; سنڌي شخصيتون: استاد وزير علي خان - آچر خاصخيلي

08 September, 2012

استاد وزير علي خان - آچر خاصخيلي


استاد وزير علي خان
آچر خاصخيلي
سنڌ ڪيترن ئي املهه ۽ ماڻڪ موتين کي جنم ڏنو آهي. جن ڌرتي، قوم ۽ ٻولي جو نانءُ اونچو ڪيو آهي. اهڙن املهه هيرن مان گواليار خاندان جي ڪلاسيڪل راڻي استاد منظور علي خان جو ڀاءُ ڪلاسيڪل راڳي استاد وزير علي خان به هڪ هو. جنهن پنهنجي ڪلاسيڪل رنگ ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو. استاد وزير علي ۱۹۳۸ع ۾ استاد جمالو خان شاهه جي گھر، ٽنڊو آدم ۾ ڄائو. جنهن پنهنجي والد استاد جمالو خان ۽ ڀاءُ استاد منظور علي خان کان سکيا ورتي.


استاد وزير علي خان جي ڪلاسيڪل موسيقي تي گرفت ڏاڍي مضبوط هوندي هئي ۽  هو سکيا تمام سٺي نموني سان ڏئي سگهندو هو. هن ۴۰ کان مٿي شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ استاد فتح علي خان، دين محمد دمساز، فدا حسين پنهور، رجب علي خان لاهور، اياز شاهه، غلام عباس کوسو، امداد جپري، بچل خان مري، در محمد خان مري، راجو راجڪمار، غلام حسين باريجو ۽ ٻيا شامل آهن.
وزير علي خان به پنھنجي ڀاءُ منظور علي خان وانگر ۸ سالن کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ سندس والد جمالو خان، پيالو ڪري ويو ته پوءِ پنھنجي ڀاءُ منظور علي خان کان سکيا ورتائين ۽ ۱۹۵۷ع استاد وزير علي خان کي حيدرآباد ريڊيو پاڪستان تان ڪلاسيڪي موسيقي جو پهريون پروگرام مليو، جنهن ۾ راڳ هنڊول ڳاتائين.
پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي جي اوپننگ تي وزير علي خان، منظور علي خان سان گڏجي راڳ ميگهه ڳاتو. استاد وزير علي، تعليم کاتي ۾ سرڪاري ملازم به رهيو. هو ۱۹۹۰ع ۾ کيس سترهون گريڊ پڻ مليو ۽ ۱۹۹۸ع ۾ هو ملازمت کان رٽائرڊ ٿيو. پوءِ هو سچل، ڀٽائي، حمل فقير، جهوڪ يا ٻين ميلن جي محفلن ۾ ويندو هو. هو جڏهن آمريڪا ويو ته کيس خاندان سميت، آمريڪا ۾ رهڻ لاءِ چيو ويو. کيس خاندان سميت گرين ڪارڊ ڏيڻ جو پڻ چيو ويو پر هن پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ پيار محبت کي نه وسارڻ جو چئي، تمام آفرون ٺڪرائي، واپس آمريڪا مان هليو آيو. استاد وزير علي خان کي ايڪسيلينس ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا ئي ايوارڊ حاصل ڪيائين.
هن ڏاڏا فيض علي شاهه، شاهه اسد، مشتاق جسڪاڻي، شريف طالب، محمد شريف خاصخيلي جي صحبت سبب، سنڌي فلمن ۾ اداڪاري پڻ ڪئي. جنهن ۾ فلم رنگ، پرو ۽ ٻيون فلمون شامل آهن. سندس فرزند نادر ٻڌائي ٿو ته وڏي پڙ واري مسجد جي مولوي کي چيو ته فجر جي اذان سر ڀيروي ۾ ڏيڻ گهرجي. استاد وزير علي خان ڪيترن ئي راڳن جون ڌنون پڻ ٺاهيون. گواليار گهراڻي جو اهو کل مک يار دوست ۽ هڪ حسين ڪلاسيڪل راڻو وزير علي خان جو شگر ۽ فالج سبب، سول اسپتال حيدرآباد ۾ ۱۰ آگسٽ تي صبح جو ۹ وڳي روح پرواز ڪري ويو ۽ وڃي خالق حقيقي سان مليو.

No comments:

راءِ ڏيندا