; سنڌي شخصيتون: ميان شفيع محمد آخوند - شفقت آخوند

05 September, 2012

ميان شفيع محمد آخوند - شفقت آخوند

ميان شفيع محمد آخوند
هڪ سٻاجهو انسان، هڪ ايماندار منصف
شفقت آخوند
ميان شفيع محمد رحمت الله آخوند کي گذاري اڄ ٻاويهه سال ٿي ويا آهن پر ان جون يادون ان جي اولاد، مٽن مائٽن ۽ دوستن جي دلين ۾ اڄ به زندهه آهن، هو ۱۹۲۰ع ۾ حيدرآباد سنڌ واري گاڏي کاتي جي کوکر پاڙي ۾ پيدا ٿيو، ان وقت سندس والد ميان رحمت الله حيدرآباد ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ چيف آفيسر جي عهدي تي فائز هو.


ميان شيخ محمد جي وڏن جو اصل ڳوٺ گهوٽانو هو جيڪو هالا پراڻي جي ويجهو هو، سندس ڏاڏو شفيع محمد جنهن جو نالو ميان شفيع محمد کي ڏنو ويو، اڻويهين صدي جي پڄاڻي کان اڳ حيدرآباد لڏي اچي ويٺو هو. انهي ڪٽنب جي نسبت قريشي ذات مان هئي، جيئن انهن جا وڏا ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ فارسي ٻولي ۽ فقهه جي تدريس ۽ تعليم سان وابسطه هئا، تنهن ڪري انهن کي آخوند جو لقب مليل هو، آخوند فارسي جي لفظ خواندگيءَ مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب ”تعليم ڏيڻ وارو“ آهي.
ميان شفيع محمد جي والد ميان رحمت الله وٽ انگريزي ۽ فارسي جون سندون هيون، سندون ڀائر ميان عبدالله، ميان عبداللطيف، ميان عبدالرحمان، ميان احمد ۽ ميان محمد به تعليمي سندن جا رکندڙ هئا، ميان عبدالله انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ پهريون مسلمان هو جيڪو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تائين پهتو.
ميان رحمت الله جي وفات ۱۹۳۱ع ۾ ٿي وئي، جڏهن ميان شفيع محمد اڃا ميٽرڪ جو امتحان ڏئي فارغ ٿيو هو ته سندس ماءُ مسمات صاحبزادي جنهن جو تعلق مڪران رياست جي نوحاڻي بلوچ قبيلي سان هو، تنهن ميان شفيع محمد کي اڳتي تعليم ڏياري، ان ڏس ۾ سندس چاچي ميان عبدالله جو پڻ اهم ڪردار ۽ سهڪار رهيو.
ميان شفيع محمد قانون جي سَندَ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ۱۹۳۵ع ڌاري مقابلي جي امتحان ۾ ڪامابي ماڻي سول جج جي نوڪري حاصل ڪئي، انهي شعبي ۾ اڳتي وڌندي هو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تان ۱۹۵۰ ۾ ۶۰ سالن جي ڄمار رٽائر ٿيو، هن پنهنجو ۳۵ ورهين جي نوڪري جو دور ايمانداري ۽ عزت سان گذاريو، انهي دوران هو سنڌ جي مختلف شهرن جهڙوڪ سکر، نوابشاهه، سانگهڙ، شڪارپور، ڪراچي کانسواءِ بهاولنگر ۽ گلگت ۾ اهم عهدن تي رهيو.
ميان شفيع محمد جي شادي ۱۹۴۹ع ۾ حيدرآباد سنڌ جي مشهور سياسي ۽ ڪاروباري ڪٽنب يعني قاضي گهراڻي مان ٿي کين پنج پٽ ۽ هڪ نياڻي پيدا ٿيا. جڏهن نوابشاهه ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو ته انصاف ۽ قانون جي معاملن ۾ سياسي مداخلت تي اعتراض ۽ مزاحمت ڪرڻ جي پاداش ۾ ان کي اتان هٽائي گلگت اماڻيو ويو جتي هن کي جوڊيشل ڪمشنر جو عهدو ڏنو ويو، بعد ۾ ۱۹۷۹ع ۾ هو ڪراچي ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مقرر ٿيو ان وقت ڪراچي ۾ رڳو هڪ ضلعو هوندو هو.
ميان شفيع محمد نهايت شريف النفس ۽ ملنسار انسان هو، پنهنجي سڄي ڄمار ۾ ڪو ورلي ڪاوڙ جو اظهار شدت سان ڪيو، هو سدائين انسان سان هميشه محبت ۽ نرم دلي وارو ورتا رکندو هو، پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هئس، تاريخ ۾ سماجي رويا (Behavior) سندس پسنديده موضوع هئا، پنهنجي آتم ڪهاڻي انگريزي ۾ لکي هئائين، ان کي بيمثال فنڪارانا صلاحيت به ڏات ۾ مليل هئي، پنهنجي اسڪول جي دور ۾ هن تاريخ ۽ تهذيب جي مختلف ڪردارن ۽ دوران جون پينسل سان تصويرون بڻائي ڪئين البم مرتب ڪيا، مشهور تاريخدانن جهڙوڪ سيسل رهوڊز ۽ ليونگسٽن جي سفر نامن جي بنياد تي ان آمريڪي ماڻهن، انهن جي تمدن ۽ زندگي بابت پينسل سان تصويرون ٺاهي نه رڳو البم جوڙيو پر انهن قبيلن لاءِ هڪ ٻولي به ايجاد ڪيائين، ساڳي ريت سندس ٺاهيل کوڙ البمن سان هڪ ٻيو البم فرانس جي فرمانروا نيپوليئن جي زندگي ۽ سندس جنگن متعلق هو جيڪو پڻ پينسل سان ٺاهيل تصويرن تي مشتمل هو. پنهنجي اسڪول جي زماني ۾ ئي ميان شفيع محمد پنهنجي سئوٽ اقبال آخوند سان گڏجي پنهنجي چاچي ميان عبدالله آخوند جي گهر جي هڪ ڪمري ۾ تاريخي ميوزيم جوڙيو، ان ۾ مرڪزي اهميت وارو اهو هنڌ هو جتي سنڌ جي ماضي جي ٽالپر حڪمرانن جي درٻار ٺاهيائون، ان ۾ آٽي بيضن جي ڇلرن ۽ ڦڻين کي استعمال ڪري مير حاڪمن ۽ سندس درٻاري ۽ ٻيا آرائش جا سامان ۽ تخت وغيره به ٺاهيائون، ايئن ته سندن دوستن جو انگ وڏو آهي پر جن سان ان جي دوستي آخر دم تائين رهي، انهن ۾ محترم حمزو خان قريشي، محترم نور محمد بالادي، محترم جمالادين ابڙو، محترم قلب علي شاهه، محترم سعيد شيخ ۽ محترم اقبال آخوند (سندس سئوٽ) شامل رهيا.
مٽ مائٽ به ميان شفيع محمد جي بردباري ۽ صلح پسند طبيعت جي ڪري سندس عزت ڪندا هئا، پاڻ عزيزن ۽ دوستن جي محفل ۾ خوش ٿيندو هو، پنهنجن پوٽن، ڏوهٽن، پوٽين ۽ ڏوهٽين سان ڏاڍو پيار ۽ شفقت وارو انداز هوندو هئس. محترم ميان شفيع محمد آخوند جو ذڪر سندس همسفر ۽ ساٿي يعني سندس وني آپا جميلا آخوند جي تذڪري کانسواءِ اڻپورو رهندو، مرحومه جميل آخوند ۱۹۲۹ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائي ۽ سندس وفات ۱۹۹۲ع ۾ ٿي، ان تعليم انگريزي ٻولي وارن اسڪولن ۾ حاصل ڪئي، ان کي به پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هو، سندس پسند جا موضوع گهڻو ڪري سماجي هئا، گڏوگڏ سماجي ڪمن ۾ به حصو وٺندي هئي، سنڌي رسالي سوجهرو جي لاءِ لکندي به هئي، غريب پرور به ڏاڍي هئي، پنهنجي وت آهر غريب ڪٽنبن جي مالي سهائتا ڪندي رهندي هئي ۽ انهن جي ٻارن جي پالنا ۽ تعليم جو انتظام به ڪندي هئي،
پنهنجي ڪٽنب لاءِ گهر ٺهرائڻ، خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو شعبو مڪمل سندس وٽ هو، پنهنجن ٻارن جي اسڪولن جي داخلا کان وٺي نوڪرن جا معاملا، گاڏين جي فروخت، گهريلو سامان جي خريداري، بجلي ۽ گئس ۽ ٽيليفون جا مسئلا وغيره جي تمام ذميواري پاڻ منهن ڏيندي هئي، ميان شفيع محمد جي آدرشي ساٿي هئي.


No comments:

راءِ ڏيندا