; سنڌي شخصيتون: آزاد جتوئي - رکيل مورائي

22 September, 2012

آزاد جتوئي - رکيل مورائي


آزاد جتوئي
ٻاجهاريون اکيون رکندڙ شخصيت
رکيل مورائي
حسين دوست، صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ سماج سڌارڪ آزاد جتوئي ٽي سال اڳ، اسان کان جدا ٿيو هو. پر هيءُ اکر لکندي ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته هن جون بيحد ٻاجهاريون اکيون اسان سڀني کي ڏسي رهيون آهن ۽ انهن ۾ اهو ئي پيار اها ئي پنهنجائپ موجود آهي. ان جي باوجود به ڪجهه کٽل کٽل محسوس ٿئي ٿو. هڪ بيحد همدرد، وطن دوست ۽ دلي دوست جي ڪمي جيڪا شايد رهجي ويل سوالن وانگر سدائين انهن شخصن ۽ ادارن وٽ رهي، جن سان هو زندگيءَ جي الڳ وقتن تي جڙيل رهيو. خاص طور پنهنجي ونيءَ ۽ اولاد جي ته هو اکين ۽ دلين مان ڪڏهن به نڪرڻ وارو نه آهي ۽ جيڪڏهن ماضيءَ ۾ وڃجي ته محرابپور ڳوٺ جون اهي ڪچيون گهٽيون جن ۾ گهمي هو وڏو ٿيو ۽ جتان ئي سندس پيرن پنهنجو سفر شروع ڪيو هو. اهي کيس سدائين ياد ڪنديون رهنديون.


ضلعي لاڙڪاڻي، تعلقي ڏوڪريءَ کان ٽن ڪلوميٽرن تي هڪ بنهه خوبصورت ڳوٺ/ ننڍڙو شهر محرابپور جتوئي آهي. هيءُ ڳوٺ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي ڳوٺ بکو ديرو کان هڪ ميل جي مفاصلي تي آهي ۽ سنڌ جي هن ڳوٺ لاءِ اڄ ڏينهن تائين اهو اعزاز آهي ته هن ڳوٺ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو عالم ۽ شاعر پوريل آهي/ يا هيءَ ان عالم ۽ شاعر جو ڳوٺ آهي جنهن جي شعرن کي مذهبي عقيدت ملڻ جو اعزاز حاصل آهي. سنڌ جا اڻ ڳڻيا شهر ۽ ڳوٺ اهڙا هوندا جتي مسجدن ۾ اڄ به جمع جي خطبي سان گڏ ”خطبئه رسولي“ پڙهيو ويندو آهي، جنهن ۾ هن عالم جا نظم آهن. ان عظيم شخص جو نالو آهي، مولوي غلام رسول جتوئي ۽ اسان جو دوست ۽ اديب جنهن کي وڏو جهان آزاد جتوئيءَ جي نالي سان سڃاڻي ٿو، تن جي شايد ٿوري حصي کي سُڌ هوندي، سندس اصل نالو حضور بخش هو ۽ سندس حوالي ۾ ٻه اعزاز شامل آهن؛ هڪ اها ته هو جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو اهو علمي طور نوانوي سيڪڙو تعليم رکي ٿو ۽ ٻيو اعزاز اهو ته آزاد، مولوي غلام رسول جتوئي جهڙي مذهبي عالم ۽ شاعر جو پوٽو هو ۽ هاڻ شايد محرابپور جتوئي ڳوٺ هڪ وڌيڪ شخص تي به فخر ڪري ته هو ان ڳوٺ جو ڄائو هئو. محرابپور ۾ ڄائو، هُو ڪراچيءَ ۾ دفن ٿيو. جيڪڏهن اهو فيصلو سندس هئو ته ان پٺيان هن پنهنجي اولاد کي اهو حق ڏيڻ چاهيو هوندو ته هو ڪڏهن به اها دعويٰ ڪري سگهن ته هيءُ شهر (ڪراچي) اسان جو آهي. ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جا هڏڙا دفن ٿيل آهن. اهڙي دعويٰ جيڪڏهن آزاد خود، پنهنجي لاءِ ڪري ها ته مناسب نه هو. پر سچ پچ هُن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿي هن شهر تي پنهنجي شهر هجڻ جي ثابتي ڏني آهي، جيئن جمال ابڙي صاحب، قمر شهباز، تاجل بيوس، نور الدين سرڪيءَ ۽ هاڻ شمشير الحيدريءَ ڪيو آهي. آزاد وٽ اهڙو شعور ان عمرکان هو جنهن عمر ۾ هو ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندو هو. هو ان عمر ۾ به فقط نصاب جا ڪتاب پڙهندڙ هو، پر سنڌ جا اڪثر ادبي ۽ سياسي رسالي اسان سندس گهر توڻي اوطاق واري ڪمري ۾ نه رڳو ڏسندا هئاسين پر پڙهندا به هئاسين.
آزاد جتوئي تڏهن حضور بخش هئو ۽ پنهنجي عمر جي ڇوڪرن ۾ ذهين نوجوان هئو، ڇاڪاڻ ته علم سندس ورثو هو جيڪو کيس مليو هو، سندس والد سائين الهه بخش جتوئي، خود هڪ استاد هو ان ڪري هن پنهنجي پٽن کي به پڙهايو، ان ئي دور ۾ آزاد سياست ڏانهن لاڙو رکيو پر بنهه گهٽ، سندس ذهن جي تيزي کيس گهڻو اڳتي وٺي آئي، هن لکڻ شروع ڪيو، ڪجهه صحافتي ۽ ڪجهه تخليقي جنهن کي گڏي سندس ونيءَ ڀيڻ حسينا آزاد جتوئي، ڪتابي صورت ۾ ڇپائي سدائين لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ هن ڪتاب مان آزاد جي شروعاتي اڌ عمر گم آهي، پوءِ به هن ڪتاب جي صورت ۾ آزاد ياد رکيو ويندو، شايد لکڻ وارا مسلسل ايئن لکندا رهن پر مان شخصي طور سمجهان ٿو ته آزاد کي پنهنجي سٻاجهي ۽ همدرد طبعيت ڪري به ياد رکيو ويندو، سنڌي صحافت ۾ سنڌي ادب ۾ هن جو حصو مومل رسالي ۽ مومل اخبار جي حوالي سان ياد رهندو، ٻيءَ صورت ۾ ڳوٺ سڌار سنگت، سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان کان کان محرابپور جتوئي ۾ سندس نوجوانيءَ جون سماجي ڪار گذاريون ماڻهن جي دلين ۽ دماغن ۾ سدائين زنده رهنديون، انهن ماڻهن وٽ جن جو ادب سان واسطو نه آهي ۽ ادب دوستن وٽ ڏياٽيون رسالو.
هو ڪراچيءَ آيو ته سدائين لاءِ ڪراچيءَ جو ٿي ويو. پنهنجي صلاحيتن سان ڪيتريون ئي نوڪريون ڪيائين پر شايد کيس بئنڪاري راس آئي هو بئنڪار ٿي ويو. بظاهر هن بينڪ جهڙي ڏکي نوڪري ڪئي پر سندس اندر ۾ ويٺل ليکڪ جو اتي ساهه منجهڻ لڳو ته هن مومل ماهوار رسالو شروع ڪيو، ايئن آهي ته ڀيڻ حسينا ساڻس ٻانهه ٻيلي رهي پر عورت لاءِ ٻارن ٻچن جو ڪم ڪار ئي ايترو گهڻو ٿئي ٿو جو ان مان وقت ڪڍڻ ڏکيو بڻجي ٿو پوي. مومل ماهوار مان ڏهاڙي اخبار جو روپ ورتو. جنهن ۾ آزاد پنهنجو مستقبل ٿي ڏٺو ۽ هو شايد پنهنجي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ به پاڻ کي مصروف رکڻ لاءِ اها پلاننگ ڪندو هجي، پر پنهنجي مستقبل کي ڏسڻ واريون اهي سٻاجهيون اکيون وقت کان اڳ ۾ ئي بند ٿي ويون ۽ ايترو اچانڪ بند ٿي ويون جو پتو ئي نه پئجي سگهيو، سندس وفات جي خبر ايتري تڪڙي ۽ بي وقتائتي پهتي جو ان اکين ئي سُن ڪري ڇڏيو، جن مان ڳوڙها به ڳڙي نه سگهيا ۽ جڏهن سندس سار آئي ته اکين مان بوندن بس ٿيڻ جي نه ڪئي.
سندس گهڻن ئي دوستن جون اکيون اڄ تائين کيس ڳولينديون آهن ۽ جڏهن هو نظر نه ايندو آهي ته اهي اکيون آليون ٿي وينديون آهن، ڪنهن فنڪشن ۾، ڪنهن ميٽنگ ۾ اهو حسين چهرو ۽ ٻاجهاريون اکيون ٻاهر ڏسڻ ۾ نٿيون اچن، ها! هو دلين ۾ محفوظ آهي، سندس سڀاءُ، ملڻ جلڻ گهڻو وقت فل سوٽ ۾ هجڻ، دوستن سان همدردي ڪندڙ رويو سڀ ڪجهه ياد رهندو ۽ ادب ۾ سندس ڪهاڻيون ۽ الڳ ليک ماهوار رسالو مومل ۽ پوءِ ڏهاڙي اخبار مومل ۽ ايئن هن پنهنجي حصي کان ڪجهه وڌيڪ ئي ڪم ڪيو، سماجي طور بينڪاريءَ اسان کان هڪ مستقبل جو لاجواب ڪهاڻيڪار کسي ورتو پر ان معرفت هُن الڳ الڳ شعبن ۾ گهڻو ئي ڏنو.
آزاد جي ادب يا ڪهاڻين تي تفصيل سان لکڻ جي گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هن جنهن دور ۾ ڪهاڻيون لکيون ان دور ۾ جيڪي ٻيا ڪهاڻيڪار هئا، انهن جي ڪهاڻين سان سندس ڪهاڻين جو تقابلي جائزو وٺڻ مان سڀاڻي جي ڪهاڻيڪار لاءِ رستو جڙندو ۽ هو پنهنجي ۽ سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪٿ ڪرڻ ۾ آساني سمجهندو ۽ اسان سڀني لاءِ اهڙي آساني ڀيڻ حسينا آزاد ڪئي آهي جو هن آزاد جون ميسر ٿيل سڀ ڪهاڻيون هڪ خوبصورت ڪتاب ”ڏکيو ڏيهه سندر سپنا“ ۾ سهيڙي ورتيون آهن. هيءُ ڪتاب خود هڪ سانڍڻ جهڙو ڪتاب آهي، پر دوست جڏهن هليا وڃن ٿا تڏهن گهڻي ڪمي رهجي وڃي ٿي، جيڪا ڪتابن مان پوري نه ٿي ٿئي.! ايئن آزاد جتوئيءَ جي حوالي سان به آهي، اڄ سندس وڇڙڻ کي ٽي ورهيه گذري ويا آهن پر سچ اهو آهي ته ان سچ کي قبول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي! ڪراچي ته ان کي پنهنجي مصروفيت سبب وساري به ويهي پر محرابپور جي ٽالهين جا ڊگها وڻ ۽ سندس اوطاق جي آڏو جهونو بڙ جو وڻ کيس ڪيئن وساريندو، جنهن جي ڇانون ۾ ويهي هو پڙهڻ سکيو ۽ پوءِ لکڻ سکيو! سندس پڙهڻ ته ساڻس گڏ مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي پر سندس لکيل سڀ ڪجهه اسان وٽ امانت طور رهندو، جيڪو سدائين جيئرو رهڻو آهي، تيستائين، جيستائين اسين سڀ آهيون، هيءَ ڌرتي آهي ۽ هيءَ ٻولي آهي!

No comments:

راءِ ڏيندا