءِ نامزد نه ڪيو وڃي ۽ نون ليکڪن ۽ شاعرن کي موقعو ڏنو وڃي.

 

شمشير جي زندگي تي هڪ نظر

شمشير علي ولد امام ڏنو خواجه تخلص ”شمشير“ شمشير الحيدري جي نالي سان مشهور آهي. سندس جنم ضلع بدين جي ڪڍڻ ڳوٺ ۾ ٿيو. ابتدائي تعليم بدين مان ورتائين پوءِ سنڌ مدرسه ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو مگر گهرو حالتن کان مجبور ٿي واپس ڳوٺ هليو ويو. ڪجهه وقت پي. ڊبليو. ڊي ۾ ملازمت ڪيائين ۽ بدين ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر ٿي رهيو. شمشير ۱۹۶۳ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪئي ۽ آزاد نظم تي هڪ تحقيقي مقالو لکيو.

شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو سرگرم رڪن هيو، اياز قادري جي سنڌي ادبي سنگت تان استعيفا کان پوءِ هو سندس جاءِ تي سيڪريٽري مقرر ٿيو.

شمشيرالحيدري جي زندگيءَ جو وڏو حصو صحافت سان وابسته رهيو آهي. پهريان هو هلال پاڪستان (حيدرآباد) ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو، ۱۹۵۶ع ۾ ٽه ماهي مهراڻ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ۱۹۶۸ع کان نئين زندگي پاڪستان پبليڪيشن جو ايڊيٽر مقرر ٿيو جتان هو شپنگ ڪارپوريشن ۾ هليو ويو.

شمشير ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل تي گهٽ طبع آزمائي ڪئي آهي. هو غزل ۾ جديد لاڙن ۽ قدرن پيش ڪندڙن مان هڪ آهي. سندس غزل ۾ غم هجران گهٽ غمِ دوران زيادهه آهي. هن پنهنجي زندگي ۽ سماج جي تلخين کي تلخ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سندس ڪلام جو مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان ۱۹۶۱ع ۾ شايع ٿيو آهي.

حيثيتون:

۱.      سيڪريٽري: سنڌي ادبي بورڊ، ۳ سال

۲.      سيڪريٽري: سنڌي ادبي سنگت، ۱۱ سال

۳.      ميمبر: فلم سينسر بورڊ، ۳ سال

۴.      ميمبر: اردو ڊڪشنري بورڊ، ۳ سال

۵.      باني ميمبر: سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن

۶.      ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان

۷.      ميمبر: پريس ڪلب ڪراچي

۸.      ميمبر: پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل

 

ڇپيل ڪتاب:

۱.      انسان ڪامل (شخصيتون) ۱۹۵۳ع

۲.      ڪاروان ڪربلا (تاريخ) ۱۹۵۴ع

۳.      لاٽ (شاعري) ۱۹۶۲ ع

۴.      تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (ترتيب) ۱۹۶۱ع

۵.      تاريخ سنڌ : ڪلهوڙا دور (ترجمو) ۱۹۶۳ع

۶.      سوکڙي (ترتيب) ۱۹۶۴ع

۷.      آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) ۱۹۶۳ع

۸.      بهترين سنڌي ادب (افسانا) ۱۶۶۹ع

۹.      سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر : ۱۹۸۴ع

۱۰.     سنڌي شاعريء جو اڀياس

۱۱.     تاريخ جو ڪچرو : شاعري ۱۹۹۵ع

۱۲.    سجاڳ سانگهڙ : گزيٽيئر

۱۳.     Sindh Update (انور پيرزادي سان گڏ : انگريزي ۾) ۲۰۰۳ع

۱۴.    Flame & Flute : انگريزي ۾ شاهه بابت سهيڙ

۱۵.     پيار جا نو گيت (جرمن شاعري جو منظوم ترجمو)

۱۶.     ڪاڪ محل (ڊرامو)

۱۷.    Poet for all Time (سهيڙ ۽ ترتيب)

۱۸.     ٻارن جا گيت(روشن تارا پروگرام)

۱۹.     لاٽ : ٻيو حصو (تياريء هيٺ)

۲۰.    ٽيليويزن لاءِ ۱۵۰ کان مٿي ڊرامه، اسڪرپٽ ، ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت لکيا اٿس.

مليل اوارڊ :

۱.      پاڪستان ٽيليوزن ٽي ايوارڊ

۲.      سنڌي ادبي سنگت سنڌ

۳.      سنڌي اڪيڊمي : دهلي

۴.      مارئي : دهلي

۵.      سمبارا ٽاپ ٽين

۶.      سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل

۷.      ماهوار نئين زندگي

۸.      بزمِ جنگ

۹.      پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل ۲ ايوارڊ


 

نامياري شاعر، اديب، صحافي ۽ محقق شمشير الحيدري جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو

ڪراچي (رپورٽ: مصطفيٰ ملاح) ”هڪڙو شمشير هو زماني ۾ سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو، تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو“، جهڙي شاعري سرجيندڙ سنڌ جو ناليوارو محقق، اديب، شاعر، صحافي، ايڊيٽر، ڪالم نگار، تنظيم ڪار، حڪيم، ڪامورو ۽ گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هڏن جي ڪينسر ۾ مبتلا شمشير الحيدري ۴۱ ڏينهن اسپتال ۾ رهڻ کانپوءِ هن جو ڪالهه ۸۱ سالن جي عمر ۾ ساهه جو سڳو ٽٽي پيو، شمشير الحيدري کي سيني جي تڪليف وڌي وڃڻ کانپوءِ هن کي پٽ جاويد حيدري جيڪو پي آءِ اي جو ملازم آهي، ان جي پئنل تي پارڪ لين اسپتال ۾ پهرين جولاءِ تي داخل ڪرايو ويو، اتي هن جو علاج ڊاڪٽر طارق مغل ڪندو رهيو پر طبيعت ۾ بهتري نه اچڻ تي هن جي وارثن ثقافت کاتي سنڌ کي بهتر علاج لاءِ آغا خان استپال ۾ داخل ڪرائڻ جي اپيل ڪئي، ان کانپوءِ ثقافت کاتي سنڌ کيس ۳۱ جولاءِ تي آغا خان ۾ داخل ڪرايو، جتي طبيعت آخر تائين بهتر نه ٿي سگهي ۽ ڪالهه صبح ۶:۱۰ تي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، شمشير الحيدري جي ۴ ڏينهن پهريان طبيعت بگڙجي وئي هئي، سيني ۾ بلغم ڄمي وڃڻ سبب هن کي هٿرادو ساهه جي مشين تي ساهه کڻايو ويو ۽ ان کانپوءِ هن جي ڳالهائڻ، کائڻ ۽ پيئڻ جي سگهه ختم ٿي وئي هئي، جڏهن ته هن جي پيرن جي مٿان پڻ سوڄ چڙهي وئي هئي، شمشير الحيدري کي ۲ سال پهريان ڊاڪٽرن پاران ڪينسر جي مرض بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن جو هن گهر ڀاتين سان ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيو، جڏهن ته پاڻ حڪيم هئڻ ڪري پنهنجو ڪينسر جو علاج ڪندو رهيو، جنهن مان هن کي ڪو به فائدو ڪو نه پيو، شمشير الحيدري پويان ۵ پٽ، ۳ ڌيئرن ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي، شمشير اۡلحيدري کي ملير جي چوڪنڊي قبرستان ۾ مرحوم شاعر تاجل بيوس جي ڀرسان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، شمشير الحيدري جي والد جو نالو رسول بخش خواجا هو شمشير الحيدري ۱۵ سيپٽمبر ۱۹۳۱ع ۾ ڪڍڻ ضلعو بدين ۾ اک کولي، شروعاتي طور هن مولوي حاجي احمد ملاح جي مدرسي مان قرآن شريف جي تعليم پرائي، ان کانپوءِ هن بدين جي پرائمري اسڪول مان ۴ درجا پاس ڪيا. جڏهن ته انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ پڙهڻ لاءِ پهتو، جتي سندس استاد محمد ابراهيم جويو هو. ۱۹۶۳ع ۾ هن ايم اي سنڌي ادب امتحان پاس ڪيو. سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ دوران هن ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي تنظيم جو بنياد وڌو، ۷ آڪٽومبر ۱۹۵۶ع مرڪزي چونڊن ۾ پاڻ جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جو ۱۱ سال جنرل سيڪريٽري رهيو. هو صدر اولڊ بوائز ايسوسيئيشن اين جي وي هاءِ اسڪول رهيو، سينٽرل فلم سينسر بورڊ جو ۴ سال ميمبر رهيو. جڏهن ته اردو ڊڪشنري ڪراچي جو ۴ سال ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو. جڏهن ته پاڻ پڙهائي دوارن سنڌي بزم ادب پڻ قائم ڪئي محمد ابراهيم جوئي کي ان جو صدر مقرر ڪيو ويو، صحافتي طور هن ڪيريئر جي شروعات هلال پاڪستان کان ڪئي، پاڻ اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ نيوز ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو، ڪجهه وقت ”خادم وطن“ ۾ ايڊيٽر مقرر ٿيو ۱۹۸۶ع ۾ هلال پاڪستان جو ايڊيٽر بڻيو، حڪومت پاران اشتهار بند ٿيڻ تي هن استعيفا ڏني پر ۱۹۸۹ع ۾ پ پ جي حڪومت آئي ته کيس بيگم نصرت ڀٽو ٻيهر ”هلال پاڪستان جو ايڊيٽر مقرر ڪيو، جڏهن ته هو ايڊيٽر هفتيوار ”پنجتني“، چيف ايڊيٽر هفتيوار هدايت، چيف ايڊيٽر ”اعلان حق“ ۽ آخر ۾ روزاني ”مومل“ جو ايڊيٽر رهيو. مرحوم جون سائين جي ايم سيد سان کوڙ ساريون ويجهڙايون هيون، جڏهن ته علامه دائود پوٽو، علامه آءِآءِ قاضي، ميران محمد شاهه، مخدوم طالب الموليٰ، سوڀو گيانچنداڻي سان به هن جي وڌيڪ ويجهڙائپ رهي.


 

وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ سياسي ادبي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار

حيدرآباد (نمائندن وٽان) نامياري شاعر شمشير الحيدري جي لاڏاڻي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شمشير هڪ ساڃاهه وند انسان هو، سندس لاڏاڻي تي سنڌ جي ادب ۽ علمي ماڳ ۾ پيدا ٿيل خال کي صدين تائين به ڀري نه ٿو سگهجي، هوڏانهن وڏي وزير جي پريس سيڪريٽري الهه بچايو ميمڻ، وقار مهدي، نظر محمد ڳاهو، مخدوم جميل الزمان، الهڏتو وگهيو، سسئي پليجو، عبدالعزيز عقيلي، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، رفيق ٻرڙو، مرتضيٰ ڏاڏائي، مولانا اسد الله ڀٽو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌ افيئرز جي چيئرمين پروفيسر لياقت عزيز، قادر بخش طالباڻي، ايڊووڪيٽ ظفر اي راجپوت، همٿ علي پتافي، تاج جويو، سعيده بشير چانڊيو، ريحانه چنڙ، ڊاڪٽر خليل قاضي، آصف قاضي، نظير حسين پٺاڻ، صغير خان، سپلا جي يعقوب چانڊيو، طارق منصور قريشي، غضنفر شاهه، خرم رفيع، اياز هاليپوٽو، طارق جلباڻي، مدد علي بروهي، جميل خان زئي، حسين حسرت شاهه، ڪشمير سومرو ڏک جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي ڊاڪٽر مشتاق ڦل، مشتاق بخاري، مهر النساءِ لاڙڪ، نبي بخش ناز بشير منگي ۽ زاهد راڄپر ڏک جو اظهار ڪندي هفتو سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪندي سڄي سنڌ ۾ ادبي سنگت جون رٿيل سموريون سرگرميون معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻئي پاسي ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، نند لال مالهي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، قادر چنا ۽ هوت خان گاڏهي پنهنجي گڏيل بيان ۾ سنڌ جي مها شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ اديب شمشمير الحيدري جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي پونئيرن سان تعزيت ڪئي آهي.


 

شمشير جو خال سنڌ صدين تائين ڀري نه سگهندي:

ڏات ڌڻي

ڪراچي/بدين (نمائندن وٽان) شمشير الحيدري جي وڇوڙي تي ”ڪاوش“ سان ويچار ونڊيندي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چيو ته شمشير الحيدري جي وڇوڙي جو خال سنڌ صدين تائين ان خال کي ڀري نه سگهندي. سندس وڇوڙو سنڌ لاءِ وڏو سانحو آهي، اهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ جنم وٺندا آهن، اديب محمد علي پٺاڻ چيو ته شمشير الحيدريءَ جي وڃڻ سان سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جو گلشن اجڙي ويو آهي، سنڌ اهڙي باضمير پٽ کي جنم ڏنو، جنهن جو مثال نٿو ملي، ڪهاڻيڪار علي بابا چيو ته مون شمشير جهڙو ماڻهو ڪنهن ماڻهو ۾ نه ڏٺو، مون عمر جا ۵۲ سال ان سان گذاريا، هو منهنجي لاءِ وڏو ڀاءُ جهڙي حيثيت رکندو هو، هن چيو ته مون کي علي بابا ٺاهڻ ۾ شمشير جو وڏو هٿ هو، تاج جويي چيو ته شمشير الحيدري جي انفراديت اها هئي جو هو سڀني همعصرن کان منفرد هو، هن جو لهجو ۽ ڊڪشن پنهنجو هو ۽ وڏن شاعرن جي اها ئي خصوصيت هوندي آهي ته اهي شاعري جا وزن بحر ٽوڙي پنهنجا وزن ۽ بحر جوڙيندا هئا، ليکڪ علي حسن چانڊيو چيو ته شمشير الحيدري اصول پسند انسان سان گڏ اصول پسند اديب پڻ هو هن پنهنجي زندگي ۾ ڪي به خال ڪو نه ڇڏيا ۽ هميشه اتساهيندو رهيو، هوڏانهن شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري چيو ته سنڌ جي بي بها اديب ۽ ڏاهي شمشير الحيدري جي موت سان سڀني جو ناقابل تلافي نقصان آهي، اهڙا اديب معاشري ۾ مزاحمتي ڪردار طور سڃاتا وڃن ٿا، جهوني اديب محمد صديق ”مرهم“ ملاح چيو ته شمشير جهڙو يار وڇڙي وڃڻ سان وڏو صدمو پهتو آهي.

شمشير سان ۱۹ مئي تي آخري شام ملهائي وئي

ڪراچي: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي پاران ۱۹ مئي ۲۰۱۲ع تي شمشير الحيدري سان ياد گار شام ملهائي وئي. جيڪا سندس زندگي جي آخري ملهايل شام ثابت ٿي، جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ پوري سنڌ مان ماڻهو شمشير کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا ۽ هر طبقي جي ماڻهو شمشير کي گلن جا ۽ نوٽن جا هار پهرايا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايوارڊ به ڏنا ويا، هي تقريب رات دير تائين جاري رهي، جيڪا شمشير سان زندگي جي آخري شام هئي.


 

شمشير انسان ڪامل، ڪاروان ڪربلا، پورس جا هاٿي، تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا، آمريڪا جو سياسي سرشتو، سوکڙي ڪاڪ محل، تاريخ جو ڪچرو ۽ ٻيا ڪتاب لکيا

ڪراچي: شمشير الحيدري کي لکڻ ۽ پڙهڻ سان ننڍ پڻ کان لڳاءُ هوندو هو، شمشير شروع ۾ اردو ٻولي کي علمي زبان سمجهندي اردو ۾شاعري ڪيائين ننڍ پڻ کان ئي اخبارن ۽ ٻارڙن لاءِ شاعري ڪهاڻيون ترجمو ڪري لکندو رهيو سندس ٻاراڻي ڪهاڻي رٺل گڏيون الوحيد ۾شايع ٿيون.جڏهن سنڌي زبان سان بهتر طور واقفيت ٿي ته هن شاهه، سچل، سامي پڙهڻ شروع ڪيو ۽لکڻ به لڳو ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾سندس پهريون تخليقي نظم سنڌ مدرسه السلام“ لکيو جيڪو مدرسي جي ۱۹۴۹ع واري ڪرانيڪل ۾ شايع ٿيو. شمشير الحيدري جو پهريون مجموعو شاعري جو لاٽ ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو. شايع ٿيل ڪتابن ۾ انسان ڪامل، ڪاروان ڪربلا، پورس جا هاٿي، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا، آمريڪا جو سياسي سرشتو، سوکڙي، بهترين سنڌي افسانا، سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر، ڪاڪ محل، تاريخ جو ڪچرو، سنڌي شاعري جو اڀياس، سجاڳ سانگهڙ، سنڌ اپليٽ، فلم اينڊ فلوٽ (انگريزي ۾) پيار جوگيت، ڪئنڊڊ، جڏهن ته اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ۱ ٻارن جا گيت، ۲ غزل، گيت، بيت، وايون، ۳ ڪتاب آتم ڪٿا جو مڪمل مجموعو شامل آهن. مرحوم آخري ڏهاڙن ۾ نظر جي گهٽ ٿي وڃڻ سبب ادب سان لڳاءُ ڪو نه ڇڏيو هو پاڻ اسلام آباد ۾ سندس پٽ سليم حيدر وٽ رهڻ کانپوءِ هن پٽ کان آتم ڪٿا لکرائي جيڪا ننڍپڻ کان اٺين ڪلاس تائين لکرائي سگهيو، ان کانپوءِ هن جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ پاڻ اسلام آباد کان ڪراچي آيو.


 

شمشير آتم ڪٿا پوري نه ڪري سگهيو

ڪراچي: شمشير الحيدري ۱۰ سال پهريان اک جو آپريشن ڪرايو هو پر گذريل سال هن جي اکين جو نور آهستي آهستي مڪمل طور تي ختم ٿي چڪو هو پاڻ اسلام آباد ۾ پٽ وٽ رهيو جتي اکين جي آپريشن ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پر اکين جو آپريشن ڪٿي به ڪو نه ٿي سگهيو آخر ڪار هي خاموش ٿي واپس ڪراچي پهتو جتي هي پنهنجي پٽ کان آتم ڪٿا ڪتاب لکرائڻ لڳو پر اهو مڪمل ڪتاب نه ٿي سگهيو ۽ وفات ڪري ويو.


 

پي ٽي وي جي پهرئين سنڌي ڪمپيئر شمشير ڪيترائي ڊراما لکيا

ڪراچي: شمشير الحيدري پي ٽي وي جو پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ پهريون سنڌي ڊراما رائيٽر هو، هن ڪيترائي پي ٽي وي لاءِ ناٽڪ ڊراما پڻ لکيا، هن ٽي وي لاءِ پهريونڊرامو ٽن قسطن تي لکيو جيڪو مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ جو ناٽڪي روپ هو. پروگرام ”رس رهاڻ“ جو ۱۲ جنوري ۱۹۷۰ع تي پهريون سنڌي ڪمپيئر مقرر ٿيو هو، هن جا مشهور لکيل ناٽڪ دنيا دل وارن جي، وڃين ٿيا خير، روشن تارا، پروگرام لاءِ وڏو عرصو اسڪرپٽ لکندو رهيو، هن کي پي ٽي وي پاران ٽي ڀيرا ايوارڊ سنڌ اڪيڊمي دهلي، اورينٽ انٽرنيشنل ۱۹۹۹ع ايوارڊ، پي آءِ ڊي، گورنمينٽ آف پاڪستان، ”نئين زندگي“ جي گولڊن جوبلي، ”حسن ڪارڪردگي“، طب جي حوالي سان ”پاڪستان حڪماءَ آرگنائيزيشن (ٻه ايوارڊ) بو علي سينا ۽ الرزيٰ. سنڌي ادبي سنگت، سگا ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ايوارڊ مڃتا طور مليا، شمشير الحيدري جو مامو ڪامريڊ نذير حسين حيدري سياست ۾ ڪافي سرگرم هو پهرئين مسلم ليگ جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي سلسلي ۾ جيل پڻ ويو، ان کانپوءِ پ پ ٺهي ان جو بنيادي ميمبر بڻيو.

 

ڪوآپريٽو بئنڪ جو مئنيجر، سنسر بورڊ، ادبي بورڊ ۽ ٻين نوڪرين ۾ رهيو

ڪراچي: شمشير الحيدري پهرئين نوڪري ۱۹۵۰ع ۾پاڪستان رائس ملز ۾ منشي طور شروع ڪئي، جتي هن جي ۶۰ رپيا پگهار مقرر ڪئي وئي هئي. ان کانپوءِ پنهنجي مامي جي معرفت آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر رهيو. ان کانپوءِ بدين ڪوآپريٽو بئنڪ بدين جو مئنيجر مقرر ٿيو. ۱۹۵۶ع ۾سنڌي ادبي بورڊ ۾ڪلارڪ مقرر ٿيو. اهڙي طرح سنڌي ادبي بورڊ ۾ يارنهن سال نوڪري ڪئي. ۱۹۶۶ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي مرڪزي اطلاعات ۽ نشريات جي وزارت جي ڊائريڪٽوريٽ آف فلمز اينڊ پبليڪيشن جي سنڌي شعبي جو سربراهه ۽ ماهوار رسالي نئين زندگي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، اتي هن يارنهن سال ڪم ڪيو، ان کانپوءِ پيپلز پارٽي جي دور حڪومت ۾ مرڪزي مواصلات کاتي پاران ”ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل“ کوليو ويو ان جو ڊپٽي مئنيجر بڻيو، ڏيڍ سال کانپوءِ شهيد ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ اهو کاتو ٽوڙيو ويو ۽ شمشير الحيدري کي ۱۹ هين گريڊ ۾ سرپلس ڪيو ويو. يارنهن سالن کانپوءِ ٻيهر پ پ جي حڪومت آئي ته سرڪار کيس ”يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن سوسائٽي“ ۾ سينيئر ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪري رکيو ويو جتان پاڻ ۱۹۸۹ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.


 

رابرٽ برنس، شاعريءَ جي اٽڪل ۽ شمشير

ڊاڪٽر مسرت خواجا

جيتوڻيڪ رابرٽ برنس (۱۷۹۶-۱۷۵۹ع) ڪو وڏو شاعر نه هو، پر سندس شاعري کيس فرش تان کڻي عرش تي پهچائي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هن جيڪا به شاعري ڪئي، اها مڊل ڪلاس ۽ غريب ماڻهن لاءِ هئي، گڏوگڏ هن پنهنجي شاعري ۾ ڌرتي کي پڻ ڪين وساريو هو. ڏتڙيل، مسڪين ۽ مڊل ڪلاس ماڻهن لاءِ هن جي شاعري پٺيان جيڪو فلسفو بيان ڪيو وڃي ٿو، اهو هي هو ته سندس والد ”وليم برنس“ هڪ هاري هو ۽ پاڻ به ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءُ سان گڏجي هارپ ڪندو هو. هن شاعري سان گڏوگڏ گيت پڻ لکيا ۽ اهي ايترا ته مقبول ٿيا، جو انهن کي اسڪاٽ لينڊ جو عوام اڍائي سئو سالن کان پوءِ به وساري نه سگهيو آهي. هر سال ۲۵ جنوري تي سندس سالگرهه پڻ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وڃي ٿي. ۲۵ جنوري ۱۸۵۹ع ڌاري آمريڪي فلاسافر ۽ شاعر راف والڊو ايمرسن، رابرٽ برنس جي سئو سالا سالگرهه جي تقريب جي موقعي تي جيڪا لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، سا غور طلب آهي. ايمرسن جو چوڻ هو ته رابرٽ برنس ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون، جيڪي ڪنهن مڪمل شاعر ۾ هئڻ گهرجن. هو ڪو باقاعده شاعر نه هو پر ”اٽڪل“ سکي شاعر بڻجي ويو ۽ شاعر به اهڙو جيڪو ڪيٽس، شيلي ۽ ٽينيسن کي به شهرت جي ميدان ۾ پٺتي ڇڏي ويو ۽ سندس شاعري مڊل ڪلاس ۽ غريب ماڻهن جي دل ۽ دماغ تي اهڙو ته اثر ڇڏيو جو انهيءَ جا اثر فرانس جي انقلاب دوران پڻ محسوس ڪيا ويا. ايمرسن ڀيٽا ڏيندي وڌيڪ چوي ٿو ته هن غريب ماڻهن کي سجاڳي ڏني ۽ پاڻ ڏکن ۽ غربت ۾ رهندي ڪڏهن به مايوسي جو اظهار نه ڪيو ۽ هميشه سندس چپن تي اهو ئي جملو هوندو هو ته، خدا وڏو آهي (يا مولا تي ننگ آهي). هن جوَ کائي گذارو ڪيو ۽ جوَ جو ”پاڻي“ پاڻ ۽ سنگت کي پياري، رس رهاڻ جي محفل جو مور بڻيو. ايمرسن ٻين شاعرن سان ڀيٽ ڪندي چوي ٿو ته، برنس ڪکائن گهر ۾ غربت واري زندگي بسر ڪئي، پر ان جي ابتڙ گوئٽي، بائرن ۽ مور جهڙن شاعرن ٺاٺ واري زندگي بسر ڪئي هئي. هن تعزيتي ميڙاڪي ۾ اها به صلاح ڏني ته رابرٽ برنس جي شاعري جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪرايو وڃي. جڏهن ايمرسن پاران تعزيتي ڀيٽا ۽ ساڳئي وقت برنس جي شاعري پڙهي رهيو هوس، جنهن جو عنوان ”A Red, Red Rose“ هو، تنهن ۾ سندس چوڻ ته:

And I will come again, my love

Though it were ten thousand miles.

(پيارا، مان موٽي ايندس، ڀل اهو سفر ڏهن هزارن ميلن تي محيط هجي.)

ته ڌيان يڪدم ٻئي جنم طرف ڇڪجڻ لڳو ۽ اهو شڪ ٿيڻ لڳو ته ڪٿي رابرٽ برنس پوڻن ٻن سئو سالن کان پوءِ ۱۹۳۱ع ۾ ”ٻيو جنم“ وٺي شمشير الحيدري جي روپ ۾ ڪڍڻ شهر ۾ ته پيدا نه ٿيو هو؟ ڇاڪاڻ ته ايمرسن پاران جيڪي پار پتا، نشانيون ۽ تڪليفون، رابرٽ برنس حوالي سان بيان ڪيون ويون آهن، اهي سڀ شمشير ۾ پڻ موجود هيون.

شمشير الحيدري به ڪو ايڏو وڏو شاعر نه هو پر جيڪا هن شاعري ڪئي، اها به مارو ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتي لاءِ هئي. ڏٺو وڃي ته سندس شاعري ۾ بغاوت به آهي ته نئوڙت به آهي. پر وري جڏهن سندس خوداري تي سوچجي ٿو ته اها پنهنجو مَٽ پاڻ آهي، جيڪا آخري وقت چوڪنڊي جي قبرستان تائين قائم رهي. شمشير جيڪا به شاعري ڪئي، ان کيس رابرٽ برنس وانگر وڏي شاعرن جي صف ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو. بقول ميڊم مهتاب اڪبر راشدي جي ته خبر ناهي اها ڪهڙي ”اٽڪل“ هئي، جنهن کيس وڏو شاعر بڻائي ڇڏيو! لفظ ”اٽڪل“ شمشير جي ايجاد آهي. جڏهن به ڪو ماڻهو شاعري جي باري ۾ پڇندو هوس ته توهان اهڙي خوبصورت شاعري ڪيئن ٿا ڪريو؟ جواب هوندو هوس ته ”مون شاعري ڪرڻ واري اٽڪل سکي ورتي آهي“ پر ڏٺو وڃي ته اها اٽڪل نه هئي، بلڪه قدرتي ڏات هئي، جيڪا هن منجهه هئي. اڄ به جڏهن جيجي زرينا جي آواز ۾ سندس گيت، ”جبل مٿي جهڙ او جاني“ ٻڌجي ٿو ته هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. وري جڏهن سندس لکيل ڪتاب ”سنڌي شاعريءَ جو اڀياس“ تي نظر پوي ٿي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته شمشير الحيدري سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ وڏي خدمت سرانجام ڏني هئي ۽ آزاد نظم کي متعارف ڪرائڻ ۾ به سندس وڏو ڪردار هو، گڏوگڏ هن ٻارن لاءِ به جيڪا شاعري ڪئي، اها قابل تعريف آهي.

دوران بيماري منهنجي شمشير سان اسپتال ۾ هر روز ملاقات ٿيندي رهندي هئي، پر صحتيابي جي ڏهاڙن دوران پڻ مسلسل رابطو رهيو ۽ کائنس گهڻي ئي ادبي، علمي ۽ سياسي ڄاڻ حاصل ٿيندي رهي. هن ڪجهه سياسي توڙي ادبي شخصيتن حوالي سان اهڙيون ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون، جن، سندس نظر ۾ سنڌي ماڻهن سان ويساهه گهاتي ڪئي، هن انهن ماڻهن کي سنڌي قوم اڳيان وائکو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ سندس آرزو هئي ته جلد صحتياب ٿي، هو گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا سنڌالاجي ۾ وقت گذاري، جيئن هو اتي پراڻن ڪاڳرن کي هٿ ڪري ثبوتن سميت سنڌ واسين کي ڏيکاري ته سندن ڪرتوت ڪهڙا هئا پر سندس اها آرزو پوري نه ٿي سگهي. مون جڏهن اهو سوال ڪيو ته توهان ڇو انهن ڪاڳرن کي سنڀالي نه رکيو يا جيڪو ڪجهه لکيو انهن کي ڪتابي شڪل ڇو نه ڏني وئي؟ اهو هڪ اهڙو سوال هو، جنهن جي باري ۾ مون ڪاوش جي گذريل آرٽيڪل ۾ لکيو هو ته اسان سڀ انهيءَ جا ذميدار آهيون. چوڻ جو مقصد ته جيڪي حڪومتي ادبي ادارا هئا، انهن پسند ۽ ناپسند واري فلسفي کي اڳيان رکيو، رات وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اهڙن شاعرن ۽ اديبن جا ڪتاب ڇاپيا ويا، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجهڻ کان مٿي هئا پر انهن کي اهميت ڏني ويئي ۽ شمشير جي لکڻين کي نظر انداز ڪيو ويو، نه ئي وري شمشير جي خون ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته هو آفيسن جا چڪر ڪاٽي ۽ پنهنجن لکڻين لاءِ ايلاز ۽ منٿون ڪري ته سندس ڪتاب ڇاپيو وڃي. اهو ڪم ان وقت جيڪي ڪرسي تي ويٺا هئا، انهن کي ڪرڻ کپندو هو، جيڪي نه ڪري سگهيا، تان جو اهي لکڻيون مٽيءَ ۽ اڏوهي جي ور چڙهي ويون. سندس لکڻين جو ڪتابي صورت ۾ نه اچڻ جو ٻيو وڏو سبب ”غربت“ هئي. شمشير الحيدري جو نالو ئي اهڙو هو، جيڪڏهن هو پنهنجو پاڻ کي ”ڪيش“ ڪرائي ها ته اڄ سندس ڪٽنب جا فرد ۴۰ سالن کان پاڪستان ڪوارٽرز جي ڀڳل، ٽٽل جڳهه ۾ نه رهيل هجن ها ۽ نه وري فيض کوسي کي پنهنجي ڪاوش جي گذريل آرٽيڪل ۾ ان برسات ۾ ٽمندڙ ڪوارٽر جي نقشي چٽڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ها، جڏهن هو ڪي ٽي اين طرفان ڪراچي ۾ سندس گهر انٽرويو ڪرڻ ويو هو. انهن سڀني تڪليفن ۽ ڏکن جي باوجود به هن ڪڏهن مايوسي يا نااميدي جو اظهار نه ڪيو، کيس خبر هئي ته ڪئنسر سندس جسم ۾ پاڙون ڪري ورتيون آهن، ان باوجود به جڏهن اسپتال ۾ بيماري جي بستر تي پڇندو هوس ته سائين طبيعت ڪيئن آهي؟ ته جواب هوندو هو ”سـُک“. مان سوچيندو هوس ته يار هي ڪهڙي لوهه جو ٺهيل انسان آهي، جنهن پنهنجي سڄي زندگي ۾ صرف ڏک ئي ڏک ڏٺا هجن ۽ اڄ جڏهن هو بيماري جي بستر تي پيل آهي ۽ اتي به سک جهڙا لفظ پنهنجي زبان مان پيو ٻاهر ڪڍي.

هڪ سٺي اها به خبر ملي آهي ته شمشير جا مائٽ مٽ ۽ ادبي دوست، سندس لکڻين کي محفوظ ڪري رهيا آهن، جيئن انهن کي ڪتابي شڪل ڏيئي سگهجي. انهن لکڻين ۾ به سنڌ آهي ۽ سنڌ کي ڳولهي لهڻ وارو ڪتاب ”Exploring Sindh“ پڻ شمشير ۽ انور پيرزادي جي ڪاوشن جو نتيجو آهي، جيڪو ڪجهه مهينا اڳ انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. سندس نامڪمل آتم ڪٿا کي پڻ مڪمل ٿيڻ گهرجي، جنهن جي ذميداري سندس ڪٽنب جي فردن تي آهي.


 

شمشير

جيڪو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو آهي

يوسف شاهين

سورن سندي ساٿ جا، سدا سوالي،

اٿارين اڀ کي، سي جابر جلالي،

ھلن ھٿين خالي، کڻيو مڻيا من ۾.

يوسف

مٿيون بيت گهڻو اڳ مون شمشير کي منسوب ڪيو هو. اڄ سورن سندي ساٿ جو سدا سوالي، پنهنجو نور وڃائي چڪو آهي. سڄي عمر سنڌ لاءِ نور نچوڙيندڙ هي شخص اونداهين ۾ گم ٿي ويو آهي. هو هاڻ پنهنجا پراوا نٿو ڏسي سگهي. گذريل ويهين صديءَ دوران ادب جي دنيا ۾، سنڌ جيڪي به عظيم شخصيتون پيدا ڪيون، انهن ۾ شمشير جو نالو نمايان آهي. هي نه فقط عظيم اديب، شاعر ۽ صحافي آهي بلڪ اديب ساز، شاعر ساز ۽ ماڻهوءَ ساز به آهي. هن ادب، شاعري ۽ صحافت ۾ ڪيترا ئي نوان گس ڏيکاريا، بلڪ ڪيترن کي گس به لاتو. منهنجي هن جگري دوست سان منهنجون ڪيتريون ئي مائٽيون آهن. ڪيترا ئي ڏُک سک گڏ ونڊيا هونداسين. مون هن شخص کي زندگيءَ ۾ ڪڏهن مايوس نه ڏٺو. سدائين جوان، سدائين بَرجستو، سدائين بي پرواهه، سدائين چوندو ته؛ رب پاڪ تي ننگ آهي. نور وڃائڻ باوجود، هن جو رب پاڪ تي ئي ننگ آهي. ڪنهن کان ڪجهه به نٿو گهري.

بر صغير هند ۽ سنڌ ۾، گوتم ٻڌ پهريون شخص هو، جنهن آريا مهاجرن جي ٻولي ”سنسڪرت“ کي نظرانداز ڪندي مادري ٻولين کي همٿائڻ ۽ ترقي وٺرائڻ جي ڳالهه ڪئي. ان کان اڳ، لڳاتار هڪ هزار سالن تائين هند ۽ سنڌ ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جي ڌاڪ بلڪ دهشت ويٺل هئي. آريا مهاجر، جيڪي هند ۽ سنڌ جا حاڪم بڻجي ويا هئا، انهن سنسڪرت کان علاوه ٻي ڪنهن به ٻوليءَ کي اُسرڻ جي اجازت نه ڏني. جيئن ته مهاتما ٻڌ کان پوءِ، ٿوري عرصي ۾ سڄو هندستان ٻڌمت جو پوئلڳ ٿي ويو، ان ڪري هندستان جي سڀني رياستن ۾ مادري ٻوليون اڀري آيون ۽ انهن ٻولين ۾ وڏا اديب، شاعر ۽ عالم پيدا ٿيا، جن کي راجائن ۽ بادشاهن وڏا مان ڏنا. اڪبر بادشاهه کان اڳ هندستان جي رياستن ۾ ”نو (۹) رتن“ جو رواج هو. انهن ۹ رتنن ۾ مادري ٻوليءَ جا شاعر، اديب يا عالم شامل ڪيا ويندا هئا. اهو درجو وزير برابر هو. هندستان جي ڪيترين ئي رياستن پنهنجن شاعرن ۽ اديبن کي وڏا لقب به ڏنا، مفت زمينون الاٽ ڪيون ۽ ڪيترن کي سونن سڪن ۾ وهنجاريو. اهڙو سنڌ ۾ به رواج هو. سنڌ جي شاعرن، عالمن ۽ اديبن کي تحفي طور زمينون ڏنيون وينديون هيون. بعد ۾ اهو عمل سيدن ۽ پيرن تائين محدود ٿي ويو. نتيجي طور اسان شيخ اياز جهڙي شاعر کي، شمس العلماءَ جو لقب نه ڏئي سگهياسين.

اسان سنڌي، پنهنجي مادري ٻولي سنڌيءَ کي بچائڻ لاءِ ۱۵۰۰ قبل مسيح کان وٺي اڄ تائين ويڙهه کائيندا ٿا اچون. آريا مهاجرن جي ٻولي سنسڪرت سان اڃا ويڙهه جاري هئي ته مٿان عرب سڳورا سنڌ تي ڪاهي آيا. انهن اسان مٿان عربي ٻولي مسلط ڪئي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وڌڻ ويجهڻ جا سڀ گهٽ بند ڪري ڇڏيا. عربن کان پوءِ فارسي ڳالهائيندڙ حمله آور سنڌ تي قابض ٿي ويا. اهو قبضو تقريبن ڇهه سئو سالن تائين جاري رهيو. ان عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ بدران فقط فارسي ٻوليءَ سنڌ ۾ اوج ماڻيو. فارسي پڙهسين، گهوڙي چڙهسين. اهو محاورو عام ڪيو ويو. ان ڊگهي عرصي دوران فارسي تسلط خلاف سڀ کان وڏي بغاوت شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڪئي. هن فارسي ٻوليءَ بدران پنهنجي مادري سنڌي ٻوليءَ ۾ اها شاعري ڪئي، جنهن جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. شاهه جي سموري شاعريءَ جا گس آزاديءَ ڏانهن وڃن ٿا. شان، مان ۽ عظمت سان جيئڻ جا گس، سمورا حق، سمورا وسيلا ماڻڻ جا گس.

بهرحال، فارسي حمله آورن جو سنڌ تي تسلط جاري هو ته مٿان انگريز واپاري سنڌ ۽ هند جا مالڪ ٿي ويا. هنن فارسي ختم ڪري انگريزي ٻوليءَ کي سڄي برصغير ۾ نافذ ڪيو. هنن سنڌ ۾ انگريزيءَ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري توڙي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو. انگريزن سنڌ ۾ سمورو ڪاروهنوار سنڌي ٻوليءَ ۾ هلايو. ان وچ ۾ انگريزن کان آزادي وٺڻ لاءِ سنڌي ميدان ۾ لهي پيا. پير پاڳارو انگريزن جي تسلط خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو. ان موقعي تي سنڌ جي عورتن انگريزن خلاف جيڪا گوريلا ويڙهه کاڌي ۽ قربانيون ڏنيون، اهي تاريخي واقعا سونهري اکرن ۾ لکڻ لائق آهن. اڳتي هلي سنڌ اسيمبليءَ پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد پاس ڪئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ بدران ”اڙدو“ ٻولي جي ترقيءَ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويا. جڏهن ته اڙدو ٻولي پاڪستان جي ڪنهن به رياست جي ٻولي نه هئي، ان کي پاڪستان جي سرڪاري ٻولي ٺاهيو ويو. اصول مطابق بنگالي، سنڌي ۽ هتي جي ٻين ٻولين کي سرڪاري توڙي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻو هو.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان هڪ تمام وڏو ۽ تمام خطرناڪ واقعو پيش آيو. جنهن سنڌ جي قومي وجود کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهو واقعو آهي سنڌ ڏانهن هجرتون، انهن هجرتن سبب اسان پنهنجا هندو سنڌي ڀائر وڃائي ويٺاسين. بهرحال، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ڏانهن چار وڏيون هجرتون ٿيون. هڪ هندستان کان، ٻي پنجاب ۽ ڪشمير کان، ٽين اڳوڻي صوبي سرحد، فاٽا ۽ افغانستان کان ۽ چوٿين بنگال، بهار، سائوٿ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن کان. اهڙيءَ طرح گذريل سٺ سالن دوران چار ڪروڙ ڌاريان ماڻهو سنڌ ۾ آباد ٿي چڪا آهن يا ائين چئجي ته هر سنڌيءَ پويان هڪ غير سنڌي بيٺو آهي. مون ڪئين ڀيرا لکيو آهي ته وڏيون هجرتون، فوجي فتوحات کان به خطرناڪ ٿين ٿيون. هي چار وڏيون هجرتون سنڌي قوم کي گم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن.

اڄ هتي مهاجر صوبي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، اهو وقت پري ناهي جڏهن سنڌ ۾ پشتو صوبي ۽ پنجابي سيٽلرز صوبي جي ڳالهه ڪئي ويندي. گذريل سٺ سالن کان اسان سنڌين کي ڦدو ٺاهڻ لاءِ اها پروپيگنڊا ڪئي ويئي ته اسين صوفي آهيون، ان ڪري ڪنهن ڪنڊ پاسي ڏانهن هليا وڃون. سنڌ باب الاسلام آهي، ان ڪري دنيا جا سمورا مسلمان سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جو حق رکن ٿا. ڪراچي ”مني پاڪستان“ آهي، ان ڪري سڄو پاڪستان هيڏانهن هليو اچي. ٽن لکن جي آباديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ ٻه ڪروڙ ڌاريان گڏ ٿي ويا آهن. ڪالهه سنڌ جي عظيم ليکڪا ماهتاب محبوب کي لطيف آباد مان زوري لڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو.سڀاڻي ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ اسان سڀني سان اهڙو لقاءُ ٿيڻو آهي. اهڙو فيصلو قومن جي عروج ۽ زوال جي تاريخ ٻڌائي ٿي.

آخر ۾ آئون هڪ ڀيرو وري جناب شمشير کي مخاطب ٿيندي هڪ بيت پڙهندس اهو بيت مون جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي ان وقت موڪليو هو، جڏهن هن جون اکيون خراب ٿي ويون هيون. ڪيترا ئي ماڻهو هر روز مخدوم صاحب کي ڏسڻ ايندا هئا. بهرحال شمشير به ساڳي صورتحال مان گذري رهيو آهي. بيت هن ريت آهي:

اهڙين اکين جي، ڪيم ڪڍجي ڪاڻ،

جن لاءِ واجهائين، هي انڌيون اڻڄاڻ،

ڪري روح رهاڻ، طالب الموليٰ تن سين.

يوسف

No comments:

راءِ ڏيندا