ڊاڪٽر
عاشق حسين البدوي
رکيل مورائي
ڊاڪٽر عاشق حسين
البدوي، گذاري ويو آهي. اهڙي فون منهنجي دوست اشوڪ اروڙا عيد واري ڏينهن مونکي ڪئي.
تفصيل ايئن ٻڌايائين ته ڪنهن هوٽل ۾ هن جو لاش ٽن ڏينهن کان پوءِ هٿ آيو، پر پڪ نه
آهي، ان لاءِ مان دوستن کان پڇي وٺان. پڇڻ چاهيم، پر موبائيل ڪم نه ڪري رهيا هئا ۽
ايئن شام ٿي وئي، دل کي اهو آٿت ڏيڻو پيو ته اڏندڙ خبر آهي، ممڪن آهي ڪوڙي هجي. پر
ٻئي چئنلن خبر جي نه رڳو تصديق ڪئي، پر سندس ڪفن دفن جون تصويرون به ڏيکاريون جن ۾
ٽنڊو آدم حيدرآباد ۽ ٻين ڪن ويجهن شهرن جي اديبن شرڪت پڻ ڪئي. ايئن ڊاڪٽر عاشق
البدويءَ جي وفات جي پڪ ٿي ته هو پنهنجي سالن جي اڪيلائيءَ مان آجو ٿي روحاني طور
پنهنجي عزيز دوستن سان وڃي گڏيو..
ڊاڪٽر عاشق البدوي
پندرنهن کن سالن کان اسان جي سڃاڻپ ۾ آيو ۽ پهرين سالن ۾ پنهنجي بي رياءُ طبيعت
سبب ذاتي طور مونکي ڀانءِ نه پيو پر اڳتي هلي جڏهن سندس مزاج جي خبر پئي ته هو
نهايت زنده دل انسان هو. هونئن به انسان کي سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو ٿئي ٿو، شايد سائنس
اڃا تائين اهڙي ترقي نه ڪري سگهي آهي جو اها انسان جي تهه تائين پهچي سگهي. ايئن
انسان، انسان جي تهه تائين پهچي ۽ ان کي سمورو سمجهي وڃي، ڏاڍو ڏکيو آهي، پوءِ به
ڊاڪٽر عاشق کي اسان گهڻي ملڻ جُلڻ، ساڻس اڻ ڳڻيون ڪچهريون ۽ ڀوڳ چرچا ڪرڻ بعد
سمجهي سگهيائين ته هو نهايت دلبر انسان هُئو، بلڪل صاف گو ان حد تائين جو ان صاف
گوئي سبب دوست به وڃائي ويٺو. ايئن زندگي ۾ گهڻو ئي ڪجهه وڃائي ويٺو هوندو ۽ آخر
ڏينهن اڳ پنهنجي اذيت ناڪ اڪيلائي ۾ زندگيءَ کي به وڃائي ويٺو.
ڪراچي جي پندرهن کن
سالن ۾ ساڻس ملاقاتون الڳ دوستن وٽ ٿينديون رهنديون هيون، خاص طور ريگل چوڪ جي
ڪتابن واري ميلي تي. جڏهن اڪيلا اڪيلا شخص به ميلا جوڙي وٺندا هئا تڏهن عاشق
البدوي ميلن ۾ اندران اڪيلو اڪيلو لڳندڙ شخص هو. سندس ذاتي پسمنظر ته مان نه
سمجهان پر هن کي ڪراچيءَ ۾ بظاهر نه صرف سنڌي اديب گهڻا ئي ڄاڻندا سڃاڻندا هُئا پر
اردو اديب به ساڻس تعلق ۾ هُئا. ڇاڪاڻ ته هُو اردوءَ جو لکندڙ ۽ پڙهندڙ به هُئو.
پر انهن جو اظهار گهٽ ڪندو هُئو. اشوڪ اروڙا وٽان ئي اها سُڌ به پئي ته ڊاڪٽر
صاحب، منهنجي دوست منصور ملڪ جو روس جو سفرنامو جيڪو دانش اڪيڊميءَ پاران مون ئي
ڇپايو هو ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ٻئي طرح هو الڳ الڳ ٻولين مان مختلف
ادارن لاءِ ترجما ڪندو رهندو هُئو. پر ڪراچيءَ جي ڪنهن به دوست کي مان ڀانيان ٿو
ته ان ڪم جي خبر هوندي ۽ نه ئي ڊاڪٽر صاحب جي رهائش جي! سندس وڃڻ کان پوءِ سنڌي
چئنلن اهو انڪشاف ڪيو آهي ته هو انهيءَ هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ ئي رهندو هو، جتان سندس
لاش هٿ آيو آهي.
ڊاڪٽر عاشق، سنڌي
ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به گهڻي وقت کان ايندو رهندو هو. پر مان نه ڀانيان ته اتي
هن ڪا پنهنجي سنجيده لکڻي پڙهي هوندي، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي هوندي اهڙو اتفاق نه ٿيو.
هن هڪ بيمثال مقالو، شاهه ۽ ڪبير بابت مون کي ضرور ڏنو هو. جيڪو مون سنڌي ٻوليءَ
جي خوبصورت شاعر ۽ دهلي اڪيڊميءَ جي پاران ٽه ماهي رسالي سنڌو جوت جي ايڊيٽر لڇمڻ
ڪومل صاحب ڏانهن ڇپڻ لاءِ موڪليو هو.
اهو ته طئي آهي ته
انسان اڪيلو اچي ٿو ۽ کيس اڪيلو ئي وڃڻو آهي، پر جيئڻ لاءِ هُن کي ڪجهه انسانن جي
تعلق جي گهرج پوي ٿي. هو جيستائين جيئرو رهي ٿو انهن تعلقن سان جڙيل رهي ٿو پر
ڊاڪٽر عاشق البدوي جي مزاج ۾ جيڪا اڪيلائي هُئي اها هُن جي بيحد وڏن ۽ زندگيءَ سان
ڀريل ٽهڪن مان به بيحد انتها محسوس ٿيندي هئي. سندس ڪڏهن ڪڏهن ٽن ٽن ڏينهن جي وڌيل
ڏاڙهي ۽ پهرين ٻن بٽڻ کان سواءِ پاتل شرٽ مان به هُن جي مزاج جو اندازو ٿي ويندو
هُئو.
مليل ڄاڻ موجب هُن
جنم شڪار پور ۾ ورتو ۽ پوءِ ٽنڊو آدم ۾ سندس خاندان رهائش اختيار ڪئي، ڪراچيءَ ۾
ڪيتري عرصي کان هو رهندڙ هُئو. ان جو پتو نه آهي، اها خبر آهي ته نهايت گهڻو لکيو
پڙهيو شخص هُئو، ادب ۾ جيترو هُن کي ڏيڻ گهربو هئو اوترو نه ڏئي سگهيو هُئو شايد
اهو وقت هُن پنهنجي ٽهڪن، سگريٽن ۽ چانهين کي ڏنو، ان ڪري جو هو پنهنجي مزاج جو
مالڪ هو، ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن کي به سَت سُريون ٻڌائي سگهندو هئو، ۽ جڏهن اڳيون شخص
پاڻيءَ مان نڪرڻ لڳندو هو ته ڊاڪٽر هڪ ڊگھو ٽهڪ ڏئي ڇڏيندو هو ۽ ايئن اڳئين شخص جي
ڪاوڙ ڪافور ٿي ويندي هئي. هُن کي ادب لکڻ ۽ پڙهڻ جي عادت ٽنڊي آدم کان ئي پيل
هُئي، جتي هُن پدم پبليڪيشن جو بنياد وڌو ۽ ان پاران ٻه ڪتاب ”چمڙيءَ جون
بيماريون“ ۽ ”دنيا جا شاهڪار افسانا“ ڇپايا، ڪراچيءَ ۾ هُن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جو لاڙو
تصوف ڏانهن وڌيڪ هُئو، جنهن جي اثر هيٺ هُن منصور علاج جو مشهور ڪتاب ”الطواسين“
ترجمو ڪيو. تازو ئي سنڌيڪا اڪيڊميءَ پاران سندس هڪ ڪتاب تصوف بابت شايع ٿيو آهي.
ائين هيءُ گهڻو لکيو پڙهيو شخص گهڻيون ٻوليون ڄاڻندڙ ۽ ڪي الڳ الڳ ملڪ گهمي آيل
شخص پنهنجي اڪيلائي ۾ گم ٿي ويو. يقينن سندس خاندان لاءِ اها انتهائي ڏک جي گهڙي
هوندي پر سندس دوستن لاءِ پڻ هيءَ انتهائي خراب خبر آهي، ساڳئي وقت سنڌي ادب لاءِ
پڻ!
ڊاڪٽر عاشق جي وفات
اسان جي لاءِ ڏکوئيندڙ ته آهي ئي پر ان کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه اها آهي ته هُن جو
موت جهڙيءَ طرح ٿيو آهي، ان جي خبر اسان کي پئجي نه سگهي ۽ هيءَ سنڌ جو هڪ اهم شخص
۽ اديب اسان وٽان ائين اڻ ڄاڻ شخص جيان هليو ويو. اهو سنڌ لاءِ سوچڻ وارو مرحلو
آهي. هن رياست مان اڳ اسان کي ڇا پلئه پيو آهي جو وري هڪ نئين گهر ڪجي! مطالبو ڪجي
ته ڊاڪٽر صاحب جي موت جي جانچ ڪرائي وڃي، اسانجا جيڪي سڄڻ رهبر ۽ رهنماءَ اسان جي
اکين اڳيان قتل ڪيا ويا آهن. انهن جون جانچون ئي نه ٿيون آهن ته هيءَ نئين جانچ
ڪهڙي ٿيندي! ها! اسان هڪ وڌيڪ سنڌ دوست، روشن خيال ۽ پڙهيو ڳڙهيو اديب وڃايو، جنهن
جي ڪمي اسان کي سدائين محسوس ٿيندي، اڄ اسان کي پڪ ٿي وئي آهي ته اسان وري ڪڏهن به
ڊاڪٽر عاشق حسين البدويءَ جا ٽهڪ نه ٻڌي سگهنداسين! سندس هن طرح جي وڇوڙي تي کيس
ٻن ڳوڙهن جي ڀيٽا هجي.
No comments:
راءِ ڏيندا