; سنڌي شخصيتون: نور بانو - سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره

05 September, 2012

نور بانو - سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره


نور بانو
سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره
تلهار جي جنهن موتين مالها جي داڻي تي قلم کڻي رهيو آهيان سا آهي سنڌ جي مشهور فنڪاره مرحومه نور بانو گوپانگ ۱۹۴۲ع ڌاري ڳوٺ مٺو خان گوپانگ ۾ محمد سليمان گوپانگ جي گهر لڳ رپ شريف تعلقي تلهار ضلعي بدين ۾ پيدا ٿي، غربت سبب صرف پرائمري تعليم ئي حاصل ڪري سگهي ۽ هو ننڍي هوندي کان مال چاريندي هئي، مال چاريندي مشهور لوڪ گيت پڻ جهونگاريندي رهندي هئي، کيس پنهنجو آواز ٻين جي ڀيٽ ۾ سٺو ۽ سريلو محسوس ٿيندو هو، هوءَ ڳوٺ جي شادين وغيره ۾ پڻ ڳائڻ لڳي ۽ جلد ئي سٺي ۽ سريلي آواز سبب مشهور ٿي وئي، سندس والد هارپو ڪندو هو، جڏهن وڏيري کانئس هارپو ڦري ورتو ته هي سڀ تلهار لڏي وآيا ۽ اڄ ڏينهن تائين تلهار شهر ۾ آباد آهن، هي ۱۹۶۵ع جي ڳالهه آهي، ان زماني ۾ تلهار ۾ سنڌ جي مشهور راشدي خاندان پير علي محمد شاهه ۽ پير حسام الدين شاهه راشدي جا ويجها عزيز سندس هميشه سندس اولاد (پير صاحبن جا ڀاڻيجا) ۽ ٻيا مائٽ پڻ رهندا هئا، اها حويلي وڏل شاهه جي حويلي سڏبي هئي، (هاڻي ان حويلي جا مڪين ڪراچي ٿا رهن ۽ حويلي ۾ ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي طرفان اسڪول کوليو ويو آهي) سيد زمان شاهه راشدي انوقت ريڊيو پاڪستان حيدراباد ۾ متعين هو، ان جڏهن نوربانو بابت ٻڌو ته کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو ۽ اهڙي طرح زمان شاهه معرفت مرحوم نور بانو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اچي ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي، نور بانو جي موسيقي جي تعليم پنهنجي عزيز حيات گوپانگ کان حاصل ڪئي، بعد ۾ استاد مٺو ڪڇي پڻ سندس استاد رهيو، هن ۱۹۷۰ع ڌاري ريڊيو تي ڳائڻ شروع ڪيو، ان سلسلي ۾ سندس ڌيءَ حميره گوپانگ ٻڌايو ته نور بانو جو پهريون ڳايل لوڪ هو، جنهن تي هو هر هنڌ مشهور ٿي، ان جا ٻول هئا.


”منهنجا مائٽ ايندا، مون کي ڏوري ڏسندا،
اباڻا منهنجي مائٽن جون، الا ٻوليون سڃاڻان.“
سندس آواز ۾ سمايل هو ۽ انوقت ڏنل انٽرويو ۾ نور بانو چوي ٿي ته جڏهن هن مرحوم پير علي محمد شاهه راشدي سامهون مصري شاهه جي ڪافي ڳائي ته پير صاحب جي اکين ۾ پاڻي تري آيو، ڪافي جا ٻول هئا.
”ڪهڙي سبب ڏاڍا ڏينهڙا لڳا، ڀينرڙي ڪڏهن ڀيرا ٿيندا“
هن سنڌ جي سڀني مشهور شاعرن جا ڪلام ڪافيون گيت نغما، ملي گيت ۽ گيت ڳائي بيحد مشهوري ماڻي، سندس ڳايل وڌيڪ مشهور ڪلام هن ريت آهن.
حضرت سچل سرمست جي ڪافي
”اکيان ڙي الا لا وڃ بيوس لڳيان
لڳيان جي ماهي تيڏي نال“
سيد زمان شاهه ٺٽوي جي ڪافي
”منهنجو سڪي پنهل لاءِ ساهه ڙي
مان هتي نه رهنديس هيڪلي“
خير محمد سهتي جي ڪافي
”آ تون پنهل وري مون کان پنڌ نه ٿئي
آئون پيئي رڻ ۾ رلان رستو رند نه ٿئي“
۽ ٻيون ڪيتريون ڪافيون شامل آهن، سندس ڳايل مشهور نعتيه ڪلامن ۾ غلام رسول جتوئي محرابپور واري جو ڪلام
”سگها آ محمد جو آوڻ دا وقت هئي
وکا منهن مبارڪ وکاوڻ دا وقت هئي“
۽ مولوي حاجي احمد ملاح جو
”هو منارا هو منارا هو منارا مير جا
اڄ ڪيا اوٺين اشارا هو منارا مير جا“
۽ ٻيا ڪيترا اڄ به تمام گهڻو مشهور آهن، اهڙي طرح اسان جي سنڌ جي مشهور شاعر پروفيسر بلاول پرديسي جو هي ترانو پڻ سندس ڳايل آهي ۽ گهڻو مشهور آهي.
”اسان جو وطن جڳ ۾ ممتاز آهي،
اسان کي وطن تي سدا ناز آهي“
مرحومه نور بانو استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، مٺو ڪڇي، مائي ڀاڳي، جيجي زرينه بلوچ، امينا سان گڏ ڳايو، هن مشهور فنڪارا کي ڪڏهن به ڪنهن ايوارڊ سان نه نوازيو ويو ۽ نه ئي اڄ تائين سرڪاري اداري طرفان ڪا ورسي ئي ملهائي وئي آهي، انهي سوال جي جواب ۾ ته هاڻي کين ريڊيو ٽي وي وارن طرفان پروگرام ملن ٿا جي جواب ۾ سندس ڌيءَ ٻڌايو ته کيس سنڌ ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪجهه لائيو پروگرام صرف هڪ دفعو هلايا وڃن ٿا، حميره گوپانگ چيو ته کين جوڳي پذيرائي نٿي ملي، البته هن محمد قاسم ماڪا ۽ سسئي پليجو جو ذڪر محبت ۽ عقيدت سان ڪندي سندن ٿورا مڃيا، هو پاڻ سٺو ڳائي سگهندي آهي پر پذيرائي نه ملڻ سبب سندس فن پوئتي آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندن مالي حالت هينئر ڪا بهتر ڪونهي، گذريل سال ۲۰۱۱ع جي برساتن سبب سندس گهر جي ڇت ڊهي پئي آهي، جا اڃا انهي حالت ۾ آهي، پنهنجي ايندڙ نسل جي تعليم بابت هن ٻڌايو ته غربت هوندي به هو پنهنجي ٻن نياڻين کي تعليم ڏياري رهي آهي، کيس تعليم جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ظفر حسين ميموريل سوسائٽي طرفان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو ويو، هن مرحوم ڊاڪٽر ظفر حسين جو ذڪر عقيدت سان ڪيو ۽ چيو ته هو غريب پرور انسان هو، اسان وٽ هر طرف اهڙا ماڻهو موجود آهن، جن جو قدر ڪرڻ جڳائي جيڪي مختلف سببن ڪري اڳيان اچي نه سگهيا آهن ته جيئن اسين بهتر سنڌ اڏي سگهون، نور بانو ۱۴ جنوري ۱۹۹۹ع تلهار ۾ وفات ڪري وئي ۽ تلهار جو مشهور قبرستان حيدر شاهه لڪياري ۾ آسوده خاڪ آهي.
بر مزار مان غريبان ني چراغ ني گل
ني پر پروانه سوزند ني سدائي بلبل
شل الله جون مٿس رحمتون هجن.

No comments:

راءِ ڏيندا