; سنڌي شخصيتون: حسين شاهه فاضلاڻي - مصطفيٰ ملاح

08 September, 2012

حسين شاهه فاضلاڻي - مصطفيٰ ملاح


حسين شاهه فاضلاڻي
پهرين سنڌي فلم جو هيرو!
مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
سنڌي فلمن جي هيرو ۽ فلم ساز حسين شاهه فاضلاڻي جي وڇوڙي کي ۲۰ سال مڪمل ٿي ويا آهن. مرحوم حسين شاهه فاضلاڻي اڏيرو لعل شهر جي ڀرسان ڳوٺ سعيد پور ۾ ۱۹۲۴ع ۾ محمد امين شاهه جي گهر ۾ اک کولي هئي. شروعاتي تعليم ڳوٺ مان پرائي. جنهن کان پوءِ پڙهڻ لاءِ حيدر آباد پهتا. اتان وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئي هليا ويا. جتي کيس بالي ووڊ جي فلمن کي ڏسڻ جو موقعو مليو.


اميراڻي گهر ۾ اک کولڻ ڪري هن جا شوق به اميراڻا هوندا هئا. کيس سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ سان بي پناهه محبت هئي. بمبئي ۾ فلمن ڏسڻ کان پوءِ هن کي سنڌي فلمن جي ٺاهڻ جو شوق جاڳيو. بمبئي مان تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ واپس جڏهن ڏيهه پهتو ته هدايتڪار شيخ حسن سان ملاقات ڪئي هئائين. جنهن سان ملي ڪري حسين شاهه فاضلاڻي، پاڪستان جي پهرين فلم ”عمر ماروي“ ٺاهي. ان فلم ۾ پاڻ هيرو ٿيو هو ۽ منجھس عمر جو ڪردار ڪيو ھيائين. فلم ”عمر ماروي“ هڪ ئي وقت پاڪستان ۽ بمبئي ۾ ۱۹۵۶ع ڌاري رليز ٿي هئي. جڏھن ته پاڪستان کان وڌيڪ، بمبئيءَ ۾ بزنس ڪيو هيائين.
حسين شاهه فاضلاڻي جي وفات کان پوءِ ان جو پٽ شاهه جهان شاهه جڏهن بمبئي ويو هو ته اتي عمر ماروي جي ڊسٽريبيوٽر سان ملاقات ٿيس. ان ڊسٽريبيوٽر، شاهه جهان شاهه کي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ چيو، پر هن انڪار ڪيو. ان ڊسٽريبيوٽر، شاهه جهان شاهه کي ٻڌايو ته پهريان مان غريب هيس پر فلم عمر ماروي جي ڊسٽريبيوٽر ٿيڻ کان پوءِ، اڄ مان ارب پتي آهيان. فلم عمر ماروي مون کي امير ترين ڊسٽريبيوٽر ڪري ڇڏيو آهي.
مرحوم اداڪار ۽ فلم ساز حسين شاهه فاضلاڻي جي ٻي سنڌي فلم ”پرديسي“ هئي، جنهن جو پاڻ هيرو ۽ فلم ساز هو، جڏھن ته سائيڊ هيرو مصطفيٰ قريشي هو.
مرحوم هڪ فلم اردو ۾ ”استادون ڪي استاد“ پڻ ٺاهي.
سندس آخري فلم ”هاري“ هئي، جيڪا مڪمل ڪو نه ٿي سگهي.
مرحوم جي ٺاهيل فلم عمر ماروي، انڊيا ۾ ان وقت جي وزير اعظم پنڊت نهرو پڻ ڏٺي هئي ۽ تعريف ڪئي هئي. پاڪستان فلم انڊسٽري ۾ هن جي بي حد عزت ڪئي ويندي هئي.
حسين شاهه فاضلاڻي ۶ سيپٽمبر ۱۹۹۲ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا