; سنڌي شخصيتون: مهرالنساءِ لاڙڪ، يوسف شاهين، مسرت خواجا، عبدالواحد آريسر، اسحاق انصاري، عنايت بلوچ، پروين موسيٰ ميمڻ،
Showing posts with label مهرالنساءِ لاڙڪ، يوسف شاهين، مسرت خواجا، عبدالواحد آريسر، اسحاق انصاري، عنايت بلوچ، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label مهرالنساءِ لاڙڪ، يوسف شاهين، مسرت خواجا، عبدالواحد آريسر، اسحاق انصاري، عنايت بلوچ، پروين موسيٰ ميمڻ،. Show all posts

01 September, 2012

شمشير الحيدري - ۲

شمشير الحيدري – ۲

سنڌ جي دريافت!

ڊاڪٽر مسرت خواجه




سنڌ جي ليکڪ، شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس شمشير الحيدري سان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سندس ڪراچي واري گهر ۾ ملاقات ٿي ته هو صحت جي حوالي سان پهريائين کان ڪجهه بهتر نظر اچي رهيو هو. جسماني طور تي ته هو ڪمزور ٿي چڪو آهي، پر ذهني طور تي ڪمزور ناهي. اڄ به سنڌ جي موجوده حالتن تي کيس ڳڻتي آهي. سياڻن جي چوڻيءَ مطابق ته؛ ”جيڪڏهن ڪنهن جي اکين جو نور ختم ٿي وڃي ته مڙئي خير آهي، پر جيڪڏهن ڪنهن جو عقل گم ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه هليو ويندو آهي.“ سو شمشير جي اکين جو نور ته ختم ٿي چڪو آهي، پر عقل اڄ به سالم آهي. شمشير جڏهن به ڪنهن سان، ڪنهن موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو ته انهيءَ ۾ به ڪو مقصد سمايل هوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته سندس گفتا به ادبي هوندا آهن ۽ معنيٰ سمجهڻ ۾ ڪا ڏکيائي پيش نٿي اچي. پر وري جڏهن ڪنهن سان مذاق ڪري ٿو ته پريون همراهه مسڪرائڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهي. انهيءَ ڏينهن به منظور ميراڻي سان فون تي عليڪ سليڪ ڪرڻ بجاءِ کيس چيائين ته، ”ادا منظور آهي يا نامنظور“. مطلب ته هو پنهنجن دوستن ۽ پيارن سان کل ڀوڳ اهڙي نموني سان ڪندو آهي، جو اهي چاهيندا آهن ته ساڻن اهڙي کل ڀوڳ شمشير هميشه ڪندو رهي. سندس پنهنجا ايجاد ڪيل گهڻا ئي لفظ ۽ جملا اهڙا آهن، جيڪي سندس دوست محفلن ۾ ورجائيندا رهندا آهن ۽ کيس ياد ڪندا رهندا آهن. جيئن ”جو ئي کام کيا سو هي جڏا“ پر هن سنڌ جي حوالي سان جنهن به ڪم ۾ هٿ وڌو، انهيءَ کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايائين، چاهي اهو ڪم سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري دستخطي مهم هجي يا وري ون يونٽ خلاف ڪا تحريڪ هجي. اهڙن انسانن هيئن خراج تحسين پيش ڪري سگهجي ٿو ته: “He works with the fury of Michel Angelo” مطلب ته اهڙا انسان انهيءَ ساڳئي جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪن ٿا، جيئن مائيڪل اينجلو ڪندو هو.