; سنڌي شخصيتون: حاجي محمد صديق شورو - عبدالرشيد سومرو

09 September, 2012

حاجي محمد صديق شورو - عبدالرشيد سومرو


حاجي محمد صديق شورو
هڪ راڄيتو ماڻهو
عبدالرشيد سومرو
سنڌ جي سماٽ برادريءَ ۾ هڪڙو قبيلو شورن جو به آهي. ڪوٽڙي جي ڏکڻ طرف سنڌو درياءَ جي ڪناري تي شورن جا ڪيترائي ڳوٺ آهن. انهن ڳوٺن ۾ الهه بچايو شورو نالي هڪ ڳوٺ آباد آهي. شورن ۾ ڪيترا نالي وارا ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجو ۽ شورن جو ڳاٽ اوچو رکيو. انهن ۾ اسماعيل شورو، جهونجهار شورو، دائود شورو، شامل آھن جن ڌرتي تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو.


حاجي محمد صديق شورو ولد محمد صادق شورو ۲۱ جنوري ۱۹۳۵ع ۾ ڳوٺ الهه بچايو شورو ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد ۾ حاصل ڪئي. سال ۱۹۵۰ع ۾ اي ايس آءِ ڀرتي ٿيو. نوڪريءَ دوران، پنهنجي ماڻهن کي پٺتي ڏسي، سياست ۾ حصي وٺڻ جو اعلان ڪيو. هن پهرين ڇڙوڇڙ ٿيل پنهنجي برادري کي گڏ ڪيو ۽ ۵ جنوري ۱۹۷۵ع تي آل سنڌ شورا تنظيم جو بنياد وڌو. جنهن جو پاڻ تاحيات صدر رهيو.
حاجي محمد صديق شورو قبله حضرت مخدوم طالب موليٰ جي شخصيت کان متاثر هو ۽ مخدوم سرور نوح جو مريد هو. پهريائين سروري جماعت ۾ تعلقي ڪوٽڙي جو صدر ٿيو. ان کانپوءِ ضلعي دادو جو به صدر رهيو ۽ مرڪزي عهدي تي پڻ رهيو.
حاجي صاحب ملڪ سڪندر مرحوم سان گڏجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سحر انگيز شخصيت کي ڏسي، پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي، سياست جي شروعات ڪئي. ڀريل بت، ڏيادار ڏيل ۽ مڻيادار شخصيت جو مالڪ، حاجي محمد صديق شورو نه رڳو هڪ راڄوڻو لوڪ سڀا جو ڄاڻو ۽ راڄن جو راڻو بلڪ ساڻيهه جو ساهه سيباڻو ۽ ملوڪ ماڻهو هو. هو اهڙو ڪاپڙي ھو جيڪو ڪڏهن سک نه ستو. پنهنجي نظريي، اصول، آدرش ۽ سنڌ جي اعليٰ روايتن خاطر، ڪڏهن جيل ياترا ڪئي ته ڪڏهن جکرو جس کرو ٿي، ويرين سان مهاڏو اٽڪائيندي نظر آيو. هو، ۱۹۷۷ع ۾ بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو. آمر ضياءَ جي دور ۾، هن کي ڏهه دفعا گرفتار ڪري، جيل جون سختيون ڏنيون ويون، پر هو پارٽي سان وفادار رهيو. ڄام صادق جو دور، پارٽي ۽ ڪارڪن لاءِ ڏکيو دور هو. ان دور ۾، انهن دوست نما دشمنن، حاجي صاحب کي جهڪائڻ لاءِ ڪيترا ئي حربا هلايا؛ اغوا، ڌاڙا، ايتري قدر جو ٻڪريءَ-چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ به ڦاسايو ويو. انهن دوستن، حاجي صاحب کي ڏاڍو آزمايو پر اهي پاڻ سياست مان گم ٿي ويا. ايتري تائين جو سنڌ ۾ سندن وڏي هاڪ هوندي هئي پر جڏهن انهن غداري ڪئي ته ماڻهن به کين ٺڪرائي ڇڏيو. شهيد راڻي، حاجي صاحب کي عزت جي نگاهه سان ڏسندي هئي ۽ چاچا ڪري سڏيندي ھيس. ڇو جو کيس ڪارڪنن جو احساس هو. حاجي صاحب پارٽي جي پليٽ فارم تان ۴ دفعا ايم پي اي ٿيو؛ ۱۹۷۷ع، ۱۹۸۸ع، ۱۹۹۰ع ۽ ۱۹۹۳ع. پاڻ سازدا جو چيئرمين به ٿيو.
حاجي صاحب بنيادي طور تي زراعت سان وابسته هئا. پاڻ ٻين زميندارن کان مختلف هئا. غريب هاريءَ کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا. ان جو حساب ڪتاب به پاڻ ڪندا هئا. سال ۱۹۹۵ع ۾ سياست مان رٽائر ٿيا ۽ پنهنجي پٽ غلام نبي پرين شورو کي سياست ۾ آندائون. جيڪو ساڳئي پليٽ فارم تان، عوام جي مدد سان، ايم پي اي ٿيو ۽ ۴ سال اسيمبلي ۾ رهيو. پرين شورو به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هليو پر الله کي وري ٻيو ڪجهه منظور هو ۽ پاڻ مدت به پوري نه ڪري سگهيا ۽ ڦوهه جواني ۾ هن فاني جهان مان گذاري ويا.
حاجي صديق شوري پوءِ به ڪارڪنن کي اڪيلو نه ڇڏيو ۽ انهن جي صلاح مصلحت سان پنهنجي ڏوهٽي ڊاڪٽر سڪندر شورو کي ميدان ۾ آندائون. ان وقت مشرف ۽ ارباب، جيڪو چوندو هو ته مون ۾ ڄام صادق جو روح آهي، جو دور ھيو. ارباب هليو به ڄام صادق جي نقش تي. ارباب جي دور ۾ ضمني چونڊ ٿي. حاجي صاحب، پارٽي جي حڪم تي ڊاڪٽر جي مهم هلائي ۽ دنيا ڏٺو ته ان وقت سياسي دوستن به رستو مٽي ڇڏيو. ايم اين اي به ان جي مهم کان الڳ هو پر حاجي صاحب ڪارڪنن جي مدد سان ارباب جا رستا ڇڏائي ڇڏيا. ان وقت سڄي قيادت شورو هائوس تي هئي. ان ضمني چونڊ جو چرچو سڄي سنڌ ۾ هليو. حاجي محمد صديق شورو ۷۵ سالن جي ڄمار ۾ ۱۱ مئي ۲۰۱۰ع تي وفات ڪئي.

No comments:

راءِ ڏيندا