; سنڌي شخصيتون: طالب حسين مغل

22 September, 2012

طالب حسين مغل


طالب حسين مغل
ٽيلينٽيڊ براڊڪاسٽر
انسان اگر ڪوشش ڪري ته قسمت به انسان جو ساٿ ڏيندي آهي، قسمت ماڻهو کي اهو ڪجهه به ڏئي ڇڏيندي آهي جنهن جو انسان ڪڏهن سوچي به نه سگهندو آهي. طالب حسين مغل به اهڙن ئي خوش قسمت ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو. جن تي قسمت اگر مهربان ٿئي ته اهڙو ڪم انهن جي ڪريڊٽ تي ڏئي ڇڏيندي آهي جو ڪير انهيءَ ڳالهه يا ڪريڊٽ کان انڪار نٿو ڪري سگهي.


طالب حسين مغل جو جنم ۱۹۸۵ع ۾ حيدرآباد جي علائقي گاڏي کاتي ۾ ٿيو. پرائمري تعليم محمدي اليمينٽري اسڪول کوکر پاڙي مان حاصل ڪئي. ميٽرڪ ماڊل اسڪول ۽ انٽرميڊيٽ ماڊل ڪاليج مان ڪئي، گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ماس ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ڪئي آهي.
پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي چينل ايف ايم ۱۰۱ جو پهريون سنڌي ڊي جي (ڪمپيئر) آهي. ۲۰۰۵ع ۾ جڏهن ايف ايم ۱۰۱ جي ٽرانسميشن کي نون ڪلاڪن مان وڌائي ۱۸ ڪلاڪ ڪيو ويو ۽ سنڌي ٻولي ۾ پروگرامن جو آغاز ڪيو ويو ته سڀ کان پهرين هوائن ۾ طالب حسين مغل جو آواز آن ائير ٿيو. پاڻ ايف ايم ۱۰۱ جو پهريون سنڌي ڊي جي آهي. کيس سندس ڪم تي ايف ايم ۱۰۱ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ۲۰۰۶ع ۾ بيسٽ سنڌي ڊي جي جو ايوارڊ، ايف ايم ريڊيو لسنرز ڪلب حيدرآباد پاران ۲۰۰۸ع ۾ حسن ڪارڪردگي ايوارڊ، ۲۰۱۱ع ۾ وي ايڪس ايم پاران بطور سنڌي بيسٽ ڊي جي يعقوب ذڪريا ايوارڊ به ڏنو ويو آهي. هونءَ ته حيدرآباد ۾ پرائيويٽ ايف ايم اسٽيشن به موجود آهن پر ته ايف ايم ۱۰۱ هڪ سرڪاري چينل ۽ پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو ايف ايم نيٽ ورڪ آهي، ۲۰۱۰ع جي ٻوڏ ۾ ريڊيو پاڪستان ۽ ايف ايم ۱۰۱ جو متاثرين جي لاءِ ڪم هڪ مڃيندڙ ڪم آهي.
طالب حسين مغل کي سڀ کان وڏو ڪريڊٽ اهو مليل آهي ته جڏهن ٻوڏ متاثرين لاءِ فنڊ جمع ڪرڻ لاءِ پوري پاڪستان ۾ ووٽن ذريعي هر شهر مان رڳو هڪڙو ڊي جي سليڪٽ ڪرڻو هو، بيسٽ ڊي جي ايوارڊ جي لاءِ ته حيدرآباد مان وڌيڪ ووٽ طالب حسين مغل حاصل ڪيا، اهو ايوارڊ ڪامپٽيشن پاڪستان ليول جو هو ۽ اهو ايوارڊ شو ۲۰۱۱ع ۾ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد جي مهدي حسن ڪونسرٽ هال ۾ ٿيو هو، جيڪو پوري پاڪستان ۽ گڏوگڏ دنيا جي ۵۶ ۾ ٻڌيو پئي ويو، انهي شو ۾ ۽ ايف ايم ۱۰۱ جي تاريخ ۾ طالب حسين مغل پهريون سنڌي ڊي جي آهي، جيڪو سنڌي ۾ آن ائير ٿيو ۽ پاڪستان ليول تي حيدرآباد جو پهريون ڊي جي آهي، جنهن بيسٽ آر جي ۲۰۱۱ع جو ايوارڊ ماڻيو، اهو ايوارڊ شو ايف ايم جي تاريخ ۾ پاڪستان ليول جو پهريون ايوارڊ شو هو، ان شو ۾ پوري پاڪستان کان ڊي جيز ۽ ريڊيو جا اعليٰ آفيسر موجود هئا، انهن ۾ رڳو هڪڙو سنڌي طالب حسين مغل هو، ويجهڙائي ۾ ۱۴ جولائي تي بيسٽ سنڌ ڊي جي ۲۰۱۲ع جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو آهي، طالب حسين مغل نه رڳو سٺو ڊي جي آهي بلڪي سٺو ليکڪ، ڊائريڪٽر، ٽرانسليٽر ۽ آرٽسٽ به آهي، پاڻ ٽي وي چينل تي بطور ڪو ڊائريڪٽر ۽ ايڪڙ ڪم ڪري چڪو آهي، مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل به لکندو رهندو آهي، هن وقت پاڻ ايف ايم ۱۰۱ حيدرآباد تان سنڌي شخصيتن ۽ ڪلامن جي حوالي سان خصوصي پروگرام پيش ڪري رهيو آهي.

1 comment: