مني صدي سنڌ کي
ڏسڻ لاءِ سڪندڙ
رکيل
مورائي
هو ٽيانوي سالن جي
ڄمار ۾ سنڌ کي ڏسڻ لاءِ سڪندي گذاري ويو. ڀارت جي مهانگري ممبئيءَ جي هڪ ڪالونيءَ
۾ رهندي ۽ پاڻ شاعر هوندي به سنڌي ٻوليءَ عظيم نارائڻ شيام جي هنن ستن جيان سنڌ ڏي
ڏسندي ۽ ساريندي هليو ويو ته.
الائي
ڪنهن گهڙيءَ ان مان شيام نڪتاسين
وطن ورڻ
ته ڇا، سرحد ڏسڻ نصيب نه ٿي.
ها! هن سنڌ هڪ ڀيرو
ڏسڻ چاهي ٿي. نوشهروفيروز هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيو. مورو هڪ ڀيرو ڏسڻ چاهيو ٿي ۽ موري
ڀرسان پنهنجو اهو ڳوٺ ڏسڻ چاهيو ٿي. جنهن ۾ هن جنم ورتو. بانبڙا پاتا ۽ پهريون
وکون کڻي هلڻ سکيو. جڏهن هو هلڻ سکيو، بااعتماد ٿيو ته سندس پيرن هيٺان اها زمين
ئي ڪڍي وئي. هن ڏاڍو ٻاڏايو، ته منهنجا پير ڪپيو، پر زمين نه ڪڍو. منهنجو هلڻ بند
ڪيو، پر زمين مون کي ڏيو. پر هن جي هڪ به نه ٻڌي وئي. هن کي پنهنجي ان ڳوٺ کان
جلاوطن ڪيو ويو، ان شهر کان جلاوطن ڪيو ويو، ان ڌرتيءَ کان جلاوطن ڪيو ويو، جنهن
کي هن جي نسلن هزارن سالن کان ماتا ڪري پوڄيو هو. هن کي ان کوهه کان جدا ڪيو ويو،
جنهن جو پاڻ پي هو وڏو ٿيو هئو ۽ جنهن جي سرن جي ديوار سان گڏ هو سڌوجن جو ئي اڻيل
انگوشو ٻڌي وهنجندو به هو، ته انگريزن کان وطن آزاد ڪرائڻ جا خواب به اڻندو هو. هن
کي اها خبر نه هئي ته انگريز هتان نڪرندا ته پويان ڪجهه به ڇڏي نه ويندا. هو هڪ
اهڙي اڳ ٻاري ويندا جنهن ۾ سڀ ڪجهه سڙي خاڪ ٿي ويندو؛ خواب، آدرش، معصوم محبتون ۽
مرڪون، هزارين سالن جي شاندار تهذيب ۽ سڀ کان اهم شخص جو من به خاڪ ٿي ويندو. جنهن
ڏينهن تي اهو سڀ ڪجهه ٿيو، اهو چوڏهين آگسٽ اوڻيهه سؤ ستيتاليهن جو ڏينهن هو. هن
ڌرتي ڇڏي، ته سڀ ڪجهه ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ هر شيءِ لاءِ سڪايل بڻجي ويو. هو چوڏهين آگسٽ
تي سنڌ کان جدا ٿيو ۽ ارڙهين آگسٽ تي پنهنجي زندگيءَ کان جدا ٿيو. وچ ۾ فقط چئن
ڏينهن جي وٿي آهي، جنهن لاءِ اردوءَ ۾ هڪ نهايت خوبصورت شعر آهي.
عمر دراز
مانگ ڪي لائي ٿي چاردن
دو آرزو ۾
ڪٽ گئي، دو انتظار ۾.
۽ ائين ارڙهين آگسٽ ۲۰۱۲ تي هن مهانگري
ممبئيءَ ۾ آخري ساههُ کنيون ۽ پنهنجي جلاوطنيءَ کان نجات حاصل ڪري ويو. اوڻيهه سئو
ستيتاليهن کان ٻه هزار ٻارهن تائين هو سنڌ ڏسڻ لاءِ سڪندو رهيو. جڏهن سندس ٻڍڙن
هڏڙن اهو سمجهي ورتو ته؛ اهي هاڻ سنڌ نه وڃي سگهندا ته هن هڪ روحاني سنڌ جو سفر
ڪيو ۽ ان بابت پنهنجو هڪ يادگار سفرنامو لکيو. جيڪو ممبئيءَ مان شايع ٿيو ته ان کي
بيحد ساراهيو ويو. پڙهندڙ جيستائين آخري صفحي تائين اهو سفرنامو نه پڙهندو
تيستائين کيس اعتبار ئي نه ايندو ته هي سفرنامو تصوراتي آهي. اهڙو اعتماد وارو
سفرنامو هو ان ڪري لکي سگهيو جو هو سنڌ ڇڏڻ وقت پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ هئو ۽ سنڌ ۾
شاگرد هلچل ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيو هو. هن سنڌ ۾ هوندي به نه رڳو ادب جي معرفت جنگ
وڙهي پر سياست جي ذريعي به هو سرگرم رهيو ساڳيءَ ريت هند ۾ به هن سنڌي جاتيءَ جي
حقن لاءِ مسلسل جدوجهد ڪئي، اها به نه رڳو ادبي پليٽ فارم تان پر سنڌي ٻولي سان هٿ
سڀاجي فورم تان به ۽ عمر جي آخري گهڙيءَ تائين. هو پوين ڪجهه سالن ۾ ئي هلڻ چلڻ
کان ويٺو ٻيءَ طرح بلڪل کڙو تڙو هو ۽ آخري گهڙي تائين سندس آواز ٻڌي ڪو به ماڻهو
اهو مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ته هي نوي سالن جي ٻڍڙي جو آواز آهي، ٻه هزار ست ۾
ساڻس پهريون ۽ آخري ڀيرو ملڻ کان پوءِ ورهين جي سڪ لهي وئي هئي. هو پيشي جي لحاظ
کان ڊاڪٽر ضرور هو پر سندس پهرين ۽ آخري سڃاڻپ شاعري آهي ۽ سندس تخلص سڪايل آهي،
جيتوڻيڪ سندس اصل نالو ارجن ڊيٽا رام ناٿاڻي آهي، سندس زندگيءَ جو وچور ڪجهه هن
طرح بيهندو جيڪو ادبي تاريخن جو حصو بڻجڻ وارو هوندو. جيڪو مون ڪجهه سال اڳ قلمبند
ڪيو هو.
”ڊاڪٽر ارجن ڏتارام
ناٿاڻي جنهن کي ادبي دنيا، ”ارجن سڪايل“ جي نالي سان سڃاڻي ٿي، پنج نومبر ۱۹۱۹ع تي موري شهر لڳ
ڳوٺ سڌوجا ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڄائو ۽ ممبئيءَ جي هڪ سنڌي ڪالونيءَ ۾ ارڙهين آگسٽ
تي گذاري ويو. هيءُ اسان جو بزرگ شاعر اديب ۽ مسيح، ڊاڪٽر ارجن سڪايل انهن ٿو رهن
لکندڙن مان هئو، جن سنڌ ۾ هوندي ئي لکڻ شروع ڪيو هئو ۽ زندگيءَ جي آخري ساهه تائين
لکندو رهيو. وچ ۾ سندس قلم ۽ هٿن ڪڏهن به ٿڪجي پوڻ جو احساس نه ڏياريو ۽ نه ساهي
پٽي. ارجن سڪايل جي قلم مان اڻ ڳڻين موضوعن تي لکڻيون ڦٽي نڪتيون آهن. سندس
ڪيترائي ڪتاب آهن. پر انهن جو مڪمل تفصيل ڪٿي به ڇپيل نه آهي. البت سندس
ويجهڙائيءَ ۾ ڇپيل سنڌ جو سفر نالي ڪتاب ڇپيو آهي، جيڪو هڪ عجيب ڪتاب آهي، هن سنڌ
جو سفرنامو ته لکيو آهي، پر هن ڪڏهن به سنڌ جو سفر نه ڪيو آهي. هو وڏي ڄمار هوندي
به لکندو رهيو. کيس ڪيترائي انعام مليا جن ۾ اهم ”سوويٽ لينڊ نهرو امن انعام“ آهي.
جيڪو کيس روسي حڪومت پاران مليو.“.
ارجن سڪايل جو مٿيون
احوال ڪي سال اڳ مون ڪنهن اهم دستاويز لاءِ لکيو هو، اڄ وري مٿس هيءُ تعزيت نامو
لکندي، ياد ٿو اچي ته سندس انهن ڪتابن جي ڏنل فهرست کان پوءِ به ڪي ڪتاب مون کي
مليا آهن ۽ هاڻ سندس ڪتابن جي فهرست هيٺينءَ ريت جڙندي.
1.
ٽنڊي آدم جو اتهاس: تاريخ
2.
انارڪلي: کندڪاويه
3.
سنڌي ساهتيڪارن جو البم: خاڪا
4.
امر شهيد اندراگانڌي: جيوني
5.
لينن جي جيوني: سوانح
6.
تنهنجي رنڌڻي ۾ تنهنجي اسپتال: حڪمت
7.
سنڌ جو سفر: سفرنامو
8.
سنڌي ٻولي: اڀياس
9.
امرت جو ڪلش: شاعري
10.
قدرداني: مضمون
11.
ماروئڙا ملير جا: مضمون
12.
سنڌونگر جا سنڌي
13.
غفائن جي ياترا
14.
سنڌي هندي ٽيچر
15.
آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه
16.
تاثرات
17.
ادب ۽ اديب
18.
هندو فيلسوفيءَ جو سنديش
19.
صحت تنهنجي صلاح منهنجي
20.
سج ۽ چنڊ جا ڪرڻا
۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب
جيڪي مون کي ملي نه سگهيا آهن.
۽ هاڻ شايد ڪڏهن به
ملي نه سگهن.
سنڌ لاءِ سڪندڙ ارجن
سڪايل هاڻ ڪنهن به محتاجيءَ کان آجو آهي. هو جڏهن به چاهي سنڌ ڏسي سگهي ٿو. هاڻ
هنن ٻنهي ملڪن جو سرڪارون کيس روڪي نه سگهنديون. هو جيستائين جسماني طور موجود هو،
سنڌ اچي نه سگهيو، پر سندس زندگيءَ جي شايد ئي ڪا گهڙي هوندي جنهن ۾ هن سنڌ کي نه
ساريو هوندو. نوشهري کي نه ساريو هوندو ۽ سڌوجن کي نه ساريو هوندو. سندس هڪ شعر
شاهديءَ طور هتي ڏيڻ چاهيان ٿو. جيئن پڙهندڙ مون سان سهمت ٿين ته ها! هڪڙو ارجن
سڪايل به هو، جنهن هڪ گهڙي به پنهنجيءَ سنڌ کي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي نه وساريو.
جنهن جو
نالو سنڌ سڳوري، تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
جنهن جي
آهي جيءَ ۾ جهوري، تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
ڇا ته
انگوشا ٺاهيندو هو، منهنجي ڳوٺ سڌوجن وارو،
جنهن جو
نالو يعقوب ڪوري، تنهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
۽ ڌرتيءَ سان گڏ هو
سنڌي ٻوليءَ سان ڪيڏو پيار ڪندڙ هو اهو هن جي هن شعر ۾ ڏسي سگهجي ٿو جنهن جي اظهار
جي قوت ننڍي کنڊ کان وٺي سمورن کنڊن تائين پهچي سگهي ٿي ۽ اهو احساس ڏياري سگهي ٿي
ته ماءُ جي ٻوليءَ کي وسارڻ هڪ الميو آهي، جيڪو رڳو سنڌين لاءِ نه آهي، انهن سڀني
ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ماءُ جي ٻولي وسارن ٿا.
نه جي
منظور ٻارن وٽ، وري سنڌي زبان ٿيندي،
سڄي تاريخ
ٻولين جي، ستم جو داستان ٿيندي.
۽ اهڙن داستانن کي
دل ۾ سانڍيندڙ ارجن سڪايل خود هڪ داستان بڻجي ويو، پڪ سان جنهن کي سنڌ جي ۽ سنڌي
ادب جي تاريخ پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکندي، صدين تائين ته هڪڙو سڪايل هو جيڪو مون کي
ڏسڻ لاءِ سڪندو رهيو پر مون سان وڇڙڻ کان پوءِ وري ڪڏهن به ملي نه سگهيو پر هن مون
کي وساريو ڪڏهن به ڪو نه!.
No comments:
راءِ ڏيندا