; سنڌي شخصيتون: قاضي عبدالمجيد عابد - طارق بلوچ

05 September, 2012

قاضي عبدالمجيد عابد - طارق بلوچ


قاضي عبدالمجيد عابد
هڪ گهڻ رخي شخصيت
طارق بلوچ
قاضي عبدالمجيد عابد ۲ مارچ ۱۹۱۵ع ۾ ضلعي دادو جي مشهور شهر سيوهڻ شريف جي هڪ ديني گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ عبور سان گڏ فارسي سان به گهڻي شناسائي هئي. عبدالمجيد کان وڌيڪ لقب عابد سان پڪاريو ويندو هو. قاضي عابد جي خاندان ۾ رڳو پاڻ ۽ هن جو وڏو ڀاءُ قاضي اڪبر نامور شخصيت نه هئا بلڪه هن جو والد بزرگوار قاضي عبدالقيوم به پنهنجي وقت جو هڪ عظيم شخص هو. قاضي عبدالقيوم مشهور حڪماء ۾ شامل هو. هن سر غلام حسين هدايت الله جي خلاف بمبئي ڪائونسل جو اليڪشن وڙهيو. هن بلديه حيدرآباد جي صدر جي حيثيت سان به خدمت ڪئي ۽ ميونسپل اسڪول بورڊ جا چيئرمين رهيا. انهي جي ڪري قاضي عابد کي وراثت ۾ سماجي ۽ سياسي مرتبو مليو. انهيءَ ورثي کي قاضي صاحب ۽ سندن وڏي ڀاءُ قاضي اڪبر جدوجهد سان قائم رکيو. پاڻ ۲۱ سالن جي عمر ۾ يعني ۱۹۳۳ع ۾ بلديه حيدرآباد جا نائب صدر ۽ پوءِ صدر منتخب ٿيا.


قاضي عابد شروعاتي تعليم حيدرآباد ويسٽ ڪچي جي ميان علي بخش پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري پوءِ پاڻ سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ تعليم حاصل ڪيائون ۽ ۱۹۳۲ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائون ۽ پوءِ (ڊي جي اين) هاڻوڪو گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائون.قاضي عابد بمبئي يونيورسٽي جي زير نگراني انٽر امتحان ۾ سڄي سنڌ جي مسلمان شاگردن مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. پاڻ بي اي آنرز ۱۹۳۶ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان ڪيو ۽ تعليم جي دوران ڪجهه عرصو سنڌ مدرسي مان تدريس جو تجربو حاصل ڪيائون. پوءِ ۱۹۳۹ع ۾ سرڪاري نوڪري اختيار ڪيائون ۽ براهه راست ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جا چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ٿيا.
قاضي عابد ننڍي هوندي کان ئي ذهين قابليت رکندڙ ٻار هو. ڪلاس جي سڀني شاگردن ۾ سندس اهليت هميشه نمايان هوندي هئي. جنهن ڪري سندس استاد کيس تمام گهڻو ڀائيندا هئا. وقت جي پابندي ۽ استادن جو احترام سندس اخلاقي جزو هو. ايتري قدر جو اها فطرت عمر جي آخري گهڙي تائين به قاضي صاحب ۾ موجود هئي. سندس نجي محفلن ۾ خواهه ادبي يا معاشرتي گڏجاڻين ۾ يا سياسي حيثيت ۾ قاضي صاحب هميشه استادن جي عزت ۽ احترام جو دل سان خيال رکندا هئا. ننڍي هوندي ئي قاضي صاحب کي نماز پڙهڻ جو شوق هوندو هو. پڙهائي سان گڏ پابندي سان مسجد ۾ نماز پڙهندا هئا. گهر جي ڀر واري مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهڻ روزمره جو معمول هوندو هو. جنهن سبب ننڍي هوندي کان ئي قلبي صفائي ۽ نيڪ خصلتون قدرت وٽان عطا ٿيس. مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن آئون اسلام آباد ۾ ساڻس گڏ رهندو هوس ته مون ڪڏهن نه ڏٺو ته پاڻ ڪنهن وقت جي نماز ڇڏي (قضا) ڪئي هجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته قاضي عابد کي استادن کان سٺي تربيت حاصل ٿي پر سندس والد جي شخصيت جو پڻ گهرو اثر پيل هوس. سندس والد بلند خيالات  اعليٰ ڪردار جو انسان هو. قومي ۽ ملڪي خدمت جو جذبو هوندوهوس، جنهن ڪري پنهنجي اولاد جو پڻ انهيءَ نقطي نگاهه کان پرورش ڪئي. اهو ئي سبب هو جو قاضي عبدالمجيد اڳتي هلي قومي درد رکندڙ  ۽ عوام سان همدردي رکندڙ اڳواڻ ثابت ٿيو. قاضي عبدالمجيد کي انگريزي تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي چاچي (سهرو) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جهڙي بلند مرتبت شخص جي اثر ۽ نظرداري هيٺ رهڻو پيو. اها قاضي  عبدالمجيد جي خوش قسمتي هئي جو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي زير سايه اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي سنڌ جي انهن اعليٰ درجي وارن ماڻهن مان هو جن پنهنجي سموري حياتي قوم جي اصلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هو هڪ سلجهيل ۽ هوشيار سياستدان، باشعور صحافي، اديب، محبِ وطن ۽سنڌي اڳواڻ هو. سندس بيٺڪ ۾ هر وقت سياستدانن، اديبن ۽ دانشورن جو مجموعو موجود رهندو هو. انهي ماحول ۾ قاضي عبدالمجيد عابد رهي هڪ صحتمند سوچ، ويچار رکندڙ باصلاحيت نوجوان ثابت ٿيو. سندس شخصيت جو بنياد ايئن چئجي ته اتي پيو، جنهن کي اڳتي هلي پختگي ۽ عملي زندگي نصيب ٿي. اهڙي طرح قاضي عابد جي دل و دماغ جي نشو نما اهڙي گهواري ۾ ٿي جتان ملڪ جا وڏا وڏا انسان پيدا ٿيا. جن جي ڪردار ۽ شخصيت ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ شبهي جي گنجائش نه هئي. قاضي عبدالمجيد عابد جي تعليم ڪاليج جي دوران شاگرد تنظيم ۾ شاندار حصو ورتو. خصوصن قائداعظم محمد علي جناح کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ اهڙي طرح ملڪ جي آزادي واري ابتدائي قافلي ۾ شريڪ ٿيو. بلڪه ڪراچي ۾ قائداعظم سان ملاقاتون به ڪيائين، جنهن جي دور رس نگاهن هن نوجوان کي ڪافي هونهار ۽ باشعور نوجوان قرار ڏيندي چيو ته هي نوجوان گهڻي قومي خدمت ڪري سگهندو.
قاضي عبدالمجيد عابد جي دور ۾ سنڌ جي سماجي حالت ٻن وڏن حصن ۾ ورهايل هئي. هڪ مسلم سماج ۽ ٻي هندو سماج. مسلم معاشرتي حالتون پنهنجي نوعيت ۽ تقاضائن ۾ بلڪل مختلف هيون. بلڪه وڏن ۽ صاف لفظن ۾چئجي ته هڪ منتشر ۽ بي جان معاشرو هو. جنهن ۾ هڪ قوم بي حس زندگي گذاري رهي هئي. مسلم قوم سنڌ جي حڪومت ۾هئڻ سبب جيڪا ڪجهه پاڻ ۾ طاقت موجود رکي هئي سا ۱۸۵۷ع واري انقلاب ۾ به ختم ڪري ويٺي. ۽ عام معاشري تي نااميدي، مايوسي ۽ محرومي ڇائنجي وئي. جنهن ڪري مسلمان نه رڳو وقت گذرڻ سان گڏ پست همٿ ٿيندا ويا بلڪه ايتري قدر احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿيندا ويا جو هندو سماج جي بهتري ۽ بدتري اڳيان سندس قومي وجود خطري ۾پئجي ويو. اهڙي وقت ۾ سماج سڌارڪ انسانن جي ضرورت هئي. مگر هڪ ته طبقاتي فرقابندي ٻئي طرف جاگيردارانه نظام تنهن ڪري سنڌ جي عوام جي معاشري يا سماجي حالتن کي ڪنهن هڪ اصول تي ترقي يافته خطوط تي هلائڻ نهايت مشڪل ڪم پئي نظر آيو. وڏو نقصان سندن معاشي ڪمتري سبب پئجي رهيو هو. هندو سماج پنهنجي سڌارڪ تنظيمن ۽ تجارتي سهولت سبب زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي يافته هو. مگر مسلم معاشرو تاريڪ راهن تي گامزن هو. الغرض ڪو به اجتماعي وجود نظر نٿي آيو. فقط ڪنهن ڪنهن هنڌ ڪا انفرادي ڪوشش ڏسڻ ۾ آئي ٿي. جنهن جو آواز رئيس غلام ڀرڳڙي ۽ هڪ نور محمد مرحوم جهڙن باهمٿ انسانن وٽان اٿيو ٿي. پر پوءِ ڪٿان خاطر خواهه جواب نه ملڻ ڪري صدا بصحرا ٿي ويو.
اهڙي وقت قاضي عبدالمجيد عابد جهڙن انسانن جي ڪوششن ۽ همتن کي فراموش نٿو ڪري سگهجي. قاضي صاحب اهو راز سمجهي ورتو هو ته مسلم معاشرو پنهنجي ڪم علمي سبب روبزوال آهي. تنهن ڪري سڀ کان پهريائين مسلمان جي تعليمي ميدان ۾ ڪوشش ڪرڻ اهميت رکي ٿي. قاضي صاحب تعليمي تنظيمن ۾ حصو ورتو ۽ مختلف حصن ۾ اسڪول کولرائڻ، بي گهر ماڻهن کي آباد ڪرڻ، ۽ طبي سهولتن لاءِ اسپتالون کولائڻ جا ڪم ڪرڻ لڳو. نتيجو هي نڪتو جو قاضي صاحب ٿوري ئي عرصي ۾ سماجي طور خدمتن ۾ به نمايان حيثيت جو مالڪ بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ قاضي صاحب کي ڪيترن تنظيمن جي سرپرستي قبول ڪرڻي پئي. مثال طور: بئنڪن ۽ اصلاحي ڪلبن جي صدارت يا سرپرستي ڪرڻ لڳا، رليف ڪاميٽي جي آنرري سيڪريٽري جي حيثيت ۾ قاضي صاحب تقريبن ۲۰۰۰ ماڻهن کي روزگار سان لڳايو. بلڪه انهن جي آبادڪاري لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري انهن کي اجهو ڏنو. قاضي صاحب هڪ دفعو پنهنجا خيالات ٻڌائيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي انهن خدمتن کي خداوند قبول ڪري ته آئون قيامت روز سندس اڳيان سرخرو ٿيندس.
قاضي صاحب نيوز پيپرز سوسائيٽي جا سيڪريٽري ٿي صحافين جي ڪافي خدمت ڪئي آهي. ازانسواءِ پنهنجي خدمات جي دوران ڪيترن اهم شخصيتن سان پڻ ملاقات جو شرف حاصل ٿيو. جنهن مان قائداعظم، علي برادران، مولانا ظفر علي خان، نوابزاده لياقت علي خان،، مهاتما گاندهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڪيترائي پرڏيهي ملڪن جا سربراهه شام آهن.
هونئن ته قاضي صاحب کي ڪيترن سماجي شخصيتن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. جن سان ڪيترن خود قاضي صاحب کان تجربو حاصل ڪيو آهي.پر انهن مان سندس وڏو ڀاءُ قاضي محمد اڪبر  نمايان حيثيت رکي ٿو. منهنجي خيال ۾ قاضي عبدالمجيد عابد هر لحاظ کان پنهنجي وڏي ڀاءُ ۽ مشهور سماجي اڳواڻ ۽ سياستدان محمد  اڪبر قاضي کان متاثر ٿيل نظر اچي ٿو. سندس تعاون ۽ مشورا پڻ قاضي صاحب وٽ نهايت اهميت جا حامل هئا. ليڪن ڪيترن حالتن ۾ عابد صاحب محمد اڪبر قاضي جي صلاح و مشوري تي عمل پيرا رهندو هو. بقول ڊاڪٽر حڪيم حاجي عبدالستار لاشاري (جيڪو ٻنهي ڀائرن جو ويجهو ساٿي هو) جو چوڻ هو ته غصي جو تيز ۽  جذباتي هوندو هو، جنهن کي قاضي عابد صلاح ۽ مشهورن سان سمجهائي Cool Down ڪندو هو. جنهن تي پاڻ قاضي اڪبر پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي ڳالهه مڃڻ تي مجبور ٿي ويندو هو. اها ڳالهه سندس لاءِ قابل فخر پڻ آهي جو سندس همعصر سندس ڀاءُ هو.
سنڌي ڪلاسيڪي ادب قاضي صاحب جن جي خاندان جو ورثو هو. عربي، فارسي، دينيات، ادب و شاعري سندن وڏن جي علمي دور جو امتيازي نشان هو ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري رهندو اچي. جنهن ڪري سندن خاندان مان اڃا به ادبي ۽ تعليمي شخصيتون پيدا ٿينديون رهن ٿيون. جن جو وجود سنڌي قديم و جديد ادب لاءِ فخر جو باعث آهي. سنڌ جي علائقي ۾ سنڌي ادب جو ذخيرو  جيتوڻيڪ بي انداز هو مگر اهو ڪن خانداني ڪتب خانن ۾ محفوظ ۽  پوشيده هو. جنهن  ڪري عوام جي نظر کان پري هو.فقط ڪن مخصوص علمي ذوق رکندڙ ان مان استفاده حاصل ڪري سگهندا هئا. جنهن ڪري هڪ ته خاص تحقيقاتي ڪم نه ٿي سگهيو. ٻي طرف بلند پائيه جا عالم و اديب پيدا نه ٿي سگهيا. مگر قاضي عبدالمجيد عابد انهن خوش بخت نوجوانن مان هو جنهن کي علمي ذخيرو نهايت آسانيءَ سان حاصل ٿي سگهيو. هن پنهنجي چاچي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (سهري) جي علمي ذخيري مان سنڌي زبان جو قديم ۽ جديد علمي خزانو حاصل ڪيو. جنهن ڪري سندس معلومات ۽ علميت ۽ گران قدر اضافو ٿيو. شايد ڪو ٻيو اهڙو شاگرد هجي جنهن کي انهيءَ عمر ۾ علم جي سڃاڻپ ملي هجي يا ايتري علمي ڪتب خاني جو مطالعو ڪيو هجي! ان ڪري اهو قبول ڪرڻو پوندو ته قاضي عبدالمجيد کي شاگرديءَ جي دور ۾ ئي علمي برتري حاصل ٿي چڪي هئي. جنهن وقت قاضي عبدالمجيد عابد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسته السلام ڪراچي ۾ داخل ٿيو ته ان وقت سنڌ ۾ اگرچِ تعليمي ادارا تمام محدود هئا. مگر انهن جي معيار ۽ صلاحيت جو تمام گهڻي قدر خيال رکيو ويندو هو. سنڌ مدرسته السلام ان وقت سڀني ۾ بلند درجو رکندڙ درسگاهه شمار ٿيندو هو. هن ئي ڪاليج مان ميران محمد شاهه، حيدر بخش جتوئي، شمس العلماءُ عمر بن دائود پوٽي جهڙا علم و ادب جا آفتاب ۽ ماهتاب نروار ٿي چڪا هئا. جن جي علميت جي روشني چوڏس چوڌار خوب پکڙجي رهي هئي. انهيءَ درسگاهه ۾ قاضي عبدالمجيد عابد تعليم حاصل ڪئي. جنهن ڪري ان جي صلاحيت ۾ ڪو شڪ نٿو ڪري سگهجي.
سنڌ جو مروثي تعليمي نظام ٻٽي سرشتي ۾ هلي رهيو هو.هڪڙا ادارا اهڙا هئا جن پنهنجي علمي تعمير جو بنيادي پٿر قديم علوم  تي رکيو هو ۽ ڪجهه ادارا اهڙا وجود ۾ آيا جن ۾ انگريز حڪومت طرفان جديد انگريزي نظام کي برتري حاصل هئي. جنهن ۾ حڪومت هلائڻ لاءِ ڪامورن جي کيپ تيار ڪرائي ويندي هئي. اهي ٻئي نظام هڪ ٻئي جي مخالف نظرين ۽ اصولن تي روان هئا. سنڌ مدرسته السلام ئي ان وقت اهڙو ادارو هو. جنهن ۾ ٻنهي اصولن کي گڏي اهڙا مستقبل جا معمار پيدا ڪيا ويا پئي جنهن لاءِ چيو  ويندو هو ته هڪ طرف زيور علم سان آراسته هجن ته ٻئي طرف نئين حڪومت جي ڪامياب آفيسر ٿي صوبي جي معاشي حالت ۾ پڻ مضبوط ٿي سگهن. بلاشڪ قاضي عبدالمجيد اهڙو نوجوان هو جنهن نه رڳو اتان انگريزيءَ ۾گريجوئيشن ڪئي پر تعليم جي قديم نظام جي خوبين کان به بخوبي معلومات رکندڙ هو ۽ اڳتي هلي هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ۽ هڪ ڪامياب آفيسر به ٿيو ۽ ڪامياب اديب پڻ ٿيو، جنهن جو ثبوت سندس اعليٰ ڪارڪردگي مان اسان کي ملي سگهي ٿو.
قاضي عبدالمجيد عابد جي وڏن ادبي خدمت تمام سٺي نموني ڪئي آهي. ٻين کي پاسيرو رکي رڳو حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي علمي و ادبي خدمات تي تبصرو ڪجي ته اها ڳالهه چڱيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي ته حڪيم صاحب جي صحبت ۽ شاگرديءَ مان ڪيترا بلند پائيه جا اديب پيدا ٿيا بلڪ حڪيم صاحب جي تصنيفات جو اندازو پڻ سَوَن جي  تعداد ۾ ملي سگهي ٿو.حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي مصنفانه مرتبي جوهڪ مثال ڪافي آهي ته جڏهن سنڌي ادبي بورڊ  پنهنجي پهرئين تصنيف شايع ڪرڻ لاءِ آنحضور جن جي طيبه لاءِ انتخاب ڪيو ته فقط حڪيم صاحب جي ڪتاب کانسواءِ ڪو به ڪتاب سنڌ ۾ملي نه سگهيو. اهو ڪتاب سيرت طيبه جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ لکيل سيرت النبي ڪتاب کان گهٽ نه هو.
قاضي عبدالمجيد عابد کي جيئن مٿي چيل آهي ته  هڪ وڏي علمي ذخيري مان استفاده ڪرڻ جو سنهري موقعو مليو جنهن ۾ قاضي صاحب نهايت چڱي طرح مطالعو ڪيو ۽ ادب، تاريخ، سفر نامه، سوانح وغيره جو خاص مطالعو ڪيو، اهي ئي سندس پسنديده موضوع هئا جن ۾ اڳتي هلي قاضي صاحب طبح آزمائي ڪئي ۽ ان ۾ ڪامياب اديب ثابت ٿيا.  قاضي صاحب جيئن انگريزي ۾ گريجوئيشن ڪئي تنهن ڪري انگلش ۾ پڻ ڪافي علمي ڪتابن جي مطالح جوموقعو ميسرٿين، ان ڪري مغربي علمي، ادبي رفتار کان  گهڻي واقفيت حاصل ڪيائون، انهي مان جديد ادبي رحجانات کان پڻ معلومات حاصل ڪيائون، انگريزي ادب انوقت به ڪافي مواد ۽ موضوع جي لحاظ کان ڪافي شاهوڪار هئا، ان ڪري قاضي صاحب ان مان پڻ چڱي انداز ۾ علمي سرمايو حاصل ڪيو. قاضي عبدالمجيد عابد شاگرديءَ دور ۾جيئن ته گهڻا مضامين لکيا، جنهن ڪري منجهس قلمي رواني پڻ پيدا ٿي جيڪا اڳتي هلي کين صحافي زندگي ۾ پڻ معاون ثابت ٿي ۽ قاضي صاحب هڪ ڪامياب مدّير  جي حيثيت ۾ سٺو داد حاصل ڪيو. قاضي صاحب جي تصنيف ۱ (يورپ جو سير) هڪ ڪامياب ۲ (سير و سفر) ۳ (مونکي ياد آهي ته سياسيات) ۴ (سنڌ جي سياست) وغيره آهن، يورپ جو سير هڪ ڪامياب ۽ مشهور تصنيف آهي، قاضي صاحب يورپ جي سفر ۾ جيڪي مشاهدا ڪيا آهن ۽ جيڪي ڪجهه ڏٺو يا جن سان مليو سو پنهنجي مخصوص انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي، هي تصنيف هڪ قسم جو سفر نامو آهي، جنهن کي قاضي عابد نهايت دلڪش انداز ۾ پيرايه ۽ اهڙي نوعيت ۾ ڪاغذ تي عڪس بند ڪيو آهي جو پڙهندڙ ٿوري وقت لاءِ انهي ماحول ۾ پاڻ کي گم ٿيل محسوس ڪري ٿو. ڪتاب ۾ وڏي خوبي هيءَ آهي ته قاضي صاحب نه رڳو ان ۾ ادبي نڪتا پيش ڪيا آهن بلڪ اتي سماجي، سياسي ۽ سائنسي ترقي ۽ ردوبدل جا اسباب ۽ قائدا ۽ نقصان پنهنجي گهري نظر سان جاچي پرکي پيش ڪيا آهن، جنهن ڪري پڙهندڙ جديد يورپ جي هر ڳالهه کان واقف ٿي وڃي ٿو.قاضي عبدالمجيد عابد عام لکندڙ وانگر فقط واقعات ڪو نه لکيا آهن. بلڪ جيئن هڪ دانشور ۽ اديب معائنو ۽ مطالعو ڪندو آهي. نئين هر هڪ ڳالهه جي تَهَه ۾ پڻ ويو آهي ۽ ان جي پوري صورتحال تي خيال آرائي ڪئي اٿس، فقط سرسري يا مٿا ڇري نگاهه ڪو نه وڌي اٿس. پر هڪ فنڪار وانگر انهن جي هر هڪ پهلوءَ کي سامهون رکي پوءِ ان تي تنقيد ڪئي اٿس جنهن ڪري دلڪشي سان گڏ معلوماتي اندازهر هنڌ جهلڪا ڏيئي رهيو آهي. ڪتاب ايترو عام فهم زبان ۾ لکيو ويو آهي جو ٿوري عرصي ۾ انجا ٻيا ڇاپا پڻ شايع ٿي ختم ٿي ويا هئا. انهي مان سمجهي سگهجي ٿو ته قاضي صاحب جي قلم جو اعجاز ڪيترو نه واضح ۽ بلند پايئه جو آهي.
قاضي عابد ته هونءَ  بي انداز مضامين  لکيا آهن پر سياسي ۽ اهم شخصيتون وارو سلسليوار معلوماتي مضمون جيڪو تقريبن  هڪ سئو مضامين تي مشتمل آهي بيحد ڪامياب ۽ غير معمولي آهي، هي باتصوير سلسله وار مضامين هئا جيڪي مشهور روزنامو عبرت ۾ شايع ٿيا آهن. زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ صاحبن هن جي ساراهه ڪئي آهي ۽ معلومات جي لحاظ کان جامع مڃيو آهي. خاص ڪري نوجوان نسل ڪيترين  اهم ادبي، سياسي، سماجي خواه ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن کان واقفيت حال ڪري سگهندا هئا ڇاڪاڻ  ته ڪيترا اهڙا انسان پنهنجي عمده ڪارڪردگي ڏيکاري گذاري ويا آهن جن کان آئنده نسل بلڪل غير واقف آهي، هي مضامين اها گهٽتائي گهڻي قدر پوري ڪري سگهن ٿا.
قاضي عبدالمجيد عابد ڪاليج جي شاگرديءَ واري دور ۾ سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو هو ۽ شاگرد تنظيمن ذريعي سياست جي ابتدا ڪئي، انوقت  گڏيل هندوستان ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جدوجهد آزادي ۾ نمايان وڏيون جماعتون هيون.  جنهن ڪري زندگي سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن ۾ انهن جو اثر ٿيڻ لازمي هو تنهن ڪري تعليمي اداره ئي انهن کان خالي نه هئا. جنهن ڪري هر هڪ ڪاليج ۾ شاگرد تنظيمون ٻن وڏن حصن ۾ تقسيم ٿيل هيون. هڪ مسلم ليگ سان تعلق رکندڙ ۽ قائد اعظم محمد علي جناح رحمة الله جي آواز تي لبيڪ چئي مسلمانان هند جي سياسي حقوق لاءِ آزاديءَ جي تحريڪ هلائي رهيا هئا، ٻئي طرف آل انڊيا ڪا نگريس ڪاميٽي، جنهنجا اڳواڻ مهاتما گانڌي ۽ پنڊت جواهر لعل نهرو هئا. هن ۾ اڪثريت هندن جي هئي، هيءَ جماعت جو نعرو گڏيل هندوستان جي آزادي  حاصل ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ هن جو چوڻ هو ته هندو ۽ مسلمان هڪ قوم آهي ان ڪري هندوستان جي آزادي ٻنهي قومن جو گڏيل مطالبو آهي. هن ۾ ڪجهه مسلمان پڻ شريڪ هئا. قاضي عبدالمجيد شروع کان وٺي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان آزادي واري سياست  ۾ حصو ورتو ڇاڪاڻ ته قاضي صاحب جي دوربين نگاهه ڏسي رهي هئي ته سنڌ جي مسلمانن جي سياسي ترقيءَ کانسواءِ تعليمي ۽ معاشي ترقيءَ جو راز پڻ مسلم ليگ جي قيادت ۾پوشيده آهي، قاضي عبدالمجيد عابد جو اهو اندازو بلڪل صحيح ثابت ٿيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ وارو اهم مسئلو پڻ مسلم ليگ قيادت حل ڪري سگهي ۽ محمد ايوب کهڙو، سر شاهنواز ڀٽو، غلام محمد ڀرڳڙي، پير الاهي بخش جهڙن سياستدانن پڻ هن  ئي پليٽ فارم تان اٿيو آواز بلند ڪيو . قائد اعظم رحمته الله جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي.
قاضي عبدالمجيد عابد انهيءَ تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو نوجوانن سان گڏ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ اجتماع ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ عوام جي راءِ هموار ڪرڻ لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪرڻ جيئن سنڌ جو عوام بيدار ٿئي ۽ سنڌ اسيمبلي ٺهڻ وقت هو  پنهنجو سياسي ڪردار چڱيءَ طرح ادا ڪري سگهن. قاضي صاحب ان وقت سنڌ جي راءِ هموار ڪرڻ ۽ ٻهراڙيءَ کان وٺي شهرن تائين تحريڪ هلائي بيداري آندي نتيجو هي نڪتو جو قاضي عابد سڄي سنڌ ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويو ۽ سندس سياسي خدمت جو اعتراف هر طبقي مان ٿيڻ لڳو. سنڌ بمبئي کان جدا ٿيڻ بعد سنڌ اسيمبليءَ جو انتخاب ۽ وزارت جو سوال جو مسئلو سنڌ جي سياست ۾وڏي حيثيت اختيار ڪئي. ڪانگريس ڪجهه مسلمان اڳواڻ پاڻ سان ملائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي. جن مان خان بهادر الهه بخش سومرو برک سياستدان سمجهو  ويندو هو ۽ هن جي سياسي اثر رسوخ سبب مسلمان ۽ هندو گڏجي سندس قيادت ۾ ڪانگريس وزارت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهڙي طرح مسلم ليگ جي ڪاميابي مشڪوڪ بڻجي وئي. ان وقت مسجد منزل گاهه تي هندن جو قبضو ڪرڻ جوحربو استعمال ڪيو. ڇاڪاڻ ڪيترن سالن کان هو مسجد کي پنهنجو مندر چئي قبضو وٺڻ جي ڪوشش ڪري چڪا هئا. ۽ ناڪامياب ٿيا هئا. هنن الهه بخش وزارت ۾ اثر رسوخ جو فائدو ورتو ٿي. مگر مسلم ليگ اعتراض ڪيو ته اها قديم مسجد آهي. ان ڪري مسلم ليگ اڳواڻ ميدان تي نڪري آيا جن ۾ قاضي عابد تقريرون ۽ ورڪ ڪرڻ سان مسلمانن جي مڪمل رهنمائي ڪئي، جنهن ڪري صحيح رهنمائي سبب مسلم ليگ کي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ ڪانگريس وزارت کي استعيفا ڏيڻي پئي. اهڙي طرح قاضي عبدالمجيد عابد پنهنجي مسلم ليگ قيادت سان يقين ۽ اعتماد سان ڪم ڪندو رهيو. جنهن ڪري هڪ ته سندس شهرت وڌي وئي. ٻئي طرف منجهس اعليٰ قيادت جون صلاحيتون پيدا ٿي ويون. جنهن سبب هر هڪ ڪامياب ۽ مشهور سياستدان ليکيو ويو. قائد اعظم محمد علي جناح ۱۹۴۰ع ۾ لاهور ۾ قرارداد پاڪستان پاس ڪيو ۽ هندوستان جي ڏهن ڪروڙ مسلمانن يڪ-آواز هڪ آزاد مملڪت پاڪستان جي آزاديءَ جو مڪمل مطالبو پيش ڪيو جنهن ڪري مسلمان هند هڪ نئين ولوله ۽ جوش سان جذبي سان متحرڪ ٿي ويا. سنڌ ۾ به انهيءَ آواز تي لبيڪ چئي نوجوان سياستدان پنهنجي جذبي سان ملت جي نصيب العين لاءِ اڳتي وڌڻ لڳا. قائد اعظم رحمته الله عليه چونڊن  جو اعلان ڪري اهو ثابت ڪرڻ گهريو ٿي ته جمله مسلمان مطالبي پاڪستان تي متفق آهن ۽ هو انهيءَ مطالبي کان دستبردار ٿيڻ لاءِ  ڪنهن به حالت ۾ تيار نه آهن. ڪانگريس ڪجهه مسلمان اميدوار جدا جدا تڪن تان بيهاريا ان ڪري مسلم ليگ لاءِ امتحان جو وقت اچي ويو. قاضي عبدالمجيد عابد انهيءَ گروپ ۾ سرگرميءَ سان ڪم ڪيو. جنهن کي مسلم ليگي اڳواڻ ۽ اميدوارن کي هر طرح ڪامياب ڪرڻو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪاميابيءَ  لاءِ خود قائد اعظم خاص اپيل ڪئي هئي. قاضي عبدالمجيد عابد بجا طور تي انهيءَ فرض ادائيءَ کي پنهنجي ذهانت،قابليت ۽ سياسي سمجهداري سان ادا ڪيو ۽ رات ڏينهن هڪ ڪري آرام ڦٽائي مسلم ليگي اميدوارن کي ڪامياب بنايو. سندس اهو ڪارنامو سنهري اکرن ۾ سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. خاص طور ڪوٽڙي دادو واري انتخاب ۾قاضي عبدالمجيد عابد جنهن سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪيو اهو اعليٰ قيادت پڻ تسليم ڪيو.قاضي عابد انهي انتخاب ۾ جنهن سياسي بصيرت جو ثبوت ڏنو اهو قاضي صاحب جي پوري سياسي مستقبل تي حاوي رهيو. ان بعد قاضي عابد هڪ آزمودگار ۽ جهانديد سياستدان ٿي ملڪي اُفق تي نمودار ٿيو ۽ سندس ذهانت ۽ حب الوطنيءَ  جو اعتراف وڏن وڏن اڳواڻن سهڻن الفاظن ۾ ڪري کيس دادِ تحسين ڏنو. واقعي قاضي عابد انهيءَ داد جو هر طرح لائق هو. ڇاڪاڻ ته اهو ڪو معمولي ڪارنامو نه هو جو مسلم ليگ سنڌ ۾ ۹۹ سيڪڙو جايون کڻي پوري هندستان۾ سنڌ کي مسلم ليگ جوقلعوڪري پيش ڪيو. اڳتي  هلي سنڌ صوبي پاڪستان سان شموليت جو ٺهراءُ بحال ڪري قائداعظم ۽ مسلم ليگ سان پنهنجي قسمت ڳنڍي ڇڏي.

قاضي عبدالمجيد عابد اهو خوشنصيب سياستدان آهي، جنهن کي پاڪستان جي آزادي بعد به ملڪ جي خدمت جو موقعو قدرت عطا ڪيو. قاضي صاحب جي خدمتن جو اعتراف خود بابا قوم حضرت قائد اعظم محمد علي جناح پڻ ڪيو.جنهن جو ذڪر قاضي صاحب وقت بوقت پنهنجي ٽي وي ۽ ريڊيو تقريرن ۽ مذاڪرن ۾ پڻ  ڪيو هو. جيڪو پوءِ آزادي ۽ ”يوم وفات قائد اعظم“ جي موقعي تي خصوصي طور قاضي عابد ڪندو رهيو. ليڪن خدمت جو ميدان قاضي صاحب پنهنجي حلقئه ۽ بلديه جي حد تائين مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس يقين آهي ته خدمت جي ضرورت بلديه جي حد اندر سڀ کان زياده آهي. تنهنڪري پاڻ خاص طور بلديه صدارت کي پسند ڪندي شهري سياست کي ئي مقدم سمجهيو. ۽ ڪيترا سال حيدرآباد بلديه جو صدر ٿي ملڪ ۾ قوم جي خدمت به حسن و خوبي سان سر انجام ڏني. انهيءَ دوران قاضي صاحب ملڪ جي ترجماني ڪرڻ لاءِ ڪيترن بين الاقوامي ادارن ۾ قيادت ڪئي ۽ پنهنجي سياست معلومات جا جوهر ڏيکاريا. اهڙي طرح قاضي عابد هر طرح ملڪي ۽ قومي خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو. بعد ۾ ماڻهن جي وڌيڪ خدمت خاطر قاضي صاحب پنهنجي حلقئه کي وڌائي پوري پاڪستان جي عوام، ملڪي ۽ قومي خدمتون ڪرڻ لاءِ وفاقي سطح تي پنهنجي پاڻ کي مڃرايو ۽ ۱۹۸۵ کان ۱۹۸۸ع تائين محمد خان جوڻيجو جي ڪابينا ۾ رهيو. جنهن ۾ خوراڪ ۽ زراعت، اطلاعات ۽ نشريات، پاڻي ۽ بجلي ۽ تعليم جو وفاقي وزير پڻ رهيو ۽ پنهنجي صلاحيتن سان پاڻ کي مڃرايو. سندن وفات ۲۷ آگسٽ ۱۹۹۶ع ۾ ٿي ۽کين سول لائينز ڪنٽومينٽ حيدرآباد جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا