; سنڌي شخصيتون: ملوڪ لنڊ - عبدالجبار جوش

22 September, 2012

ملوڪ لنڊ - عبدالجبار جوش


ملوڪ لنڊ
افاديت ماڻھپي کي آھي
عبدالجبار جوش
فن کان به وڌيڪ اوليت، اهميت ۽ افاديت ماڻهپي کي حاصل آهي. تڏهن ته ڪنهن ڏاهي چئي ڏنو هو؛ ”انسانيت تمام وڏو خزانو آهي.“ ان کي لباس ۾ نه پر انسان ۾ تلاش ڪيو. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو سٺي پوشاڪ وارو يا پنهنجي مڇي ماني وارو ٿي پيو ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي وڏي ڳالهه ته اها آهي جيئن نثار بزمي جي هيءَ سُهڻي سٽ آهي:
گذار  هيٺ کان ٿي هيٺ تون زماني ۾
يا لاکيڻي لطيف رح جي هن خوبصورت سٽ وانگر:
ڍول تنين جي گس هيٺاهيون هلن جي


ان هيٺاهين سان هلندي مون ملوڪ لنڊ کي ڏٺو آهي. حضرت علي رضه سائين جو قول آهي ته; ”انسان زبان جي هيٺان لڪل هوندو آهي، جڏهن ڳالهائيندو ته خبر پوندي.“ ملوڪ لنڊ به کليل ڪتاب وانگر آهي. هن ڪوڙي اَنا ۽ ڪوڙي لئه جي مُنهن ۾ ڌوڙ وڌي آهي. هيءُ سادرو ۽ سٻاجهڙو کلڻو ۽ ملڻو ماڻهو آهي. ملوڪ سان منهنجي ملاقات سيف الملوڪ لائبريري ڏسڻ جي بهاني ٿي اها منهنجي جي ملوڪ لنڊ سان پهرين ملاقات هئي. ۽ پهرين ملاقات ۾ سندس پريت ۽ پنهنجائپ جي احساس جيءَ ۾ جايون جوڙي ورتيون. بحر صورت، لئبريري ڏسندي ئي محسوس ڪيون سين ته ملوڪ لند جي ڪتابن سان قدر شناسي ۽ سندس باذوقي جي ڪا حد ئي ڪانهي. سگهڙ عورت به گهر جي ٿانون، ٿڦن کي ساڃي چمڪائي چلڪائي پڇٽين يا جارن ۾ رکندي آهي. ته گهر جي حسناڪيءَ ۾ اضافو ٿي پوندو آهي ائين سيف الملوڪ لئبريري جي اُڀ تي ڇنڊيل ڦوڪيل ڪتاب ستارن جي جهر مر جو ڏيک ڏين ٿا. ملوڪ صاحب سان گهڻي ڀاڱي سندس ئي آفيس ۾ ڪچهري جو موقعو ملندو آهي. ان وقت ڪچهريءَ جو واس وٺندي. پنهنجي ساهن ۾ به هڳاءُ محسوس ڪندو آهيان. هڪ ڏينهن ڪچهري دوران مون کيس چيو ته سائين توهان جا ترتيب ڏنل ۽ ترجمو ٿيل ڪتاب ته عمل ۽ ادب جو مرڪز بڻيل آهن. باشعور ۽ سڄاڻ ماڻهن هوندي به توهان جي هڪڙي ڪتاب جي به مهورت نه ٿي آهي ڇو...؟ کلي چيائين ته يار! مان نٿو چاهيان ته ان حوالي سان معروف ۽ مشهور ٿيان ۽ نه ان پاسي ڊوڙ آهي. بس ڪم سان ڪم کپي پرائين جيئن بشير سيتائي چيو آهي:
پاڪ دل صاف سينو به رک،
دوستيءَ ۾ به ڪم ٿو کپي،
ديپ وانگر ڪٿي ٿو ٻرين
روشنيءَ ۾ به ڪم ٿو کپي
رهزنن کان بچائين نٿو
رهبريءَ ۾ به ڪم ٿو کپي،
آڻ زنده دلي پاڻ ۾،
زندگيءَ ۾ ڪم ٿو کپي.
مون ڏٺو ته ملوڪ لنڊ شهريت کان فراريت اختيار ڪري ٿو ۽ ڪم کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. هونئن به شهريت پويان ڊڪڻ نادانيءَ جي نشاني آهي. شهريت شخص پٺيان ڊُڪي پهچي ته مزو ئي ٻيو آهي. ملوڪ لنڊ به اهڙي سوچ ۽ لوچ جي رستي ۾ آهي. سندس ترتيب ڏنل ۽ ترجمو ڪيل ڪتاب آھن؛
1.      ”ههڙا هاڃا ٿين“،
2.      ”ڪانهي ويڙهه بنا ٻي واهه“،
3.      ”ڏور ٿيندا وڃن جوڳيئڙا“،
4.      ”تاريخ، ادب ۽ انقلاب“
5.      ”سنڌ جون رانديون“.
مون چڱي نموني اٿلائي پٿلائي پڙهيا آهن. سڀني ڪتابن جي مواد ۾ ڪمال جو ادب آهي. پڙهندڙ جي لاڀ حاصل ڪرڻ وٽان ۽ ساهه ۾ سانڍڻ جهڙا ڪتاب  جن جي گڏيل مهورت ڪرائي ادب ۾ هڪ نئين روايت کي وڌي وئي آهي. ظاهر آهي ته ملوڪ لنڊ محنت ڪش آهي هي سڀ انهيءَ جي محبت جو رنگ آهي. جنهن ۾ سنڌ جي سينڌ. سنڌوءَ جو سندور ۽ جياپي جي سگهه آهي. سماجي پهلوءَ جي لحاظ کان به غريبن ۽ يتيمن سان همدردي، پيار ۽ خير خواهيءَ جو جذبو رکي ٿو. ڪنهن رسالي ۾ ٻه چار سُهڻا سخن منهنجي نظر مان گذريال آهن. جيڪي ڏاڍا وڻيا آهن ته دنيا ۾ سڀ کان وڏي طاقت عشق، سڀ کان مهانگي شيءَ عقل سڀ کان وڏو تحفو داناءَ دوست آهن. ملوڪ لنڊ ڏات ۾ ڏاهو. سوچ ۾ سياڻو آهي. اسان کي اهڙي داناءَ دوست جي قلمي پورهئي ۽ ڪئي ڪمائيءَ تي ناز آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا