; سنڌي شخصيتون: ثاقب ابڙو - محمد سليمان وساڻ

08 September, 2012

ثاقب ابڙو - محمد سليمان وساڻ


ثاقب ابڙو
محمد سليمان وساڻ
ريڊيو جي حوالي سان جڏهن به ڳالهه نڪرندي آهي ته نوجوان ۽ باصلاحيت ڪمپيئر ثاقب ابڙو کي ضرور ياد ڪيو ويندو آهي. ثاقب ابڙو جو تعلق، سنڌ جي علمي ادبي ۽ ثقافتي مخزن هالا نوان (نوح جي نگري) ۾ وسندڙ مشهور و معروف ابڙا خاندان سان آهي. اٺن سالن کان براڊڪاسٽنگ جي دنيا ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيندڙ، سنڌ جي نوجوان لڏي جو سرواڻ ڪمپيئر ثاقب ابڙو ناليواري شاعر ۽ اديب ابڙو عبدالرؤف منصور ويراڳي جو ڀائيٽيو ۽ رٽائرڊ ڊي ڊي او ريوينيو ۽ شاعر ابڙو عبدالرشيد ”رشيد هالائي“ جو چشم و چراغ آهي. سندس جنم ۵ سيپٽيمبر ۱۹۸۰ تي حيدرآباد ۾ ٿيو. هن پرائمري کان انٽرميڊيٽ تائين جي تعليم ماڊل اسڪول اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اڪانامڪس ۽ پرسٽن يونيورسٽي ڪراچي مان مارڪيٽنگ جي شعبي ۾ ايم بي اي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ اڄڪلهه پاڻ زيبسٽ ڪراچي مان سوشل سائنس ۾ ايم فِل ڪري رهيو آهي جتي سندس تحقيق جو موضوع ”ڪميونٽي ريڊيو“ آهي.


ريڊيو جي دنيا سان سندس وابستگي سال ۲۰۰۴ کان جُڙي جڏهن حيدرآباد جي هوائن ۾ ايف ايم ۱۰۵ ريڊيو چئنل پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو ۽ کيس ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر محترم عنايت بلوچ صاحب آڊيشن ۾ ڪامياب قرار ڏيئي فوري طور پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ همٿايو. ثاقب ابڙو کي پهرين ريڊيو پروگرام ”ڳاءِ بانورا ڳاءِ“ ۾ حيدرآباد ۽ پسگردائي جي وسندين مان ايتري مقبوليت ملي جو ايف ايم ۱۰۵ جي منتظمين کيس هڪ ٻئي پٺيان نوان پروگرام پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل سهڪار ڪيو. ريڊيو پروگرام مرڪ ملهار ۾ ڏاڏي ٻيڻي خان جو ڪردار، اسٽار گيليڪسي ۾ ناليوارن فنڪارن جا انٽرويوز ۽ سُرن ورکا جو نه ٽٽندڙ سلسو ۽ ٻين ڪيترن ئي تخليقي ۽ منفرد تجربن جا پروگرام پيش ڪرڻ تي هن لاءِ ٽي وي جا دروازا کليا. ۲۰۰۵ ۾ ڪي ٽي اين جي هفتيوار پروگرام اوهانجي راءِ پروگرام ڊائريڪٽر ظلِ هما ميزباني جا فرائض ثاقب ابڙو ۽ ثمرين شاد کي ڏنا، تنهن بعد دنيا جي پهرئين سيٽلائيٽ سنڌي ميوزڪ ٽي وي چئنل ڪشش تان ثاقب ابڙو جي ميزباني هيٺ ”رنگن ڀري دنيا“ ۽ ”اندازِ بيان“ پيش ٿيا، جنهن جا ڊائريڪٽرز ساجد جوکيو ۽ محمد شريف ڀٽو هيا. اڄڪلهه ثاقب ابڙو جي ميزباني هيٺ شعر و شاعري تي ٻڌل نئون پروگرام ”سُرَن وَرکا“ ميوزڪ ٽي وي چئنل ڪشش تان هلندڙ آهي، هن پروگرام کي پڻ نون تجربن سان مزين ڪيو ويو آهي. سنڌي آن لائن بيت بازي، ٽي وي تان ڪنهن به لائيو پروگرام ۾ ٽيليفون ڪالز ذريعي پهريون ڀيرو شاعرن جي طرحي ۽ غير طرحي مشاعري ۾ شرڪت، سوشل ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وسيلي سنڌي علم و ادب جي خدمت ڪندڙ دوستن جي خصوصي شرڪت هن پروگرام جا مک حصا آهن.
ان کان علاوه آواز ٽي وي تان هفتيوار پروگرام ۾ ليليٰ لطيفي سان گڏ ”آواز ۽ انداز“ جي ميزباني ۽ سڪندر عباسي جي قلم سان سرجيل ڪي ٽي اين جي ڊرامي سيريل خالي آسمان ۾ هن اداڪاري جا جوهر پڻ ڏيکاريا.
ثاقب ابڙو ريڊيو جي دنيا ۾ بحيثيت آر جي قدم رکيو مگر ايم. بي. اي مڪمل ڪرڻ بعدايف ايم ريڊيو کي ئي پنهنجي پروفيشنل ڪيرئير طور انتخاب ڪيو. پاڻ ۲۰۰۶ کان ۲۰۰۷ تائين ايف ايم ۱۰۵ لاڙڪاڻي ۾ بطور اسٽيشن مينيجر ، ۲۰۰۷ کان ۲۰۰۹ تائين زيبسٽ ڪراچي ۾ پاڪستان جو پهريون ۲۴۷ ڪئمپس ريڊيو ايف ايم ۱۰۶.۶ جو آغاز ڪيو ۽ بطور اسٽيشن مينيجر پنهنجا فرائض ادا ڪيا، جنهن بعد ۲۰۱۰ کان اڄ تائين جوش ايف ايم ۹۹ ڪراچي ۾ بطور اسٽيشن مينيجر ڪم ڪري رهيو آهي.
ثاقب ابڙو سٺو ڳالهائڻ جو فن ۽ سٺو لکڻ جو ڏانء رکي ٿو مگر سندس شاعري جا فقط چند تخليقي رنگ ئي منظر عام تي آيا آهن _ غزل جي صنف سان بيحد انسيت هئڻ باوجود سندس شاعري جو موضوع فقط رومانويت ناهي بلڪه هو شاعر کي سُجاڳي جو سڏ سمجھي ٿو ۽ سندس سِٽون آهن :
ڀَلا پوءِ ڪوڏ ڪُڏ ۾ئي ڪَڏا ٿي ويا ته ڇـا ٿيندو؟
ڀَلا پوءِ ڦِيرُ ڦِرَندي ئي ڦَڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــا ٿيندو؟

محبت ۽ مروت جــــــــــــا مڙيئيي اقــــدار ويا مَٽجي
گناهـــــــن جو نه ليکو آ فڪــــــر افڪار ويا لَٽجي
ڀَلا پوءِ رياءَ خاطر وَڙَ وڏا ٿي ويا ته ڇــــــــــــا ٿيندو؟
۽ هڪ ٻئي هنڌ سندس خيال جي گھرائي سوچ جا نوان گس ۽ ڏس ڏئي ٿي ؛
اڄ وري ســـاڳي هوا، ڳالهه ســـاڳي، رات ساڳي آ
غم ِ فراق، ۽ يادن ســـــــــــــــان ملاقات ساڳي آ
نه سي ميلا، نه سي موجون، مگر چاهت ته چاهت آ
شُڪُر آهي خُـــــــــداونده، جو حـالت ڪا ته ساڳي آ
ثاقب ابڙو مختلف اسٽيج پروگرامن جي ميزباني به ڪري چڪو آهي جن مان خاص ڪري مرشد لطيف حَضرت شاه عبد اللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جي موقعي تي سنڌ جي ناليوارن ۽ سينيئر ڪمپيئرز نصير مرزا ، بخشڻ مهراڻوي ۽ ياسر قاضي سان گڏ لطيفي رهاڻ جي ميزباني به شامل آهي. سنڌ ثقافت کاتي ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران ثاقب ابڙو کي ۲۰۱۱ لاءِ سنڌ جو بهترين آر جي چونڊيو ويو ۽ هڪ شاندار تقريب دوران کيس سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ ۲۰۱۱ ناليواري اديب، ليکڪ، شاعر محترم شمشيرالحيدري ۽ پاڪستان جي مشهور و معروف ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج ۽ فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي بدست مبارڪ مليو. سنڌ جي هن ڏاهي ۽ با صلاحيت نوجوان لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي فني زندگيء جي سفر ۾ ترقي ڪندو رهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي خوبصورت آواز ذريعي خدمت ڪندو رهي.


روزانه سڪار جي ادبي صفحي ڏات ۾ ۶ سيپٽمبر ۲۰۱۲ تي ڇپيو

No comments:

راءِ ڏيندا