; سنڌي شخصيتون: محمد قاسم پنهور - گل حسن جانوري

19 September, 2012

محمد قاسم پنهور - گل حسن جانوري


محمد قاسم پنهور
ڳالهه ٻولهه: گل حسن جانوري
ڦلجي اسٽيشن جو ناميارو فنڪار محمد قاسم پنهور جنهن جو قلمي نالو شاداب پنهور آهي، پيشي جي حساب سان ڊاڪٽر آهي. سندس والد به ڊاڪٽر هو ۽ پاڻ به ڦلجي جي مين روڊ تي حڪمت جو ڌنڌو ڪندو آهي. هن وڏي عرصي کان سنڌي ڊرامن ۾ فن جو مظاهرو ڪري، ڪيئي مڃتا ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا آهن.


عبرت جي سُندر صفحي لاءِ انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر قاسم پنهور ٻڌايو ته؛ ”هن ڪيئي سال اڳ اسٽيج ڊرامن ۾ داخل ٿي، ڪيئي سنڌي اسٽيج ڊراما ڪيا. جن ۾ مختلف رول ڪيا. جنهن ۾ هيرو کان ولين تائين.“
هن ٻڌايو ته؛ ”اسٽيج تي لائيو پرفارمنس ڪرڻو ٿو پوي. اسٽيج سڀ کان ڏکيو شعبو آهي. پر ڪافي پروگرامن ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ اسٽيج سولي ٿي وڃي ٿي.“
هن چيو ته؛ هن تقريبن دادو ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي سڀني شهرن ۾ اسٽيج ناٽڪ ڪيا آهن ۽ نه صرف انهن ۾ اداڪاري ڪئي آهي بلڪ ڪيترن ئي ڊرامن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون اٿائين. انهن جي ڊائريڪشن پڻ ڪئي اٿائين.“
هن چيو ته؛ ”سنڌ جا ماڻهو اڄ جي جديد دور ۾ به اسٽيج کي ڏاڍي اهميت ڏين ٿا. اهو ئي ڪارڻ آهي ته جو هيترن سارن چئنلن اچڻ جي باوجود سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اسٽيج ڊراما ٿين پيا.“
هن چيو ته؛ ”سنڌي آرٽسٽ جو قدر گهٽ آهي ۽ هو بغير معاوضي جي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪن ٿا، صرف پنهنجي شوق لاءِ.“
هن چيو ته؛ ”سنڌ ۾ ڏاڍو ٽئلينٽ آهي پر انهن کي موقعي ملڻ جي ضرورت آهي.“
هن چيو ته؛ ”هن پرائيوٽ چئنلن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پڻ مختلف ڪردار ادا ڪيا آهن. پر ڊاڪٽر پيشي ڪري ٽائيم نه هئڻ سبب هو هر ڊرامي ۾ ڪم نٿو ڪري سگهي.“
هن سُندر صفحي لاءِ چيو ته؛ ”اهو صفحو سنڌ جي نون توڙي پراڻن فنڪارن، شخصيتن کي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.“



No comments:

راءِ ڏيندا