; سنڌي شخصيتون: مرزا قليچ بيگ - طارق عزيز شيخ

11 September, 2012

مرزا قليچ بيگ - طارق عزيز شيخ


مرزا قليچ بيگ
سنڌي علم ۽ ادب جي افق جو سج
طارق عزيز شيخ
سنڌي ادب ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو نالو هجي، جيترو مرزا قليچ بيگ جو آهي. مرزا صاحب جي ڪري، سنڌي ادب تمام شاهوڪار بڻجي ويو. هر صنف کي ترقي ملي. هر شعبي ۾ واڌارو ڪيائين. هو واقعي علم جو سج هو، جنهن سان اڄ تائين سنڌي علم ادب کي روشني ملي رهي آهي. سنڌي ادب کي هر موضوع تي مالدار ٺاهڻ واري اها شخصيت، جنهن نثر جي ترقيءَ جي ڏاڪڻ جو ڪم ڏنو، انهيءَ ڪاڻ بعد ۾ اچڻ وارا عالم ۽ اديب نثر جون ڪيئي منزلون چڙهي مٿي آيا، انگريزن جي دور جي وڏي ۾ وڏي ادبي شخصيت، مرزا قليچ بيگ هو. انگريزن سندس علمي لياقت جي عيوض ڪيترا ئي لقب، انعام ۽ اعزاز ڏنس. هيءُ سنڌ جو پهريون ”شمس العلماءُ“ هو.


مرزا قليچ بيگ جا وڏا جارجيا جا هئا. سندس وڏا عيسائي هئا. ۱۷۹۷ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو والد فريدون بيگ، جيڪو ان کان اڳي ”سڊني“ سڏرائيندو هو، ايران ۾ قيدي بڻيل هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت هئي. سنڌ جا ايران سان قديم زماني کان سٺا واسطا ۽ رابطا هئا. مير ڪرم علي خان ٽالپر کي، سڊني ڏهن ورهين جي سهڻي ٻار طور، ايران طرفان تحفو مليو. جيڪو بعد ۾ سڊنيءَ مان فريدون بيگ بڻيو. فريدون جي، مير صاحبن سٺي سار سنڀال ڪئي ۽ پوءِ جارجيا جي ئي هڪ خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايائونس.
مرزا فريدون کي ست پٽ الله تعاليٰ عطا ڪيا جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ ٽيون نمبر هو. مرزا قليچ بيگ حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ۴ آڪٽوبر ۱۸۵۳ع ۾ ڄائو. مرزا صاحب خانگي تعليم سان ابتدا ڪئي پر اڳتي هلي انگريزيءَ سان گڏوگڏ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جي به تعليم پرائيندو رهيو. پڙهائي جي دوران مرزا صاحب حيدرآباد پرشن ٽيچر پڻ مقرر ٿيو پر پڙهڻ کي جاري رکڻ لاءِ هن ڪجهه عرصي بعد اها ڇڏي ڏني. بمبئي جي ايلفسٽن ڪاليج مان فارغ ٿيڻ بعد ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. مرزا صاحب پنهنجي پڙهائي جي ڏينهن کان ئي علم ادب جو شوق رکندو هو ۽ ادبي پورهيو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هئائين. سندس ادبي ذوق جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته بمبئي ۾ ڪاليج ۾ پڙهائي دوران ڪتاب ”بيڪنز ايسيز“ جو ترجمو ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ۱۸۷۷ع ۾ ۲۴ ورهين جي ڄمار ۾ ڪيائين. معلومات موجب مرزا صاحب لکڻ انهيءَ کان به اڳي يعني ننڍي ڄمار ۾ ئي شروع ڪري ڇڏيو هو پر انهن لکڻين جي اشاعت دير سان ٿي، مرزا صاحب جو خاندان علمي ادبي ذوق رکندڙ رهيو آهي، جنهن ڪيترائي عالم فاضل پيدا ڪيا آهن، ادب هن خاندان جي فطرت ۾ شامل رهيو آهي.
مرزا صاحب نثر ۽ نظم جي صنفن تي طبع آزمائي هڪ ئي وقت ۾ ڪئي ۽ هر موضوع جي کوٽ کي پورو ڪيو. يورپ کان وٺي ايشيا تائين سمورن عالمن اديبن جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪيائين پوءِ انهن فلسفين ۽ عالمن جي ڪتابن کي سنڌي روپ ڏنائين توڙي طبع زاد مواد به مهيا ڪيائين. سنڌيءَ جو پهريون طبع زاد ڊرامو ”ليلا مجنون“ ۱۸۸۰ع ۾ لکيائين. سنڌيءَ جو پهريون طبع زاد ناول ”دلارام“ ۱۸۸۸ع ۾ لکيائين جنهن کان ستت ئي پوءِ ۱۸۹۰ع ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪندڙ ناول ”زينت“ لکيائين. شاهه جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل ”لغات لطيفي“ ٺاهيائين، هيءُ شاهه لطيف جي حوالي سان پهرين لغات آهي، آتم ڪهاڻيءَ جو پهريون ڪتاب ”سائوپن يا ڪاروپنو“ به سنڌي ادب جي تاريخ ۾ پهريون ڪتاب آهي، مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن کي سنڌي ادب جي پيڙهه چئجي ته غلط نه ٿيندو. مرزا صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ساڍا چار سئو کان وڌيڪ آهي، هو هڪ سال ۾ ڏهه ڪتاب تحرير ڪندو هو. آخري پنجن سالن ۾ پنجاهه ڪتاب لکيائين. مرزا صاحب پنهنجي اسٽيڊي روم ؟ چئني ڪنڊن ۾ چار ميزون رکيون هيون ۽ هر ميز تي الڳ موضوع جي تحرير ۽ تحقيق جو ڪم ڪندو هو. هو جنهن موضوع تي لکي لکي ٿڪجي پوندو هو ته ٻئي موضوع تي لکڻ پڙهڻ لڳندو هو. مرزا صاحب افسانا، ناول، ڊراما، مضمون نگاري، گرامر، لسانيات، تنقيد نگاري، تاريخ، مذهب، فلسفو، سياحت، اخلاقيات، لطيفيات، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻي، زراعت، سماجيات، شاعري، تعليم ڪلاسيڪل شاعري توڙي صوفي شاعرن جو ڪلام سهيڙڻ، شاعريءَ جي فني ڄاڻ ڏيڻ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکيا. شيڪسپيئر، بيڪن، ورڊس ورٿ، رومي، جامي، عطار، شيخ سعدي، حافظ شيرازيءَ کان وٺي شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ ثابت علي شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو، مشاهدو ڪيو ۽ پنهنجي خيال موجب ڪتابن ۾ پيش ڪيو.
مرزا صاحب مختياڪار هو ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائرڊ ٿيو، هن ٽيهه ورهيه نوڪري ڪئي، هو لباس جو شوقين هو. صاف شفاف پوشاڪ ۾ رهندو هو. سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ کي پوري طرح پڌرو ڪيو اٿائين. سندس زندگيءَ جو ڄڻ آئينو آهي، اهو ڪتاب سائو پن يا ڪارو پنو ۾ انهيءَ دور جون حالتون، سياسي سماجي ماحول کان ويندي سندس ذاتي احوال ڏنو اٿس. مرزا صاحب پنهنجي ڪتاب جي ٽن بابن اٺين، نائين ۽ ڏهين ۾ پنهنجون عادتون ۽ خواهشون بيان ڪيون اٿس، هن پنهنجي صحت سٺي هجڻ جا جيڪي نقطا بيان ڪيا آهن تنهن بابت لکي ٿو: ”ورزش، چٻاڙي کائڻ ۽ ٿورو کائڻ، سوير سمهڻ ۽ اٿڻ، خدمت خلق، ٻهراڙي ۾ رهڻ ۽ جوان عورت جي صحبت هئا.“
مرزا قليچ بيگ ٽي شاديون ڪيون، پهرين شادي ۱۸۸۸ع ۾ ڪيائين، ۱۹۰۴ع ۾ پهرين گهر واريءَ جو انتقال ٿيو، ان زال مان ٽن ٻارن جو اولاد ٿيس، ٻي شادي ۱۹۰۷ع ۾ ڪيائين، جيڪا پنهنجي خاندان مان ٿيس، پر هڪ سال کان پوءِ ۱۹۰۸ع ۾ اها گهر واري هڪڙو پٽ ڄڻڻ دوران گذاري وئي. مرزا صاحب ٽئين شادي ۱۹۰۹ع ۾ ڪئي، جنهن مان ڏهن ٻارن جو اولاد ٿيس.
مرزا قليچ بيگ جي ذاتي زندگي هڪ اهم ڪردار جو اهڙو موضوع آهي جنهن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ملن ٿيون، پر مرزا صاحب جي ادبي شخصت ۾ به ڪيئي رخ آهن، هو هر صنف جو الڳ بانيڪار لڳي ٿو، مرزا صاحب جي ادبي خدمت جو ڪجهه احوال هيٺ ڏجي ٿو: ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت شاهه جي رسالي جو سهيڙيندڙ رهيو آهي، ته وري شاهه جي ڪلام جي لغات تيار ڪندڙ به ”شاهه جو رسالو“ ۱۹۱۳ع ۾ پڌرو ڪرايائين. مرزا صاحب جيڪو شاهه صاحب جو ڪلام سهيڙيو آهي ان ۾ ۸۴۶ بيت ۽ ۱۵ وايون وڌيڪ شامل آهن. شاهه جي رسالي کان سواءِ شاهه جي ڪلام ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل ڊڪشنري به تيار ڪيائين. ”لغات لطيفي“ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ کان اڳي ڀيرو مل هڪڙي لغات تيار ڪئي هئي، جيڪا فقط ٽن سرن تي ٻڌل هئي، انهيءَ کان پوءِ هن ان حوالي سان ڪم نه ڪيو، مرزا قليچ بيگ شاهه جي ڪلام جي لغات تيار ڪندڙ پهريون محقق آهي، جنهن سڄي شاهه جي رسالي جي لغات کي تيار ڪيو. مرزا قليچ بيگ شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ وارو اهو پهريون محقق آهي جنهن لطيف سائين جي زندگيءَ تي پيرائتو احوال لکيو آهي. شاهه لطيف جي سوانح عمر تي انگريزي ۽ ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکڻ جو شرف به هن کي حاصل آهي، انگريزي ۾ (Life Of Shah Abdul Latif Bhitai) جي نالي سان ۽ سنڌيءَ ۾ ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي سري هيٺ اهي ڪتاب پڌري ٿيا. آخر ۾ شاهه لطيف جي حوالي سان مرزا صاحب ”لطيفي لات“ ننڍڙو ڪتاب لکيو جيڪو ۱۹۱۲ع ۾ پڌرو ٿيو.
مرزا صاحب جي علمي ادبي پورهئي ۾ سڀ کان وڏو ڪم ترجمي جو ملي ٿو. مرزا قليچ بيگ انگريزي ٻوليءَ تي مڪمل عبور رکندو هو. هن پنهنجي دور ۾ انهيءَ کان اڳي وارا انگريز اديب مطالعو ڪيا هئا. انگريزي ادب جي تاريخ کان وٺي فلسفو، فڪشن، شاعري ۽ تنقيد نگاري تائين سموريون صنفون چڱي ريت پڙهيون هئائين. سنڌي ادب ۾ ترجمي جي شعبي کي مرزا صاحب جي محنت پورو ڪيو. هن انگريزيءَ جا مضمون، ڊراما، افسانا ۽ ناول ترجمو ڪيا. اڄ تئاين سنڌي ادب ۾ ايترو وڏو ترجما نگار نظر ناهي آيو، جنهن سمورن موضوعن کي سنڌي روپ ۾ آندو هجي. انهيءَ لحاظ سان سنڌي ادب جو پهريون وڏو ترجمي نگار مرزا قليچ بيگ آهي، جنهن ۶۰ ڪتاب ترجمو ڪيا. انهن مان جيڪي شهرت جي بلندءَ تي پهتا تن ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ”شاهه ايليا“ ۽ ”فيروز دل افروز“، ”حُسنا دلدار“ ۽ ”نيڪي ۽ بدي“ نمايان آهن. مضمونن جو مجموعو ”بيڪنز ايسيز“ جيڪو لارڊ بيڪن جو عالمي شهرت يافته ڪتاب آهي، تنهن کي ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين. ناولن ۾ ”ايرڪ“، مصيبت ماريا سائين سنواريا، ”گلن جي ٽوڪري“، ”حاجي بابا اصفهاني“ ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ڪيائين. اهڙي ريت سائنس، زراعت، حيوانيات جهڙن موضوعن کي به انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرزا صاحب سنڌي ادب کي شاهوڪار بڻايو. مرزا قليچ بيگ جو ترجمو ڪيل ڊرامن ۾ انگريزي، هندي، گجراتي ۽ اردو ٻوليءَ جا ڊراما شامل آهن. جيڪي هن ترتيب سان آهن: ”ليليٰ مجنون“ (هندستاني ادب مان ترجمو)، ”خورشيد“ (گجراتي مان)، ”شڪنتلا“ (ڪاليداس جي شهره آفاق ڊرامي جو هندي مان)، ”حسنا دلدار“، ”شاهه ايليا“، ”فيروز دل افروز“، ”شمشاد مرجانه“، ”گلزار ۽ گلنار“، ”عزيز ۽ شريف“، ”شهزادو بهرام“، ”جمشيد حميده“ (شيڪسپيئر جا ڊراما آهن، جيڪو مرزا صاحب جو پسنديده ڊراما نگار پڻ هو.)
ترجمو ڪيل افسانن ۾ به شيڪسپيئر جا عالمي شهرت يافته ڪتاب ترجمو ڪيائين. جن ۾ ”ليمبس ٽيلس فرام شيڪسپيئر“ جو ترجمو ”دلپسند قصا“ جي نالي سان ڪيائين. ان کان علاوه ”دل وندرائيندڙ ڳالهيون“، ”هندستان جون ديسي آکاڻيون“، ”گلابي جوڙو“، ”شهزادي محبوب جي آکاڻي“ ۽ ”ڪريس“ وغيره شامل آهن.
مرزا قليچ بيگ کي سنڌي ادب ۾ نثر جو ابو سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪريڊٽ تي ٻين موضوعن سان گڏوگڏ سنڌ جي تاريخ تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ سياحت ۽ سير سفر جا ٻه شوقين هئا ۽ جتي جتي گهمڻ ويندا هئا، اتي جي تاريخ توڙي ماڻهن جي ڄاڻ به حاصل ڪرڻ جي دلچسپي هوندي هئس. سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان مرزا صاحب جا اٺ ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ جا اهم ڪتاب آهن. هو پهريون سنڌي اديب هو جنهن سنڌ کي، سنڌ جي تاريخ کي ۽ شاهه لطيف کي انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرايو. سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي ڪتاب مرزا صاحب لکيا آهن تن ۾ ”چچ نامو“ (انگريزي ۾) جيڪو ۱۹۰۰ع ۾ ڇپيو، ”سنڌ جي تاريخ“ اهو پڻ انگريزي ۾ لکيائين، جيڪو ۱۹۰۱ع ۾ شايع ٿيو. ”سنڌ جي تاريخ، تصويرن سان“ ۱۹۰۴ع ۾ ڇپيو، سنڌ جي مختصر تاريخ ۱۹۱۵ع ۾ شايع ٿيو، ان کان پوءِ ”سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن جا مشهور ماڻهو“ ۱۹۲۱ع ۾ ڇپيو ”رياست خيرپور جي تاريخ“ ۱۹۲۲ع ۾ لکيائين. ان کان پوءِ ”چچ نامو“ سنڌي ۾ پڌرو ڪرايائين، جيڪو ۱۹۲۳ع ۾ آيو ۽ آخر ۾ ”ٽالپرن جي صاحبي“ انگريزيءَ ۾ لکيائين، جيڪو ۱۹۲۸ع ۾ شايع ٿيو.
مرزا قليچ بيگ شاعر جي حيثيت ۾ سنڌي شاعريءَ کي جام بخشيو، روح ڦوڪيو يا توانا ڪيو، جيڪو به چئون درست آهي، مرزا خاندان جي چشم و چراغ، نامياري ڪمپيئر ۽ شاعر نصير مرزا چواڻي ته: مرزا صاحب بلاشبه سنڌ جي صدين جي کاڻ مان نڪتل اهڙو ئي ڊائمنڊ آهي جنهن جي نثري توڙي شعري تحرير کي هر رخ کان مقصديت، امرتا، پنهنجي چمڪ ۽ دائميت آهي.“
مرزا صاحب غزل جو شعر نهايت مهارت سان چيو آهي، جنهن جي شهرت به سندس زماني ۾ ٿيڻ لڳي هئي. سندس غزل جي هڪ جهلڪ هيءَ آهي:
تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي، تڪبير چوان
سور قليچ سڀئي سهه سر تي،
ڪهڙي آءُ، تقدير اڳيان تدبير چوان
زلف سياهه سراسر خم غم،
رهزن سي رهگير، ظالم سي زنجير چوان
تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير
مرزا صاحب وڏو شاعر هو، هن انهيءَ دور ۾ شاعري ڪئي جڏهن علم عروض جو دور هو. شاعريءَ ۾ ايراني فني انداز کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏنل آهي ۽ مرزا صاحب انهيءَ انداز جو شاعر هو. پاڻ ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪلام چيا اٿس. سندس ڪلام جو موضوع عشق کان علاوه سماجيات پڻ رهيو آهي. زماني جي چڱائي برائي تي وڌيڪ زور ڏنو اٿس. ان جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مرزا صاحب جي ڪلام کي پڙهڻ کان پوءِ اڄوڪي دور تي غور ڪريون ته لڳندو، ڄڻ مرزا صاحب اڄ جو شاعر آهي، شاعريءَ ۾ بيان ڪيل خيال ۽ موضوع اڄوڪي زماني جهڙا آهن، قدر وارا ۽ ايماندار ماڻهو اڄ مڪار سڏايا وڃن ٿا ۽ جيڪي مڪار ماڻهو آهن سي حرفت سان وڏا عهدا ماڻي عزتدار بڻجي ويا آهن. مرزا صاحب جا شاعري تي هيٺيان مجموعا ملن ٿا:
”ديوان قليچ“، ”موتين جي دٻلي“، ”چندن هار“، ”رباعيات عمر خيام“، ”املهه ماڻڪ“، ”عجيب جواهر“ ۽ ”ڪشف الاعجاز“. مرزا قليچ بيگ پنهنجي شاعريءَ کان سواءِ ڌارين ٻولين جي شاعريءَ جو ترجمو ڪري پڻ سنڌي شاعريءَ کي شاهوڪار بڻايو.
مرزا قليچ بيگ مختلف موضوعن ۽ صنفن تي اٽڪل ۴۵۷ ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪافي ڇپيل آهن، جڏهن ته سندس پونيرن وٽ اڃا ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب سانڍيل آهن، جن کي حڪومت ڇپرائي پڌرو ڪري ته بهتر ٿيندو. سنڌي ادب اونداهو هجي ها جيڪڏهن اڄ اسان وٽ مرزا قليچ بيگ نه هجي ها. مرزا خاندان علم ۽ ادب جي ڪري ماضيءَ کان حال تائين سٺي ساک رکي ٿو. سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي بقول: ”سڄو مرزائن جو خاندان قديم ايراني ۽ سنڌي تهذيب جو زندهه مجسمو آهي، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ، يارويسي، محبت، اخلاص، ڪم آزاريءَ، ڪم سخنيءَ، ادب نوازيءَ ۽ شعر ۽ شاعريءَ ۾ برک آهي.“
مرزا قليچ بيگ زندگيءَ جون ۷۶ بهارون ڏٺيون، يعني ۱۸۵۳ع ۾ جنم ورتائين ۽ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي وفات ڪيائين. ٻالڪپڻي کان وٺي پيرسنيءَ تائين هن جو گهڻو ڌيان پڙهڻ لکڻ طرف رهيو. سندس وڇوڙي کان پوءِ ڪيئي ادب جي آسمان تي چنڊ تارا نظر آيا پر عالمن جو سج مرزا قليچ بيگ ئي رهيو، جيتوڻيڪ ”شمس العلماءِ“ جو لقب سنڌ ۾ مرزا صاحب کان علاوه علامه عمر بند محمد دائود پوٽي کي به ڏنو ويو پر جيتري علمي خدمت مرزا صاحب ۾ رهي آهي، ان جو خال اڄ تائين ڪير به ڀري ناهي سگهيو.
۳ جولاءِ ۸۳ هين ورسي جي موقعي تي

No comments:

راءِ ڏيندا